Thursday, March 28, 2013

اڌ رات - نسيم ٿيٻو


اڌ رات
نسيم ٿيٻو
اڌ رات جو وقت هو، اڱڻ ۾ نم نه هئي، ان کان ٿورو پرڀرو ٻه کٽون وڇايل هيون. هڪ تي نمو ستل هئي ۽ ٻئي تي سندس پُڦي، گهر تمام وڏو هو. ٻه ڪمرا ۽ هڪ وڏو هال. هڪ ڪمرو ڇت مٿان به هو، اهو ڪمرو ڏاڍو هوادار هو. چوطرف دريون هئس. جڏهن به هوا گهلندي هئي ته ان ڪمري ۾ گهوگهٽ ڪري ايندي هئي پر جي ٻٽ هوندي هئي تڏهن به ان ڪمري ۾ وائک هوندي هئي. ان جي سامهون ڪشادي ڇت ڦهليل هئي. جنهن جي هيٺان هال هو ۽ انهن ڪمرن اڳيان ورانڊو هو. هال ۾ بس هڪ ئي در هو منجهس ڪا به دري يا روشندان نه هئا. ان ڪري اِهو هال هميشہ اونداهون رهندو هو. منجهس هڪ هندورو پيل هو. ۽ ڪجهه شيشي جون الماريون جن ۾ چينيءَ جا ٿانوَ سجايل هوندا هئا. ڏينهن ڏٺي جو نمو ان هال ۾ ويندي ڊڄندي هئي. ائين ڄڻ ان ۾ ڀوت ۽ پريون رهنديون هجن. پڦهنس ڪڏهن اندر ويندي هئي ته نمو به ان جي چولي جي پلاند کان پڪڙي ڊڄندي ڊڄندي اندر ويندي هئي پر ويندي ضرور هئي. هڪ الماريءَ ۾ الاهي سارا موتي رکيل هوندا هئا ۽ موتين سان ڀريل وڃڻو ۽ دٻڪيون به رکيل هونديون هيون ۽ ڪجهه ننڍڙا  ٿانوڙا، جن تي جنڊيءَ تي ٿيل ڪم هو. ان هال ۾ گهڙڻ سان گونج پيدا ٿيندي هئي. هلڪن قدمن جو به آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ جڏهن نمو ۽ پڦهنس پاڻ ۾ ڳالهائينديون هيون، ته ان جو ايڪو پيدا ٿيندو هو. ڄڻ ٻه روح پاڻ ۾ ڳالهائيندا هجن. عجيب قسم جي سنسانيت ۽ ماٺائي هوندي هئي. روح منجهه گهڙي ويندڙ. نمو جي ڏاڏيءَ کي مُئي ٽي چار سال ٿيا هئا. پر نمو ائين سمجهندي هئي ته سندس ڏاڍي پنهنجي مخصوص لوڏ سان هلندي وتندي هئي. پڦهنس پيٽيءَ مان ڪپڙا لٽا ڪڍندي هئي نه نمو ان جي ڀر ۾ بيهي ڏسندي هئي لوهه جي وڏي ڳري پيٽيءَ ۾ الاهي سارا اوائلي قسم جا ڀرت ڀريل لٽا رکيل هوندا هئا، ۽ هڪ ڪاٺ جو گول دٻلو هوندو هو، ان ۾ قسمين قسمين جا سونا زيور رکيل هئا. ست لڙي دهريون، پازيب، ڪنگڻ، ڇٽ، نٿ ۽ الائي ڇا ڇا هوندو هو. نمو انهن کي حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندي هئي ته جيڪر پڦي اِهي سڀ زيور مون کي ڏي ته مان پايان.

”پڦي ٿورا زيور مون کي به ڏي.“
”مان پائي ڪيئن لڳندس.“
”ڏاڍي سهڻي منهنجي مٺي مومل.“
”پڦي پوءِ مون کي پارائين ڇو نه ٿي؟“
”نظر لڳي ويندي منهنجي پٽول راڻيءَ کي.“
”نه پڦي ٿوري دير جي لاءِ ڀلا پارائي....“ نموءَ کيٽو ڪندي چيو.
