Tuesday, September 3, 2013

اوباما، پيزا هٽ ۽ مک - فاطمه ڀرڳڙي

اوباما، پيزا هٽ ۽ مک
فاطمه ڀرڳڙي
باقي دنيا ته ترقي ڪري چڪي آهي، پر اسان جي سنڌ.. توبنهن..! اڃا اتي جو اتي آهي.. مثال طور سوين سال اڳ ڳوٺن ۾ پتاشا ورهايا ويندا هئا.. هاڻي به پتاشا ورهايا ويندا آهن.
پتاشا ٺاهڻ وارن کي به شابس هجي... ڪو جديد رنگ.. ڪا نواڻ ڪا نه آندي اٿن. هيلوڪو به جڏهين ڳوٺ ۾ مڱڻو ٿيو... پتاشن جي ٿيلهي لڏندي آئي. جڏهين صبح ئي صبح منهنجين سهيلين هلاڪو خان وانگر اچي حملو ڪيو ته مون به پتاشا پليٽ ۾ وجهي کڻي اچي سندن سامهون رکيا. هڪ ٻن ڄڻين ٿورا گهڻا کائي ڇڏي ڏنا، جو باقي وري ڊائيٽنگ ڪري رهيون هيون. پليٽ پاسي ۾ پئي هئي. پليٽ مٿان ڪجھ مکيون لامارا ڏيڻ لڳيون.

اسان جي نوٽيس نه وٺڻ ڪري هنن جي همت وڌي وئي... جنبي ويون. منهنجي ڊگهي سهيليءَ هنن کي اٿارڻ لاءِ اڃا هٿ مٿي ئي ڪيو ته مون هن جو هٿ جهلي ورتو... ”اگر تون هنن کي ڊسٽرب ڪندينءَ ته هي پاڻ کي ڊسٽرب ڪنديون.“
سهيلي ڳالهه سمجهي وئي. اسان مختلف موضوعن تي ڳالهائي رهيون هيونسين. اوباما ..پيزا هٽ.... راڻي باغ... منهنجي سنهڙي سهيليءَ جي خيال موجب افغانستان جي صدر جا وار ڇڻي رهيا هئا. ڇوٽي سهيلي وري پريشان هئي ته راڻي باغ ۾ پڃرا خالي ڇو رکيا اٿن؟ ڳالهيون ڪندي اسان نوٽ ڪيو ته هڪ مک پنهنجي گروپ مان نڪتل، اداس ويٺي هئي. مک جي اها حالت ڏسي، اسان کي ڏاڍو رنج  ٿيو.
آخر ڇا ٿيو آهيس.....پيٽ ڀريل آهيس... پيٽ ۾ سور آهيس.... ڏندن ۾ تڪليف آهيس... يا مک اسان جي اوبر نٿي کائي؟ مک جو ڪهڙو مسئلو آهي؟ ڪو نفسياتي مسئلو.. ڪو سياسي مسئلو... مک احساس محرومي وارو رويو  ڇو رکيو آهي؟ ٿائيرائڊ گلينڊ اٿس ڇا، جو بک نٿي لڳيس؟
منهنجي ڪاري سهيلي ڪاوڙجي پئي... ”آخر توهان هن جي نجي زندگي ۾ ايتري مداخلت ڇو پيون ڪريو؟“
هن جي اها ڳالهه صحيح هئي. مک پاڪستاني شهري هئي... هن کي بنيادي حق حاصل هئا. اسان مک جي پچر ڇڏي ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳيونسين.
 سڀني انهي ڳالهه کي مڃيو ته اڄڪلهه جا نوڪر ڇوڪرا پاڻ کي الائي ڇا ٿا سمجهن! بازار مان ڀاڄي وٺڻ ويندا ته ٽوڪري اڪبر بادشاهه وانگر ٿا جهلين. وچ وچ ۾ مک جو ذڪر به ٿيندو رهيو، جيڪا ننڊ ۾ غش لڳي پئي هئي، سڀني تبصرن کان بي نياز... ”ڇا مک انڌي آهي؟“ منهنجي ٿلهي سهيلي پنهنجي چشمي کي هيٺ مٿي ڪيو.. ”ڇا مکين جا به نظر جا چشما ٿين ٿا؟“
اسان جي گفتگو وري نوڪرن تي اچي بيٺي... ”اڄڪلهه نوڪر ملڻ مشڪل ٿي ويا آهن.“ ڪو غريب جي اچي نوڪر ٿئي ٿو ته کيس اها همدردي ۽ محبت نٿي ملي، جيڪا بيروزگار هجڻ جي صورت ۾ ملندي هئي. سو اهي وري بيروزگار رهڻ ئي پسند ڪن ٿا، بجاءِ جهڙي تهڙي نوڪري ڪرڻ جي.
نوڪرن تي ڊسڪشن ڪرڻ کان پوءِ وري مک جي پرسنل لائيف تي اچي وياسين... ”ٿي سگهي ٿو ته مک جي اقتصادي حالت سٺي هجي... پنهنجو ئي کائڻ پسند ڪندي هجي!“ 
”مک کي بد هضميءَ جي شڪايت آهي..“ منهنجي ٿلهي سهيلي چيو، جيڪا پاڻ بد هضميءَ جو شڪار رهندي هئي.. انهيءَ معاملي ۾ ٻين تي به ساڳيو شڪ ڪندي هئي.
مون هن کي شاباس ڏني.. ”ها، ها! ائين ئي ٿو ڏسجي..“
منهنجي ٻين سهيلين جو هن کي شاباس ملندي ڏٺي ته سڙي ويون.. ”نه، نه، هن جي جگر تي گرمي ٿي ڏسجي...“
”بابا، آئون ته ائين ٿي سمجهان..! توهان وٽ ڪو سيرپ آهي؟“ سنهي سهيلي چيو
”پياريندينءِ ڪيئن... مک کي چمچي سان پياري سگهجي ٿو؟“ ڪاري سهيلي پڇيو
” نه، نه، بغير چيڪ اپ جي نه.. هن جي زندگيءَ کي خطرو ٿي سگهي ٿو..“ مون چيو
”جانورن واري ڊاڪٽر کي ڏيکاري سگهجي ٿو...“ ڊگهي سهيليءَ الائي مشورو ڏنو يا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هيٺ جهڪي زور سان ڦوڪو هنيو.. مک اڏامي وري اچي هيٺ ڪري.
اف...مک مري چڪي هئي....هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪي هئي.

اسان مک جي لاش جي چوگرد اداس ٿي بيهي رهيونسين.....ماحول سوڳ-وار ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment