Thursday, March 28, 2013

اُجرو من - نسيم ٿيٻو

اُجرو من
نسيم ٿيٻو
اڄ دل چاهيو هيو ته تو وٽ اچان، دل جا سڀ وهم وساري، سڀ جڳ جا ٻنڌڻ ٽوڙي تو وٽ هلي اچان! ۽ تو ۾ سمائجي وڃان: تو وٽ اچي نه سگهان، ته اتي بيهي رهان، جتان تون لنگهندو آهين. ائين به ڪري نه سگهان ته توکي ڪوئي سنيهو موڪليان پر ڊپ لڳم ته تون ڪاوڙجي نه پوين ۽ مون کان نفرت نه ڪرڻ لڳين، ان ڪري دل جا سور دل ۾ سانڍي ماٺ ٿي ويس. ان سانت منهنجي اندر کي ڳاريو هو. مان ڏاڍي اداس ٿي وئي هيس. ڪوئي ته رستو به نه هو تو تائين پهچڻ جو!

ڪڏهن قسمت پنهنجو دان ڏيندي هئي ۽ واٽ ويندي تون ڏسڻ ۾ ايندو هئين تڏهن منهنجي من جو ديس اجڙي ويندو هو. منهنجي منهن تي اذيت جا پاڇولا تري ايندا هئا، ان ڏينهن به ائين ٿيو ڏهن سالن کان پوءِ مان توکي ايڏو ويجهو ڏسي سگهيس. هاءِ ڏک ۽ خوشيءَ جا پراڻ منهنجي سڄي وجود تي ڇانئجي ويا. تو مون سان ڳالهايو به ڪونه! مون کان ايڏي نفرت! پوءِ به ڄڻ مون کي سرڳ ملي ويو هو!!
تون مون کي وساري پنهنجي دنيا ۾ خوش رهڻ لڳو هئين. تون منهنجي پراڻن کي ٺينس پهچائي رمندو هليو وئين. تنهنجي هستي منهنجي اکين ۾ سمائجي وئي هئي. ڪيترا ڏينهن ڪيترا پلَ منهنجي ساهن ۾ رچجي ويو هئين. اهو سڄو ڏينهن مان خوش هيس. تنهنجي هستيءَ جا پاڇولا منهنجي نيڻن جي ساگر ۾ جهولي رهيا هئا. جڏهن به ائين ٿيو آهي، ته ڄڻ مون کي ڪل ڪائنات ملي وئي هجي. ان رات مان تارن جي جهرمٽ هيٺان اچي ستس، تنهنجي باري ۾ سوچيندي صبح ٿي ويو. صبح جا چار وڳا ۽ پوءِ پرهه ڦٽي تارن جو جهرمٽ آهستي آهستي ڌنڌلو ٿيو ۽ پوءِ گم ٿيڻ لڳو. تارا آسمان ۾ ڪيئن اڀري ايندا آهن ۽ ڪيئنَ گم ٿيندا آهن، اهو نظارو مون ان رات ئي ڏٺو. ائين لڳو ڄڻ اڌ تارن جو جهرمٽ تنهنجي گهر ۾ گم ٿيو ۽ باقي اڌ تارا اتر قطب ۾ گم ٿي ويا.
ڪنهن مون کان پڇيو ته ”ڪالهه توهان جي منهن تي ايتري اذيت ڇو هئي؟ لڳو ٿي ڄڻ توهان جي دنيا اجڙي وئي هجي!“ مون ان کي جواب ڏنو هو .دل جي دنيا اجڙي ته هئي پل ڀر لاءِ من جي آڪاش تي ڪروڙين تارا چمڪيا هئا ۽ جيڪي سڀ جا سڀ ڪاري ٻاٽ اوندهه ۾ گم ٿي ويا ۽ پويان مون لاءِ ڪاري رات ڇڏي ويا. من جي ڌرتيءَ تي سوين گل ٽڙيا هئا، جنهن جي لاءِ ڄاتم ٿي ته پل ڀر ۾ ڪومائجي وڃڻا آهن. من جي آڪاش تي سوين تارا جرڪيا هئا، ڪير ڪيئن ڄاڻندو ته دل تي ڇا گذريو هو!؟ ڄڻ پل ڀر لاءِ مون کي ڪائنات ملي وري ڦرجي وئي هئي!!
