Wednesday, August 21, 2013

ماءُ - وجيه راج رٿن سُري

ماءُ
ڪھاڻي
وجيه راج رٿن سُري
ننڍڙي پٽ جي سهاري، ويران رڻ جهڙي زندگي ڪاٽڻ لاءِ مجبور ٿيل وڌوا ماءُ، ڪيتريون ئي آفتون ۽ مصيبتون سهندي، اڪيلي سر هُن پٽ کي پاليو، پڙهايو ۽ پرڻايو. اميد هئس ته هاڻي ڏکيا ڏينهن ڪٽجي ويندا ۽ وري سکيو سمو واپس موٽي ايندو، پر ويچاري ماءُ ! هن کي ڪهڙي خبر هئي ته سکين ڏينهن بدران حالت هيڪاري وڌيڪ بد تر ٿيندي!!

نونهن کي مذهبي ۽ پراڻن ويچارن واري سَسُ ڏٺي نٿي وڻي. الڳ الڳ ڪارڻن سبب گهر ۾ روز روز گهپي ٿيڻ لڳي. ماءُ کي ڏکيائي اها هئي جو زال جي نظر سان ڏسندڙ ۽ زال جي دماغ سان ئي سوچيندڙ پٽ هر ڇڪتاڻ لاءِ ماءُ کي ئي ذميوار سمجهي کيس ڇڙٻيندو رهندو هئو. ڪڏهن گهرو ڪم ڪار ۾ کٽ پٽ ته ڪڏهن پراڻن ويچارن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ سبب ڪِلِ ڪِلِ. ماءُ هنن ڳالهين کي پيڙهيءَ جيو وڇوٽي (Generation Gap) سمجهي درگذر ڪندي رهندي هئي.
پر جئين جئين هوءَ ڍِل ڏيڻ لڳي ته سامهون کان ڌاڳو هيڪاري وڌيڪ ڇڪجڻ لڳو. ڄاڻي واڻي پريشان ڪرڻ واريون حالتون وڌيڪ ٿيڻ لڳيون. ڪڏهن اڻوڻندڙ ۽ بي سوادي ته ڪڏهن ٿڌي روٽي ملڻ لڳي پر وڌيڪ کٽ پٽ ٽارڻ خاطر ماءُ اڌ بکي رهي سمهي پوندي هئي ۽ اڪيلي ڪنڊ پاسيرو ڳوڙها ڳاڙيندي رهندي هئي.
اهو سڀ در گذر ڪرڻ کان پوءِ به ماءُ جي بدقسمتي گهٽ نه ٿي ۽ هڪ نڀاڳي ڏينهن پٽ ۽ نونهن هڪ طرفو فيصلو ڪري ورتو ته ٻنهي پاسي امن قائم ٿئي ان لاءِ ماءُ کي ڪنهن ٻڍا گهر ۾ ڇڏي اچجي! ماءُ مجبور هئي، هن جي دانهن ڪوڪن ۽ منٿن کي ڪو به داد ڏيڻ وارو ڪو نه هئو. خود پٽ ماءُ کي ٻڍا گهر ۾ پهچائي آيو. جدا ٿيڻ وقت ٻه چار مٿاڇڙا ۽ هيڏانهن هوڏانهن وارا ڪجهه اکر چئي هليو ويو، ڄڻ مس مس ڪا جند ڇٽي هجيس..... ماءُ سڀ سمجهي پيئي پر هن هڪ حرف به واتان نه اچاريو ۽ نه پٽ لاءِ ڪجهه بروئي سوچيو.
ڏينهن، هفتا، مهينا...... ۽ لڳ ڀڳ هڪ سال پورو ٿيڻ تي آيو. پٽ جو انهيءَ وچ ۾ ڪڏهن درشن نه ٿيو پر ڪڏهن ڪڏهن فون تي ائين ئي گڏجندو رهندو هئو.
هڪ رات...... ماءُ کي ننڊ نٿي آئي..... پراڻيون يادگيريون.....پٽ لاءِ ڪاٽيل ڏکيا ڏينهن ۽ پٽ طرفان ڪيل ظاهر ظهور گهٽتايون.... اهو سڀ ياد ڪندي هنجون هاري رهي هئي. اڌ کن ڪلاڪ کان پوءِ مَنُ ڪجهه هلڪو ٿيس ۽ منهن ڌوئڻ لاءِ هن اٿي بتي ٻاري. سندس نظر ڀت تي ٽنگيل ڪئلينڊر ۽ گهڙيال طرف ويئي. تاريخ ۽ وقت ڏسندي ئي هوءَ پنهنجي جذبات تي ضابطو نه رکي سگهي. هن ترت ئي روم ۾ رکيل ٽيليفون جي ڀرسان وڃي پٽ جو نمبر ملايو.... رات جا ٽي وڳا هئا. اڌوگاڀري ننڊ مان اٿيل پٽ پڇيو. ڪير؟ ماءُ جواب ڏنو پٽ مان تنهنجي ماءُ، اڄ تنهنجي جنم جو ڏينهن آهي نه، ان ڪري توکي سڀني کان پهرين آشيرواد ڏيڻ لاءِ مون فون ڪيو آهي. پٽ ڏمرندي چيو هيڏي مهل آشيرواد ڏيڻ جو ”ناٽڪ“ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ صبح جو فون ڪرين هان نه؟؟ تنهنجون اڙٻنگايون اڃا ڪو نه گهٽيون آهن؟؟؟

ناٽڪ ۽ اڙٻنگاين جهڙا اکر پٽ جي واتان ٻڌي ماءُ کي گهري چوٽ رسي ۽ فقط ايترو چئي سگهي ته؛ ”پٽ! ڳالهه هئينءَ آهي ته اڄ کان ڇهويهه سال اڳ هن ئي رات، هن ئي مهل، سور سهندي سهندي مون تو کي ڄڻيو هئو ۽ اهو نظارو ياد ايندي، هنيانءُ پيار ۽ ممتا سان ڇلڪي پيو هئو. پٽ! ان ڪري مان پاڻ روڪي نه سگهيس ۽ هيڏي مهل ئي مون توکي فون ڪيو آهي، پٽ! تنهنجي رات جي ننڊ ۾ خلل پيو ۽ ان لاءِ تو کي تڪليف ٿي هجي ته مون کي معاف ڪجانءِ باقي آشيرواد ته تو کي هميشه ڏيندي رهنديس پٽ!“

No comments:

Post a Comment