Sunday, March 24, 2013

ڳوڙهن جي ريکا - نسيم ٿيٻو


ڳوڙهن جي ريکا
نسيم ٿيٻو
ادا ويٺي کٽ تي ماني کاڌي. سندس نيرن ۾ چانورن جي پليٽ هئي، ٻه گرم گرم اُڦراٽا ۽ تريل ڀينڊيون، ٻه انب؛ جي وٽي ۾ ڀڳل هئا. زرد زرد انبن مٿان برف جا ٽڪر پيل هئا ۽ هڪ پليٽ ۾ تريل مڇي به پئي هئي. ادا ٿرماس مان پاڻي اوتڻ لڳو. ڏهن ٻارهن سالن جي ننڍڙي انور ويٺي ادا مٿان جهلي هلائي. جهلي هلائيندي انور سڄو ئي پئي لڏيو، ڇو ته جهلي سندس وت کان گهڻو ڳوري هئي. گهر ۾ چپ لڳي پئي هئي. رکي رکي نم منجهان ڪانوَ جي ڪان..... ڪان ٿي آئي ۽ گهڻو پري کان سونٽيءَ جي سٽڪي جو آواز ٿي آيو.

ڀرسان واري ٽيبل تي ادا جا ڪتاب رکيا هئا، جيڪي تقريباً سڀئي فلسفي جا هئا ۽ دنيا جي وڏن وڏن مفڪرن جا لکيل هئا. مٿان ئي مٿان خليل جبران جو ڪتاب -”خدا ۽ ديوتا“ رکيل هو.
مون ويٺي نم هيٺان ”مشين ۽ مزور“ پڙهيو. نم جي ٽارين ۽ پنن سان ٽڪرائجي ٿوري ٿوري اُس به ٿي آئي ۽ هوا جي لڳڻ ڪري ٽاريون لڏن پيون، ته ان سان گڏ اُس جا پاڇولا به هيڏي هوڏا ڦري رهيا هئا.
”زبيده، ڇا ويٺي پڙهين؟“ ادا جهرڪين جي نئين آيل ولر کي ڏسندي چيو.
”مشين ۽ مزدور“. مون فخر منجهان ادا کي ڏسندي چيو. فخر سان انهيءَ ڪري جو اِهو ڏاڍو خشڪ هو ۽ خشڪ ڪتاب ڇوڪريون گهٽ ئي پڙهنديون آهن.
”اِهو ڇا جي لاءِ ٿي پڙهين؟ انهيءَ ۾ ته ٺلهي بيوقوفي لکيل آهي.“
”توهان جو ڪتاب پڙهيل آهي ڇا؟“ مون کي تعجب لڳو، ڇو، ڇو ته ڪتاب ۾ ته ڪائي بيوقوفيءَ جي ڳالهه ڪانه لکيل هئي. ڪتاب ۾ صنعتي انقلاب بابت لکيل هو ته پهريون ڪيئن نه مشين کي ۽ انهن جي اوزارن کي شيطاني ڪم سمجهيو ويندو هو. ڀلا هن تاريخي ڪتاب ۾ ڪهڙي بيوقوفي ٿِي ٿي سگهي؟
”نه، نه، مان ٿو اهڙا چريائپ جا ڪتاب پڙهان، جن ۾ ڪائي ناليج ڪانهي. رڳو پيٽ جي پوڄا هوندي آهي، ڪميونسٽن کي. هيڏي وڏي حسين ڪائنات ۾ رڳو ماني ئي ٿي نظر اچين ڪميونسٽن کي.“
”بکئي جي لاءِ ماني ته سڀ ڪجهه ٿيندي آهي. ڪنهن بک جي ماريل انسان کي فلاسافيءَ جا ڪتاب ڇا ڏيندا. قدرت جا حسين نظارا ڇا وندرائيندا، جن جو سڄو وقت ماني حاصل ڪرڻ ۾ ٿو گذري؛ سا به اڻ پوري ۽ سادي، ڪڏهن ته اُها به نه.“
”پر تون اِهي ڇاجي لاءِ ٿي پڙهين، تون جبران کي پڙهه، شيڪسپيئر ۽ نٽشي کي پڙهه، جن ۾ ڪلا آهي، بيوٽي آهي ۽ اهو پڇ ڇا نه آهي انهن ڪتابن ۾.“ ادا ٽيبل تي رکيل ڪتابن کي داد ڀرين نظرن سان ڏسندي چيو.
