Monday, September 2, 2013

ولڻ وائڙو ان بريڪنگ نيوز - ڊاڪٽر عزيز ٽالپر

ولڻ وائڙو ان بريڪنگ نيوز!
ڊاڪٽر عزيز ٽالپر
گري گنجي جا اخبارن ۾ فوٽو ۽ انٽرويو ڏسي، مونکي به شوق ٿيو ته هڪ عدد منهنجو به ڪو انٽرويو شايع ٿئي. ان لاءِ مقامي صحافين کي گاڏي تان اوجهريون کارائي، بوتلون پيئاري، سونف خوشبو پان کارائي، انٽرويو ڇاپڻ لاءِ عرض ڪيم.
چيائون: ”ان لاءِ تو کي اهڙو سياسي، سماجي اڳواڻ ٿيڻو پوندو، جيڪو ڪوڙن ليکن ڏيڻ ۾ پهريون نمبر هجي. يا اهڙو اديب ۽ شاعر ٿيڻو پوندو، جنهن جي ڪلهي تي ۲۴ ڪلاڪ ڏات جي ديوي ويهي ڪياڙيءَ تي کنهيار ڪندي هجي.“
چيم: ”ادا اهي ڪاريگريءَ وارا ڪم منهنجن وڏن به ڪو نه ڪيا، ٻيو ڪو ڌنڌو ٻڌايو؟“
چيائون: ’ٺهيو ڀلا، تون خالي هڪ وچولي درجي جو مسخرو ٿي وڃ‘.
چيم: ”اهو ڪو مسئلو ئي ڪونهي.“

