Sunday, September 22, 2013

شوق جو واقعي ڪو ملهه ڪونهي - مير حسن مري

شوق جو واقعي ڪو ملهه ڪونهي
مير حسن مري
ان ڏينهن گهاري پارڪ گهمڻ لاءِ ڇا ويس، ماڳهين گهمرين ۾ پئجي ويس. تفريح تي آيل هڪ همراهه وٽ ”جنبورو ڪُتو“ ڏسي مونکي اهڙي ئي قسم جي ڪُتي پالڻ جو شوق جاڳيو. سنگت ساٿ ۽ يارن دوستن کان وڙول ڏياريم. ڪُتن جي وڏن وڏن مَها خفتين جا در کڙڪايم پر منهنجو نصيب به غريب عوام جي نصيب جيان صفا ڪو ڦِٽل هو!

ننڍپڻ جي دوست قادوءَ ته موبائيل وسيلي سموري سنڌ ۾ ”ضرورت براءِ جنبورو ڪُتو“ لاءِ نياپو به هلائي ڇڏيو هو. ڪُتي جي شوق، منهنجو ساهه ائين اچي سوڙهو ڪيو هو، جيئن پوليس وارا ڪڏهن ڪڏهن اتفاق سان پڪڙيل چور جو ”ساهه سوڙهو“ ڪندا آهن. انهيءَ چڪر ۾ منهنجا ڌَنڌا چوپٽ ٿي چُڪا هئا.
ماڻهو شوق مان شاديون ڪندا آهن. اسان جا نوجوان شوق مان سگريٽ، پان، گُٽڪا ۽ ٻيون نشي آور شيون واپرائيندا آهن. ڪي ڪي ماڻهو گهر جا ٽَپڙ وڪڻي هٿيار وٺندا آهن. مون جيڪڏهن ”جنبورو ڪُتو“ پاليو، ته ڪهڙي اربع خطا ٿيندي؟ اهو سوچي پنهجي دل کي آٿت پيو ڏيندو هئس.
منهنجي، ڪُتي ڳولڻ واري، جدوجهد تمام ڊگهي ٿي چُڪي هئي.... ڪُتي جي ڳڻتيءَ مون کي ڪنهن بيروزگار جيان جهوري وڌو هو.
ماڻهن چيو؛ ”همراهه کي کجيءَ جي وَڻَ مان ’جِن‘ لڳو آهي.“
هڪ ڏينهن بتال ٿي ننڊ مان جيئن ئي اُٿيس، ائين لڳو ڄڻ ڪا اوڏڪي ڀت مٿان ڪري هجي. پِيلي سِر جو ڪِلو کن چُورو، منهنجي وارن ۾ پيوست ٿي چڪو هو ۽ مٿان جڳ پاڻيءَ جو، جنهن ۾ مهندي ملايل هئي، ٻُوٿَ تي اچي لڳم. اکيون مهٽي سامهون ڏسان ته، منهنجي جيجل ٻوهارو هٿ ۾ کڻي چوي پئي؛ ”فلاڻي جي آستاني جي خاڪ تنهجي مٿي ۾ وڌي اٿم ۽ پڙهيل مهنديءَ سان تنهنجو منهن ڌوتو اٿم! هاڻ سڀ جن بلائون تو کان ڀڄي ڏور ٿي وينديون.“
 سِرَ جي چوري ۾ ملايل ڪَلَر واري مٽيءَ، ڪجھه ئي ڏينهن ۾ پنهجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو.... منهنجي مٿان به ٻنگارين ائين قبضو ڪيو هو، جيئن شهر جي سرڪاري پلاٽن تي ”ڀائي لوگ“ ۽ درياءَ جي سرڪاري زمينن تي ڀوتارن قبضو ڪيو آهي.
مهندي ملايل پاڻي، اکين ۾ پوڻ ڪري، منهنجي رات واري نظر جا وولٽيج اسان جي ملڪ جي بجليءَ جي وولٽيج جيان گهٽجي ويا هئا. نيٺ پڇائون ڳاڇائون ڪندي، خبر پئي ته ڪراچيءَ ۾ هر هفتي ”ڪُتن جي پڙي“ لڳندي آهي، اتي اهڙو جنبورو ڪُتو ملندو. ڪراچيءَ جو ٻڌي پهريان ته مون وارا لِڱَ ڪانڊارجي ويا. ڦِڦڙي وٺي وئي. پر پوءِ نيٺ دل ٻَڌي ڪراچي ويس.
پڙيءَ تي پهچندي ئي سرڪاري نوڪريءَ جيان کنڀجي ويس. وٺي وڃي ڪتن جي وچ ۾ ويهاريائون. چون؛ ”سيٺ صاحب! هي ڪتو اوبامه جي ڪتي جي نسل جو آهي.“
ڪو چوي؛ ”وڏيرا! هي ڪُتو ليڊي ڊائنا جي ڪُتي جي پيڙهيءَ جو آهي!“
”ڀوتار! توهان کي جنهن شيءِ جي ڳولا آهي، سا اتي نه ملندي هن پاسي اچو.“ هڪ همراهه ڪڻڪ جي ٻوريءَ جيان ٻئي پاسي گهلي ويو.
نيٺ، هلي هلي آئون پنهجي ڪاميابيءَ کي ويجهو پهتس. ”هل ڙي! هيترا سارا جنبورا ڪُتا!“ سوچيم ته؛ ”هڙ ئي ٿو وٺان. ڳوٺ ۾ ڪُتن جا خفتي جام آهن، ٻِيڻو ناڻو ڪمائيندس.“ پر جنبوري ڪُتي جي قيمت ٻڌي غريب عوام ۽ زال جي ستايل مرد جيان ڦيرين ۾ اچي ويس.
مون سمجهيو ته؛ ٻه ٽي سؤ ۾ ملي ويندو. سوچي سوچي اچانڪ مون کي ”هوندو ڏَچو“ ياد اچي ويو. ڦُرجڻ جي خوف کان جوراب ۾ لڪايل موبائيل ڪڍي هڪدم ”هوندو ڏَچو“ جو نمبر ڊائيل ڪيم. ”هوندو“ ويچارو ڳوٺ جو سڀني کان سخي مرد، هميشه ڏَچن ۾ هوندو هو. ڪڏهن پوليس جا ڏَچا، ته ڪڏهن اسپتالن جا. ڪڏهن وري زالَ جا ڏَچا. اهڙو ته دلبر ماڻهو هو، جو ٻين جا به ڏَچا ڀريندو هو. انڪري مٿس تخلص ”ڏَچو“ پئجي ويو.
”هيلو!“ ڪيم، ته رڙ ڪندي چيائين؛ ”قهر ٿي ويو! وري هڪ ٻيو ڏچو! کير پيئڻ لاءِ هڪ ٻڪري بچائي رکي هئم، سا به رات چور ٻهاري ويا.“

هوندي جي خبر ٻڌندي ئي موبائيل واپس جوراب ۾ وجهي، ڪُتن جي پڙيءَ مان ائين رفو چڪر ٿيس، جيئن اسان جا ماستر اسڪولن مان رفو چڪر ٿيندا آهن!

No comments:

Post a Comment