Saturday, September 21, 2013

واردات - محمد علي پٺاڻ

واردات
مختصر کان مختصر ڪهاڻي
محمد علي پٺاڻ
سومهڻيءَ جو وقت هو، ٻه ڪلاڪ اڳ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کانپوءِ بجلي آئي، ته گهر ٻاهران اوچتو گوڙ ٿي ويو. سمجهيم ته ڪا واردات ٿي آهي. تڏهن ماني هٿ ۾ ڇڏي ٻاهر نڪري آيس.
ٽيوب لائيٽس جي ٻرندڙ روشنيءَ ۾ ڏٺم ته ماڻهن جو چڱو خاصو تعداد گول دائري ۾ بيٺو هو. جن جي وچ مان ڪنهن شخص جي رڙين ۽ ”بچايو... بچايو...“ آواز پئي آيو.

اندازو لڳايم ته شايد ڪو چور چوري ڪندي يا ڌاڙيل ڌاڙو هڻندي جهلجي پيو آهي. پر جڏهن گول دائري اندر پهتس ته ماجرا ئي ٻي ڏٺم جنهن حيران پريشان ڪري ڇڏيو. پاڙي ۾ رهندڙ ۽ ريڙهي تي ميوات وڪڻندڙ گُلڻ جو هڪ هٿ سندس مرشد ڏتل سائينءَ جي ڳچيءَ ۾ سوگهو هو، ته ٻئي هٿ سان کيس چنبا ۽ مُڪون پئي هنيئين.
”ڇا ٿيو؟“ ڀڻڪو ڪري ڀرسان بيٺل هڪ شخص کان پڇيم.
”خبر ناهي“.
”اڙي گُلڻ، جهل پنهنجي هٿ کي....“ اوچتو هجوم مان هڪ اڌڙوٽ شخص نڪري تڪڙو هلندو گُلڻ وٽ پهتو ۽ چوڻ لڳو؛ ”ڪل ته نه ٿڙي ٿئي. اڙي، هي ڪاني ڪرامتن جو ڌڻي جي هڪ پِٽَ هڻندئي ته ست ئي پيڙهيون ساڙي ڇڏيندئي. آخر ڪيو ڇاهي ڏتل سائينءَ، جو ايئن آپي مان ئي نڪري ويو آن؟“.
گلڻ جو چنبا ۽ مڪون وسائيندڙ هٿ هڪ کن لاءِ رڪيو. واڇن مان گڦ وهي آيس. وراڻيائين؛ ”گهر وٺي وڃينس ته خبر پوئي...!!“


1 comment:

  1. گلڻ ۾ ايڏي غيرت ھئي ته اڳ ۾ پنھنجي زال کي پادر ھڻي ھا

    ReplyDelete