پوءِ مون هڪ ٽونئر وارو ٽوپلو ۽ زنانو چولو ورتو ۽ مشڪري جي فن ۾ زبردست ايڪشن ۽ سسپينس متعارف ڪرايا. پوءِ مون پنهنجو انٽرويو لکڻ شروع ڪيو. سوال به پاڻ لکيم، جواب به پاڻ اهڙا لکيم، ڄڻ ڪو عظيم ليڊر هجان. وري فوٽو به عاليشان لڳايم. بولاٽي کائيندي نڪتل فوٽو، کاڻ تي قميص جي گوڏ ٻڌل فوٽو، راڻي باغ ۾ ڀولڙي سان گڏ ڪڍايل فوٽو. انٽرويو ڪمپوز ڪري، صحافي دوستن کي ڏيکاريم.
انهن چيو: ”انٽرويو جي گهاڙيٽي ۾ جهول آهن. ڪلائميڪس ڪمزور آهي. بحر وزن کٽي ٿو ۽ ماترائون وڌن ٿيون.“
اهو چئي انٽرويو رد ڪرڻ جي يڪ راءِ قرارداد پاس ڪري، پنا رديءَ واري کي وڪڻي، انهن پئسن مان ڪشمش وٺي چٻاريندي، ڪهاڻيءَ جي زوال، جين ڌرم ۽ سُر سهڻيءَ ۾ ڏم جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳا. مون رشوت لاءِ کين ٽينڊر فارم ڏنو. هنن ايڏو وڏو واڪ ڏنو، ڄڻ مون انٽرويو ڪو نه ٿي ڇپايو، ڪو سي اين جي پمپ جو لائسنس ٿي ورتو. پوءِ مون انٽرويو جي شوق تان ئي هٿ کنيو.
منهنجا اڳي به ڪيئي حسين خواب چڪنا چور ٿيا هئا. انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ آئون هڪ ليڊي ڊاڪٽر مان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ بابي کي چيم؛ ”آئون ليڊي ڊاڪٽر ٿيڻ ٿو چاهيان.“
بابا نه مڃيو.
وري هڪ پوليس واري يونيفارم ۾ مونکي ڏاڍي وڻي. مون ليڊيز پوليس واري ٿيڻ جي خواهش ڪئي. بابا نه مڃيو.
پوءِ هڪ نازڪ نفيس هيڊ مسٽريس کي ڏسي مون به هيڊ مسٽريس ٿيڻ چاهيو. بابي نه مڃيو.
امان کي چيائين: ”ڇوري جي خبر وٺ، ڪٿي ٽين جنس ته ڪونهي! رڳو پيو زنانا شوق ڪري.“
نيٺ هڪ بيباڪ، يگانو ۽ نڊر ليڊر ٿيڻ چاهيم. سوچيم؛ هوائن ۽ فضائن ۾ منهنجا نعرا هوندا: ”اسيمبلين ۾ ڪير ٿو گهرجي، ولڻ وائڙو شير ٿو گهرجي. ..... تنهنجو هلڻ، منهنجو گهمڻ، وائڙو ولڻ، وائڙو ولڻ“. تصور ڪيم ته گهٽيءَ گهٽيءَ جي ڀِت تي منهنجي نالي جي چاڪنگ هجي، سنڌ ۾ واڍن، رازن ۽ حجامن کان به وڌيڪ ليڊر هئا. ستن ڪارڪنن تي مشتمل پارٽيءَ وٽ به کڙپيل ليڊر هو. اهي ست ئي ڄڻا هڪ ئي وقت، يو سي، تعلقي، ضلعي ۽ مرڪزي ڪاميٽيءَ جا عهديدار هئا. سنڌ جي مظلوم عوام جڏهن مونکي ”نو وئڪنسي“ جو بورڊ ڏيکاريو ته مون مايوس ٿي گذاري وڃڻ جو بي رحم فيصلو ڪيو. سينکيو کاڌم، نقلي هو، مئس ئي ڪو نه، ماڳهين ري ايڪشن ۾ گنج مبارڪ تي وار ائين ڦٽي آيا، جهڙو ڪلر ۾ جنتر ڦٽو هجي. وري زرعي جيت مار دوا جون ٽي شيشيون پيتم، دوا نقلي هئي، مئس ته ڪو نه، اٽلو آمريڪن سُنڍي ۽ سائي مهلي منهنجي وارن جي نئين فصل تي حملو ڪري ڏنو. پوءِ بجليءَ ۾ هٿ وڌم ته لائيٽ وئي هلي. مجبور ٿي پاڻ تي پيٽرول هاري تيلي ڏنم، تيلي وسامي ويئي، پيٽرول ۾ ملاوت هئي. سڀ طريقا فيل پئي ٿيا.
هڪ ڏينهن ٽي وي کوليم ته اسلام آباد واري سڪندر جو ڊرامو پئي هليو. سڪندر واري بريڪنگ نيوز ۾ سڀ چينل وٺ وٽان ۾ هجن. پنج ڪلاڪ لائيو ڪوريج..... سندس زال، ٻار، ڪلاشنڪوفون، گاڏي..... ڊرامو ڇا هو. همراهه سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. سوچيم ڇا ته دماغ آهي هن شخص جو! بنا خرچ جي هيڏي مشهوري! ۽ هڪ آ بدنصيب انسان آهيان، جو ڪنهن ڊمي اخبار ۾ به ڏيڍ سينٽي ميٽر جو فوٽُو ڇپرائڻ لاءِ سور ۽ صدما پيو کاوان. فيصلو ڪيم ته سڪندر جي نقشِ قدم تي هلي، آ پنهنجو معاملو نسوار واري دٻيءَ جي آرسيءَ مان ڪڍي، دنيا جي اسڪرين تي آڻي سگهان ٿو. پوءِ مون پنهنجي زال صوفن ماءُ کي اعتماد ۾ ورتو.
چيومانس: ”ڀاڳڀري! زال جي سچي ٿيوي ۽ چيا مڃي ته ماڻهو سڪندر وانگي سڄي ملڪ ڪو لوڏ سگهندا هي.“