اڄ آسمان ڪڪرن سان ڀرجي آيو هو، اهي ڪڪر تنهنجي گهر مٿان به ته هوندا ۽ تو به انهن کي دل ڀري ڏٺو هوندو! گهڙي رکي ڌرتيءَ تي رم جهم ٿيڻ لڳي هئي مون سوچيو هو ته اها برسات جي رم جهم تنهنجي گهر ۾ به ته ٿي هوندي ۽ ان ڪري تنهنجي منهنجي وچ ۾ مينهن جي ڦڙن ۽ ڪڪرن ناتو جوڙيو هو، تنهن ڪري مون برسات کي ڪي پهر ويٺي ڏٺو. منهنجي اکين ۾ مينهن سان گڏ تون به وسڻ لڳو هئين. برکا رت مون لاءِ سنديس آڻيندي آهي، پيار جو سنديس! مون پهرن جا پهر مينهن ۾ ويٺي نهاريو، اڄ منهنجو يار وسڻ جا وس ڪري آيو هو سو دل ورچجي ئي نه پئي! وڏ ڦڙن مان ائين ٿي لڳو ته اهي ڪڪر آسمان تي نه پر منهنجي دل جي وشال آڪاش تي مڙي آيا هئا. جيئن ڪارا ڪڪر وسڻ بند نه پيا ڪن تيئن ڌرتيءَ سان گڏ مون کي به جل ٿل ڪندا پيا وڃن. تڏهن مون دل جا در تو لاءِ کولي ڇڏيا هئا. مون کي اها پوري ريت خبر هئي ته تون اچڻو ناهين پوءِ به اکين ۾ اوسيئڙا سمائجي ويا آهن، من ۾ سوين گل ٽڙي پيا هئا. مينهن سڄي رات وسندو رهيو. برکا رت سڄي رات ڌرتيءَ کي بوندن جو آشيرواد ڏنو. منهنجي دل به تو لاءِ سڄي رات رئندي رهي هئي. تنهنجي هستي هر شيءِ مٿان وکريل هئي. تون مون وٽ نه هئين ته ڇا ٿي پيو؟ تنهنجي مهڪ هر شيءِ ۾ رچيل هئي. قدرت جي سونهن مون مٿان ڇانيل هئي ۽ تو مٿان به. انڪري تون مون کان پري هوندي به تمام گهڻو ويجهو هئين، ساهن جيترو ويجهو. چريا توکي ڪهڙي سڌ ته توکي ڪيئن مون ساهن جيئان سال سانڍيو آهي. منهنجي ياد منهنجي نگاهن تنهنجو هر هنڌ پيڇو ڪيو آهي.
تيز برسات ۽ تکين طوفاني هوائن مون کي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو هو. ان ڏينهن مون کي گهر ۾ سک نٿي آيو. دل ۾ سور جون سٽون پئي اڀريون، مان پنهنجو گهر ڇڏي تو وٽ هلي آيس. تنهنجي گهر وٽان اچي لنگهيس ۽ مون ٻه ڏينهن لڳاتار ائين ڪيو. تنهنجا نه سهي تنهنجي آشياني جا درشن ٿي وڃن، جنهن ۾ يادون دفن ٿيل آهن. منهنجي پيار رنگ لاتو. اتفاق سان تون ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي گهر جي اڳيان ئي بيٺل هئين. توکي ڪجهه ياد آهي ته تو چيو هو ته ”جڏهن تون ايندين آهين ته مان هن دريءَ مان توکي ڏسندو آهيان، جيسين تون نگاهن ۾ رهندين آهين ۽ پوءِ وقت جو اندازو لڳائي مان هت در جي ڀر ۾ اچي بيهندو ڇٻر کي پاڻي ڏيڻ جي بهاني جيئنءَ توکي اُس ۾ در تي گهڻي دير بيهڻو نه پوي.“ ۽ تون جو اُس ۾ بيهي سڙندو رهندين هن جو ڀلا مون کي ڏک نه ٿيندو؟ مان تو وٽ اچي ويندس. ٿوري دير يا سوير.
ان رات آسمان جرڪي پيو هو. اجرو اجرو آسمان ڪيترو نه حسين لڳي رهيو هو. منجهس چنڊ کڙي آيو هو. تارن جي جوت ڌنڌلي هئي تنهنجي ياد وانگر ائين ڇو آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي ياد سج وانگر تکي ٿي ويندي آهي ۽ سڄي سرير کي ساڙيندي آهي ۽ ڪڏهن مٺي مٺي شيتل هردي ۾ پيهي ويندڙ. ڪڏهن گلن جي سرهاڻ کڻي ايندي آهي، ڪڏهن ڪنڊن جي چڀن اها ياد اک ٻوٽ ڏهن سالن کان لڳاتار هلي رهي آهي. ڪاش هڪ وار وسري وڃي ها ته پنهنجي جيون کي سنواريان هان!! ڪوئي منهنجي جيون ۾ آيو به پر جڏهن به ان ۾ نهاريندي آهيان ته نگاهن ۾ تون سمائجي ويندو آهين ۽ مان ان وقت ڏور ڪنهن ڏوراهين ڏيهه ۾ پهچي ويندي آهيان جتي فقط تون ۽ مان هوندا آهيون، تڏهن ئي ته جڏهن مان هن جي سيني تي منهن رکندي آهيان ته مٺي مٺي مرڪ سان ۽ گهرين اداس نگاهن سان تون اچي سامهون بيهندو آهين. هاڻي من اندر اجڙيل پيار جا محل پل ڀر ۾ اچي پٽ تي ڪرندا آهن ۽ مان پاڻ کي ڪنهن ويرانيءَ ۾ واريءَ جي دڙي تي ويٺل نظر ايندي آهيان چئو طرف ويرانو وکري ويندو آهي. رنج ئي رنج برپٽ ئي برپٽ. تنهنجي مٺي مٺي ياد پل ڀر ۾ من ۾ سمائجي وري هميشه لاءِ گم ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ من کي ڇاٿي ويندو آهي سڄي ڪائنات جرڪي پوندي آهي تنهنجي ياد ۾. تنهنجي ياد ۾ ته الائي ڇا آهي جو پل ڀر ۾ سڀ ڪجهه وسري ويندو اٿم. منهنجي هستي مٽجي ويندي آهي. چوندا آهن ته سچيءَ دل سان ڪير ڪنهن کي ساري ته اها ياد دٻيل قدمن سان ان وٽ هلي ويندي ۽ تڙپائيندي پر تو سان ائين به ڪونه ٿو ٿئي!؟ ڇو ته تنهنجي سيني ۾ دل ڪانهي پٿر آهي. پر اها ڳالهه چڱي ته ناهي جنهن تي تون فخر ٿو ڪرين!؟
برکا رت پيرن ۾ پايل پائي ڇم ڇم ڪندي آهي ۽ پيار جي گهاگهر ڇلڪائي وئي. ڪن جي پياس ٻجهي ۽ کي وڌيڪ پياسو بڻائي وئي. مينهن سڄي رات وسيو سڄو ڏينهن وسيو. مون ان ساڳئي هنڌ تي ويٺي برسات ڏٺي. ڀر ۾ ريڊيو پيو هو ۽ آل انڊيا تان گيت هلي رهيو هو.
