Thursday, March 28, 2013

آءُ ڪانگا ڪر ڳالھ - نسيم ٿيٻو


آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه....
نسيم ٿيٻو
اڄ ڳوٺ ۾ زندگي جا اهڃاڻ ڪجهه وڌيڪ ٿي نظر آيا خاص ڪري مردن ۽ ٻارن ۾، عورتن جي معمول ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هو. ساڳيو ئي ميريون پگهريل ۽ ڪم ۾ رڌل، رڙين ۽ واڪن ۾ پوريون، باقي مردن کي نوان ويس وڳا پهريل هئا. اڇون پڳون ڪلف لڳل. ٻار به اڇا اجرا هئا. صبح کان ڪنهن ڄاتل خوشيءَ جو انتظار ٿي رهيو هو. اها ڪهڙي خوشي هئي، جنهن هارين نارين جي چهرن کي ٻهڪايو هو ۽ وڏيرن کي وڌيڪ ڦونڊ ۾ وڌو هو؟ عيد به ڪانه هئي، نه ڪا شادي هئي، پوءِ ڪهڙي خوشيءَ ۾ سڄو ڳوٺ جهوميو پئي. ضرورت کان زياده گهُٽ ۽ ٻُوسٽ هئي. بافتي جي نون ڪپڙن وڌيڪ گرمي ڏئي ڳوٺاڻن کي پگهر ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو. وَڻ ٽڻ خاموش هئا، اڳين کان وڌيڪ جهڪيل ۽ ماٺ ۾. آڪاش ۾ سرڻين جا لامارا وڌيڪ تيز، ڪتن به وڌيڪ پئي ڀؤنڪيو ۽ ڪانون جي ڪان ڪان به زور تي هئي، اهي اهڃاڻ ڇا جا آهن؟ تنهنجي سڌ پدما کي چڱيءَ طرح هئي. اڄ ”مروان موت ملوڪان شڪار“ جي هفتي جو پهريون ڏينهن هو.

اڄ رڇ ۽ ڪتن جو ميل هو،
صبحاڻي سوئر ۽ ڪتن جو ميل،
پرئينءَ ڏاندن جو ميل،
تنهن پرئينءَ ڪڪڙن جو.
۽ هي سڄو هفتو:
”مروان موت، ملوڪان شڪار.“ وارن جو هو ۽ آخر ۾ وڏيري جي اوطاق تي ڪڃري نچڻي هئي، اهو ته هر سال ٿيندو آهي. ڳوٺ جي روايت آهي ۽ سنڌي قوم جو ٺٺول ڀريو ناٽڪ هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ رچندو آهي، خاص ڪري جت وڏيرن جو تعداد سرس هجي، اتي بزدلن چاپلوسن ۽ ڪُٽڻن جو تعداد ڳچ هوندو آهي. صدين جي غلامي ۽ وڏيرن جي ڏاڍ جون باهيون اسان گگدام جانورن مان، زالن مان ۽ ٻارن مان ڪڍندا آهيون. اسان ڏاڍن جي ڏاڍ، ظلم ۽ پيڙجڻ کي لنوائڻ لاءِ ۽ وک وک تي پنهنجي بي عزت وجود جي تصور ۽ ان جي ذلت ڀريئي ڏک کي مٽائڻ لاءِ سنڌي ماڻهو هر واهڻ هر ڳوٺ ۾ اهو ٺٺول ڀريو ناٽڪ رچائيندا آهن! جنهن کي:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ چئبو آهي، اڄ اهو ئي هفتو ملهائجي رهيو هو، تنهنڪري غريب هارين کان سندن غربت وسري وئي هئي، بک وچان ٻارڙن جو روئڻ بند ٿي ويو هو. اکين ۾ حسرتن جا انبوهه کڻي هلندڙ مائرن کان ڪجهه ڏينهن لاءِ رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ وسري ويا هئا. ٻارن منجهان ٻاڪر ڪٽو ڪجهه جهڪو ٿيو هو، ڇو ته عورتن مٿان موچڙن جا زيپٽ ڪجهه جهڪا ٿيا هئا ۽ لٺيون ۽ گهوٻاٽا ائين ئي پٽ تي پيا هئا، وسريل هئا مردن کان، اڄ ڪلهه هو ڊگهن شهپرن کي تيل هڻي تاءُ ڏئي هلڻ ۾ مگن هئا. ڇو ته اڄ:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ جو هفتو ملهائجي رهيو هو. ڀلا اهڙي هفتي ۾ ڪنهن کي ٿا ٻچا ياد پون. هي سڄو هفتو وڏيري جي اوطاق تي ڀت جن ديڳيون جو رڌڻيون هيون، ڪانگڙي چانورن جون ۽ مينهن جي گوشت جون. رڇن، ڪتن ڪڪڙن ۽ ڏاندن جي ميل کانپوءِ پيٽ جو ميل هو، جنهن ۾ ڳوٺاڻا ڀت جي پاٽڙن تي ائين ٽٽندا هئا، جيئن بکايل شينهن ڪنهن جانور تي ڪِري.