پڦهنس زيورن جو دٻلو ٻاهر ڪڍيو. هڪ هڪ ڪري زيور پارائڻ لڳس. دهري سندس سڄي ڇاتيءَ کي ڀري ڀيٺي. ڪنن ۾ جهومڪ، ڪنگڻ، پازيب سڀ هڪ هڪ ڪري پاتائين، نرڙ تي پڦهنس سندور جو ٽڪو ٺاهيس ۽ ٿورو سنهري ٻورو سينڌ کي مکيس. نمو سڄي سونهري ڪڻڪ جي سنگ جيان چمڪڻ لڳي. هوءَ اڄ پنهنجن ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. ڇم ڇم ڪندي ٽيبل ڏانهن وڌي، جتي وڏو آئينو ڀت سان ٽيڪ ڏنل رکيل هئو. ٽيبل تي بتي پيل هئي، نمو جو عڪس جڏهن آئيني ۾ پيو ته هن جي چپن تي لڄاري مرڪ پکڙجي وئي، اکين ۾ ڄڻ جوت جاڳي پيس. سهڻو سهڻو گول منهن، چيرويون بادامي اکيون. سندس اکين ۾ ڄڻ سدا جي مرڪ پکڙيل هئي. گلاب جي گل جيان ٽڙيل چهرو. نمو سڄي ساري ٻهڪي پئي. مرڪ سندس گهري ٿيندي وئي، جنهن سندس ڳلن ۾ چگهه وجهي ڇڏيا هئا. نمو هلڪي هلڪي بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ديس جي پري پئي لڳي. ننڍڙي ننڍڙي ڪومل ڪومل. ڀرت ڀريل چولو پيل هئس گربيءَ جي شلوار، جنهن جي پانچن تي پڻ موتي ۽ ستارا جڙيل هئا. جيڪي کيس پڦيءَ ڀري ڏنا هئا.
پڦهنس سندس پويان بيهي نموءَ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو، نمو به پنهنجي پڦيءَ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو هڪ دفعو هوءَ وري مرڪي پئي ۽ پوءِ پڦهنس ٿورو هيٺ جهڪي نمو کي هنج ۾ کنيو. نمو جو ڳل پنهنجي ڳل سان لڳائي وري آئيني ۾ ڏسڻ لڳي، ”ڏس نمو تون منهنجي ڀاٽي لڳين پي نه.“
”ها، ڇو ڪونه. مان هوبهو تو جهڙي آهيان نه پڦي“ نمو خوش ٿيندي چيو.
”اڙي نه چري تون جوان ٿيندينءَ ته تون ملوڪ ٿيندينءَ ڏاڍي سهڻي، پوءِ ته مون کي ڀر ۾ بيهڻ به نه ڏيندين.“
”وڃ وڃ مائي ڀيلياڻي ڇو آئي آهين اسان وٽ.“
پڦهنس ٻاراڻي لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو. هن جي لهجي ۾ ڏاڍو پيار اوتيل هئو.
”منهنجي مِٺي مومل ڏسجانءِ تون پوءِ مون کي وساري ويهندينءَ.“ ائين چوندي پڦهنس جي اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي آيا، جيڪي ڳلن تان ڪِرندا نموءَ جي منهن تي وڃي ڪريا.
”اڙي پڦي تون روئين ڇو ٿي- ! ڏسجانءِ مان توکي اصل نه وساريندين. پڦي الله جو قسم.“ نمو پڦيءَ کي ڀاڪر پائيندي چيو.
”نه منهن جي ماءُ مان ان ڪري نٿي روئان. اڄ امان ياد آئي اٿم، ڏس نه هن هيڏي ساري وڏي گهر ۾ مان اڪيلي ٿي رهان. ڏسي اديءَ کي ڪو خيال آهي ته جواڻ ڪنواري ڀيڻ هيڏي ساري وڏي گهر ۾ اڪيلي ڪيئن حياتي گهاريندي هوندي. امڙ هئي، سا به اڪيلو ڪري وئي.“
”پڦي تون نه روءُ ۽ ڏس مان جو آهيان تو وٽ.“
”نه منهنجي ماءُ مان ڪونه ٿي روئان.“ پڦهنس ڳوڙها اُگهي ڇڏيا.
”پڦي تون اسان سان گڏ ڇونه ٿي رهين؟“
”اتي هلي ڪيئن رهان، اباڻو گهر ڇڏيندي دل نٿي چوي مان هت ڄائي نپني آهيان.“
امڙ مون کي هن پينگهي ۾ لوڏيو هوندو. مان هي گهر ڪيئن ويران ڪري هلي وڃان امان جي خيرات جي ماني ڏيندي آهيان.
ادي کي ته اصل خيال ڪونهي.“
”پڦي هن گهر ۾ پڙاڏو ٿو پيدا ٿئي نه. ؟  ڪو..... ڪو .... ڪو.....“ نمو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي. ڏس پڦي هتي ديو رهندا هن نه ......!“
”ها دِيهان نخريلي منهنجو ڌيان هٽائڻ لاءِ تال ٿي ڪرين.“
نموءَ کي ڪتڪتائي ڪڍندي چيائين.