”خوشي ڪي آس هي رهي اور خوشي نا هئي
مين ديکهون چاند چمڪتا هو رات هي نا هئي.
اندهيري رات ٿي تاري نه چاند اور نه چراغ
جلاني بيٺي جو دل ڀي تو روشني نا هئي.
يه دل ڪا زخم ڀي هوتا هي ڪتنا گهرا زخم
جتن هزار ڪيئي درد ۾ ڪمي نه هوئي.
بهارين اب ڀي چمن ۾ مسڪراتي تو هون گي
.......................................................... بهار هي نا هئي
ان ڏينهن منهنجي دل سان ڪجهه ائين وهيو واپرايو هو تو لاءِ مون ڪارن ڪڪرن کي سنهيو ڏنو هو، تارن سان تنهنجون ڳالهيون ڪيون هيون. گلن منڊل تي جي سوين رنگ وکريا هئا، مون انهن سان تنهنجون ڳالهيون ڪيون هيون. توکي ته فقط ڳاڙهو ۽ گلابي رنگ وڻندو آهي نه؟ مون ته پنهنجي جيون جا سمورا رنگ نڇاور ڪيا آهن جن کي تون سميٽي نه سگهيو آهين. هندستان جي پراڻن گيتن ۾ انسان ذات جي پوري تاريخ دفن ٿيل آهي. انهيءَ تاريخ کي مون پاڻ ۾ سمايو آهي. هندستان جي گيتن ۾ ڌرتيءَ جا راز دفن ٿيل آهن. انساني جذبن جا راز سچ ته اهو آهي ته جي هندستاني گيت نه هجن ها ته اڄ مان نه هجان ها!! ها ته ان ڏينهن برکا رت پيرن ۾ پايل ٻڌي هئي منهنجي ۽ تنهنجي اڱڻ تي ناچ ڪيو هو، ۽ مون به پوءِ پيرن ۾ پايل ٻڌي هئي. پايل جا موتيءَ جا داڻا ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ مون ڪو پهر ناچ ڪيو هو. تون چوندو هئين نه ته ”اسان ٻئي گڏجي ڳائينداسين.“ تون مون لاءِ دل جا دريچا بند ڪري سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهين پر مون کان ڪجهه به نه آهي وسريو. مان اڪيلي ڳائيندي آهيان پهرن جا پهر تون چوندو هئين ته ”مان ڪو ڪو گيت جيڪو دل کي ڏاڍو وڻي وڃي اهو سوين وار ٻڌندو آهيان.“
مان به ائين ڪندي آهيان. الائي ائين ڇو آهي جو تو ۾ ۽ مون ۾ گهڻي هڪ جهڙائي آهي. تنهنجي سيني ۾ دل ڪانهي پٿر آهي ۽ منهنجي سڄي جسم ۾ پٿر ڀريل آهن پر پوءِ به مان ڏاڍي نرمل ۽ ڪومل آهيان مون ناول لکيو آهي. ناول جي ارپنا تو سان منسوب ٿيل آهي. ناول جي پهرين صفحي تي تنهنجي چيل هڪ سيٽ لکي ڇڏي اٿم.
Don’t do that there is nothing left behind us.” پر مان توکي اهو “There is every thing behind us”. ٻڌائڻ آئي آهيان ته تو ائين چئي پنهنجي ڪلهي تي رکيل هٿ هٽايو هو ۽ دل جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. مون کي اڄ به سمجهه ۾ ڪونه آيو آهي ته تو ائين ڇو ڪيو؟ آخر ته مان توکي ڏاڍي پياري هيس!! توئي ته چيو هو ته ”مٺي ائين ئي پيار نه آهي مرندو“ پر تو ان کي ماري ڏيکاريو، ڇو ته زندگيءَ جو امرت توکي نه وڻيو ڇو ته تون موت جي ڪڙاڻ ۽ بدصورتي پيئڻ جو هيراڪ آهين: توکي حياتيءَ جي خوبصورتي نه وڻي پر پوءِ به منهنجو منهنجو من تو لاءِ ايڏو ڀٽڪيو. مون ته تنهنجي پالتو ڪتن سان به پيار ڪيو!!! تون پاڻ به ڪتو آهين ۽ مون کي چٺ سمجندو آهين! سچ ته تو ۾ جيڪي ڪتي واريون عادتون آهن، اهي مون کي ڏاڍو وڻنديون آهن. تون جو رٺل روح لڳندو هئين ۽ سڄي جڳ کان رٺل پر هاڻي تون رولو ڪتي وانگر رلندو وتندو آهين. دل ۾ نه ڪجان اهو سڀ ڪجهه مان ڏاڍي ڏک ۽ نراسائيءَ وچان پئي چوان. اٿاهه پيار مان تو پاڻ کي ڪتو ۽ مون کي ڪتي بڻائي ڇڏيو آهي. سياري جي آمد هجي، اهو دور 1977ع جو هو. مون کي وساري توکي پورو سال گذري چڪو هو. تو مون کي ڇڏي ڏنو ۽ مان بيمار ٿي پيس تون پڇڻ به ڪونه آئين؟ موت ۽ حياتيءَ جي جنگ ۾ ڦاٿل هئس ۽ اڄ به آهيان. تون پوءِ به ٻه پير ڀري مون وٽ نه آئين.
