Monday, September 2, 2013

سهڻي وچ پاڻي رهه ڳئي.- منظور ٿهيم

سهڻي وچ پاڻي رهه ڳئي...
منظور ٿهيم
چانڊوڪي جي باوجود شهر ۾ ڄڻ اونده ڇانيل هئي، ڪيڏي مهل ڪو آواز خاموشي کي چيريندي ڪنن تائين پئي پهتو، شهر جو اڌ حصو ته تڏهن ئي خالي ٿي ويو، جڏهن وڏيرن جي سرڪار پاران مسجد جي لائوڊ اسپيڪرن ذريعي اعلان Early Warning)) ڪري چيو ويو ته شهر کي امڪاني ٻوڏ جي خطري جي ڪري شهري گھر خالي ڪري ڪنهن مٿانهين جڳهن ڏانهن منتقل ٿي وڃن. شهرين کي سرڪاري اعلان تي ڪڏهن اعتبار رهيو ڪونهي پر جڏهن ماڻهن خود بند تي پاڻيءَ جو دٻاءُ ۽ پاڻي بند کي جنهن طرح اندران ڪٽي رهيو هو ته تڏهن شهرين مان گھڻن ماڻهن فيصلو ڪيو ته گهر خالي ڪجن. ان جي باوجود ڪافي ماڻهو الله جي آسري رهندي گهر ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. هنن ماڻهن بقول روڊن، رستن، ڪئمپن، اسڪولن ۾ انتهائي رسوائي ۽ تذليل واري زندگي، لالچي ۽ بي رحم ماڻهن جي رحم ڪرم تي رهڻ کان بهتر گھرن جي ڇتن تي رهي پاڻي جي لهڻ جو انتظار ڪيو، حالانڪ شهرين کي اها به خبر هئي ته ائين ڪرڻ ممڪن ڪونهي ۽ اها به خبر هئي ته بند ۱۲ لک ڪيوسڪ پاڻي جي سٽ جهلي نه سگهندو جو گذريل ۳۰ سالن کان حڪمرانن ۽ آبپاشي جي ڪرپٽ آفيسرن جي بيرحم بک ڪري بندن جي ڪا به مرمت ناهي ٿي. ايستائين جو بندن جي ڪناري جيڪي ٽالهي، نم، سرنهن ۽ ڪنڊي جا وڻ هئا. کاتي جي آفيسرن وڍائي کپائي ڇڏيا. بند تي بيهي ڏسبو ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ هنن ظالمن بند جو سر وڍي نيلام ڪري ڇڏيو هجي. وڻ بندن جي ڪناري سيخن جيان کپيل هيا، جن کي هنن وڪڻي کپايو ۽ رستو ڏنو پاڻي کي ته ڳوٺ ۽ شهر ٻوڙي ۽ واقعي به شايد هي آفيسر ائين چاهيندا هجن ته جئين ايمرجنسي فنڊن مان پئسو ٺاهن، انساني زندگين کي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻوڙي پاڻ ڪناري تي ويهي تماشو ڏسن، نچن ڪڏن هڪٻئي کي مبارڪون ڏين رات جو شراب جون محفلون سجائي سنڌين کي ڄٽ، جاهل چئي گارين جا دس ڏيندي پوءَ وڃي سمهن ٿڌن ڪمرن ۽ فانوس جي هلڪين روشنين ۾.

Early Warning کانپوءِ Last Warning جو اعلان به ٿي ويو. ماڻهو گهر ڪيئن ڇڏي؟ گهر ته  ماڻهو جو خواب هوندا آهن، گهر ديوارن، سرن ۽ ڇتن جو نالو به ته ناهن هي ته آغوش آهن، سهارو آهن، هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين ڏک سک جو سلسلو  آهن، گهر ئي ته پناهه گاهه آهي، جتي ماڻهو ٻاهر جي بي رحمي کان فرار ٿي ڪا ڪنڊ وٺي آرام جي ننڊ سمهي سگهي ٿو، پاڻ سان همڪلام ٿي سگهي ٿو، گهر جا دروازا صبح ساجهر امان بابا جي آواز سان جاڳي پون ٿا، حڪمرانن ۽ آفيسرن کي ان ڳالهه جو شايد ادراڪ نه هجي ته هر ڏينهن روزي روٽي جو بندوبست ڪرڻ وارن ماڻهن جو هڪ ڏينهن به گهر ۾ گذري ٿو ته هنن لاءِ ڄڻ زندگي ۾ هڪ ٻئي ڏکئي ڏينهن جو اضافو ٿي وڃي ٿو، آخري چتاءُ کانپوءِ شهرين مٿان ڄڻ آسمان ڪري پيو، جسم مان ساهه ڇڏائي ويو، ٻارن کي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته ڪا آفت اچڻ واري آهي. هر ماڻهو  پنهنجي خدا اڳيان رحم جي صدا پڪاري رهيو هو. هي شهر سنڌ جي قديم شهرن مان آهي جتي پراڻي جاگيرداري اڃا مضبوط ۽ سرمائيداري پنهنجي مڪمل سڄاڻپ ۽ ايڪسپلائٽيشن جو روپ ڌاري ناهي سگهي، ماڻهن شهر کي بچائڻ لاءِ هڪ ئي وقت مسجد ۽ مندر جي اسپيڪر مان ماڻهن کي بند تي اچي شهر کي بچائڻ جي مهم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو پئي. شهر جا مسلمان توڙي هندو پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ پوئتي ڇڏي شهر ۽ گهر بچائڻ نڪري پيا، آفتن ۾ انسان يا ته وحشي ٿي وڃي ٿو يا مڪمل انسان. در اصل هي مهل ئي انسان کي اصل سڃاڻپ ڏئي ٿي. هن مهل کي ڪو آفت جو نالو ڏئي پر هي ئي ته اها مهل آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي سموري نفرت، مذهبي متڀيد، نسلي رسه ڪشي، ذاتين جي اوچ نيچ وساري هڪٻئي جا سهارا ٿي بيهن ٿا.
شهري بند تي هئڻ باوجود بي وس نظر آيا ٿي، بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي رهيو هو. پاڻي کي ٻاهر نڪرڻ جو گس نه پئي مليو. پاڻي جي گس بند ڪرڻ جي خبر شهرين کي تڏهن پئي جڏهن گذريل برساتن ۾ اڪثر ماڻهن جا گهر ڊهي پيا. تڏهن شهرين فيصلو ڪيو ته تر جي ايم اين اي جيڪو ڪنهن سڻڀي کاتي جو وزير پڻ آهي کيس هلي مدد لاءِ چئجي. شهري جڏهن هن جي محل نما بنگلي تي پهتا ته سندس شاهاڻا ٺاٺ باٺ ڏسي شهري دنگ رهجي ويا، ڇتين تي ٽنگيل انگريزي فانوس، ٽيبلن تي رکيل شيشي ۽ ماربل جا شو پيس، ڪشاده صوفه، درين تي گهري رنگ جا چاڪليٽي پردا، سائي آڳنڌ تي ڊوڙندڙ سنهڙا تکا هرڻ، شهري وڏيري جي هن دنيا ۾ اچي ائين سهمي ۽ سڪڙجي ويا، ڄڻ هي شيشي جي گهر ۾ داخل ٿيا هجن ۽ کين اهو خوف اچي ورايو ته ڪٿي هنن جي ٺوڪر ڪري شيشي جي ڪا ديوار ٽٽي نه پئي، اهو خوف هنن ماڻهن مان الائي ڪڏهن ختم ٿيندو؟ ڪنهن مهل ڀوتار ظاهر ٿئي ٿو، ابتا سبتا هٿ ڏئي دلاسا ۽ دعائون ڏئي گهڙي ويو وڏن ڪارن شيشن واري گاڏي ۾، جنهنجي در کلڻ سان پوري فضا ۾ هٻڪار ڦهلجي وئي. اتي اسان کي خبر پئي ته ڀوتار پنهنجي زمين ۽ بنگلي کي حفاظتي بند Ring Band ڏياري رهيو آهي، جيڪو ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.   
ڀوتار پنهنجي زمين جي کيڙي سرڪاري ٽريڪٽرن کان ڪرائي ٿو، زمين کي حفاظتي بند به سرڪاري مشنري سان ٻڌرايو اٿس، گذريل وسڪاري ۾ جيڪي گهر ڪريا وري نه ٺهيا، روز جي مزدوري ۽ قرض ڀرئي هارپي مان ٻن مان ڪو هڪ ڪم ٿي سگهي ٿو يا پيٽ کائجي يا گهر ٺهرائجي، سال کانپوءِ اڄ وري شهر خالي ڪري ڄڻ ماڻهن کي خودڪشي لاءِ چيو ويو هجي، ڪئمپن واري زندگي جو عڪس ماڻهن جي اکين ۾ ڪنهن ڀيانڪ خواب جيان تري آيو قدرتي آفتن جو ڪو وقت مقرر ڪونهي ۽ نه وري انسان انهن آفتن کي روڪڻ جي سگهه رکي ٿو هي ته قدرت جو کيل آهن، هتي آفتن جي گذري وڃڻ کانپوءِ جي جيڪا آفت آهي انتهائي اذيت سان گذري ٿي هن ئي لمحي انسان ڪيڏو ظالم، ڪيڏو بي وس ۽ ڪيڏو انسان ٿي سامهون اچي ٿو. سڀ ڪجهه وڃڻ کانپوءِ ڪجهه به نه رهڻ جو احساس انسان جي جيون ۾هڪ بدلاءُ آڻي ٿو. تلخي آڻي ٿو. ماڻهن کي سرڪاري اسڪولن ۾ ڍور ڍڳن جيان رهڻو پوي ٿو، روڊن مٿان بي يارو مددگار، ڪيمپن ۾ ديڳ جي پاروٿن چانورن ۽ پوري ڏينهن جي تذليل کائڻ کانپوءِ رات جو ٻارن کي ته ننڊ اچو وڃي پر وڏن جي اکين مان ننڊ اڏامي وڃي ٿي، هنن جي ته هر رات اکين ۾ گذري ٿي، هنن جون اکيون ڄڻ ان رات جي ختم ٿيڻ جي آسري ۾ جاڳنديون هجن.