هر سال جڏهن ڀولائي فقير ايندا آهن، جيڪي ذات جا ڪهيري آهن. ڪهيري فقيرن جون عورتون گهڻو ڪري شريف ۽ خوددار. جوان عورتون پاڻ نه پننديون آهن، پر هنن جا مرد رڇ نچائن ڀولڙا نچائن يا ڪي اڌڙوٽ عمر جا مرد ۽ عورتون پنن، مرد به گهڻو ڪري شريف ۽ خوددار. حسين ۽ قداور، ڳالهائڻ جا مٺا، ننڍڙا ٻار به سونهن ۽ معصوميت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ، حياتيءَ سان ڀرپور جيئڻ جا ارمان منجهن گهڻا، سونهن به منجهن سرس ته ڏيا به منجهن گهڻي. هو هميشہ ڳوٺ ۾ سياري جو ايندا هئا، سرڪاري باغ ۾ اچي تنبو کوڙيندا هئا، وڻن جي جهرمٽ ۾ تنبن جو جهرمٽ، هر ٻئي وڻ سان رڇ يا ڀولڙا ٻڌل هين، ڀولڙا ڄڻڪ ماڻهو جيان شرارتي هڪ ٻئي جون جُوئون ڪڍڻ ۾ رڌل پر اچانڪ لوهه پائي اچي ٻارن جي ميڙ منجهان هڪ کي رانڀوٽا هڻندا ۽ ٻار ڇرڪي رڙيون ڪري ڀڄي ويندا. ڀولڙا وري وڃي جُوئون ڪڍڻ لڳندا.
ٻار وري ويجهو اچڻ لڳن ۽ ڀولڙن ڏي لائي ۽ ڀڳـڙا اڇلڻ لڳن، ڀولڙا بظاهر جؤن ڪڍڻ ۾ مشغول پر ڀڳڙا ۽ لائيءَ کي ڌرتيءَ تي ڪرڻ کان اڳ ئي جهٽي وٺندا.
ٻئي وڻ جي ٿڙ سان رڇ ليٽيل هو، بي خبر ۽ مٺي ننڊ ۾. هي ٽيون وڻ هو، جنهن سان رڇ زنجيرن سان ٻڌل هو. رڇ جي زنجير جي دائري اندر اچ وڃ لڳي پئي هئي، لڳو ٿي ڪا اندر ۾ اڻ تڻ هئس، رکي رکي ڀڀڪي ٿي ڏنائين ۽ وات منجهان گج پئي وهيس. رڇ ڏاڍو صحتمند ۽ جوان هو، اڃا جوڀن جون ٻه ٽي بهارون مس گذاريون هئائين. تنومند ۽ خار باز اکين ۾ ڪاوڙ ۽ اَنا، ڄڻ ڪابه ڳالهه نه وڻندي هجيس، ۽ هي چوٿون وڻ هو، ان وڻ سان به رڇ ٻڌل هو! سندس حالت ڏسي پدما کي چڪر اچڻ لڳا، مٿو ڦرڻ لڳو ۽ دل ڪچي ٿيڻ لڳا. هو نڍال ۽ زخمن کان چور ٿيل ساڻو ٿيو وڻ کي ٽيڪ ڏئي ليٽيل هو، سندس اکين منجهان ڳوڙها ٿي ٽميا.
اڃا ڪالهه ٽپهري جي ته ڳالهه جو ميدان جي وچ ۾ ڪل ۾ رسو ٻڌي پوري رسي جو ٻيو پاسو رڇ سان ٻڌو ويو هو، چؤطرف ماڻهن جا ميڙاڪا هئا، جڏهن وڏيري جا ڪتا رڇ تي ڇڏيا ويا هئا. مکڻ، گوشت ۽ کير جا پليل شڪاري ڪتا ۽ ٻئي طرف هو رڇ ڪهيري فقيرن جو. هو به پني سني هن لاءِ سٺي خوراڪ مهيا ڪندا هئا، پاڻ بک مري به رڇ کي ڏيندا هئا، ڪڏهن عورتن کان رڇ جي پرگهور وسري ويندي هئي، تڏهن مڙسن جي مار کائڻي پوندي هئن، ڇو ته هر سال رڇ ڪتن جو ميل ٿيندو هو ۽ ميل کٽڻ جي صورت ۾ هو ٽي چار هزار ڪمائي وٺندا هئا.
ها ته مون ڳالهه ٿي ڪئي ته رڇ ٻڌل هو ۽ شڪاري ڪتن جون رسيون کليل هيون، رڇ کي چوڌاري وڪوڙي ويا، سندن واڇن مان رت پئي ٽميو.