نمو سڄي ٻٽي ٿي وئي ۽ ڪمري ۾ ننڍڙا مٺڙا ٽهڪڙا گونجڻ لڳا.
*          *          *
صبح جو جهونجهڪڙي مهل جڏهن نموءَ جي اک کلي ته نم ۾ جهرڪڙين جو چرٻٽو لڳو پيو هو. هلڪو هلڪو سوجهرو ڇانيل هئو. نموءَ ڀر ۾ پيل کٽ ڏي نهاريو، اِها خالي هئي. هن کٽ جي پيرانديءَ ڏي نهاريو، اتي چپل ڪونه هئي، نمو پيرين اگهاڙي کٽ کان هيٺ لٿي چپل ڪالهه پنهنجي گهر وساري آيس. هوءَ غسلخاني ۾ وئي وٽي ۾ پاڻي اوتي منهن ڌوئڻ لڳي. ٿڌي پاڻيءَ جا اکين کي ڇنڊا هڻي ٻاهر آئي اڱڻ جي پرين پاسي ۾ ڏاڪڻ جي ڀر ۾ هڪڙي ڪوٺڙي هئي. جنهن ۾ اندر کڏ ٺهيل هئو. ڪمري جي وچ ۾ پڇٽي ٺهيل هئي، ان ڪوٺيءَ ۾ پڦيءَ ڪبوتر پاليا هئا. جن جي گُهو گُهو پئي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. ڪجهه ڪبوتر نم هيٺان ساريون پئي چڳيا، نموءَ جڏهن انهن جي ڀر مان اچي لنگهي ته ڪجهه ڪبوتر اڏري وڃي وڻ تي ويٺا ۽ ڪجهه پير پير ۾ هلندي ٿورو پرڀرو ٿي ويٺا، نموءَ پنهنجي پڦيءَ جي ڀر ۾ اچي بيٺي، جنهن تئي تي ماني پئي ٿڦي. هلڪو هلڪو دونهون اڏاڻو پئي. ٻئي چلهه تي ديڳڙي چڙهيل هئي. نموءَ پنهنجي پڦيءَ جي ڀر ۾ ويهي رهي. هڪڙي ماني دٻڪيءَ تي پئي هئي. ان مان ٽڪر ڀڃيندي نمو کائڻ لڳي. چونريءَ مان مهي ڪڍي کائڻ لڳي.
پڦهنس لوڪ گيت پئي ڳاتو.
”ڌؤنرو کاءُ مائي ڌؤرو کاءُ، خان چوي ٿو مکڻ کاءُ“
”پڦي منهنجي سليٽ قلم“
’امان هتي ٽپائيءَ تي رکيا اٿئي.‘
”اڄ تنهنجي پيرن ۾ جُتي به ڪانهي.“
”اها گهر پئي آهي.“
”اسڪول پيرين اگهاڙي ويندينءَ؟“
”ها تڏهن ڇا ڪيان؟“
موٽندي ته تنهنجا تتل واريءَ تي پير سڙندا.
”پوءِ ڇاڪيان اسڪول نه ويندس ته بابا ماريندو.“ سليٽ قلم کڻي هوءَ اسڪول هلي وئي.
ان وقت سج ڪني ڪڍي هئي، هوءَ پهريان مسجد ۾ وئي، جتي روز قرآن جو دور ڪندا هئا ٻار، هوءِ اندر اڱڻ ۾ ڀت سان ٽيڪ ڏئي ٻين ٻارن سان گڏ قرآن پڙهڻ لڳي ۽ اچانڪ نمو جي مٿان لڪڻن جو وسڪارو ٿيو. نمو ان اچانڪ حملي تي بد حواس ٿي وئي. لڪڻ سندس چهري، پٺيءَ ۽ ٻانهن تي وسندا ويا. نموءَ پنهنجو منهن ٻانهن ۾ لڪايو، ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن لڪڻ وسڻ بند ٿيا، ته هن مٿي نهاريو. سندس ساهه مٺ ۾ اچي ويو.
سامهون ”سائين وڏو“ غضبناڪ اکين سان گهوريندي چيو: ”ايڏي دير ڪري آئي آهين مسجد ۾ ٻڌايانءِ ته پڻهين جي جاگير آهي.“ ائين چئي هو هليو ويو.
نمو جي چپن مان رت ٽمڻ لڳو، سندس منهن تي سڄيل نيرا داغ ٿي پيا، هوءَ سڄي ڏڪڻ لڳي هئي. قرآن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
سج جڏهن ڪاني جيترو مٿي چڙهي آيو، ته هن جي مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳا ۽ نمو پگهر ۾ شم لڳي پئي هئي. ٻيا ٻار ڪڏهوڪو ڀر واري اسڪول ۾ وڃي چڪا هئا، هوءَ به ٿڪل قدمن سان ڏڪندي ڏڪندي اسڪول وئي. ان وقت ماستر وڏو شايد نيرن ڪرڻ ويو هو. تنهنڪري نمو وري مار کائڻ کان بچي وئي هئي. چُپڙي ڪري بينچ تي ويهي رهي.
