Monday, September 2, 2013

هڪڙو هو ايس ڊي ايم - فاطمه ڀرڳڙي

هڪڙو هو ايس ڊي ايم
فاطمه ڀرڳڙي
ايس ڊي ايم گيدوڙي کي اها خبر اوچتو پئي هئي ته هي اسڪول به هن جي سار سنڀار هيٺ آهي ۽ هو خانه پوري ڪرڻ لا چڪر هڻڻ آيو هو. پورو منهن به ڌوتل ڪونه هئس. هن اسڪول ۾ ته ڏهه يارنهن ماسترياڻيون به هيون!!. سٺا ڪپڙا پاتل، ميڪ اپ ٿيل، ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون. ٻئي ڏينهن به صبح سويري ٺڪاءُ اچي ڪيائين. هاڻي ته منهن ڌوئي، ڦڻي ڏئي آيو هو، ڪپڙا ڌوتل پائي آيو هو ۽ لپ لوشن جي  به لڳائي آيو هو. سنهڙو اهڙو هو، جو ڦٽل سوزوڪيءَ ۾ به ويهي ته چار ئي ٽائر پنڪچر ٿي وڃن. پو۽ روز ميٽنگ ٿيڻ لڳي...سو به هاف ٽائيم ۾ ..ماسترياڻين جو اهو کائڻ پيئڻ جو ٽائيم هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پنهنجي ڊي ايس پي دوست کدوءَکي به وٺي اچڻ لڳو. ڊي ايس پي جون ڪاريون ٿلهيون مڇيون ڏسي سنهڙن ڇوٽڙن وارن واريون مِسون رشڪ کائڻ لڳيون هيون. روز هاف ٽائيم واري ميٽنگ ماسترياڻين کي تنگ ڪري ماريو هو. اڄ واري ميٽنگ جي ايجنڊا هئي ته اسڪول کي رنگ ڪهڙو ڪرايو وڃي؟ ميٽنگ جي دوران مئڊم ڦاپوءَ مٿو کنهيو ته چپٽيءَ ۾ جونءَ نڪري آئي....مئڊم هٿ ڊي ايس پي کدوءَ ڏانهن وڌايو، جيڪو پڻ حسب معمول آيل هو.کدوءَ خوشيءَ مان جونءِ وٺي کڻي ٽچڪ ڪيو. ٻئي آفيسر پاڻ ۾ دوست هئا، هميشه گڏ رهندا هئا. هتي به هنن اخوت ۽ ڀائيچارو برقرار رکيو هو. ميٽنگ جي آخر ۾ نيٺ مس ملوڪي، جيڪا سڀني کان سهڻي هئي، تنهن جي ڳالهه فائينل ٿي، حالانڪه پهرين ٻنهي آفيسرن ٿڪ ڳيهي هئي، اهو ٻڌي ته اسڪول کي طوطي جھڙو سائو رنگ ڪرايو وڃي. ماسترياڻيون پنهنجي هاف ٽائيم جي ٻيڙي ٻڏڻ تي گهڻو پريشان هيون.مجال آهي جو ميٽنگ پيريڊ تي ٿئي ۽ هنن جو بچاءُ ٿئي. مس ڌني ته گھڻي هوشيار نڪتي. ميٽنگ کان پهرين ئي ٻارن جا لنچ باڪس کولرائي سڀني مان ذرو ذرو کائي ايندي هئي.