شهر خالي ڪرڻ کان پهرين شهرين اڌ قيمت تي پنهنجو مال کپايو، سون کپايو، ماڻهن گاڏين جا ڪرايا چوڻا ڪري ڇڏيا، چورن گهات هنيا، لوفرن نياڻيون تڪيون، شهر پنهنجي ٻڏڻ تي خاموش رهندي اندر ۾ چيخندو رهيو، وڏيرن جي (رنگ) بچاءُ بند ڪارڻ پاڻي کي نڪرڻ جو گس نه مليو هن پنهنجون زمينون بچايون. هو سڀ اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ٽي وي اسڪرين تي تماشو ڏسندا ۽ بيهوده بيان ڏيندا رهيا، سنڌ جا ٽي وڏا شهر ٻڏي ويا، ڪا انڪوائري ڪانه ٿي، ڪنهن کان ڪوبه پڇاڻو ڪونه ٿيو، رات جو بدنام زمانه ڪامورن ۽ اين جي اوز جي پروگرام آفيسرن محفلون سجايون، ايمرجنسي فنڊ جي ڪروڙن مان پنهنجن بنگلن جي رنوويشن، پلاٽ خريد ڪرڻ جو سوچيندا رهيا، شراب پيئندا سنڌي ماڻهن کي گاريون ڏيندا رهيا، شهري اڄ تائين پنهنجي جسم جي اگهاڙپ ۽ پيٽ جي بک ڪارڻ شهر شهر دربدر آهن.

No comments:

Post a Comment