ٻارنهن سال اڳ مون ٻه خواب ڏٺا هئا، پهريون خواب هيئن هو.
”مان هڪ هنڌ بيٺل آهيان بلڪل اڪيلي. منهنجي ڀر ۾ هڪ خوبصورت تلاءُ آهي ان تلاءُ ۾ ڏاڍو صاف ۽ شفاف ٿڌو پاڻي آهي. ان وقت تون رستي تان اچي لنگهيو آهين ۽ تون مون کي ڏسندو ٿو وڃين. تون پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺل آهين کير جهڙي اڇي گاڏيءَ ۾ جنهن کي تون مخصوص ۽ ڌيمي انداز ۾ هلائي رهيو آهين. مان اتي ئي بيٺل آهيان ته تون وري اچي لنگهيو آهين. رستو سنسان ۽ ويران لڳو پيو آهي ۽ پوءِ گاڏيءَ مان لهي تون منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺين ۽ گ هڙي رکي تو مون سان ڳالهايو ”تون هت اڪيلي بيٺي آهين ڇو؟“
”مان اڪيلي ڇو آهيان!“
”مون سان گڏ هلندينءَ!؟“
”ها!“
پوءِ منهنجو خواب ٽٽي ويو ۽ مان پاڻ کي اڪيلو اتي تلاءُ جي ڀر ۾ ڏٺو.
مون توکي وري سپني ۾ ڏٺو، ڏسان ٿي ته مان گهر ۾ اڪيلي آهيان گهر ۾ صفائي ٿي ڪيان. تون گهر کان ٻاهر گاڏيءَ تي بيٺو آهين، ٻاهر اُس ڏاڍي تتل آهي. تون مون کي سڏين ٿو پر مان توکي چوان ٿي ته ٿورو ترس مان صفائي ڪري اچان ٿي. پر پوءِ تون گهڻي دير ترسي ڪونه سگهئين ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي هليو وئين: اهي ٻئي خواب مون تڏهن ڏٺا هئا جڏهن مون اڳي توکي ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو ۽ جڏهن ڪجهه ڏينهن کان پوءِ توکي ڏٺم هو بهو سپني ۾ ڏٺل انسان جهڙو هئين. مان اڄ به حيرت ۾ آهيان ته اهو سب ڪجهه ڇا هو؟! جڏهن تون مون سان مليو هئين ته مون کي ڄاتل سڃاتل لڳو هئين. لڳيم پيو ته تو سان ڪنهن جنم ۾ ڪو ناتو رهيو هوندو. اهي افسانوي ڳالهيون ناهن پر سورهن آنا سچ آهي. مون کي اڄ به سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو ڪهڙو ناتو هيو جو مان هڪ اڻ ڏٺل انسان کي سپني ۾ ڏٺو جيڪو پوءِ منهنجي حياتيءَ تي ڇانيل آهي. تو مون کي ڇڏي به ڏنو. جنهن جي مون کي اڳ ۾ ئي آشا هئي ڇو ته مون سپني ۾ ائين ٿي ڏٺو هو.
اڄ ٻارنهن سالن کان پوءِ مون وري هڪ سپنو ڏٺو ته هڪ گول چبوترو آهي جنهن جي چؤطرف پاڻي آهي. ڏاڍو صاف ۽ شفاف شيشي جهڙو. ان ۾ پکي ترن ٿا. اهي پکي گڏجي هڪ هندستاني گيت ٿا ڳائن. اهو گيت مون کي چڱيءَ طرح ياد ناهي ڪجهه هن ريت هيو ته ”هم پنڇي ايڪ ڊال ڪي.......“
ان چبوتري جي اولهه طرف هڪ بند دروازو آهي. دروازو ڏاڍو قديم دور جو هو مان ڏاڍي وياڪل آهيان ۽ سوچيان ٿي ته تو تائين ڪيئن پهچان؟ ڇاڪاڻ ته بند دروازي ۽ منهنجي وچ ۾ چبوترو ۽ پاڻي آهي، پوءَ مان ڀٽڪي ٿي وڃان پر پيچ گهٽين ۽ غليظ گهٽين ۾، ۽ خواب ٽٽي ٿو پوي. پکين تي ياد آيو هت منهنجا Practical انسان ته توکي اها ته سڌ هوندي ته ٻه پکيئڙا چهنب ۾ چهنب ملائي پهرن جا پهر وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺا هوندا آهن. تون پنهنجي لغت ۾ ان کي ڪهڙو نانءُ ڏيندين!؟ اهي پکي فطرت جي لالچ کان گهڻو ڏور پاڻ ۾ کويل هوندا آهن، ٻڌاءِ تون ڪهڙو نانءُ ڏيندين.........؟!