ايس ڊي ايم گيدوڙي جي مٽ جيڏي پيٽ کي ڏسي، مس حوا چوندي هئي.. جي ٺونگو هڻي ڏسجي ته خالي مٽ جهڙو آواز نڪرندو. کدو وري مِسن تي رعب وجهڻ لاءِ قيمتي موبائل ڪڍي پيو شهر ۾ امن امان جي صورت حال پڇندو هو. اهو سڀني ماسترياڻين کي يقين هو ته اگر شهر اونڌو به ٿي وڃي ته  هو ميٽنگ ختم ٿيڻ کان پهرين ڪونه اٿندو. ميٽنگ ۾ ائين ويهندو هو، جو غور سان معصوم ماسترياڻين کي پيو ڏسندو هو، ڄڻ ڪنهن جرم جو کوج لڳائيندو هجي. هن جي جنهن پاسي  ڪا سهڻي مس ويهندي هئي ته انهي پاسي واري مڇ پئي ڦڙڪندي هئي.
هن دفعي ميٽنگ ۾ اهو بحث ٿيو ته پيرنٽس ڊي ۾ ٻارن جي مائٽن کي ڇا کارايو وڃي. سڀ مِسون ريفريشمينٽ تي  راضي ٿيون.” نه بابا نه...پاڪستان جي معيشت گهڻي ڪمزور ٿي وئي آهي..ايڏو بار ڏيڻ مناسب ڪونهي.“ ايس ڊي ايم گيدوڙي چيو. ”ته پوءِ هڪ هڪ نان خطائي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجهي ڏجي“. اها راءِ  مس بچائيءَ جي هئي. ڊي ايس پي کدوءَ کان چپ رهيو ڪونه ٿيو...”اسان کي جڏهن ٽريننگ لاءِ چين موڪليو هئائون ته هو اسان کي صبح شام مڱن جي تريل دال ۽ ٻه ڪاٺيون ڏيئي ڇڏيندا هئا...بس پوءِ ڇهن مهينن جو ڪورس ٻن مهينن ۾ ڪري ڀڳاسين. منهنجي خيال ۾ اهو ٺيڪ رهندو..“ هن پنهنجي قيمتي راءِ ڏيئي پينٽ جي کيسي مان ناس جي دٻلي ڪڍي، ان جي  ٽڪ ۾ منهن ڏسڻ لڳو. ”شڪر آهي کدوءَ کي آندم..هنن چرين ماسترياڻين کي ته ملڪي معيشت جي ڪا خبر ئي ڪانهي“. هن دل ۾ سوچيو نيٺ اهو فيصلو ٿيو ته ٻارن جي مائٽن کي مڱن جي تريل دال ٻن ڪاٺين سان ڏني وڃي. پر مسئلو اهو هو ته ڪاٺيون ڪٿان هٿ ڪيون وڃن.”اهو ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي..“ مس رُڪي جوش مان چيو..”اهي ته پاڻ ڪنهن قلفيءَ واري کان وٺي سگھون ٿا.“

ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ هنن ٻنهي آفيسرن پرنسپال مئڊم ڦاپوءَ کي ٻڌايو ته ڪنوارا آهيون.. رشتن جي تلاش آهي.اهو ٻڌي مئڊم ڦاپو گھڻي خوش ٿي...سڀني ماسترياڻين کي خوشخبري ٻڌايائين. پوڙهي خوش هئي ته گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڇوڪريون ته پرڻجن ٿيون.ماسترياڻين جا ۲ گروپ ٺهي ويا...هڪڙو کدوءَ لاءِ ۽ هڪ وري گيدوڙي لاءِ. اسڪول جو ماحول هڪدم تبديل ٿي ويو..ميٽنگ جو انتظار ٿيڻ لڳو..ٿوري دير ٿيندي هئي ته سڀ پريشان ٿينديون هيون. مس مس ڪا ميٽنگ ٿي. ايجنڊا هئي، پٽيوالي جي ڪن جو سور. ”ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گهرجي....پٽيوالي کي ڪڍي نٿو سگهجي، جو کيس خبر آهي ته سٺا سموسا ڪٿي ٿا ملن....پٽيوالي جو ڪن ڪٽائڻ گهرجي.“ ماسترياڻيون اڃا وڌيڪ  تيار ٿي اچڻ لڳيون.انهيءَ وچ ۾ ايس ڊي ايم گيدوڙي کي به اندازو ٿي ويو هو ته کدو هاڻي هن کان بهتر پوزيشن ۾ آهي، سو خار مان کيس لفٽ ڪرائڻ ئي ڇڏي ڏنائين.سڀني ماسترياڻين پنهنجي مائٽن کي ڏاج جي تياريءَ جو چئي ڇڏيو هئو.پوءِ ڪيترا ڏينهن ٿي ويا، ته ڪابه ميٽنگ ڪانه ٿي...سڀ مِسون پريشان هيون.هڪ ڏينهن پوڙهي پرنسپال مئڊم ڦاپوءَ اعلان ڪيو...” ايس ڊي ايم صاحب جو ٽرانسفر ٿي ويو آهي..“ هوءَ وڌيڪ پوڙهي ۽ ڪمزور ٿي ويئي هئي. هن اداس انداز ۾ پنهنجي ڇوڪرين تي نظر وڌي. اها خبر ڪنهن بم ڌماڪي جھڙي هئي. ”دوکي باز .... فراڊي ..... هونهن.. هڪڙي ٽڪي جو ايس ڊي ايم.. !“مس سڀاڳي پنهنجي پرس مان سونف سوپاري ڪڍي کائڻ لڳي.

No comments:

Post a Comment