مون در مان سائڻ کي ايندو ڏٺو ۽ منهنجو سڄو ڌيان اوڏانهن هليو ويو. سندس هنج ۾ نٻل ۽ ميرو ٻار هو، جنهن جي ميرن ڳلن تي مکيون جهڻ جهڻ ڪنديون ٿي آيون. سائڻ جي پٺيان ئي سندس ننڍڙي ڌيءُ ڊوڙندي آئي، جنهن کي پراڻو چولو پيل هو ۽ ٽنگون اگهاڙيون هيس. ماءُ جي چوڌاري ٽنگن کي پڪڙي ڦرڻ لڳي.
سائڻ ڌيءُ کي ڌڪ هڻي چيو، ”ائي ڇڏ ته سهين، مئي.“
”وڏيرا پگهار ڏي، ٻن مهينن کان ڪانه ملي آهي. ٻچڙا بک ٿا مرن، راتوڪر لنگهڻ تي آهن.“
”هينئر ته وڃ، پوءِ ملندئي، اڃا چئرمين جي آفيس مان ڪانه آئي آهي.“
”وڏيرا ائين نه ڪر، پنج رپيا ئي ڏي، ٻچڙا بک ٿا مرن.“
”ٻڌئي نه! هينئر ڪونه آهن، وڃ هلي،“ ادا ڪاوڙ ۾ لال ٿيندي چيو.
”اَئي رن ٻڌئي نه، وڏيرو ڀانئين ته ڪوڙ ٿو ڳالهائي. رنون اوهان ته جڏهن تڏهن بکيون آهيو، اوهان جو ته پيٽ ئي نٿو ڀرجي، مانيءَ مٿان ڇو بيٺي آهين، نظر هڻنديئن ڇا؟ پوءِ اچي ڳالهائجانس.“ پڦيءَ ٿانوَ مليندي رڙ ڪئي.
”جيجي توکي ڇا هي، بک ته اسان ٿا مرون،“ سائڻ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي اچي منهنجي ڀرسان بيٺي. سندس اکيون جهڪيل هيون ۽ پنهنجي پير جي آڱوٺي سان مٽيءَ کي کوٽڻ لڳي، سندس اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي ڌرتيءَ تي اچي پيا.
”سائڻ روئين ٿي! ويهه بيٺي ڇو آهين؟“
”نه ادي، ڪٿي ٿي روئان.“ سائڻ منهن ڦيري رئي جي پَلو سان ڳوڙها اگهڻ لڳي ۽ وري چپن تي زوري مرڪ آڻي چوڻ لڳي، ”ادي اوهين خوش ته آهيو.“
سائڻ پنهنجي ڳالهه کي ڇڏي وري چيو؛ ”ادي، ڪو پاروٿو ساروٿو مانيءَ-ڀور پيل آهي.“ هجي ته هن کي ڏيان.“ پنهنجي ڌيءُ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، جيڪا ادا کي کائيندي ڏسي ماني گهري رهي هئي.
مون اٿي وڃي ڪٻٽ ۾ ڏٺو، ٻيو ته ڪجهه ڪونه هو، ميري دٻڪيءَ ۾ چانورن جي مانيءَ جو سڪل ٽڪر پيو هو، جيڪو به سڄو ڪِوِلن سان ڪارو لڳو پيو هو. مون جيئن دٻڪي کنئي، سڀ ڪِوِليون مانيءَ کي ڇڏي منهنجي ٻانهن تي چڙهي آيون. ماني ڀت سان ڇڊي وڃي سائڻ کي ڏنم ۽ ڪِوِلين کي هٿ سان ڇنڊڻ لڳس، جيڪي منهنجو ان وچ ۾ ماس ئي پٽي ويون هيون. سائڻ جي هٿ ماني ڏسندي ئي ڌيڻس سٽ ڏئي ڦري ورتي. ڊوڙي وڃي پري کائڻ لڳي. گهڙي هڪ پير تي ٿي بيٺي ته گهڙي ٻئي تي. مانيءَ کي پنهنجي هٿن ۾ ڏسي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي.