منجهند ٽاڪ جو موڪل مهل جڏهن ٻين ٻارن سان گڏ واپس پئي آئي ته ٻارن زور زور سان رڙيون ڪري پئي ٻڌايو ته ٻوڏ جو پاڻي وڏي بند تائين اچي پهتو آهي.
”هاڻي ته اسان جو ڳوٺ به ٻڏي ويندو، اباڙي ابا“ ٻار تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان نچڻ لڳا.
اڙي ٿُڪَ هجيوَ خوش ٿا ٿيو.”مروان موت ملوڪان شڪار“ ڪريم بخش جيڪو پنجين ۾ پڙهندو هو، تنهن ٻن ٽن ڇوڪرن کي چنبا وهائي ڪڍيا.
”ڀيڻا خوش ٿا ٿيو ٽڪر ڀور لاءِ سڪندؤ“
”اڙي هاڻي تون بس ڪر، هونءَ ڪهڙا ٻوڙ پلاءُ ويٺا کائون. اهو چانورن جي مانيءَ جو ڍوڍو جتي ڪٿي پيو ملندو.
نمو جا پير هاڻي ڏاڍا سڙڻ لڳا هئا، هوءَ پٻن تي هلندي ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ هلندي وئي. تتل واريءَ جي تپش کان ۽ سج جي تکي ساڙيندڙ  اس جڏهن سندس زخميل سوڄ کاڌل منهن تي پئي پيا، تڏهن هن جي اکين مان سور وچان ڳوڙها ٽمڻ لڳا. ٻار جڏهن سڀ ٽڙي پکڙي ويا ته هوءَ تيز ڊوڙندي گهر وئي دروازي تي ڪلف لڳل هو. نمو در جي وٿين مان اندر ڏٺو اڱڻ تي اُس ئي اُس هئي، هوءَ ٿڪل قدمن سان پٺتي موٽڻ لڳي، پوءِ وري ڊوڙندي پڦيءَ جي گهر هلي وئي، ”پڦي پڦي توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءِ“ هوءَ ورانڊي ۾ پهتي ته ان وقت پڦهنس کي پير ۾ جهليءَ جي رسي هئي ۽ سندس منهن تي رئي جو پلاند پيو هو، پڦيءَ کي ننڊ اچي وئي هئي. هن اوچتو ڇرڪ ڀري مٿي نهاريو. پهريان ته ڪجهه سمجهي نه سگهي، پر پوءِ نمو جي سوڄ کاڌل منهن ۾ نهاري چوڻ لڳي.“
”امان مان صدقي وڃانءِ اڙي ڪهڙي ڪميڻي ماريو آهي.“
”ڪنهن به نه “
”پوءِ هي نيرا نيرا ٻَنا ڇا جا آهن.“
”مان ڪري پئي هيس، تڏهن ڌڪ لڳا آهن.“
”نه تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين.“
پڦهنس کيس ڀاڪر ۾ کڻي کٽ تي ويهاريو ۽ پاڻ ٻاهران دلي مان پاڻي ڀري اچي نمو کي ڏنو.
”هاڻي ڳالهه ڪر مٺي سچي توکي ڪنهن ماريو آهي.“
”ماستر وڏي.“
”ڇو تو کي ماريائين.؟“
”سبق ياد ڪري نه وئي هئين.“
نه پڦي مون کي اهو ته ياد هو. دير ٿي وئي هئي مسجد ۾ پهچڻ تي، ان ڪري.“
”اڙي ماستر وڏي جو ته مٿو خراب آهي، ڪهڙو الله ڀڳو ٿي ويو جو تو نياڻيءَ کي ڏنا ڪيا اٿس، هتان لنگهي ته سهي اِهڙي جنڀ هڻندي مانس جو ستن پيڙهين کي ياد ڪندو.
”نه پڦي نه ان کي ڪجهه به نه چئجانءِ. سائين وڏو مون کي ڪهي ڇڏيندو.“
”ڪُهي ڇڏيندو جو انڌن جي خيرات آهي. پر مان ادي کي چوندي آهيان ٻارن کي شهر ۾ پڙهاءِ. هن ملان اسڪول مان نه هوند نه شڪر رهندو به ٻارن کي ماري ماري اڌ مئو ڪن.“
”پڦي تو کي خبر آهي اڄ وڏي ٻوڏ آئي آهي، ٻوڏ جو پاڻي وڏي بند وٽ پهتو آهي.
