Sunday, September 22, 2013

”لڪي ليڪس“ ذريعي آئوٽ ٿيل هڪ شاعر ڪلارڪ جو خط - فاطمه ڀرڳڙي

”لڪي ليڪس“ ذريعي آئوٽ ٿيل هڪ شاعر ڪلارڪ جو خط
فاطمه ڀرڳڙي
سرڪار نامدار! توهان کي فسانهءِ دل ٻڌائڻ تي انهيءَ ڪري مجبور ٿيو آهيان، جو ”تم هي هو محبوب ميري.“ جناب! جيترو جلدي ٿي سگهي، پي اينڊ پينشن ڪميٽيءَ جي اينجيوگرافي ڪرائي وڃي، جو سندس ديارِ دل ۾ سرڪاري ملازمن جي الفت پاس نٿي ٿئي. پهرئين اسان کي سبز باغ ڏيکاريا ويا، جنهن ڪري ڪلارڪن جو ٽولو اهو سمجھڻ لڳو ته حڪومت اسان جي گھرن ۾ کير ۽ ماکيءَ جا نلڪا پئي لڳرائي.. پر ٿوري ئي عرصي ۾ اسان جون وايون بتال ٿي ويون. جناب، مون ٻڌو هئو ته چهرو دل جو آئينو هوندو آهي، سو جڏهن هڪڙي سهڻي مائيءَ جي منهن کي ڏسي پنهنجي گنجي مٿي جي چند وارن کي ڦڻي ڏيڻ لڳس ته منهنجي معصوم ڳل تي اهڙو ته ٿڦڙ هنيائين، جو ڳل تي ڊيلٽا ٺاهي ڇڏيائين. تڏهن کان اکين جي سنڌوءَ جو پاڻي ڳل تي ٺهيل ڊيلٽا کي سيراب ڪندو ٿو رهي. ڳل سڄي پيو آهي. سچي رڳو اوهان سان ڪئي اٿم. ٻيو ڪير پڇي ٿو ته چوان ٿو؛ ڏاٺ ۾ سور اٿم. ان مائيءَ جي جسامت ۽ دلِ بي رحم ڏسي سوچيندو آهيان ته،

جسم هي ڦول، تو هاٿ ڪيون پٿر لگتا هي!
جناب! اسيمبليءَ ۾ هاڻي طوطن مينائن جي لڙائيءَ ۾ ڪو به مزو ڪونهي رهيو. آرسين جو نماءُ، چوڙين ۽ پوتين جي برسات ڪانهي، گلوبل وارمنگ وارن زمانن ۾ به هتي ته صفا ٿڌاڻ لڳي پئي آهي. ”..... نو نو ....“ ۽ ”..... گو گو ....“ واريون ٻوليون ٻڌڻ لاءِ ڪنَ سِڪي ويا آهن. سو اسان ريسلنگ واري چئنل تان ريسلنگ ڏسي کري ويا آهيون. مهرباني ڪري ٻاهران ڪي سٺا پهلوان هٿ ڪري انهن کي سٺي ٽريننگ ڏياري وڃي، ته جيئن دلِ ناتوان کي ڪو مزو اچي سگهي. توهان جي دعا سان اسان واري آفيس اڃا اينٽي ڪرپشن وارن جي نگاهِ ناز کان بچيل آهي. توهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته هڪ عامل بابا هٿ ڪيو اٿم، جنهن جي تعويذ سان اڪائونٽس آفيس وارا آرام سان بل پاس ڪريو ڇڏين، جنهن ڪري آفيسر خوش ٿو رهي. اهو ئي سبب آهي جو اڃا ڪاري سائي (ڪارو ڪامڻ) ڪا نه ٿي اٿم.
جناب! ڪنهن به قسم جي بونس کي عشق لاحاصل سمجهي ڇڏيو اٿم، تنهن ڪري دل نشتر کائي کائي چور ٿي وئي آهي. مهيني جي آخر ۾ رسوائي ملي ٿي پر مهيني جي سحر تي پگهار ملي ٿو ته دلِ بيقرار کي قرار اچيو وڃي. مرضيءَ واري پگهار جي آرزوءِ جانان اڃا پياسي آهي ۽ اميدِ بهار تي دنيا قائم آهي پر لڳي ائين ٿو قسمت ۾ غم ئي غم لکيل آهي.
اوهان جو پنهنجو شاعر ڪلارڪ
غمگين بخش
صفائيءَ جو فلسفياڻو جائزو
سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ صفائيءَ جي صورت حال تسلي بخش ڪانهي. حالت ڏينهون ڏينهن سنگين، نِيلين پِيلين ٿيلهين جي ڪري رنگين ٿيندي پئي وڃي. سڄو معاملو ۽  ماحول صفائيءَ واري عملي خراب ڪيو آهي، تنهن ڪري دل صفائيءَ واري عملي جو فلسفياڻو جائزو وٺڻ تي مجبور ٿي آهي، جيڪي هر وقت سرگرم عمل هوندا هئا، سي ڪٿي پيا کونگهرا هڻن؟ آخر ڪهڙي معاشرتي تبديليءَ جي ڪري ائين ٿيو آهي؟

جيئن ته ڪجھه صفائيءَ واري عمل صفائيءَ واري عملي جو فلسفياڻو جائزو وٺڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته انهن جا ٻه قسم آهن، جيڪي منفي ۽ مثبت پهلو رکن ٿا. معاشري ۾ مادي تبديليءَ جي ڪري هڪ گهٽيءَ کان ٻيءَ گهٽيءَ تائين ٻهارو کڻي وڃڻ جي بدران هو هن ڌرتيءَ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين وڃڻ جي انهيءَ ڪري ڪوشش ڪن ٿا، جو هو زمان و مڪان جي قيد کان آزاد آهن. اهو ئي سبب آهي جو گندگيءَ جي ڪري پيدا ٿيل مليريا ۽ مڇرن جو مسئلو مقامي نه آهي، اهو صرف ڪُرهء ارض تي بحث ڪرڻ کان پوءِ ئي حل ڪري سگهجي ٿو.جيئن ته ڪجهه صفائيءَ واري عملي جا ماڻهو ماديت پرست آهن، ڪجھه وري تصوريت پسند آهن، تنهن ڪري انهن جي دلچسپي صفائيءَ ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ کين ڪمپيوٽرائز ٻهارا ڏنا وڃن. ميونسپالٽي وارن کي اهو سمجھڻ گهرجي ته صفائيءَ واري عملي جي اڪثريت اهو سمجهي ٿي ته دنيا جو اهو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ کين مناسب سهولتون مليل نه آهن.تنهن ڪري صفائيءَ وارو ڪم ڪمال جي بدران زوال طرف کڻي وڃي رهيا آهن. ميونسپالٽي جي ٺاهيل انهيءَ تصوريت واري نظام ۾ تبديليءَ جي گهڻي ضرورت آهي. صفائيءَ واري عملي جي نفس ذات، آزادي ۽ شعور کي سامهون رکي ڪنهن باطني مشاهدي جي ذريعي اهو مسئلو حل ڪرڻ ضروري آهي.

No comments:

Post a Comment