Sunday, September 22, 2013

نالو رکڻ واري ٽه-رڪني ڪميٽي ۽ اختلاف راءِ - فاطمه ڀرڳڙي

نالو رکڻ واري ٽه-رڪني ڪميٽي ۽ اختلاف راءِ
فاطمه ڀرڳڙي
منهنجي ڄمڻ کان ٻه يا ٽي ڏينهن پهرين، ڏاڏا ڇهه ديڳيون رڌائڻ جي پوري تياري ڪري ڇڏي هئي. هو انهيءَ خوشفهميءَ ۾ مبتلا هو ته ڇوڪرين جي ڇيڙ پيدا ٿي وئي آهي، ڇوڪرو رڳو هڪڙو آهي، پڪ سان هيل کيس پوٽو ڄمندو، پر آئون غلطيءَ سان ڄمي پيس.... (اها انهن زمانن جي ڳالهه آهي، جڏهن اندر جا راز فاش ڪندڙ اها مُئي الٽرا سائونڊ نه هئي). هو ويچارو گھڻو اداس ٿيو پر ڇهه ئي ديڳيون پچرايائين. پوءِ منهنجي نالي رکڻ لا هڪ ٽه رڪني ڪميٽي ويٺي، جيڪا ڏاڏا، امان، بابا تي مشتمل هئي. نالي تي هر ڪنهن اختلاف راءِ جي آزاديءَ وارو پنهنجو حق ڀرپور نموني استعمال ڪيو. مونکي به ايستائين ’بي نام‘ رهڻو پيو، جيستائين ڪو اتفاق راءِ سان فيصلو ٿئي. ڇو ته اڪثريت راءِ سان ڪو فيصلو ڪرڻو نه هو، جو ان سان ٽه-رڪني ڪميٽيءَ جي هڪ ميمبر جو اختلافي نوٽ لڳڻ جو امڪان هو. ان ڪري اڪثريت راءِ واري فيصلي جا اوگڻ گهڻا هجڻ ڪري سمورو ڌيان اتفاق راءِ سان فيصلو ڪرڻ تي مرڪوز ڪيو ويو. منهنجو نالو هو، ڪو ڪالاباغ ڊيم ته نه هو، جنهن تي اتفاق راءِ نه ٿي سگهي! نيٺ منهنجو نالو اتفاق راءِ سان ’فاطمه‘ رکيو ويو.

ڏاڏا جي خواهش هئي ته آئون پٽ ڄمان ها، پر ائين نه ٿي سگهيو. ان جي باوجود هو مون کي ڀانئيندو ايترو ئي هو، جيترو اسان جي معاشري ۾ پُٽن کي ڀانئبو آهي. ڪجھه وڏي ٿيس ته نوڪرياڻيءَ کي فرمائش ڪندو هئو ته؛ ”فاطمه کي منهنجي ڀر ۾ ويهاريو.....“ ۽ پنهنجي ويهاڻي هيٺان رکيل نوٽن جون سٿيون مون کي راند ڪرڻ لا ڏيندو هئو.... ڏاڏا مون کي کٽ تي ستل ئي ياد آهي ..... هو بيمار هوندو هئو. آئون ڏاڏا کي سڪي ڪو نه لڌي هيس، ائين ئي لڀي وئي هيس. منهنجي ڪنهن ڳالهه تي روئڻ تي سڀني کي دڙڪا ملندا هئا. خاص طور تي جڏهن چانڊوڪي راتين ۾ چنڊ کي ڏسي روئندي هيس ته؛ ”اها مٿي جيڪا شيءِ چمڪي پئي، سا لاهي ڏيو...“ ٻهراڙين ۾ بجلي نه هجڻ ڪري چنڊ نمايان ٿي پيو، ٻارن کي روئاڙيندو هئو. ڏاڏا جي اها عادت هئي ته اهو ٿورن ٿورن ڏينهن کان پوءِ، ٻارڙن ۾ ڪا نه ڪا شيءِ پيو خيرات ڪندو هئو. خيرات ڏيڻ لا پنهنجن ئي ڏوهٽن پوٽن کي سڏيندو هئو. ڏاڏا ته پوءِ گذاري ويو پر مون کي کاري ويو..... هاڻ آئون جهڙي تهڙي شيءِ تي راضي ڪا نه ٿيندي هيس.
هڪ دفعي امان مونکي نانيءَ جي گهر وٺي وئي، جتي سڀني ٻارن ’توتليون‘ ورتيون. هڪ مون لاءِ به ورتي وئي. منهنجي ضمير گوارا ڪو نه ڪيو ته سڀني ٻارن جهڙي ’توتلي‘ آئون به وڄايان. مون امان کان فرمائش ڪئي ته؛ ”مون کي ’توتالو‘ وٺي ڏئي.“ منهنجي ذهن ۾ ’توتلي‘ جو وڏي ماڊل جو نالو ’توتالو‘ ئي آيو. امان پريشان ٿي وئي. ”ڪٿان آڻيان توتالو؟ .....“ بس پوءِ منهنجو رينگٽ شروع ٿي ويو. رينگٽ جو اهو لانگ پِلي ڪلاڪن تي مشتمل هو. انهيءَ وچ ۾ سڀني پنهنجي پنهنجي ڪوشش ڪئي، مون کي ريجهائڻ جي، پر سڀ فيل ٿي ويا. منهنجي ماميءَ کي گھڻي ڪاوڙ چڙهي. هنن جي گهر ۾ ڪو وڏو بانس جو لڪڙو پيل هئو، کڻي آئي.... ”هان هي وٺ توتالو...“ آئون توتالي کي ڏسي حيران ٿي ويس. واقعي توتليءَ کان گهڻو وڏو هئو، منهنجي معيار جو.. پر مون کي ڪو نه وڻيو. اهو توتالو نه ڪو ورتم، نه ڪو وڄايم، ساڳي توتلي امان کان وٺي راند ڪرڻ لڳيس.