مان به پکيئڙو آهيان منهنجي ڳچيءَ تي طوطي وانگر ڪنٺيون يعني ريکائون ٺهيل آهن. چوندا آهن ته جنهن جي ڳلي تي ريکائون هونديون آهن، انهيءَ جو آواز ڏاڍو مٺو هوندو آهي......... ها نه-. !؟--.  ها نه- جي پويان هڪ ڳالهه ٿي ياد اچي، شايد توکي ياد هجي، پر تون مون کي وساري ويٺو آهين سو منهنجون ڳالهيون توکي ڪٿي ياد هونديون!؟؟ مان ئي چري آهيان اجايو..... هانه. !؟ چئه ”ها— مٺي!!“ ائين چئي اکين ۾ پيار جون ريکائون ڀري ڇڏيون. جيئن گهڻا سال اڳ منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪيو هيئي. ان وقت تو سوچيو هوندو ته هيءَ ته ڪا بنهه چري ٿي ڏسجي! منهنجو جيون بس ڪجهه هن گيت وانگر گذري رهيو آهي. مان اڄ به چرين وانگر تو لاءِ سوچيندي آهيان.
بي بن سو ري پت جهڙ جيون ميرا،
تم بن هين يون جل بن ندي
مين سوني يون بنا سانوريا
اورون کي تو رات اندهيري
پر ميرا تو هي دن ڀي اندهيرا
آئي مدهر رت بسنت بهار ري
پهول پهول پر ڀنورا گون جت
سکي آئي نويسين ڀنور همار
سب لگ نين دوار سجائون
ديپ جلائون ديپ بجهائون
سب لگ ڪرون سنگهاري
آئي مدهه رت بسنت بهاري.
اڄ مان سوچان ٿي ته پل، جڳن ۾ ڪيئن سمائجي ويندا آهن ۽ جڳ ڪيئن پلن ۾ وکري ويندا آهن. سا به مون کي هاڻي ٿي خبر پوي ته هيءَ ڪائنات ڏاڍي پراسرار آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ نه سمجهه ۾ ايندڙ دلين جو ناتو.
سياري ۾ مون هڪ ٻيو به سپنو ڏٺو، سڄو ته ياد نه اٿم بس هڪ ٽڪر ياد اٿم ته تو مون کي پري کان چاٻين جو ڇڳو اڇلائي هنيو آهي، جيڪو ٽي ٽڪر ٿي پيو آهي ۽ منهنجي مٿان وکري ويو آهي. پوءِ جيئن ئي منهنجي اک کلي ته منهنجي چپن تي هڪ گيت تري آيو، گيت جا ٻول ڪجهه هن ريت آهن. ”ڪوئي ديکهي سنديسا دل ڪا، هائي دل لوٽ گيا هائي لوٽ گيا.“
مون کي پوريءَ طرح ياد ناهي ته اهو گيت مون سپني ۾ ڳاتو يا جاڳندي! هڪ دفعي تو چيو هو ته ”مٺي تون ته ڪا ڏاڍي ستايل ٿي ڏسجين. تون ته ڪا ڏاڍي جذباتي آهين“—ها اهو سچ آهي ته مان ڏاڍي جزباتي آهيان ۽ اوڏائي مون کي جذبات کان وانجهيل ماڻهو مليا آهن. هر دفعي قسمت مون کي مات ڏئي ويندي آهي.
تنهنجي سيني ۾ دل ڪانهي پٿر آهي ۽ تون بي رحميءَ منجهان ٿڪجي پيو آهين. مون توسان ڪائي بي وفائي ناهي ڪئي، اهو تنهنجو وهم آهي. مان پنهنجي دل جي سمورين سچائين سان توسان گڏ آهيان. مون انسان جي آتما تي تجربو ڪيو آهي، بس اهو ڏسڻ چاهيو آهي، ته پيار مري نٿو ۽ پيار ۾ شرط نه هوندا آهن. منهنجو انهيءَ سِٽ تي پورو وشواس آهي. اها سٽ منهنجي روح ۾ رچجي وئي آهي ۽ منهنجي حال، مستقبل ۽ ماضيءَ تي ڇانيل آهي. پيار ۾ ڪيتري شڪتي آهي بس ديوتا اهو ڏسڻ پئي چاهيو تون سچ ته ان کي بي وفائي نه سمجهه.
قدرت جون بي  رحم قوتون پيار جي شڪتيءَ اڳيان بيوس آهن، مون هن ڌرتيءَ کي پيار جي ڪومل ڪومل جذبن کان وانجهيل رهي نه ڏٺو آهي. هن ڌرتيءَ کي سون ورنو ڏسڻ چاهيو آهي.
اڄ ڌرتيءَ تي ڳاڙها گلابي گل ٽڙيا آهن ۽ چؤطرف انهيءَ جي سرهاڻ آهي، مهڪ آهي. ان ۾ تون آهين، ان ۾ مان آهيان. هن جڳ جا سمورا سچا انسان آهن.
هڪ دفعي تون مون وٽ ويٺو هئين ان پل منهنجون ننڍڙيون ڌيون ڪمري ۾ گهڙي آيون، تو چيو ”هنن کي ڪڍي ڇڏ!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مون جهٽ ڏئي هنن ٻنهين کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. ان وقت تون مون کي صفا ڪونه وڻيو هئين. مون کي لڳو تون رڳو منهنجي سرير کي ٿو چاهين ۽ منهنجي آتما کي نه، توکي منهنجي سرير جي بک آهي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مان تنهنجي ڀر ۾ ويٺل هيس ته تنهنجو پٽ ڪمري ۾ آيو. سچ پڇين ته مون کي هن تي ڏاڍو پيار آيو ڇو ته هن ڪپڙي سان ٽيبل پئي صاف ڪئي. مون کي محنتي انسان وڻندا آهن، سو هي ننڍڙو انسان پنهنجي پتڪڙن هٿن سان ٽيبل صاف ڪري رهيو هو. تو گذريل ڳالهه جو بدلو وٺڻ لاءِ پنهنجي پٽ کي چيو.