اسان هاڻي شهر هلنداسين.“
”هان سچ چئه.“
ها پڦي ٻارن ڳالهه پئي ڪئي ته ٻوڏ آئي آهي ۽ سڀ ڳوٺ جا ماڻهو بند تان موٽي آيا آهن. هاڻي سڀ شام تائين لڏي ويندا.
پر پڦي اسان ڪيئن هلنداسين بابا ته آهي ئي ڪونه گهر کي ڪلف ڏنو پيو آهي.
نمو پڻهين شام تائين موٽي ايندو. مان سمجهان ٿي ته ٽيون ڏينهن شام جو توکي نوڪر مون وٽ ڇو ڇڏي ويو. پڻهين ماڻهين کي ماري ڪٽي پوءِ ڪلف ڏئي شهر هليو ويندو آهي، ۽ پوءِ ٽن ڏينهن کان پوءِ شراب جا دنگ چاڙهي موٽندو آهي، اِهو ڪڏهن ڪونه سڌرندو. ڪچيءَ ڪنا نه لڳا سو هاڻي پڪي گهڙي ڇا لڳندا.
هوءَ اندر وئي ۽ چادري کڻي ٻاهر آئي ته مان ٿي هلان تو سان گڏجي. ماڻهين جو الائي ڪهڙو حال ٿيو هوندو، ڀاڄائي ته نائين مهيني پيٽ سان به هئي ادا ته صفا ڪهاري آهي. ماڻهپوئي منجهس ڪونهي.“
ڪنجين جو ڇڳو کڻي نمو سان گڏجي ٻاهر نڪري آئي.
سج نسورو باهه پئي ڇڏي، اصل ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي، نمو پنهنجي پڦيءَ جي پاڇي ۾ لڪندي گهر آئي.
پڦهنس ٻه چار ڪنجيون واري سان ڪلف ۾ هڻي ڏٺيون نيٺ هڪڙي ڪُنجي لڳي ۽ ڪلف کلي پيو.
گهر ۾ سانت لڳي پئي هئي. ورانڊي مان ٿيندي ڪامل صفي ۾ گهڙي.
صوفيا سور کان چِنگهيو پئي. سور کان ننڊ به ڪانه آئي هيس. چولو جڏهن ٽڪر لٿل جسم سان لڳو پئي ته صوفيا کان رڙ نڪري ٿي وئي.
”آه........ مري ويس.“
”تون! ڀاڄائي هي تو کي ڇا ٿيو آهي؟“
سڄي رتو رت لڳي پئي آهين، هن چولو آهستگيءَ سان مٿي ڪيو ۽ رڙ ڪري هڪدم هٿ ڇڏائجي ويس.
مان ته ڏسي به نٿي سگهان، هنن ڦٽن کي ۽ ڀاڪر پائي روئڻ لڳي.
ڀاڄائي ادو ته صفا ڪهاري آهي، ان کان ته توکي هڪ دفعو ماري ڇڏي.
پوءِ هوءَ رڌڻي ۾ هلي وئي، ڪجهه دير کان پوءِ آئي ته سندس هٿ ۾ وٽي هئي. جنهن ۾ ڪٽيل گرم ٿيل سُنڍ ۽ تيل ملايل هو. ۽ وري چولو مٿي ڪري ڪپهه ٻوڙي ڦٽن کي هڻڻ لڳي.
نمو ورانڊي ۾ بيٺي هئي ۽ دريءَ منجهان جهاتي پائي سڀ ڪجهه ڏٺو. ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي.
*          *          *
ٽپهريءَ جو وقت هو. نوڪر اڱڻ ۾ ڇڻڪار ڪري نم هيٺان کٽ ڪڍي ۽ ڀر ۾ ٽيبل ۽ آرام ڪرسي رکي. ٽيبل مٿان ريڊيو ۽ ڪجهه ڪتاب پيل هئا.
هڪڙي ۾ عمر خيام جون رباعيون ۽ ٻيو ڪتاب ڪاليداس جو جڳ مشهور ’شڪنتلا‘ رکيل هو. ان وقت نمو ماءُ جي مٿان جهلي پئي هلائي، ماڻس ۽ پڦهنس کي ننڊ اچي وئي هئي، رکي رکي نمو جي اکين ۾ گهيرٽ ٿي آيا. پر ستت ئي سجاڳ ٿي وري جهلي هلائڻ لڳي. نمو نه پئي چاهيو ته ڪو ماڻس جو آرام ڦٽي، تنهنڪري هوءَ پنهنجي سور کي نظر انداز ڪندي لڳاتار جهلي پئي هلائي.