ماڻهن خوشي مان رڙيون پئي ڪيون ۽ رڇ بي وسيءَ جو شڪار هو، ڇو ته هو زنجيرن ۾ قابو هو ۽ وات مان گجي پئي وهيس، هن جي چوطرف پکڙيل ڪتن منجهان جيڪو سندس آور ۾ ٿي آيو، ان کي ڀاڪر ۾ ڀري اهڙو زور سان ٿي ڀيڪوڙيو جو ڪتي کي ستن پيڙهين کان کاڌل مکڻ، کير ۽ گوشت ياد ٿي ڏياري ڇڏيو ۽ پوءِ زور سان اڇل ڏيئي ڦيري پائي پويان ايندڙ ڪتن جي حملي کي ٿي روڪيو، اهو چيلهه ڀڳل ڪتو ڳپل وقت تائين ڪؤنڪاٽ ڪندو ٿي رهيو جيسين اچي مالڪ کيس کڻي نه ويو، آسمان ۾ سرڻين لارمارا پئي ڏنا ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي ماڻهن منجهه هوڪرا هئا. پدما کي هميشہ اها سوچ هوندي هئي ته حياتي جي هر ڪڙي لمحي کي، فحش گهڙين کي هو هڪ وار پاڻ ضرور ڏسي. پدما ستن اٺن سالن جي مس هئي، پر هن سوچيو هو ته هوءَ وڏي ٿي پڙهندي ۽ هوءَ شڪل جي به موچاري هئي، ننڍڙي ننڍڙي ڪومل ڪومل. هوءَ پهرن جا پهر آئينو کڻي پنهنجي سهڻي سٻاجهي صورت ۾ نهاريندي رهندي هئي، نيڻن جي ڪٽورن ۾ سندس اکيون ڊگهيون ۽ گهريون هيون، ڳل ڀريل ۽ وار ڊگها گهاٽا. هوءَ ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي. تنهنڪري وار مينديءَ سان ڳتيل هوندا هئس، ڪن ننڍڙا، ڀريل چپ، جتان به لنگهندي هئي ته ماڻهو کيس سڏي پيار ڪندا هئا، هوءَ هئي به ڏاڍي سٻاجهي ۽ چئي وان ”پدما“ ڳوٺ وارا کيس پيار منجهان سڏيندا هئا، هونءَ سندس نالو ٻيو هو. رڇ ۽ ڪتن جو ناٽڪ لڙيئي سج پورو ٿيڻو هو پر هو وڌيڪ اتي بيهي نه سگهي، هن جي دل ۾ اٻٿون پئي اٿيون ۽ مٿي ۾ ڦيري پئي آيس. هوءَ پيءُ واري ڪرسيءَ جي پويان بيٺي هئي، پڻس ڳوٺ جو زميندار هو، پر هو رڇ ۽ ڪتن جي ميل کي ڏسڻ جو شوقين نه هو. بلڪ ان کان وئون ويندو هو، وحشت ٿيندي هئس، پڻس ڏاڍو رحمدل هو. ڪڏهن ڪنهن تي هٿ نه کڻندو هو، اڄوڪي ميل ۾ کيس زوريءَ وٺي آيا، بزدليءَ جا طعنا ڏئي، هو ويٺو ته هو پر سندس من ۾ ڏاڍو ڪروڌ ڀريل هو. لڳس ٿي رڇ ئي پاڻ هو، ۽ سندس ٻوٽ ڪتن پئي پٽيا. هن جي من ۾ به اٻڙڪا پئي ٿيا، هو اٿڻ تي ۽ ٽي چار ماڻهو کيس زوريءَ ويهاري ڇڏڻ تي، لاچار اهو بيهودو ناٽڪ کيس پورو ئي ڏسڻو پيو. پاسي ۾ ڪوٽ اندر سوئر هو، ان جا مالڪ ڀولائي پاڻ نه هئا، ڪو ٻاهريون ماڻهو هو، اڄ منجهند جو سوئر جو ميل هو. حياتي ۾ هڪ وار انهن سڀني شين کي ڏسڻ کپي، چاهي اهي ڪيڏيون به ڪڙيون ڇونه هجن ۽ ڪيڏيون به فحش ڇونه هجن. منجهند جو هو اهڙي وڻ تي چڙهي ويٺي جو پاڻ وڻ جي ٽارين ۽ لامن ۾ لڪل هئي، ٻيا سڀ ڳوٺاڻا هيٺ ڪوٽ جي چوڌاري ٿي بيٺا هئا، گوڙ، گهمسان ۽ هنبوڇيون هيون، سوئر کي ميدان ۾ آندو ويو، سوئر جو ڪنڌ سڌو هوندو آهي، ان ڪري ڪات کيس نه لڳندا آهن، ان ڪري سڌو سڌو هلندو آهي، پر انساني معاشري ۾ ريتون رسمون ماڻهن لاءِ ڪاتن سمان جيڏانهن به نهاري ته رسمن جي ڪاتيءَ ٺڪاءُ سندس ڪنڌ ۾ لڳندس. سندس ئي جوڙيل ريتون ۽ سندس ئي ڳچي، ٻئي ڪنهن تي ميار به ناهي.
ٻئي ڏينهن تي ڏاندن جي گوءِ صبح ساڻ ئي هئي. ڏاندن کي چڱيءَ طرح سينگاريو ويو هو، جهلون پيل هئن ۽ ميندي لڳائي وئي هئين ۽ مالڪ هر هر کين پٺي تي هٿ هڻي ٿي داد ڏنو ته لوهي ٻليون (ڪپيون) سندس ماس ۾ جڏهن هڻبيون ته هو ڪيترو تيز ڊوڙندا. ٿلها متارا صحتمند ڏاند جڏهن ڀڄندي ڀڄندي ساڻا ٿيندا ۽ سندن رانن کي ڪپين سان چچري رتو رت ڪيو ويندو، تڏهن ماڻهن جا ڪيترا هوڪارا لڳندا ..... ان کان ٽئين ڏينهن تي ڪڪڙن جي ويڙهه هئي. موڙن سان ڪربلائي ڪڪڙ ۽ پشوري ڪڪڙن جي ويڙهه رکيل هئي، تکين نوڪدار کڙهين سان ڪڪڙ، جن کي چاڪونءَ سان کرڙي وڌيڪ تکو ۽ نوڪدار ڪيو ويو هو.