”ابا تون ڇو ٿو ٽيبل صاف ڪرين، آ هت اچي ويهه.“ مون کي تڏهن توتي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. تنهنجي اها پيار  سان ٽماٽار سٽ وڻي به ڏاڍي هيم. بس پنهنجي قسمت تي ڪاوڙ آئي هيم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجون ننڍڙيون ڌيون تنهنجي ڪمري ۾ ويٺيون هيون. انهن کي مون رسالو کڻي ڏنو، هو ڏسڻ لڳيون، تڏهن تون ڪمري ۾ داخل ٿين تو ڏاڍي پاٻوهه مان منهنجين ڌين کي ڏٺو ۽ مون کان پڇيو ”ها ڇا ٿيون ڪن؟“
”رسالو ٿيون ڏسن.“ هو تمام ننڍڙيون هيون، ان ڪري توکي ڏاڍي حيرت لڳي ۽ پيار به آيو. ان وقت تنهنجين اکين ۾ منهنجي ڌين لاءِ پيار پئي ڇلڪيو. توکي انهن جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي هئي. تڏهن  به تون مون کان پنهنجو پيار لڪائي نه سگهيو هئي. تون کڻي پاڻ تي ڪيترا به بي رحميءَ جا خول چاڙهين، مان تنهنجي اندر مان گهمي ويندي آهيان. پوءِ مون کان پنهنجي اندر ۾ ويٺل انسان کي لڪائي ناهين سگهيو شيطان! ان لاءِ تون ڪروڙين جنم وٺين ته به مون کان ڳجهو رهي نه سگهندين.
چڱو ٿورو ذهن تي زور ڏي، تو هڪ دفعي چيو هو ”مٺي تون لپسٽڪ نه هڻندي ڪر.“ لپسٽڪ هڻڻ ڇڏي ڏني، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ تو وري فرمائش ڪئي ته ”مٺي تونNatural Colour لپسٽڪ هڻندي ڪر.!“ مون توکي پرس مان Natural Colour Lipistick ڪڍي ڏيکايندي چيو، ”اجهو هيءَ ڏس، مون کي خبر هئي ته هاڻ تنهنجي من ۾ ڇا ايندو“ بس رڳو اهو الزام نه هڻندو ڪر ته مان توکي سمجهان نٿي.
ها ته Practical انسان توکي ڇا مليو مادي دنيا مان، تو چيو هو ته تون سٺو به آهين ڏاڍو خراب به آهين. پيارا اهي خصلتون ڪنهن جون آهن؟ ٺهيو مان نٿي چوان توکي. پر مان ته تو ۾ رڳو سٺو انسان ڳولي سگهي آهيان. تو وٽ جذبا آهن، ڏک آهن، سک آهن، تون به اسان جهڙو نرمل انسان آهين.
هن ڌرتيءَ تي جذبا، ڪلپنائون نه هجن ته ڪو ٻار وڌي جوان نه ٿئي. ڌرتيءَ تي ايتري سونهن نه هجي. سرير ۾ آتما نه هجي. ان آتما ۾ جذبا نه هجن ته تون سڄو ڪروڌ سان ڀريل هجين، مزدور محنت نه ڪري، هاري ڌرتيءَ تي رڳو اگني ئي اگني هجي Practical ماڻهو ائين ته ڪونهي، هت رڳو ڪروڌ ته ڪونهي، گيت به آهن، سنگيت به آهي. سندر سندر گيت بنا ڪلپنا ۽ جذبن جي ته ڪونه سرجيا ويا آهن. پاڻ ٻنهين جا ٻار جوان ٿي ويا آهن. مان ائين ڀائيندي آهيان ته مون کي ٽي ٻار آهن ۽ تون منهنجو سوامي آهين!
هڪ دفعو مان توکان چندو وٺڻ آيس، تو مون کي ويهڻ لاءِ به نه چيو، مان ائين ئي بيٺي رهيس تو چيو:
What can I do for you”? منهنجي لاءِ تون ڇا ڪندين؟ توکي پڳ ڪانهي پئي. تون رڳو مون لاءِ ٻه پل سوچين، پر تون ڪٺور آهين، ڪٺور بي حد بي رحم انساني صفتن کان خالي. بس تو ويهه رپيا ڪڍي ڏنا. اهي ويهه رپيا مون وٽ ڪونه هئا ڇا؟ مان ته بس توکي ڏسڻ هلي آئي هيس. ايڏو من ۾ ڪروڌ اٿئي مون لاءِ؟ مان ايڏي ويل ته ڪونه آهيان، جنهن سان تون رڳو انسانن وارو ورتاءُ به نه رکين!؟
جڏهن به مان تو لاءِ سوچيندي آهيان. منهنجي رت جي گردش وڌي ويندي آهي. ائين ڀائيندي آهيان ته منهنجي جسم مان رت جهرڻي وانگر ڦٽي نڪرندو. تنهنجو سنجوڳ منهنجي سرير ۾ ڏڪڻي پيدا ڪندو آهي! ڪي ڏينهن اها سرديءَ جي لهر ڇانيل هوندي آهي. ائين ڇو آهي ٻڌاءِ Practical ماڻهو ائين ڇو آهي ٿيو هيو!؟
منهنجو پاڻ تي ڪو وس نٿو هلي. ڪڏهن کلندي آهيان، ڪڏهن روئندي آهيان. تنهنجي سڃاڻپ مون کي قدرت جي نظارن مان به ملندي؟ مون کي تون ٻير جي وڻ جهڙو نظر ايندو آهين. هڪ دفعي مون وار پئي سيٽ ڪرايا. جڏهن ڪٽيل وار منهنجي جهوليءَ ۾ اچي پيا. وارن کي ڏسي اندر ۾ ڪنهن ڄڻ دانهن ڪئي. تنهنجا وار به اڇا ۽ ڪارا آهن. انهن وارن ۾ مون کي تون نظر آئين. تڏهن ئي ته مان پنهنجي وارن کي ڪارو نه ڪندي آهيان ڪاته Resemblance توسان هجيم.