”اڙي سڀ ڪاڏي مري کپي ويا آهيو.“
سارنگ سڌو ڌوڪيندي اندر آيو، اکيون شراب ۾ ڳاڙهيون لڳيون پيون هيس. وات ۾ ڌپ ۽ هٿن ۾ شراب جي بوتل.
”اڃا پئي ننڊون ڪرين ڪميڻي. منهنجي گهر کي تو پڻهين جي جاگير سمجهيو آهي. ۽ شراب جي بوتل صوفيا جي نرڙ تي وهائي ڪڍي. شيشو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. شراب صوفيا جي رت سان گڏجي هنڌ تي پکڙجي ويو.
صوفيا مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهي. ننڍڙي نمو حراس ۾ اتان اٿي وڃي ڪٻٽ پويان لڪي. گهر ۾ ڄڻ راڪاس گهڙيو هو.
”رنڊي......... چڪلائڻ............ اٿي منهنجو بوٽ لاهه نخرا ڇڏ. مون وٽ اِهي نخرا نه هلندا.“
سارنگ چچريل آواز ۾ گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنو.
صوفيا کٽ تان هيٺ لٿي، سارنگ جي پيرن وٽ جُهڪي بوٽ جون ڪهيون کولڻ لڳي. ان وقت کيس مٿي ۾ ڦيري پئي آئي، اکين اڳيان اوندهه اچي ويس ۽ پيشانيءَ تان رت جا ڦڙا ڪجهه صوفيا جي اکين ۾ پيا ته ڪجهه سارنگ جي بوٽ تي. صوفيا جي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي ۽ دل ڪچي ٿيڻ لڳس ۽ هوءَ سارنگ جي پيرن مٿان ڪري پئي.
سارنگ بوٽ جو ٿڏو سندس زخميل نرڙ تي هنيو.
”اڙي مري وئين ڇا......
آها...... ها..... ڏٺو مري وئي.“
۽ جهومندو ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري آيو.
”هي وري ماءُ جو...... ڇا لاءِ پيو آهي.“ هن ريڊئي کي لت هڻي ڪيرايو.
هن جهُڪي ٽيبل تان ڪتاب کنيو.
اڙي ڪاليداس جي شڪنتلا........... ڪاليداس به وڏو ڀيڻ جو ”...................“ هيو.
ڪوي........ڪلا..........ڪار هون.
سڀ فراڊ آهي. منهنجي شڪنتلا ڏسو رت ۾ ٻڏل آهي، سارنگ ڪتاب کي پري ڦٽي ڪندي چيو، وري هن جُهڪي ٻيو ڪتاب کنيو. ”رباعيات عمر خيام“  خيام دلبر هو.  دلبر مون وانگر عورت ۽ شراب جي شيدائي. ۽ پوءِ سارنگ پاڻ کي کٽ تي اڇلايو ۽ بوٽ سوڌو سڌو سنئون ٿي ٽنگ ٽنگ تي رکي ليٽي پيو عمر خيام جو ڪتاب سندس سيني تي پيو هو.
”مان ٽنگ، ٽنگ تي رکي آهي.... ماڻهو چوندا آهن ته آيل ڀاڳ به موٽي ويندو آهي.
ڀاڳ..... هاها............... ڀاڳ ته منهنجي مٺ ۾ آهي......... تاريخ دان وڏا ڀڙوا آهن......... لکيو اٿن ته:
تيمور هڪ دفعي جهنگ ۾ ستو پيو هو، ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو اگهور ننڊ ۾ ستل هو...... هيو ته...... ها چوان ٿو هيو پوءِ ڇا ٿيو.......... ڌوڙ وڃي پائي تيمور لنگ تاتاري به وڏا ماءُ جا.......... هئا چنگيز خان........... هلاڪو............... باهيون ڏيندا هئا، گهر ساڙيندا هئا...... مائن جي گود اجاڙيندا هئا. رتو ڇاڻ ڪندا هئا............... عورتن سان عياشي ڪندا هئا.......... عياشي ها............. ها عياشي عورتون هونديون ئي ڪرڻ لاءِ آهن. مان به چنگيز خان آهيان. ڏس نمو منهنجي ڊپ کان ڪيئن وڃي ڪٻٽ پويان لڪي ڊڄڻي گداڙي.... ان ڪميڻيءَ  کي به مون وٽ ڄمڻو هو. هراسيل اکيون کڻي گهمندي وتندي آهي ڪنڌ جهڪائي......... اڙي تيمور لنگ ته ستو پيو هو جهنگ ۾....... پوءِ مان ڇو کٽ تي ستل آهيان................ هن کي ڪنهن درويش زور سان ٽنگ تي لٺ وهائي ڪڍي هئي........... تڏهن منڊو ٿي پيو هو....... درويش مون کي ڇو ٿو لٺ هڻي، تيمور منڊو ٿيو هو پوءِ بادشاهه ٿيو هو. تيمور کي درويش لٺ هڻي سجاڳ نه ڪري ها ته تيمور جي ماءُ کي سلطنت ملي ها. تاتاري وڏا ماءُ جا ڀڙوا هيا.................. ٿُو..... آخ ٿُو............“ سارنگ هوا ۾ بجو ڏيندي چيو ٿڪ اڇلائي............. درويش چيو هوس ته تون ٽنگ ٽنگ تي رکي نه سمهندو ڪر، آيل ڀاڳ به موٽي ويندو آهي. تنهنجي ڀاڳ م بادشاهي کيل آهي. تون وڏو شهنشاهه ٿيندين......... پوءِ تاتارين دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو............. چؤطرف رت ۽ باهه جا الا پکيڙيا هئا............ ها.......جڳ مگ ديپ جلايا.............. دنيا تي دانگي ملي ڇڏي....... انساني تهذيب تي ڪارنهن ملي........ شيطان.... انهن تاتاري شيطانن جو دنيا وارن ڪهڙو آڱوٺوپٽي ڪڍيو.... جو منهنجو پٽي پٽي ڪڍندا..... مان ته رڳو صوفيا کي ٿو ماريان هوءَ منهنجي زال آهي، ڀلي ماريانس منهنجي مرضي آهي دنيا وارا منهنجو ڪهڙو آڱوٺو پٽي ڪڍندا.....
مان شراب ٿو پيان، ڀلي پيان.... رنون ٿو گهُرايان، منهنجي مرضي، هي مُعاشرو مرد جو جوڙيل آهي، هتي مرد کان ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي، سڀ مرد تاتاري آهن، پنهنجي اندر ۾ ابليس کڻي گهمندا آهن....... مان به وڏو شيطان آهيان، سڀاڻي مون کي ڪا ٻي ڇوڪري وڻي وئي ته صوفيا کي چوٽيءَ کان گهلي لتون هڻي ڪڍي ڇڏيندس. ماڻهو مون کي ڪجهه نه چوندا.... ماڻهو منهنجو ساٿ ڏيندا صوفيا کي ڌڪاريندا.... ٿُو ٿُو  ڪندا... کِلندا ته پڪ ئي پڪ يار سان ڏٺو هوندئين.“
”صوفيا......... صوفيا............“
سارنگ وڏي رڙ ڪئي.
”رنڊي چڪلائڻ.............. ڪاڏي گم ٿي وئين؟“
مري وئي..... چڱو ٿيو مري وئي........ هو جهومندو اٿيو ۽ هُو بڪندو ٿڙندو ٿاٻڙندو ٻاهر نڪري ويو.
*          *          *
اڌ رات جو در کڙڪيو صوفيا هونءَ پٽ تي پئي هئي، ڪمري ۾ گگهه اوندهه هئي ٻاهر اڱڻ ۾ چوڏهين جو چونڊ کڙيل هو. چنڊ جا شيتل ڪرڻا ڌرتيءَ مٿان ٿي ڪِريا ڄڻ چانڊوڪيءَ جو آبشار جبلن مٿان وهندو ڌرتيءَ تي پکڙجي ويو هجي. ورانڊي ۾ بتي پئي ٻري، صوفيا ورانڊي ۾ آئي ته نمو کي کٽ تي ستل ڏٺائين، سندس ٽنگون کٽ کان هيٺ گوڏن تائين لڙڪيون پئي، چنڊ جي هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ به سندس چهري تي پيل نيرا ٻَنا چٽا نظر ٿي آيا. هوءَ نموءَ جي ڀر مان لنگهندي اڱڻ ۾ ٻاهر نڪري آئي، در تي اچي هن پڇيو، ”ڪير آهي.؟“
”مان آهيان صوفيا.“ صوفيا کي به پڪ هئي ته اهو سارنگ ئي هوندو. ننڊ ۾ به سندس ڪن سارنگ جي در کڙڪائڻ جي انداز کي سڃاڻي وٺندا هئا. سارنگ آڱر کي ٻٽو ڪري پوءِ ڏوڏن سان در تي هلڪي انداز سان ”ٺڪ.... ٺڪ ڪندو هو.“ صوفيا سارنگ جي اوسيئڙي ۾ هوندي هئي، اڌ جاڳيل اڌ سُتل. در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز صوفيا جي ڪنن لاءِ اوپرونه هو. ڄاتل سڃاتل آواز هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ لڪل هو. تڏهن ئي ته گهري ننڊ م ستل هوندي هئي ته هڪدم ڇرڪ ڀري اٿندي هئي. پوءِ در تي وڃي پڇندي هئي.
