Saturday, May 25, 2013

ٿڌي هوا جو جھوٽو، بيئر جو ٽِن ۽ ڪجھه لفافا - امر لغاري


ٿڌي هوا جو جھوٽو، بيئر جو ٽِن ۽ ڪجھه لفافا
امر لغاري
ڇڪڙا بس اسان کي سڀ کان آخر ۾ لاٿو. اتان ڪجھه ئي فاصلي تي پولنگ اسٽيشن هئي. هيءَ پولنگ اسٽيشن هڪ عاليشان پرائمري اسڪول ۾ قائم ڪئي وئي هئي. رات جو وقت هئو. جيئن ئي اسڪول جي آڳر تي پهتاسون ته اتان جي رئيس المعروف ”نيڪ مرد“ جي ڪامڙين اسان جو استقبال ڪيو. سامان کڻائي اسڪول ۾ رکرايائون. ڪرسيون ۽ کٽون اڳ ۾ ئي اسڪول جي پڪي آڳراڻي فرش تي رکجي چڪيون هيون. هنڌ بسترا به اچي چڪا هئا.  پراڻي واهه جي پرئين ڪپر سان بنجھون واري زمين ۾ قائم اسڪول ٻاهريان نمن جا وڻ پوکيل هئا، جن جي تازي ٻُور سڄي ماحول کي هٻڪاري وڌو هو. رات جي ڪري هوا ۾ ٿڌڪار به وڌي وئي هئي، اسڪول ۾ بجلي جو ڪنيڪشن ته هئو پر بجلي نه هجڻ ڪري روشنيءَ جو خاص بندوبست ٿيل هئو. اهڙي عظيم الشان پولنگ اسٽيشن ڏسي منهنجو عملو ڏاڍو خوش ٿيو. مٿان جو خاص خدمت ٿي ته عملو مون مان ڏاڍو متاثر ٿيو. گوشت، مرغي، ڀينڊيون، چانور، رائتو، کير ۽ ٿڌيون بوتلون- مطلب ته طعام ۾ هر قسم جو ائٽم  شامل هو.

ماني کائي فريش ٿياسين ته چهل قدميءَ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن هلڻ لڳاسين. مان ٻين کان ٿورو پرڀرو هلي رهيو هوس ته جيئن ماحول جو جائزو وٺي سگھان. ايتري ۾ رئيسن جي ماڻهن مان هڪ جنهن کي بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌل هو سو منهنجي پٺيان آيو، ۽ تمام نهٺائيءَ ۾ اچي عرض ڪيو ته ”سائين، توهان جي آرام لاءِ رئيس جي اوطاق تي بندوبست ڪرايو اٿئون. رئيس خاص توهان جي پارت ڪئي آهي. چئو ته سامان اوڏانهن کڻائي هلون!“
”سامان کڻائي هلڻ جي ضرورت ناهي،“ مون هاسيڪار هن جي اهڙي پيشرفت کي ٿورو ڌڪيندي چيو؛ ”ها اوطاق تي مان ضرور هلندس. ڇو ته رئيس جي اوطاق مان ڏسڻ چاهيان ٿو!“
”جي جي. هينئر ئي هلندؤ؟“ هن خوشامندڙي انداز ۾ پڇيو.
”اوطاق هتان گھڻو پري آهي؟“ مون پڇيومانس.
”ٿوري ئي پنڌ تي آهي. بس اهو اٺاس ٻه ٿيندو ...“
”ٺيڪ آ!“ مون چيو؛ ”سامان جي پارت ڪري اچ ته پاڻ هلون ٿا.“
هو ڊوڙندو ويو. پنهنجن همراهن کي عملي جي خدمت ۽ سامان جي حفاظت جو چئي جلد ئي موٽي آيو. اسان هاڻ رئيس جي اوطاق ڏانهن هلڻ لڳاسون. سرچ لائيٽ جي روشنيءَ ۾ پهريان ڪجهه پنڌ ووئڻن جو ڪيوسين، ۽ بعد ۾ روڊ اچي ورتوسين، جيڪو رئيس جي اوطاق تائين ٿي ويو. روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڀلوڙ وؤڻ ڄميل هئا.
”هتان جا فصل ڪيئن آهن؟“ ڳالهه کي جاري رکڻ خاطر هاسيڪار پڇندو هليومانس.
”پاڻ ئي ڏسي سگھو ٿا!“ هن مون ڏانهن ڏسندي مسڪرائيندي چيو.
”هي سڀ وؤڻ رئيس جا آهن؟
”جي ها!“
”گھڻي زمين آ رئيس جي هتي؟
”ٻه ٽي سؤ ايڪڙ ته ٿيندي!“ هن عجيب فنڪيءَ ۾ چيو.
”ڇو تو کي خبر ناهي ڇا؟“ مون ڪنڌ موڙي ٽارچ واري هٿ ڏانهن ڏٺومانس. ٽارچ جي ڪٽوريءَ ٻاهريان ٻرندڙ پلاسٽڪ مان ڇڻندڙ روشنيءَ جي سوجھري ۾ هن جي ڪرائيءَ ۾ راڊو واچ ٻڌل نظر آئي.
”رئيس جو ڀلا تون ڇا ٿين؟
”ڀائيٽيو. ۽ ڪمدار به!“
”معنيٰ- ٽو ان ون!“
هو کليو. ڳالهه شايد سمجھه ۾ نه آيس.
”رئيس هن ويل ڪٿي هوندو؟
”اندر ٿر ۾- الاهي پولنگون سنڀالڻيون اٿس.“
”اندر ڇو؟ هيءَ به ته پولنگ  اسٽيشن آ نه...!“
هن وڏو ٽهڪ ڏنو.
”هيءَ هڪ طرفي پولنگ آ. هتي جو کيس ڪو به الڪو ڪونهي. جڏهن کان اوهان جو آرڊر ٿيو آ، تڏهن کان ته بلڪل ڪونهيس،...“
”اڇا، اها ڳالهه آهي؟
”جي، سائين!“ هن کلندي خوش ٿيندي وراڻيو.
مونکي هن طرفان ”سائين“ چوڻ بنهه سٺو لڳو؛ حڪمرانيءَ جو به پنهنجو مزو آهي، پوءِ اها ڪهڙي به ليول جي هجي! ڳالهين ڳالهين ۾ خبر ئي نه پئي جو اسان اوطاق جي دروازي تي اچي پهتاسين. دروازو  کليل هو. ٻه ٽي همراهه اسان کي ڏسي اڳتي وڌي آيا. هٿن ۾ خودڪار هٿيار جھليل هئن، ۽ چيلهه توڙي ڪلهن ۾ گولين ۽ ڪارتوسن جا ڪنٺا پاتل هئن. ڪمندار جي ٽارچ جي سوجھري، ۽ اندر اوطاق جي هاءِ پاور جرنيٽر جي ٻاريل سيورز جي تيز روشنيءَ ۾ ايئن لڳو ڄڻ ته يورپ جي ڪنهن خوبصورت مقام تي اچي پهتا هجون. گيٽ اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ هڪ وڻندڙ پارڪ تي نظر پيئي. پارڪ ۾ ڪي جانور ڦرندي نظر آيا.
”يار، زبردست!“مونکان مزي مان رڙ نڪري وئي. ”رئيس هرڻ به رکيا آهن!“
”جي!“ ڪمندار چيو،”ولائتي پکي به آهن. رئيس ٻاهرئين ملڪن مان وڻ به گھرايا آهن. توهان ڪڏهن ڏينهن جو اچو، ۽ پوءِ ڏسو مزو!“
”ڏينهن جو به اچبو!“مون چيو.
هو ڏاڍو خوش ٿيو. ٻاهرئين گيٽ کان اندر گھڻو اڳتي اچي هن پڇيو،”ٻاهر پارڪ ۾ ويهندؤ سائين، يا اندر اي سي ۾؟
مون چيو؛ ”ٻاهر، پارڪ ۾!“
هن ٻاهر پارڪ ۾ ڪرسيون لڳرايون، ۽ فورن نوڪر کي ڪولڊ ڊرنڪ جو چيو.