تو سرڻين وانگر لامارا ڏيڻ ڇڏي ڇونه ڏنا آهن، تنهنجي انهن لامارن تي اڳي ڪاوڙ ايندي هئي، پر هاڻي تنهنجا اهي لامارا به ڏاڍا ياد ٿا چن. هاڻي دل ٿي چئي ته سرڻين وارا لامارا ڪڏهن به ختم نه ٿين. تون منهنجي جڳن جي تلاش آهين. ائين مان توکي وڃائڻ نٿي چاهيان. توکي ياد آهي تو به ته ڪڏهن ائين چيو هو ته:
I don’t want to lose you.” تو اڄ به مون کي لوسي ناهي ڪيو، اڄ به جيئن جو تيئن منهنجي هردي ۾ سمايل آهين، شايد پکي پکڻ تنهنجي ياد ڏيارين. تو ۾ الله ۽ شيطان جون وصفون سمايل آهن، تڏهن ته ائين ٿيو. ”اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.“ تون ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان ڄٽ!!
”هون ٺيڪ ٿي چوان نه.!؟“
رات ٿيندي آهي ته ڏينهن جو انتظار ڪندي آهيان ته شايد سج جا ڪرڻا تنهنجو ڪوئي سنديس کڻي اچن. شايد صبح جي ٿڌڙي هير ڪوئي سنهيو آڻي ۽ ڏينهن ٿيندو آهي ته رات جو انتظار ڪندي آهيان ته شايد سپني ۾ تون اچي مون کي جاڳائين. شايد چنڊ ستارا تنهنجو سنديش آڻين! پر ائين ڪونه ٿيندو آهي. مان پاڻ ئي پاڻ يادن جي ڪڙين کي ملائي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تو سان وڃي ملندي آهيان. تون وساري ويٺو آهين ته ڇا ٿي پيو! مون کي ته جيئنَ جو تيئن ياد آهين.
هڪ دفعي تو منهنجي ڀر مان لنگهي ٿورو پريان وڃي گاڏي بيهاري. مون تيز تيز وکون کڻي تو تائين رسڻ جو جتن ڪيو پر تو منهنجي پهچڻ جو انتظار نه ڪيو ۽ هليو وئي. تون ٻه پل جي رڪجين هان ته مان تو وٽ پهچي وڃا هان. توکي هٿ ٻڌي چوان هان ته مون کي ائين ڌڪار نه، مان تنهنجي آهيان. دل تنهنجي آهي، هي جذبا تنهنجا آهن. ڪلپنائون تنهنجون آهن. پراڻ تنهنجا آهن، منهنجي رات تنهنجي آهي، ڏينهن تنهنجو آهي. منهنجي سموري ڪائنات تنهنجي آهي، تون مڃين يا نه مڃين منهنجي آتما کي پنهنجي پيار ۾ ڪوئي ناهي جڪڙي سگهيو. روح بس رولڙي ۾ اچي ويو آهي، جنهن کي ڪٿي به سک نٿو ملي. ٻڌاءِ توکي پوءِ به شڪايت آهي ته مان بي وفا آهيان!؟ مون پاڻ کي ڪڏهن انسان ناهي سمجهيو. مان ڌرتي آهيان مان آڪاش آهيان، مان ڪاري گهٽا آهيان، مان لڪ آهيان، مان ٿڌڙي هير آهيان، مان گهرو ساگر آهيان، مان گنگا آهيان، مان ئي سڌو آهيان!! مان جهرڻو آهيان، مان تارن جو جهرمٽ آهيان، مان هر هنڌ وکريل آهيان. مون کي سميٽي پاڻ ۾ سمائي ڇڏ!! ته جيئن منهنجي هستي مٽجي وڃي. مان نه رهان بس رڳو تون ئي تون هجين! تون!— جنهن کي مون هر هنڌ محسوس ڪيو آهي گيتن ۾، هوائن ۾، ڪارين گهٽائن ۾؛ سج چنڊ تارن ۾، هن سڄي ڪائنات ۾ تون وکريل آهين. اچ ته مان توکي سميٽي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان، جيئن تون تون نه رهين رڳو مان وڃي بچان. اسان ٻئي وجود وڃائي وجهون، فنا ٿي وڃون!!!