”مير آ....؟“ اِهو ڄاڻندي به ته هو پڪ سارنگ ئي هوندو. بس دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ ته متان ڪو اوپرو ماڻهو نه هجي. هوءَ ڏاڍو هراسيل هوندي هئي. هن در لاٿو ۽ سارنگ صوفيا ۾ نهارڻ بنا کٽ تي اچي ليٽيو.
صوفيا پيرانديءَ کان بيهندي ٿورو نوڙي سارنگ جي بوٽ جون ڪهيون کوليون ۽ بوٽ لاهي هيٺ ڌرتيءَ تي رکيو ۽ پوءِ جوراب لاهي ڇنڊي تار تي وڌا ته ڪجهه وائکا ٿين. پوءِ هوءَ وڃڻ لڳي.
”ڪاڏي ٿي وڃي.؟ مون کي زور ڏي. هن صوفيا جو هٿ پڪڙي ڀر ۾ ويهاريندي چيو.
اچان ٿي، هوءَ کٽ تان اٿي وڃڻ لڳي. سارنگ هن جو وري هٿ جهلي ورتو ۽ سٽ ڏيئي ويهاريندي تيز لهجي ۾ چيو.
”مان توکي آهيان نه....... چوانءِ ٿو زور ڏي. ٻڌين ڪانه ٿي ڇا؟ گهُري ٿي موچڙا کائين. پوءِ وري وري مِسڪندي وتندي آهين. ٻليءَ  وانگر ميڪ ميڪ ڪندي آهين.“
”مان اچان ٿي نمو ورانڊي ۾ کٽ تي سُتي پئي آهي. هيٺان هنڌ به ڪونه اٿس. سڄي پگهرجي وئي آهي، ان کي به ٻاهر کڻي اچان.“
چڱو هاڻي بڪ بند ڪر، مون کي شرافت سان ويهي زور ڏي. اڃا ڪالهوڪا به ڦٽ ڪونه ڇٽا اٿئي، وري ٿي موچڙا موچڙا ڪندي وتين.“
سارنگ جاڳيو پئي. پر صوفيا کي زور ڏيندي ڏيندي ننڊ اچي وئي هئي ۽ سندس منهن سارنگ جي ٽنگن تي پيل هئو.
سارنگ آهستگيءَ سان اٿيو ۽ صوفيا کي کٽ تي ليٽايو. پوءِ هن جون ٽنگون سڌيون ڪيون ۽ سارنگ اندر ورانڊي ۾ ويو. بتي کڻي نمو جي منهن ۾ نهاريو.
نمو جي ڳلن تي نيرا نيرا ٻنا ڏٺا.
هن بتي ٿورو وڌيڪ ويجهو جهلي غور سان نمو جي منهن ۾ نهاريو. پوءِ هٿ کان جهلي ٻانهن ۾ نهاريو. اڙي هي نيرا ٻنا نمو جي جسم تي ڪٿان آيا، مون ته رڳو صوفيا کي ماريو هو. پوءِ هي نيرا سوڄ کاڌل ڳل ۽ ٻانهون نمو جون ڪيئن ٿيون. ڪٿي اڃا ته نشي ۾ ڪونه آهيان، سارنگ ٿورو ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. هلڪو هلڪو خمار برابر هيس پر سندس هوش حواس بلڪ ٺيڪ هئا.
”ڪنهن ماءُ جي.......... هن کي ماريو آ............؟“
ماڻس....... اونءَ هون............... ماڻس ته پاڻ بي هوش ٿي وئي هئي. هلڻ کان هلاڪ سارنگ ورانڊي مان ٻي کٽ ڪڍي اڱڻ ۾ رکي. اندران ڪمري مان هنڌ کڻي آيو، کٽ تي وڇايو ۽ ٻه وهاڻا به اندران کڻي آيو. پوءِ وڃي نمو کي اندران کڻي اچي کٽ تي سمهاريو ۽ پاڻ سگريٽ ڪڍي پيئڻ  لڳو. دونهون هلڪا هلڪا ڪڪر چانڊوڪيءَ ۾ عجيب پراسرار نموني ڦهلجي ٿي ويا. هو ڳچ وقت چنڊ ۾ نهاريندو رهيو.
نمو جي ڀر ۾ ليٽيل هئو ۽ پوئين پهر ۾ کيس ننڊ اچي وئي.

1 comment:

  1. ھا ھا ھا. تاتاري به وڏا ما، جا چ ھ،يا

    ReplyDelete