”واهه واهه، صفا نشيلي قسم جو ماحول آ!“
”بلڪل! جي موڊ ٺاهڻ جو خيال هجي ته ان جو به بندوبست آهي!“
”آئون سادي نه پئندو آهيان!“
”ولائتي به آهي!“
”گوڊ! پر، سڀاڻي مونکي پولنگ به ڪرائڻي آهي.“ مونکي اچانڪ پولنگ ياد اچي ويئي.
”پولنگ پئي ٿيندي، سائين!“ هن وڏي اعتماد سان چيو؛ ”توهان ان جو فڪر ئي نه ڪيو.“
”نه، يار! پولنگ پولنگ آ، وهسڪي وهسڪي آ.“ مون چيو؛ ”پر جيڪڏهن بيئر هوندي ته هلي ويندي.“
”بيئر به آهي، سائين. ڪهڙي وٺندؤ؟
”بس، ليجر هلي ويندي. ملئنيم پاڻ کي ڀانءِ نٿي پوي!“
همراهه ڊوڙندو ويو. صفا يخ ٿڌي بيئر کڻي آيو. پهريون ڍُڪ ڀريندي ئي مزو اچي.
”اڳي اليڪشنن ۾ جيڪي به پريزائيڊنگ آفيسر آيا. رئيس هنن کي هتي ئي رهائيندو هو. اڳي اوطاق ايتري مزي واري نه هئي. پر، سائين، مشرف صاحب جي مهربانين سان برن ۾ بهاري لڳي وئي!“
”معنيٰ مشرف ڀلو حڪمران هو؟
”او، سائين، ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪيو! ضلعي جا پئسا هئا ئي رئيس جي هٿ ۾. جنهن کي ڏئي! هٿ جو وري اهڙو سخي جو پنهنجن کي ته اڏي ڇڏيائين! سي سي پيز جي اهڙي ته سخا ڪيائين جو هر هڪ وٽ بنگلو!“
”هيءَ اوطاق به سي سي پي مان ٺهرايائين؟
”جي، سائين!“
”زبردست!“ حالانڪ بيئر ۾ نشا نه هئا، پر هي نشا سخاوت جي مال جا هئا.
ڳالهيون اڃا جاري هيون: شڪار جون، ڊيزرٽ سفاريءَ جون، فارم هائوزز جون، ولايتي شين جون!
رئيس جو ننڍو ڀاءُ حاضر ٿيو. ادب سان مليو ۽ سليقي سان تعارف ڪرايائين. ٻاهر جو پڙهيل پئي لڳو. ٻن بندين جي فرمائش ڪيائين. پهريان ته مان سمجھيس ڪونه. پر پوءِ ڪمندار سمجھائيندي چيو ته؛ ”ٻه سؤ بيلٽ پيپرن جي ڳالهه ٿو ڪري. اڳي جيڪي به پريزائيڊنگ آفيسر ايندا رهيا آهن. سي به ڏيندا رهيا هئا.“
مون چيو، ”مونکي ته اعتراض ڪونهي، پر توهان جي پنهنجي پولنگ آهي. اوترا کٽي پوندؤ!“
”کٽندا ڇو، اوهان جو ويٺا آهيو....؟“ ڪمندار ڄڻ ته مونکي پنهنجو نوڪر سمجھندي چيو.
”مان ته ويٺو آهيان، پر بيلٽ پيپر کان سواءِ ڪو ووٽ ته ڪونه ٿيندو!“
”سائين، ڪير ٿو پڇي؟“ ٻن ٽن گڏجي چيو؛ ”اوهان ڇُٽئه!“
”يار، خالي ووٽ وجھڻ منهنجي لاءِ مسئلو پئدا ڪندو!“
”ڪير ڪندو مسئلو اوهان لاءِ؟ اسان ويٺا آهيون نه، سائين!“
مخالف ڌر جا ماڻهو اچي ويهي رهيا ته؟
”مخالف ڌر جو هتان وارو همراهه اسان جو پنهنجو آهي. هي پولنگ ان جي ذمي آهي. ڪير به هيڏانهن ڪونه لڙندو.“
پولنگ ايجنٽ؟
”پولنگ ايجنٽ جي کيسي ۾ به مال وجھرائي ڇڏيو اٿئون. حرام جو ڪڇي!“
هاڻ بيئر مونکي ڏاڍو سرور ڏيڻ لڳي. هڪ همراهه ٻه ڊٻا ٻيا کڻي اچي منهنجي ڀرسان رکيا.
هڪ ٻيو همراهه ٿيلهين ۾ پئڪ چار پنج جوڙا ڪپڙن جا کڻي آيو. انهن سان گڏ هڪ لفافو به، پر بند ٿيل. منهنجي نظر جيئن ئي انهن ٿيلهين تي پيئي، دل ڪجھه ڪجھه نرم ٿيڻ لڳي. سنڌ جي رات جي هوا به واهه جي ٿڌي آ. جي ڪنهن چڱي جاءِ تي ڪنهن مڙس ماڻهوءَ کي به لڳي ته کيس ڀاڙيو بنائي ڇڏي! سنڌ جون سامونڊي هوائون، بيئر جا ٽي ٽِن،  ڪپڙن جا چار جوڙا ۽ هڪ لفافو، ماستر جي هڪ رات لاءِ ڪافي آهن.
ڀرم رکڻ خاطر چيم: ”توهان کي ڇا کپي؟ ٻه سؤ بيلٽ پيپر يا ٻه هزار ووٽ؟ جلدي فيصلو ڪري وٺو!“
مان ٻيو ٽن خالي ڪري ٽئين کي لڳم. رئيس جي ننڍي ڀاءُ چيو ته هو رئيس وڏي سان ڳالهائي پوءِ ٻڌائي سگھي ٿو. ٿوري ئي دير ۾ رئيس جو مونکي پاڻ فون اچي ويو. خير خوش آفيت کانپوءِ چيائين،”سائين، اسان کي ووٽ کپن. اسان کي ٻيو ڪجھه به نه کپي. تڪليف جي معذرت. ڪڏهن فارغ ٿي هوئن به اسان وٽ اچو. خدمت جو موقعو ڏيو.“
”نه نه. ضرور اچبو. مهرباني.“
رئيس جي ڳالهائڻ کانپوءِ همراهن کڻي هٿيار ڦٽا ڪيا.
رات جو ٻارهين هڪ کانپوءِ مان پولنگ تي موٽي آيس. صبح جو پولنگ شروع ڪئيسين. چاليهه پنجاهه ماڻهن جي قطار ۾ موجودگيءَ جي هدايت مون پنهنجن ميزبانن کي ڪري ڇڏي. اهڙين ويهه پنجويهه عورتن جي به. جيڏي مهل ڪو اچي ٿي ويو ته پولنگ عمل کي سست ڪري پئي ڇڏيوسين. جيئن هو هليو ٿي ويو ته ڪم کي گئر هڻي ٿي ڇڏيوسين. شام تائين ٻن هزارن مان اوڻيهه سؤ سٺ ووٽ وجھي، نتيجو ٺاهي، پولنگ ايجنٽن کان صحيحون وٺي، ڪاپي اسڪول جي ديوار سان چنبڙائي ڇڏيسين! شهر ڏانهن ايندي مهل رئيس جي ننڍي ڀاءُ مونکي سليوٽ ڪيو. چيائين،”سائين، وڏي مهرباني، لک لائق! اڳي ڪڏهن به هن پولنگ تي پولنگ ڪانه ٿي. اوهان جي عظمت کي سلام هجي!“
مون وڏو ٽهڪ ڏنو، ۽ عملي سان گڏ ڇڪڙا بس تي سوار ٿي ويس.

No comments:

Post a Comment