ڳوٺن ۾ سارين جي فصل کي پاڻي ڏبو هئو ته سڄي ٻنيءَ ۾ ننڍڙيون مڇيون ڀرجي وينديون هيون. چاچا جي ٻني گهرن کي ويجهو هئي، سو اسان پنهنجي پنهنجي گھران ڪِٽلي کڻي آياسين اهي مڇيون جهلڻ، جو اهي مڇيون ڪٽليءَ کان سواءِ ڪنٽرول ۾ ڪو نه اينديون هيون. مڇيون هٿ سان جهلي ڪٽليءَ ۾ وجھندا ويندا هئاسين. انهن مڇين کي مُڪر چئبو آهي... توهان ڪڏهن تريل مڪر کاڌا آهن؟ ..... ٻين سڀني ماين کي ڦٽيون چونڊيندي ڏسي اسان کي به ريس ايندي هئي.. امان جي وڏي پوتي کڻي انهن ماين کان ئي اهڙي ڊيزائن ۾ ٻڌرائبي هئي. واهه! ڪيڏو نه مزو ايندو هو.. هو مايون ماني .. جيڪا ماني ۽ مرچن جي چٽڻي هوندي هئي .. گڏجي ويهي کائينديون هيون. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته امان مون کي به ائين ماني ٻڌي ڏئي ته اتي وڃي نوش فرمايان، پر امان منهنجي اها ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪا نه ٿي. چوي: ”ماني هتي اچي کائي وڃجانءِ.“ مانيءَ واري پورهيت کي درخواست ڪيم ته مون کي صبح جو مرچن جي چٽڻي ۽ ماني ٺاهي ٻڌي ڏجانءِ. آئون اتي ماني کائيندس، پر هن کي ته امان سمجهائي چڪي هئي ته هي تو کي ائين اچي چوندي، تون نه ٺاهي ڏجانس. ..... هتي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو مطلب اهو ته، منهنجو نالو ته اتفاق راءِ سان رکيو ويو، پر ننڍپڻ ۾ منهنجي ٻاراڻي ضد سان سڀني اختلاف راءِ جو پنهنجو پنهنجو حق ڀرپور نموني استعمال ڪيو، جنهن کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته، جن جا نالا اتفاق راءِ سان رکيا وڃن، لازمي ناهي ته انهن سان اختلاف ڪندڙ، پنهنجو اختلاف راءِ جو آئيني حق استعمال نه ڪن.

No comments:

Post a Comment