تون صفا جلد باز آهين تو ۾ ڌيرج صفا ڪونهي. تو ملاقات جي پهرين ڏينهن چيو هو ته ”مان توسان شادي ڪونه ڪندس، پوءِ به توسان سنجوڳ ڪرڻ چاهيندس!! ٻڌاءِ ڏيندينءَ مون کي پيار!؟ ها—ڇو ڪونه!!!“ پوءِ مون توکي پنهنجو پاڻ حوالي ڪري ڇڏيو! جنهن مان تو اندازو لڳايو ته مان شايد Carrupt آهيان! ائين ته ڪونه هيو. مون کي تو ۾ ڪا لالچ ڪانه هئي پوءِ مان ڇو توکي پارسائيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيان هان. مان ائين به ڪري سگهيس ٿي. پر مون کي تو سان پيار هو، ان ڪري مون پارسائينءَ جون زنجيرون تو مٿان نه اڇليون. مون کي به دل هٿ ڪرڻ ايندي آهي پر مون ائين تو سان نه ڪيو ڇو ته پيار ۾ لالچ نه هوندي آهي، توبه ته ائين چيو هو ته ”مان جي چاهيان ته تون گهر ٻارتياڳي جوڳڻ بنجي منهنجي گهر اڳيان ديرو ڄمائين پر مان Selfish ناهيان. مٺي مون کي توکي قيد ڪرڻ اچي ٿو.“ پيارا منهنجي به ساڳي دعويٰ تو لاءِ آهي. ڇا توکي مون ۾ پيار نظر نه آيو؟ تو مون ۾ ڪجهه به محسوس نه ڪيو؟ جن ۾ تو لاءِ سنديس هوندو آهي. منهنجي ڪهاڻين جي هر اکر هر سٽ پويان تون هوندو آهين.
تو ڏهه سال مون کي نهاريو به نه، مون کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو پوءِ مان ڇا ڪريان هان جک ماريان هان؟ مون کي پيار جون بوندون جتان به مليون، مان ان کي وڌي سويڪار ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو مان دائمي طرح ڪنهن جي به نه ٿي سگهي آهيان. توکي حاصل ڪرڻ لاءِ مان آسمان ۾ لٺيون ته ڪانه هڻدس نه؟ تو چيو هو ته ”لٺيون ته ڪوبه نه هڻندو آهي.“
اڄ به تون منهنجي اندر جهاتي پائي ڏس، اتي توکان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي تو ۾ ته رڳو خوش اخلاقي به ڪانهي جو رستي ويندي دعا سلام به ڪونه ڪندو آهين. مان توکي چنبڙي ته ڪانه پوندس نه؟ يا تون ڪنهن سان ايڏو سچو آهين جو مون ڏي اک کڻي نهارڻ به پاپ سمجهندو آهين! جو ايڏو ڪتي جيان وفادار آهين. مون کي ڏس مون ڪنهن سان وفا ناهي ڪئي. تو کان پوءِ بس رڻ رلي آهيان، ان کي تون بي وفائي نٿو چئي سگهين سمجهئه Practical انسان! منهنجي دل تنهنجي لاءِ سٽون کائيندي آهي پر مان ته تنهنجي لاءِ exist ئي نٿي ڪيان. ورنه واٽ ويندي ائين رکو رويو نه رکين. سچ ته رت رئاريندو آهي تنهنجو اهو رکو رويو. ايڏي بي رحمي چڱي ناهي ديويتا! مان ديوداس آهيان، مان ئي چندر مکي آهيان مان ئي پارو آهيان پر تون جي سمجهين.
منهنجو پنهنجي جيون تي ڪو وس نٿو هلي. ڪڏهن توکي ساري روئيندي آهيان، ڪڏهن مرڪندي آهيان. ڪڏهن پهرن جا پهر اداس ويٺي هوندي آهيان، ڪڏهن پهرن جا پهر هڪ ئي گيت ٻڌندي رهندي آهيان، هندستاني سنگيت سان منهنجي آتما جو گهرو سٻنڌ آهي جو سڌ ٻڌ وڃائي ويهندي آهيان.
سچ ته اهو آهي ته تون منهنجي يگن جي تلاش آهين. ڪروڙين جنم تولاءِ ڀٽڪي آهيان. مون توسان ناتو جوڙي اڄ به ناهي پڇتايو. مان ته خوش آهيان جو تنهنجين يادون مون وٽ آهن. منهنجي سرير ۾ آهن منهنجي آتما ۾ آهن. مان توکي وساري نٿي سگهان ۽ توکي پنهنجي جيون جو حصو ٿي سمجهان. هلڪي ڦلڪي آتما سان تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهيان. گهڻا سال اڳ تون مون وٽ آيو هئين يا ائين کڻي چئجي ته منهنجي ڪري آيو هئين. تون پٺيرو بيٺو هئين. ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هئين. توکي ڏسي منهنجي دل ۾ ڪروڌ ڀرجي آيو، منهنجي چپن تي هڪ تلخ ۽ ڪڙي سٽ مڙي آئي.
Something very strange you are here” پر ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن من جو ڪروڌ هٽي چڪو آهي، تڏهن دل روئندي آهي ته مون وڌي تنهنجو هٿ ڇو نه پڪڙيو؟ ۽ تنهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ائين ڇو نه چيو ته:
”آيو آهين ته اچ ته مان توکي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان، مون وٽ دل جي دولت ته گهڻي آهي پر تون ڏاڍو مهانگو آهين“ تون مسجد ۾ خدا کي ڳوليندو آهين مان آستانن ۾!
انارڪلي اڄ به اجري من سان انڌيرن ۾ ڀٽڪي پئي، جنهن کي تون سمجهي نٿو سگهين.

No comments:

Post a Comment