Wednesday, May 1, 2013

ڪارتوس - شوڪت لوهار


ڪارتوس
شوڪت لوهار
هوٽل تي چانهه پيئندي پهريون دوست: ”جيڪڏهن هٽلر نه ڄمي ها ته شايد هندستان مان انگريز نه وڃن ها.“
ٻيو دوست: ”اهو وري ڪيئن؟
پهريون دوست: ”اِهو ائين ته هو جيڪڏهن انگلستان تي ڪاهه نه ڪري ها ته انگريز بوکلائپ جو شڪار ڪونه ٿين ها ۽ نتيجي ۾ هنن جا اڄ سوڌو هٿ قابض هجن ها.
نه ائين ڪونهي.
ائين آهي.

هٽلر سڀ کان وڏو قومپرست هو.
ها ها ها.
کلين ڇو ٿو؟
اڙي چرٻٽ جيڪي پنهنجي قوم جي پرستش ڪندا آهن، اهي هر ماڻهوءَ لاءِ خير گهرندا آهن. هن جو هي نازي اذيت گهر Concentration camp ٺهرايا، جتان ماڻهن جا سونا ڏند ايتري تعداد ۾ نڪتا جو جرمني جون عورتون پنهنجا زيور انهن ڏندن مان ٺهرائينديون هيون. جرمني ۾ صابڻ ماڻهن جي ماس جي چرٻيءَ مان ٺاهبو هو. تون ٿو چئين ته؛ هٽلر قومپرست هو. بهرحال تو کي مڃڻو پوندو ته هٽلر جو ڄمڻ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو ڪارڻ ضرور بڻيو آهي.“
”ڀلي تون زبان سان اقرار نه به ڪر، پر دل ۾ ضرور قبول ڪيو هوندو.
نه بلڪل نه. تنهنجي مت مارجي وئي آهي، تون پٽڙيءَ تان لهي ويو آهين. ٻٽا بسڪوٽ کائي کائي تنهنجي سوچ به ٻٽي ٿي وئي آهي.“
جنگ آزادي جو سبب هٽلر ڪونه هو.
ته پوءِ ڪير هو؟“ چانهه اڌ ۾ روڪيندي: ”ڇڏ انهن ڳالهين کي.
نه نه ٻڌاءِ. لڳي ٿو تو کي پاڻ کي به خبر ڪونھي.
خبر آهي.
ته پوءِ ٻڌائين ڇو ڪو نه ٿو.“
جنگ آزادي جو سبب ڪارتوس هو.“
ڪارتوس!
ها.
ڇا مطلب؟
”مطلب اِهو ته هندستان جي جنگ آزادي جي سڀني ڪارڻن کي هڻ کڏ ۾، اصل ڪارڻ اِهو ڪارتوس هو، جنهن ۾ گندرف وجهي انگريز مٿان سيل مهر ڪندا هئا ۽ اِها سيل مهر ڳئون ۽ سوئر جي چرٻي کي پگهاري ان مان ٺاهي ويندي هئي، جيڪا انگريزن کي تمام سستي پوندي هئي. صمد بانڊ، ايلفي اڃا ايجاد ڪو نه ٿيا هيا.
هان!“ اکيون ڦاڙي ڏسندي.
”جي ها، ڳئون هندن لاءِ مقدس آهي ۽ سوئر مسلمانن لاءِ حرام.
”انگريزن جي فوج ۾ تمام گهڻا مسلمان ۽ هندو سپاهي هئا. ڪارتوس جي سيل کي ڏندن سان ڇڪي ٽوڙڻو هوندو هو، جيڪو ٻنهي مذهبن جي پيروڪارن لاءِ وڏي اذيت بلڪ نه ڪرڻ جهڙي ڳالهه هئي.
معنيٰ ته جنگ آزادي جو ڪارڻ هٽلر ڪو نه هو.
نه، قطعي نه.
جنگ آزادي جو ڪارڻ هڪڙو ڪارتوس هو.
تنهنڪري پاڻ سڀ انهيءَ ڪارتوس جي ڪارڻ پنهنجي اڄوڪي حيثيت ۾ هلون پيا.
تنهنڪري تو کي انهيءَ سستي ڪارتوس جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي.“
پر اڄوڪي دور ۾ اهڙو ڪارتوس ڪٿان آڻجي؟“ اتاولو ٿيندي.
ڪارتوس تيار آهي.
ڇا؟
ها.
ڪيترن ئي روپن ۾ بس رڳو ماڻهن کي اِها خبر پئجي وڃي ته ان جي سيل مهر تي ڳئون ۽ سوئر جي ماس جي چرٻي لڳل آهي يا نه؟

No comments:

Post a Comment