سندن ڏاڍي چاڪري ڪئي وئي هئي، جيئن هو وڌيڪ وقت وڙهي سگهن ۽ هڪ ٻئي کي رتو رت ڪري سگهن. ميل جي دوران مالڪ کين پاڻيءَ جا ڦوهارا ڏئي وري تازو توانو ٿي ڪيو، سندن منهن رتو رت ٿيل هو، سندن چنبا رت سان ڀريل سندن اکيون سوڄ کاڌل ۽ موڙن جا ٽڪر ٽڪر پٽيل ۽ اڄ ... ۽ اڄ.... ”مروان موت ملوڪان شڪار“ هفتو ملهائڻ جو آخري ڏينهن هو. تنهنڪري وڏيري جي اوطاق تي ڪڃري نچڻي هئي.
ماين سنجهي ئي ڪم ڪار لاهي، مسيون ۽ مساڳ هڻي، سرما ۽ تيل ڦليل ڪري، مينديءَ جا وٽا وارن ۾ وجهي ڳهه ڳٽا پائي ڇريل وڳا پهري، وڏيري جي گهر اچي پهتيون هيون، شام سان ئي ڪوٺن تان عورتن جون سينگاريل منڍيون ڏسڻ ۾ پئي آيو، ڳوٺ جا جوان به شهپرن کي تيل مکي ڏاڍو ڊگر منجهان ڪلف لڳل ڪپڙا پهري گهٽين ۾ شڪارين وانگر پئي نوسيا، اک ٽيٽ جو دور هو.
وڏيري جي اوطاق تي ماڻهن جا انبوهه هئا، چوطرف ڊگهن شهپرن سان ماڻهو، طرا ٻڌل پٽڪن سان ماڻهو، وڏن پاچن سان سنڌي نوجوان، گوڏين سان ماڻهو، ڦاٽل ڪپڙن سان ماڻهو، لٽا ليڙون ٿيل ماڻهو، ڪي بينچن تي ويٺل ته ڪي پٽ تي، ڪي موڙن تي، ته ڪي ڪاٺ جي ڪرسين تي، ۽ ڪي نيٽ سان واڻيل آرام ڪرسين تي. وچ تي ٽيبل رکي هئي ۽ ان مٿان هرمچ سان ڀريل سهڻو ٽيبل ڪور، کٽ تي ٽڪ جي وڇايل رلهي ۽ ان مٿان سهڻي ريشمي چادر ۽ ان مٿان ٿلهو گول وهاڻو، ستارن ۽ موتين سان جڙيل وڃڻو، وڏيرو وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي مڇن کي پئي مروٽيو ۽ رکي رکي شهوتي نگاهن سان بيٺل ڪوٺيءَ تي عورتن منجهه ٽيڏيءَ اک سان نهاريو پئي ۽ وري ڦونڊ ۾ اچي پٽ تي ويٺل رنڊيءَ ۾ نهاريو پئي. رنڊيءَ جي منهن تي گهرا گهرا ماتا جا داغ هئا ۽ اکيون مڙئي چڱيون، ڪاري ڪوجهي پر مردن کانئس پائي پائي اڳاڙڻ لاءِ منجهس رهيل کهيل عورتپڻو به سالن کان وٺي ڳڙڪائي چڪا هئا، تنهن ڪري سندس منهن تي چن جيان مکيل پائوڊر ۽ چپن تي ڦهليل لالي ۽ گهري ڳاڙهي رنگ جي سرخي، جنهن کيس زال منجهان کدڙو بنائي ڇڏيو هو.
پوءِ به الائي ڇو ڳوٺاڻن جون واڇون گودو هڻي ويون هيون ۽ منجهائن گگ ڄڻ اجها ٿي ٽمين.
رنڊيءَ جو نالو وسائي هئو ۽ سندس پيرن ۾ ڇير پيل هئي، آواز اهڙو خاص ته نه هئس، پوءِ به الائي جي ڇو ڏور تائين مشهور هئي، آواز جي ڪري، ڪن تي هٿ رکي ڳائيندي هئي ته ڌرتي ۽ عرش ٻئي ڌڏي پوندا هئا. پري پري تائين تماشي وچان آواز جو جادو يا آلاپ سمجهي ويهندا هئا ۽ چوطرف سندس آواز جي هاڪ هئي اڄوڪي رات:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ هفتي جي آخري رات هئي، چانديءَ جي رپين جا ڇڻڪاٽ هئا، پريان پريان جي ڳوٺ جا ماڻهو دعوت ۾ آيل هئا. ڪڃريءَ جو ناچ ۽ گانو شروع ٿي ويو ۽ چانديءَ جي رپين جي کڙڪاٽ ۽ نون ڪاڳرن جي نوٽن جو آواز رنڊيءَ جي ڇير جي آواز ۽ گانن جي رڙين ۾ ٻڏي ويو.
ماڻهن کيس سؤ جا نوٽ ڏيکاري، ڏهه ڏهه جا نوٽ ڏيکاري هرکايو پئي ۽ هن پنهنجي جسم جي نمائش ڪري شهوتي انداز وارن ماڻهن کي به هرکايو پئي. ٻنهي جو هرکائڻ پنهنجي جوڀن تي هو، جو اڄوڪي رات:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ واري هفتي جي آخري رات هئي، آڌيءَ رات تائين اِها ڌماچوڪڙي هلندي رهي، ڪن بي شرم، بي حيا انسانن رنڊيءَ جي ڳٽي تي رپيو ٿي رکيو ۽ سندس ساٿي اهو نوٽ اتان اچي ٿي کنيو ۽ ڪن بنهه رنڊي سان فحش حرڪتون ٿي ڪيون. رنڊي پنهنجي مخصوص ماڻهن سان عورتپڻي جو ڪوس ڪندي اچي ٿي. انهن کان سؤ جو، ڏهين جو ۽ پنجين جو نوٽ کنيو ۽ پويان ماڻهن جا هوڪرا هئا. اِها بي حيائيءَ واري رات:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ زنجير جي آخري ڪڙي هئي ۽ ماڻهن ان ۾ دل کولي حصو پئي ورتو. چنڊ تارا سڀ ساڳيا هئا، آسمان به ساڳيو هئو ۽ ڌرتي به ساڳي هئي، پوءِ باقي هيءَ هنبوڇي ڇاجي هئي.....؟ ڌرتيءَ جا ڏک به ساڳيا هئا ۽ سور به ساڳيا هئا. باقي هي بي حيائيءَ جو منڊل ڇو منڊيو ويو هو؟
ڏس ڪو ڏانوَ مان توکي ڪيئن پرچايان،
ڪيئن پرچايان توکي، ڪيئن سرچايان،
ڇيريون پايان، ڪن جهمريون پايان،
تلڪ لڳايان، ڪن جڻيو پايان،
ڏس ڪو ڏانو، مان توکي ڪيئن پرچايان،
لنگها لائج رات، نچڻ جي اها ئي ٿي.
پدما جي ڪنن ۾، ڇير جو آواز ۽ رنڊيءَ جا واڪا ڪنن ۾ شيهي جيئن پگهرڻ لڳا، هوءَ ان وقت ڪوٺي تي ٻين ماين جي وچ ۾ بيٺل هئي، ڇت جي ديوار کي ڳلکڙا ٿيل هئا، پدما اهو سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو به. مٿي آسمان ۾ چنڊ هو تارا هئا، سندن روشني جهڪي جهڪي هئي، هوءَ ننڍي ديوار تان ڪري پئي ڪنهن به سندس ڏي ڌيان نه ڏنو. هوءَ بي هوش پئي هئي، ڪجهه وقت کانپوءِ هن کي سرت اچڻ لڳي، هن آسمان منجهه نهاريو. جهڪي جهڪي تارن جي روشنيءَ ۾ هوءَ ٿيڙ کائيندي لٿي. هوءَ جڏهن گهٽيءَ ۾ پهتي ته ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ گولا هئا، ان ڪري ايتري اوندهه نه هئي. هوءَ اڃا گهٽيءَ ۾ هئي ته سندس ڪنن تي ڪنهن عورت جي رڙين جو آواز پيو، هوءَ ڊوڙندي ان گهر ڏانهن وئي، در کليل هو، ڇني هيٺان مڇرن جي ڀون ڀون هئي. مڇر ٻانهن ۽ منهن تي مکين وانگر ٿي ڪريا، ڇني هيٺان دونهين دکايل، ڪوٺيءَ منجهان ڪنهن عورت جون تکيون هنئين کي ڪٽيندڙ رڙيون ٿي آيون، هوءَ ڊوڙي ان کٽ ويجهو پهتي، جتي عورت رلهيءَ تي ستل هئي، ڏيئو جاريءَ ۾ رکيل هو، ڏيئي جي جهڪي روشنيءَ ۾ هن عورت ڏي نهاريو، سندسِ مٿي منجهان رت پئي ٽميو سندس منهن ۽ ٻانهن تي نيرا نيرا ڏنا هئا، پدما ڀر ۾ وڃي بيٺي، ”ماسي توکي ڇا ٿيو آهي. تون رڙيون ڇو ٿي ڪرين.....“ ”امان تون مئي رمون کي سڏي آ. مار پويس مون کي ماري پاڻ وڃي اوطاق ڀيڙو ٿيو آهي، رنڊي ڀڳي ٿي وئي الائي پاڻ .؟ مٺي مون کي سور آهن....“ ۽ هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي ۽ وري هنئين ڪٽيندڙ تکيون رڙيون شروع ٿي ويون. هوءَ وري ڊوڙندي اوطاق تي پهتي. ٿورو اوٽائتي بيهي، هن ڌرتيءَ تي ويٺل ماڻهن ۾ نهاريو ته انهن منجهان رمون ڪير آهي؟ رنڊيءَ جي فحش ماڻهن کي ڏسي هن جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي، هن دل ئي دل ۾ سوچيو ته مان هنن مڙني عورتن جو مردن کان بدلو ضرور وٺندس، ڪافي دير کان پوءِ هن کي رمون ڏسڻ ۾ آيو ۽ هوءَ لڪندي لڪندي ان تائين پهتي. ماڻهو تماشي ڏسڻ ۾ محو هئا، نه ته ماري ماري اڌ مئو ڪري ها، رمون کي هن چيو:
”ماما تنهنجي زال کي سور آهن.“
”سور اٿس ته ڇا ڪريانس؟ رن کي اڄ ئي ڦر ڄڻڻو هو.“ ائين چئي هو اٿيو ڪونه، اتي ئي ڄميو رهيو. پدما جي دل ۾ آيو ته منهن ۾ چنبو هڻي ڪڍيس، پر وس نه هليس. پوءِ هوءَ ڀر ۾ داين جو گهر هو اوڏانهن وئي، دائي اکيون مهٽي اٿي ۽ پدما سڄي ڳالهه ٻڌايس:
”ٻچا توکي شابس هجي“ ۽ پدما سان گڏجي ان ڀر ڏي وڃڻ لڳي.
ٻئي ڏينهن هن گول آئينو کڻي پنهنجي منهن ۾ نهاريو خوبصورت ڳل، سهڻيون ۽ چيرويون اکيون، سهڻا ڀرون ۽ سهڻا گلابي چپ. هوءَ ڳپل وقت کان وٺي پاڻ منجهه نهاريندي رهي. ”مان ڪيڏي نه ڪشش واري آهيان،“ پهريان پنهنجي اکين منجهه نهاريو ۽ پوءِ هن جي چپن تي ڪساري مرڪ مڙي آئي ”هون....! مان هن سرير کي سينگاريندس، اکين ۾ ڪجل ڀريندس، پيشانيءَ تي تلڪ لڳائيندس، ڀريل گهاٽن ڊگهن وارن جي چوٽي ڪندس، مان اڳتي هلي جڏهن وڏي ٿيندس تڏهن راڳ جي سکيا وٺنديس ۽ ناچ جي به، پوءِ مان نچڻي ٿينديس، مان پنهنجي سرير کي سينگارينديس، .... رات ڀري محفل ۾ عورت جي ائين توهين ڪئي وئي آهي پر ڪنهن کان به اهو نه پڳو جو کڻي چوي ته:
بند ڪيو اِهو ناٽڪ......؟
بند ڪيو اِهو ناٽڪ.........
بند ڪيو اهو ناٽڪ خدارا ڪراهت ٿي اچي. پر نه .....! ڪنهن ۾ به اها جرئت نه هئي. سڀ ”مروان موت ملوڪان شڪار“ وارن منجهان هئا، جن کي ٻين جي ذلتن منجهان خوشي حاصل ٿيندي آهي. ڪنهن جون پڳون لهن ان منجهان هو موج ماڻيندا آهن. آهه! هي ماڻهو سڀ کلي ڪيئن ٿا سگهن. آهه! هي سڀ ماڻهو نه آهن مرون آهن. هنن کي واري سان وڻ سان ٻڌجي ۽ پوءِ ڪتن جي بڇ ڪجي، سندن ٻوٽ به ڪتن جي وات ۾ هجن ۽ پاڻ به ڇتا ٿين.“
پوءِ هوءَ ريڊيو سيلان لڳائي هندستاني گيت، ناچن جا گيت ۽ هندستاني ڪورس ٻڌندي هئي. کيس اهي ڏاڍا وڻندا هئا، هوءَ ريڊيو کولي ناچ ڪندي هئي، ۽ پهرن جا پهر هندستاني گيت جهونگاريندي هئي، کيس الاهي سارا گيت ۽ ڀڄن ياد ٿي ويا هئا.
”ٺيڪ آهي مان وڏي ٿي تنهنجي بي عزتيءَ جو بدلو ضرور وٺندس ۽ انهن مڙني مردن کي سکيا ڏيندس ته نچڻيون به عورتون آهن، ائين ئي:
جيئن اوهان جون ڀيڻون،
ائين ئي جيئن اوهان جون ڌئرون،
ائين ئي جيئن اوهان جون زالون،
ائين ئي جيئن اوهان جون مائرون.
پوءِ رستن تي، چوواٽن تي ائين بي حيائيءَ جو ناٽڪ رچائي محفلون گرم ڪرڻ نٿو سونهي.“
آهه! هي ماڻهو سڀ کلي ڪيئن ٿا سگهن؟ مون کي ته ڪڏهن به کلڻ ڪونهي آيو ۽ جي مان کلندي آهيان ته بي انتها پوءِ اجايو سجايو  ٽهڪ ڏيندي آهيان، ۽ تنهن بعد ڏينهن جا ڏينهن سانت ڇانيل هوندي آهي، پهرن جا پهر ماٺ ڪنهن رولڙي ۾ آيل روح جيان پيئي ڀٽڪندي آهيان، پهرن جا پهر اونداهين ۾ تارن کي تڪيندي ڏسندي گذري ويندا آهن.
ننڍڙي پدما من ئي من ۾ سوچيو ۽ پوءِ ڏاڏاڻي گهر هلي وئي. اتي سندس ڪنواري پڦي ڏاڏي رهنديون هيون.
گهر الاهي وڏو هو، هڪ ڪوٺي تنهن اڳيان ٻي ڪوٺي ۽ پوءِ ورانڊو ۽ هڪ هال، ڇت تي به هڪڙو ڪمرو، اهو ڏاڍو هوادار ۽ چوطرف منجهس دريون هيون ۽ سامهون هال واري ڇت ۽ پوءِ ڪاٺ واري ڏاڪڻ اتي ٿي کٽي، جتي ورانڊي جي ڇت هئي ۽ تنهن بعد ور وڪڙ کاڌل سرن جي ڏاڪڻ، ان ڏاڪڻ هيٺان هڪ ڪوٺي هئي، جنهن ۾ پڦهنس ڪبوتر پاليا هئا.
سندس ڏاڏي ٻلا پاليندي هئي، انهن جي لاءِ هڪڙو پاٽڙو هو، جنهن ۾ کير وجهندي هئي ۽ رات جو اهو پاليل ڄاهو، ڏاڏي ان کي پيار منجهان: ”ڪوڏڙو“ سڏيندي هئي: ”ڪوڏڙو..... ڪوڏڙو“ ته ”ڪوڏڙو“ ڀڄندو ايندو هو. ڏاڏي جي نظر ويهي وئي هئي ان ڪري هوءَ گهڻو ڪري لٺ تي هلندي هئي. پدما جا ٻيا ڀائر ڏاڏيءَ کي چيڙائڻ خاطر سندس لٺ کڻي لڪائي ڇڏيندا هئا ۽ سندس ٻلين کي ماريندا هئا ۽ ڏاڏيءَ جي رڙين تي ٽهڪڙا ڏئي کلندا هئا.
”اڙي ..... اڙي ..... ابا ڇوٿا ٻلڙن کي ماريو......؟“ ساسي جيوَ آهن..... ابا ڇوٿا ستايو.....؟ امان پدما لٺ ته کڻي ڏينم.“
پدما جي وڏي ڀاءُ جا به ڪڪڙ پاليل هئا، موڙن وارا ڪڪڙ، چٽ ڪمرا ڪڪڙ، سهڻا سهڻا ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون، انهن جا ٻچا چون چون ڪندا وتندا هئا ۽ سياري جو ماءُ جي پرن ۾ لڪا ويٺا هوندا هئا، بس رڳو چهنب ۽ اکڙيون ظاهر هونديون هئن، پدما کان ٿورو وڏو ڀاءُ هڪڙي پوڙهي ڪڪڙ کي ڊوک ڪڪڙ سڏيندو هو. اها ڪڪڙ بدڪ جيان دنبي هئي هلندي به بدڪ جيان هئي. ميري ۽ کنڀڙاٽيون ڪجهه ڪجهه ڀڳل.
ان کي منهنجو ڀاءُ پڪڙي نم تي اڇليندو هو ۽ هوءَ ڪافي مٿان ٿي پٽ تي ڪرندي هئي، پوءِ منهنجا سڀئي ڀائر تاڙيون وڄائي کلي پوندا هئا، ٽهڪڙا ڏيندا هئا. پدما کي انهن جو اهو چرچو نه وڻندو هو، پوڙهي ڪڪڙ جي پيرن ۾ دڙيون پئجي وينديون هيون، ۽ جڏهن ڏاڏي رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي پوندي هئي، تڏهن پڦيءَ کي خار ايندا هئا لٺ کڻي منهنجن سڀني ڀائرن کي ڊوڙائي ڇڏيندي هئي، ڏاڏي ويچاري الاهي پيرسن هئي، پر هئي ڏاڍي ٻلوان ۽ سگهاري مائي، هوءَ مون کي ۽ ادا وڏي کي الاهي ڀائيندي هئي.
مون کي ان ڪري جو مان سندس ٻلڙين کي نه ستائيندي هيس ۽ ڪوڏڙوءَ لاءِ پاٽڙيءَ ۾ روزانو کير وجهندي هئس ۽ کيس چلم ڀري ڏيندي هئس، هوءَ اها پيئندي هئي ۽ مان سندس ڀر ۾ ويهي ساڻس ڳالهيون ڪندي هئس ۽ زور به ڏيندي هئس. ۽ ادا وڏي کي ان ڪري جو هو سندس اڪيلي پٽ جو پيريٺي پٽ هو ۽ سندس نالو ڏاڏي وارو ئي رکيل هو. ان ڪري به شايد کيس ڏاڍو وڻندو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهندو هو ۽ هاسٽل ۾ رهندو هو. سال ۾ ٻه دفعا اونهاري ۽ سياري وارين موڪلن ۾ ايندو هو، ڏاڏيءَ جي پيڪاڻي زمين ان جي نالي ٿيل هئي ۽ سندس زيور ۽ پڦيءَ جا زيور سندس اڻ ڏٺي زال لاءِ رکيل هئا، جيڪي امان کان شاديءَ جي پهرين رات تي ڦري ورتا هئائون.
هڪ شام جو جڏهن مان هميشہ جيان ڏاڏيءَ وٽ ويس، ان وقت پاڇا لڙي ويا هئا، سج وڻن جي پويان لهي ويو هو ۽ آسمان تي لالاڻ هئي. پکيئڙن جي چون چون به جهڪي ٿيندي پئي وئي. تنهن شام جو ڏاڏي کٽ تي ستل هئي ۽ پڦيءَ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هوءَ به کٽ جي ٻاهينءَ تي اچي ويٺي ۽ ٻانهن کي زور پئي ڏنائين، کٽ جي ڀر ۾ پيل ٽيبل تي ڪجهه دوائن جون شيشيون پيون هيون ۽ گلاس به پيو هو.
”امان پدما. منهنجن لڱن منجهان ساهه ڇڏائيندا پيا وڃن“، هن ٻانهن مٿي کنئين پر وري هيٺ ڪري پيس ڄڻ ٻانهن هڏن ۽ گوشت جي ٺهيل نه هئي پر ڪا اڳڙي هئي، هن جي سڄي جسم تي گهنج هئا ۽ ٻانهن تي به  ڊگها ڊگها گهنج هئس.
”ارباب. امان اندران هندستاني پراڻا رڪاٽ ته کڻي اچ“. منهنجي ڏاڏي تمام جهيڻي آواز ۾ چيو، لڳو ٿي پساهه سندس هنئين تي اچي بيٺا هئا ۽ پرڙا ڪري اڏامڻ وارا هئا، ڌيڻس اهو ڄاتو ٿي، ان ڪري هن ي دل نٿي چاهيو ته پوين گهڙين ۾ هوءَ اندر وڃي ۽ امڙ پويان مري وڃي.
”امان. منهنجا ائين ساهه ڏکيا نڪرندا، تون وڃين نٿي.....؟ منهنجو ائين ساهه نه نڪرندو.“ ڌيڻس پوءِ به اتان نه هٽي. ”ڏس هاڻي ته منهنجي هن ٻانهن مان به ساهه نڪري ويو آهي ۽ ساهه هينئر...... هينئر تون ڇا منهنجو پوين گهڙين ۾ به چيو نه ڪندينءَ.؟ ڏس مان توکان گهڻو ته ڪونه ٿي گهران....“ ڏاڏيءَ ڪافي وقفي کان پوءِ ٽٽل ٽٽل لفظن ۾ چيو، ڌيڻس جي اکين ۾ اٽڪيل ڳوڙها وهي ڳلن تي ڪريا ۽ هوءَ اندر هلي وئي، اندر اوندهه انڌڪار هئي، ڪمري پويان ڪمرو ۽ ان آخري ڪمري منجهه ڪوبه روشندان يا دري نه هئا، بس رڳو ٻه در هيس، هڪ در ڪمري ۾ پئي کليو ۽ ٻيو هال ۾. هال وارو در هميشہ بند رهندو هو، ان ڪمري منجهه هڪ پينگهو هو. پينگهو ڏاڍو خوبصورت هو، مضبوط ۽ جنڊيءَ جو ڪم ٿيل، ان جو هندورو ڪوچ وانگر ٺهيل هو، ڀت سان وڏيون وڏيون لوهه جون پيٽيون رکيل هيون.
در جي ڀرسان ڪنڊ ۾ هڪ هالن جي کٽ رکيل هئي، جنهن مٿان هنڌ وڇايل هو. هن پهريان ٽپائي آڻي ٻاهر رکي، پوءِ وري اندر وئي ۽ گرام فونو ٻاهر کڻي اچي ان ٽپائي تي رکيو، گرام فون ۾ چاٻي ڀري ۽ مٿان رڪاٽ چاڙهيو ۽ مائيڪ جو منهن ڦيري سئي رڪاٽ مٿان لڳائي: جگ موهن جو مٺڙو مٺڙو آواز اڀريو:
مت ڪر هار سنگار سندري........
مت ڪر هار سنگار........
پدما کي به اهي گيت ڏاڍا مٺا لڳندا هئا، هوءَ بظاهر راند ۾ رڌل هوندي هئي پر سندس سڄو ذهن ان طرف هوندو هو. هن ڏاڏي منجهه نهاريو، ڏاڏي ڪيتري نه مهان هئي! ماڻهن کي مرڻ گهڙيءَ تائين دولت جو حرس ۽ هوس نه ڇڏيندا آهن، پر ڏاڏيءَ جا ساهه نٿي نڪتا، رڳو هڪ گيت جي صدا ٻڌڻ لاءِ هوءَ جيئري هئي. رڳو هڪ گيت جي تمنا. گيت جا ٽي چار ٻول ڏاڏيءَ جي ڪنن تائين پهتا ۽ ان بعد سندس ساهه پرڙا ڪري اڏامي ويا ۽ ڏاڏيءَ جو ڪنڌ هڪ پاسي لڙي ويو. پڦي سندس مٿان رڙ ڪري ڪِري پئي ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي، ”امان. منهنجي جيجل ماءُ. منهنجي آيل.“ تنهن بعد سندس اوڇنگارون گيت جي آواز ۾ رلجي ملجي ويون.


No comments:

Post a Comment