پهرين ته مڃي ئي نه، پر پوءِ راضي ٿي ويئي. پوءِ اسڪرپٽ لکيم، ڊرامي جي ريهرسل ڪيم، قلمڪار، هدايتڪار، موسيقار، صداڪار ۽ اداڪار سڀ پاڻ ٿيس. هاڻي ڊرامي لاءِ ڪجهه سامان گهربل هو. لُنڊا مان پينٽ شرٽ ورتم، صندوق مان بابي جي بندوق ڪڍي، ريگمال سان ڪٽ لاهي تيل پاڻي هڻي چمڪايم. باقي کپندي هئي گاڏي سو پراڻي دوست خانو ککر کان ملي وئي. صوفن ماءُ ۽ ٻار، ڪاري گاڏيءَ تي چاڙهي اچي حيدر چوڪ تي ڊرامي جي شوٽنگ شروع ڪيم. اتي ڪو اعلى آفيسر ته هو ئي ڪو نه، جنهن کي يرغمال بنايان. ٽريفڪ جا ٻه ٿڪل سپاهي هئا، تن کي کڻي يرغمال بنايم. هنن اچي سيٽيون وڄايون، ڄڻ مڙس ماتليءَ جي سئنيما هال ۾ هجن. مون کانئن سيٽيون ڦري ٻارن کي ڏنيون، جن ڊرامي جي پلي بيڪ موسيقي ترتيب ڏني. ويرم ئي ڪا نه ٿي انتظاميا جي آفيسرن جا ڊنب اچي لٿا. موبائيلون بڪتر بند گاڏيون، لائيو ڪوريج واريون پٺن تي شاهي ٿالهي لڳل گاڏيون، سڀ چينل، ڪئميرائون آن ٿي ويون. فليش جا چيچڙاٽ هجن، صحافي به ايڪشن ۾ اچي ويا. ٺڪا ٿي وڃي گهر گهر ۾ ”ولڻ وائڙو اِن بريڪنگ نيوز“. منهنجي اهڙي لئي ٿي ويئي، جو مون واري عدت ۾ ويٺل ساليءَ به مبارڪون ڏنيون. خانو ککر ۽ مٺي مواليءَ جا به فون تي کڙڪا هجن. نيٺ اسڪرپٽ مطابق بيوس انتظاميا مطالبا پڇيا. مون اول سلو سرمائي کي ان ڪيس تان هٿ کڻڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن ۾ مون سندس گڏهه چورائي هئي. ٻيو مطالبو هو اقتصادي، معاشي، معاشرتي، سماجي، سائنسي، قومي، انساني، لاثاني ۽ عوامي، علمي، ادبي، قلمي، قلبي، تاريخي، جاگرافيائي، آئيني ۽ ڪمپيوٽرائزڊ انقلاب جو. ايڏو وڏو مطالبو!!!!! مٿان وري فوري طور نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ واري ڳالهه ٻڌي انتظاميا جا ڪن ڪيٽا ٿي ويا ۽ مڇون لڙڪي پيون. هڪ مُڇَ مسڻ پئي وڃي ته ٻي ملاڪاتيار.
مون حساب لڳايو ته ڊرامو ساڍا چار ڪلاڪ هلي چڪو هو. پوءِ انتظاميا کي رڙيون ڪري چيم ته باقي ٿورو ٽائيم بچيو آهي. ڊرامي جي ڊراپ سين لاءِ زمرد خان کي موڪليو. هجي اسلام آباد ته زمرد خان اچي! پوءِ هنن اسڪرپٽ جي خلاف ورزي ڪندي زمرد خانم نالي هڪ حسين و جميل کدڙو موڪلي ڏنو. مون سمجهيو ڪنهن ٽي وي چينل جي ميزبان مائي آهي، سو ساڻس عشقيه ناتا مضبوط ڪرڻ لاءِ غلام حسين عمراڻيءَ جا امراض قلب وارا ڪلام ٻڌائڻ لاءِ گلو وائبريشن تي رکيم ته وائبريشن جون لهرون سڄي جسم ۾ پکڙي ويون ۽ بندوق هٿ مان ڪري پئي. منهنجي جنگي حڪمت عمليءَ جي انهيءَ خوفناڪ ڪوتاهيءَ جي ڪري، پوليس مونکي گهيري ويئي. مونکي پڪ ٿي هاڻي اهي دسيل شينهن کي گوليون هڻي، آءِ سي يو ۾ موڪلي پريس ڪانفرنس ڪندا. ان ڪري اڳيئي پٽ تي ڪري هارٽ اٽيڪ جي ائڪٽنگ ڪيم. پر پوليس سرجن منهنجي نبض ڏسي ٽنگو ٽالي ڪري وڃي گدو اسپتال ۾ هنيو. اتي ڏسان ته سڀ چريا! مونکي ڏسي ڊاڪٽرن اول منهن ۾ گهنڊ وڌو، پوءِ ٻٽيهي ڪڍي مسڪرايو ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. مون به ائين ئي ڪيو. جڏهن کلي کلي ماٺ ڪيم ته اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. ڳوڙهن جي عڪس ۾ ڄڻ هزارين نوجوان مون کان پڇي رهيا هئا ته؛ ”اسان انقلاب جي حسين خواب پويان، عمريون ڳاري ڇڏيون. ان سان ايڏو وڏو مذاق؟“ ان کانپوءِ ان ڳنڀير سوال جي جواب جي ڳولا ۾ آ سچ پچ چريو ٿي، ديس جي ديوارن ۽ وطن جي وڻن سان گڏ، رويو رويو کليو پوان ۽ کليو کليو رويو پوان.

No comments:

Post a Comment