”ڇوري، مانيءَ-ڀور ڀاءُ کي به ڏي.“ سائڻ ڌيءُ کي چيو. پر سائين هوءَ ڪٿي ٿي ٻڌي. هن کي ته ماني ملي هئي، ڄڻ خدا مليو هو. سائڻ پٽ کي ويهاري ڌيءُ ڏانهن وئي، پر تيسين هوءَ ڊوڙي وڃي صندل تي بيٺي. ماڻس هڪ طرف کان اچي ته هوءَ صندل جي ٻئي طرف ڀڄي وڃي بيهي ۽ ماءُ کي شرير ترڇين نظرن سان ڏسي وٺي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي. کلڻ سان سندس ڪارڙن معصوم ڳلن تي ننڍڙو چگهه ٿي پيو ٿي.
”اَئي ڇوري ڪرندينءَ، ڏائڻ، ڀاءُ کي به ڏي نه مانيءَ-ڀور، ڏس هو ليٿڙي پيو.“
”هل، هل، سو ڏيانس؟ مان کانوان ڪي هن کي ڏيان، ٽڪل ته آهي.“
”ڏس، ڏاهي ٿي، ڀلا مون کي ڏي، امڙ آهيانءِ.... مون کي به ڪو نه ڏيندينءَ.“ سائڻ پنهنجي چيلهه تي هٿ رکندي چيو.
”نه، نه سو ڏيان، تون ولي (وري) هن کي ڏين.“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ ٻئي هٿ پٺتي ڪندي چيو؛ ”وئي، ڪانءُ کني ويو.“
”ڏس ادي، ڪيڏي سياڻي آهي، لڪائي چوي ٿي ته ڪانءُ کڻي ويو.“
ڌيڻس، پاڻ ۽ مانيءَ کي آزاد ڏسي، وري جهمر هڻڻ لڳي. مانيءَ جو ٽڪر هڪ هٿ ۾ جهلي ۽ ٻيو وات ۾ وجهي، هٿن ۽ پيرن کي ناچ جي انداز سان ٺاهي آ....آ....هو ڪري ڳائڻ ۽ نچڻ لڳي.
ادا به ماني کائي بس ڪئي هئي، سو به اچي نم هيٺان سائڻ جي ڌيءُ کي ڏسڻ لڳو، ”ڏس زبيده، اٿس ڪا پرواهه بک جي، ڪيتري نه خوش پئي لڳي. آهي اسان کي ايتري سچي خوشي حاصل!“ ادا سيٽي وڄائيندي چيو ۽ چپن ۾ گاني جي ڌن گنگنائڻ لڳو. هيڪر آيم ته چوانس ته اِنهن بکايل پورهيتن کي نٽشي ۽ جبران جو فلسفو ڇا خوشي ڏيندو، پر پوءِ ماٺ کڻي ڪيم.
سائڻ جي ڌيءُ اسان سڀني کي پاڻ ڏانهن ڏسندو ڏسي نچڻ ڇڏي بيهي رهي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ مُنهن تي رکي وٿين مان ماءُ کي ڏسڻ لڳي ۽ اوچتو ٽپ ڏئي صندل تان هيٺ لهي آئي ۽ اچي ڀاءُ جي ڀرسان بيٺي، جيڪو اڃا تائين مٽيءَ تي ستل هو ۽ سڏڪا پئي ڀريائين. ”ها.... وٺ ماني......؟ وٺ نه ماني..... اَئي سورا وٺ نه.....؟ اَئي الا وٺ نه...... سورا وٺين نٿو.“ هن ڀاءُ کي ٻانهن کان اُٿاريندي چيو ۽ ماني کڻي ڀاءُ جي جهوليءَ ۾ وڌائين، هو تيئن زور زور سان روئڻ لڳو. ننڍڙي ڇوڪريءَ ڀاءُ جو مٿو پنهنجي گوڏن تي رکي، ٿڦڪي ڏيڻ لڳي، جنهن تي ڳلن تي هاڻي ڳوڙهن جي سڪل لڪير باقي وڃي رهي هئي.

(روح رهاڻ جولاءِ ۱۹۶۸ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment