Monday, February 4, 2013

مٺيءَ ڀر ممتا ماءُ - نامديو تارا چنداڻي


مٺيءَ ڀر ممتا ماءُ
نامديو تارا چنداڻي
هوش جا ترنگ موٽڻ تي شرير وري ياد پوي ٿو. درد کي به هوش اچي ٿو وڃي ڄڻ. درد ايترو جو جيئڻ تي افسوس ٿيڻ لڳي. موت مٺو لڳي. وري ٻار جي ياد پويس ٿي. هن کي ٻڌڻ ۾ آيو؛ پٽ ڄائو آهي. ڀڻ ڀڻ ڪن تي پيئي هئي. هڪ پل درد بي هوش ٿي وڃي ڄڻ. هوءَ من ۾ ٿورو سرهي ٿئي ٿي. خبر ناھه ڇا ٿي رهيو آهي. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. لفظ هن جي ڪن تي پيا. هن سامت جو ساھه کنيو. وري هوش جا ترنگ گم ٿيڻ لڳا. وري مدهوشي. مدهوشيءَ کان بي هوشي! لنبي خاموشي! ڪو به آواز نه! ڀڻڪو به نه! هوءَ پوري طرح بي خبر آهي ته هن تي گهڻا دفعا رت چاڙهيو ويو آهي، ته هن جو ٻار به ٺيڪ ٺاڪ نه آهي ته هوءَ خود به ٺيڪ ٺاڪ نه آهي ته کيس وڏي علاج لاءِ ايمبولنس ۾ پري وڃڻو آهي. ته هوءَ خود به آءِ سي يو ۾ آهي، ته هن جو تازو ڄاول ٻار به آءِ سي يو ۾آهي.

پيءُ:
بيوسيءَ جو ايترو تکو احساس! انسان ڪيترو نه بيوس آهي! سوچ جو به پورو ساٿ نه آهي. ڪڏهن ڪيئن ٿو لڳي، ڪڏهن ڪيئن. ڪڏهن اميد سهارو بڻجي ٿي، ڪڏهن پاڇو بڻجي ٿي وڃي. آخر به ڪير ڪنهن جو ڪيترو ساٿ ڏئي سگهندو.
جذبات ۽ ٻُڌيءَ جي لڙائي! اندر جي ميدان تي! ڪڏهن هو ٻُڌيءَ جي ڳالھه ٻڌي ٿو، ڪڏهن وري جذبات جي! هو بيحد فڪر ۾ آهي. مٽ مائٽ، يار دوست به هن جيان فڪر ۾ آهن. ڊاڪٽر حيلا هلائي رهيا آهن هن کي ٻڌايو اٿائون ماءُ ۽ ٻار ٻنهي کي خطرو آهي. بچيو به ته سنئون سڌو نه هوندو. بريءَ طرح معذور هوندو. هن جي دماغ تائين رت برابر نه پهتو آهي. هو دماغي طرح بيحد معذور ٿي سگهي ٿو. وڌيڪ ممڪن آهي ته هن کي بچائڻ جا اپاءَ گهڻو جٽاءُ ئي نه ڪن. هو شايد ڪي ڪلاڪ ڪي ڏينهن يا ڪي سال ئي ڪڍي سگهي.
پر هن جو من منجهيل آهي. ڊاڪٽر هن کي سڀني جي سامهون چئي رهيو آهي، اهڙو ٻار پالڻ خود ۾ هڪ چئلينج آهي. اسان ڊاڪٽرهاڻ اهڙي ٻار کي زوريءَ بچائڻ جي صلاح نه ڏيندا آهيون. توهان ٻئي ڊاڪٽر جي صلاح ضرور وٺو. اسان پاڻ به ائين ڪندا آهيون. ان سان من مضبوط ٿيندو آهي. ٻيو ڊاڪٽر به ساڳي ڳالھه ٻئي نموني چئي ويو. ٻار جي دماغ جو پورو وڪاس نه ٿيو آهي. هلندڙ علاج خود ئي ٻار تي ڀاري پئجي سگهي ٿو. وري به فيصلو توهان کي جلد ڪرڻو پوندو. ماءُ کي ته علاج لاءِ ٻاهر موڪلڻو ئي پوندو. ٻار لاءِ الڳ ايمبولنس ڪرڻ بهتر ٿيندو. نه ته ماءُ اهو برداشت نه ڪري سگهندي. چار ڪلاڪ وڏو سفر آهي هن کي وچ وچ ۾ هوش ايندو هوندو.
مائٽ:
پهرين ايمبولنس رواني ٿي آهي. ماءُ سان گڏ ڪي ويجها مائٽ به ويٺا آهن. هڪ ڊاڪٽر به ويٺو آهي. ٻاٽلا چالو رکڻا آهن. آڪسيجن به چالو رکڻي آهي. ايڪسٽرا سلينڊر به کنيو ويو آهي. مائٽ چست آهن. مجبوريون انسان کي چست بڻائين ٿيون. ماءُ کي ٻار جي خاص خبر نه آهي. مائٽ به سياڻا بڻيا آهن. ماءُ کي سچ ٻڌائڻ نه سولو آهي ۽ نه ضروري. مائٽ فقط محنت ڪري رهيا آهن. مدد ڪري رهيا آهن. دعا ڪري رهيا آهن. ٻنهي کي بهتر بڻائي گهر وٺي اچڻ جا سپنا دهرائي رهيا آهن.
ٻي ايمبولنس اڌ ڪلاڪ پوءِ هلي آهي. ٻيا مائٽ ان ۾ ٻار کي سنڀالي رهيا آهن. ٻار نرس جي حوالي آهي. آڪسيجن جي حوالي آهي. ڀڳوان ڀروسي آهي. ڊاڪٽرن جو رايو کين به معلوم آهي. هوُ به ٻڏتر ۾ آهن. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته پيءُ خود علاج بند ڪرائڻ جي اجازت ڏئي. ڪيئن ٿو ڏيئي سگهي؟ مائٽن ۾ ڪي ماڊرن آهن. ڪي روايتي آهن. ڪي ڌارمڪ آهن. ڪي شرڌالو آهن. هو من ۾ بانسون باسي رهيا آهن.ڪي ايشور کي ياد ڪري رهيا آهن. ڪي عجب ۾ خاموش آهن. هڪ مائٽ ٻئي کان آهستي پچڻ ٿو چاهي، اسان ته ڪڏهن ائين ڪو نه ٻڌوآهي ته ٻار کي بچائڻ بجاءِ علاج بند ڪرائڻ جي صلاح ڏني وڃي. ٻيو مائٽ خاموشيءَ سان پنهنجي بيوسي جتائي ٿو. ٽيون به چپ آهي. ڊاڪٽرن جي سمجهه ۾ ٻار دماغي طور بيحد ڪمزور آهي. پنهنجو پاڻ ڪو نه جي سگهندو. هر پل هن کي سهارو کپندو. عمر ڀر، پر ڊاڪٽرن کي اها پڪ ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ هو غلط هجن ته؟ پر مائٽن جو من ڊاڪٽرن لاءِ ڪا به نفرت ڪا نه ٿو ڪري. هو ته پاڻ ڪمائڻ لاءَ علاج جاري رکڻ چاهيندا هجن. هي ته هنن جي ڪمائي بند ڪري رهيا آهن. ائين ته ڪونهي، ٻين ڊاڪٽرن وٽ وڃڻو آهي، انڪري مائٽن جو من گهمندو ٿو رهي. ڏسون ٻئي هنڌ وڏي شهر جا وڏا ڊاڪٽر ڇا ٿا چون. اهي ته ضرور علاج جاري رکندا. هنن جو فرض آهي علاج ڪرڻ. آخر تائين، پوءِ مريض جو جيڪو ڀاڳ.
ماءُ :
هوءَ سجاڳ آهي. ٻئي پيشنٽ الڳ الڳ ڪمرن ۾ داخل آهن. ماءُ ايترو ڀڻڪو جهٽي ٿي وٺي. يعنيٰ هن جو ٻار به ٺيڪ ٺاڪ نه آهي. هو به هت علاج لاءِ آيل آهي. هن جو من مايوس ٿي وڃي ٿو. آخر هن ڪهڙو گناھه ڪيو آهي؟ هن جي ٻار ڪهڙو گناھه ڪيو آهي. ڪرمن جو ڦل آهي. پر ٻار ته اڃا ڪوئي ڪرم ئي ڪو نه ڪيو آهي. ته پوءِ پڪ ئي پڪ گذريل جنمن جي ڪرمن جو ڦل هوندو. پر ان سان منهنجو ميل ڪيئن ٿو ٿئي ؟ ضرور اسان جا ڪرم اهڙا هوندا. بي انت مايا آهي. هي ڀڳوان!
تنهن کان ته موت ڀلو. هيءُ دک سهڻ کان ٻاهر آهن. مان نه بچندس ته ٻار کي سهارو ڪير ڏيندو. ماءُ ته ماءُ آهي. ٻار نه بچيو ته مان ڪيئن سهندس. هن جي سوچ جو سلسلو وڌيڪ ڪو نه هلي سگهيو.جيڪو ڪجھه هو ڀڻ ڀڻ ۾ ٻڌندي رهي هئي، هن جي من ۾ دهرائجي رهيو هو. هن جي پنهنجي سمجهه سالم نه رهي هئي. ڪن پلن جي سجاڳيءَ جو وڦلجڻ. وري لنبي خاموشي. ڊاڪٽر هن جي علاج ۾ وڌيڪ آشاوادي آهن. هن جو سجاڳ ٿيڻ ان جو سبب هو . پر هو وري ٻار ٿيڻ جو امڪان بچائي نه سگهيا آهن. اهو اڳ ئي وڃائي چڪا آهن. هنن وٽ تمام ٿورا ئي آپشن بچيا هئا.ماءُ جي بچائڻ جا حيلا  هلائڻ ۾ هنن کان ٻئي ٻار جو امڪان ڪو نه بچيو. ٻچيداني ڪڍڻي پيئي. سهمتي ڏيڻي پيئي!
پيءُ؛
شانت چتُ ۽ دور درشٽيءَ سان سوچيو. اسان کي خبر آهي اسان ڇا ٿا چئون. پر هن دنيا ۾ هڪ اهڙو اپاهج ٻار توهان کي ڇو کپي جيڪو دماغ سان ته پڪ ئي پڪ اپاهج هوندو پر تن سان به بيحد ڪمزور هوندو. هن جي عمر گهڻي رهڻي نه آهي. مشڪل سان هو ڪجھه سال جي سگهي. برابر اسان کي اهو ڀروسو ڏيڻ جو ڪو ٻيو اپاءُ نه آهي. پر لنبو تجربو اوس آهي. اسان آڪسيجن هلائي رهيا آهيون. شايد ٻار ڪجھه ڪلاڪن ۾ ڪلينيڪل فائيٽ سهي نه سگهي. ان حالت ۾ توهان ۽ اسان کي ڪو فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪجھه بچيو نه آهي. پر جي فائيٽ ڪري وڃي ۽ بچي وڃي ته توهان کي علاج جاري رکڻ لاءِ سوچڻ گهرجي. اسان ان جي فائدي ۾ نه آهيون.
هتان جا ڊاڪٽر به ساڳئي ڳالھه چئي رهيا آهن. کلن ڳالهائن ڪو نه ٿا. بلڪل گنڀير آهن. هنن کي پڪ آهي ته ٻار جي دماغي حالت ٺيڪ نه رهڻي آهي. علاج صلاح ڀريو نه آهي. مائٽ ڪا راءِ ڪا نه ٿا ڏين، ماءُ کي ته خاص ڪا خبر به نه آهي. پيءُ من سان منجهيل آهي. اڄ ٽيون ڏينهن آهي. هو هڪ عجيب ڳالھه ٻڌي رهيو آهي. هو ڪيئن فيصلوڪري. ڪنهن کان پڇي؟ ماءُ کان؟ هوءَ ته بيهوش آهي. پر هوءَ ڪيئن فيصلو ڪري سگهندي. جيڪا خود به خطري کان ٻاهر آهي الائي نه. ڪنهن سان صلاح ڪري ٿي سگهجي. وڏو ڀاءُ لڳاتار فون تي پڇ پڇ ڪري رهيو آهي. هن کي به ڪو سڌو جواب ڪو نه ٿو ملي. کيس سڃاتل قابل وڏن عهدن تي رهيل ڪا به صلاح ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿا. چون ٿا ڊاڪٽر جيئن چون!
مائٽ:
سس پس وڌي ويئي آهي. شايد ٻار سنڪٽ مان نڪري ويو آهي يا شايد بچڻ جي اميد نه رهي آهي. يا شايد.. .. ... ڪجھه پتو نٿو پوي. ڊاڪٽر ۽ نرسون اچ وڃ ڪن ٿا. هوُ سڃاڻجي نه رهيا آهن. پر پهرين کان وڌيڪ هلچل آهي. مائٽ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا آهن. ڊاڪٽر ماءُ لاءَ آشاوادي آهن. پر ٻار جي الجهن جو ڇا ڪجي ؟ برابر مند ٻُڌي ٻار جو  جيئڻ ڪيترو نه ڏکيو آهي. هن لاءِ به گهر وارن لاءِ به. پر ائين ڪير ڪيئن ٿو چئي سگهي ته علاج بند ڪريو. آڪسيجن بند ڪريو. اسان اهڙو اپاهج ٻار پالڻ ڪو نه ٿا چاهيون. ماءُ ڇا چوندي ؟ پيءُ ڇا چوندو ؟ جي سچ پچ اهو مڃجي ته ڊاڪٽرن جي ڳالهه برابر آهي. اڳ اسان کي ائين پئي لڳو ته شايد جي ڊاڪٽر ٻاهر موڪلي رهيا آهن انڪري هو علاج جاري رکڻ جي فائدي ۾ نه آهن! پر هت ته اها ڳالهه نه آهي. هت جيڪڏهن علاج جاري رکندا ته هنن جي ڌنڌي جي لحاظ کان ته هو چاهيندا. لنبو علاج گهڻو لنبو به هلي سگهي ٿو. هيءَ ڪا سرڪاري اسپتال ته ڪا نه آهي. هت ته هر ڪنهن کي پنهنجي ڪم جا پيسا ملندا آهن. پوءِ به هو علاج نه ڪرائڻ جي صلاح ڏيئي رهيا آهن. اپاهج ٻار دنيا تي بار، مائٽن تي بار، پنهنجو بار به نه سنڀالي سگهي. هن کي خود به جيئڻ مان ڪهڙو آنند ملندو ؟ هميشه ٻين جي سهاري لاءِ هٿ کڻي نهاريندو. اهڙو جيون ڏيئي اسان ٻار سان ڀلائي ڪري رهيا آهيون يا ..... پر ... ... مائٽ به منجهي رهيا آهن. پيءُ کي ڪا صلاح ڏيڻ ۾ سهمت ڪو نه ٿي رهيا آهن. يا همٿ ڪو نه ڪري سگهيا آهن. همٿ ته پيءُ کي ڪرڻي پوندي. اسان ڪيئن ڪريون. ڪيئن چئون.
ماءُ:
ٻار کي بچائڻ جا حيلا هلائيندا رهيا. پر سڀ نصيب جي ٻلهاري آهي. ڊاڪٽرن جي وس ۾ به ڪيترو هوندو! هنن ته ڪائي ڪثر ڪا نه ڇڏي. ڏاڍو ادم ڪيائون. اڌ رات جو ڪيترا ڊاڪٽر گڏ ٿي ويا. هو جيڪي ليڊيز آهن اهي به نرسون نه آهن. اهي به ڊاڪٽرياڻيون آهن. پر ڪنهن جو وس ڪو نه هليو. آخر ڊاڪٽرن جواب ڏنو. ٻار کي ڪو نه بچائي سگهياسين.
ماءُ هاڻ هوش ۾ آئي. هن کي سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته هوءَ ڇا ٻڌي رهي آهي، هاڻ ڊاڪٽر هن سان ملڻ جي اجازت ڏني آهي. مائٽ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا آهن جيئن هن کي خبر پوي. آخر به ته سهڻو هن کي پوندو ئي. پر هوءَ لنبي خاموشيءَ مان اڳ ئي سمجهي ويئي هئي. حالت گنڀير آهي. هن کي بس ايتري خبر پيئي ٻار ڪو نه بچي سگهيو. هو ڇو ڪو نه بچي سگهيو يا حالت گنڀير هئي اها خبر هن کي ڪا نه هئي. ڊاڪٽرن مائٽن کي ٻاهر گهرائي پيءُ کي موڪليو. پيءَ چپ چاپ ٻئي ٻانهون ٻڌي اڳيان بيٺو رهيو. نرس هن کي ٻڌايو. هن کي خبر آهي. هوءَ بهادر آهي. جيڪو ٿيو ان کي قبول ڪرڻو آهي. جيڪا ايشور جي مرضي.
ماءُ ڏٺو سڀ خاموش آهن. مائٽ خاموش آهن. پيءُ خاموش آهي. هن کي سڌ نه هئي. پيءُ ڪيئن مٺيءَ ڀر ممتا کي  ڪهڙيءَ مجبوريءَ سان ۽ ڪهڙي من سان مٽي کي سپرد ڪيو هو.

No comments:

Post a Comment