Thursday, January 31, 2013

مـاءُ جـي جھـولِـي - جمال ابڙو

مـاءُ جـي جھـولِـي
جمال ابڙو
اسين مڙوئي پراڻين خيالن وارا آھيون. بيگم صاحب ته نون سالن جي عمر کان پڙدو ڪيو ۽ در کان ٻاھر گھٽيءَ ۾ ڪانه نڪتي. سنڌي وچولي طبقي جي ڪلچر ۾ رچيل. اخلاقيات کي آسماني مذھبي درجو. مجال جو ڪو ھان! ڇا؟ يا ڇو؟ چوي. جيءُ! ۽ حاضر! پئي پوندي. حجاب اھڙو جو زبان بند اکيون ھيٺ. شاديءَ کان پوءِ سڄو سارو مھينو خود مون کي اکيون کولي ڪو نه ڏٺائين.

ھڪ ويري ٻاھر اڱڻ ۾ مان دوستن سان ويٺو ھئس. جيپ اچي اندرئين دروازي وٽ بيٺي. بيگم صاحب لھي ئي نه. اٿي ويس. برقعي ۾ ويڙھيل پر لھي ئي ڪانه! چئي، ”ماڻھو ويٺا آھن ڪيئن لھان؟“ مان کيس سرڪار سڏيان چيم، ”سرڪار مان اوٽ ڪري ٿو بيھان. توھان اڳيان  ٿي لنگھي وڃو!“ اندر ٿيا سون ته پگھر ۾ شل پريشان ڪرسيءَ ۾ اھلي پئي. پڇيم، ”سرڪار خير!“ ائين چئي مون کي لڳو ڄڻ ڪپڙا ئي ڪو نه ھئم. ڪراچيءَ ۾ ته سڀڪو سُڌري ٿو وڃي. چِلمن جي پٺيان بيھڻ وارا ۽ ڪنيز جي معرفت ”ڪهه دو!“ چوڻ وارا ٽئسٽ ۽ راڪ اينڊ رول ۾ ٿڙڪندا ڏٺاسون. پر اسان سنڌ وارن جي مٽيءَ ۽ ڪلچر سان اھڙي ڪا وابستگي آھي جو ڇڄي به نه ٿا ڇڄون. پرنس ڪريم آغا خان ۽ بيگم آغا خان گورنر طرفان ڊنر جي دعوت اسان کي به ملي. شوق ۽ اشتياق ھوندي به ڪو نه وياسون. سرڪار جو خيال ھو ته ”ھيترن سارن مڙدن ۾ گھٻراھٽ ٿيندي ۽ مزو نه ايندو.“
وري اچو صفائيءَ تي. صفائي سٿرائي اھڙي جو مک پئي ترڪندي. فرش پيا ڌوپندا ۽ اگھبا. ٻار اھڙا جھڙا گلڙا. ميرائي گدلائي اصلي نه. گند ڪچري يا رڳو مئل ڪاڪروچ تي نظر پئي ته دل پئي ڪچي ٿيندي ۽ آت اجهڪا ايندا.
اسان وٽ بنگلي ۾ ٻه سرونٽ ڪوارٽر آھن. ھڪ ڏينھن ھڪ مائي ٻارن جو ٽولو وٺي اندر ھلي آئي. ”او بيگم صاحب غريب ٻچڙوال ھان نڪي نڪي ٻچي ھِن، بُک پي مرندي ھِن، سارا ڪم ڪرسان!“ ھڪ مائي پاڻ گدلي ميري ٻيو ٻار ڪارا ڪلوٽا، ميرا سِنگهر. بيگم صاحب کڻي نڪ تي ڪپڙو ڏنو. ھڏي مان چيائين ”نڪر ٻاھر!“ مائي ”ھاءِ الله!“ چئي جيڪي سو پلٿي ماري ويھي رھي، ”ڪٿي جاوان ڪي ڪران! جهنگل ٻيل جھڙا شھر، رُل ويسان، مرويسان! معصوم ٻچان نون ويک!“ بيگم صاحب ڪرڀ ۽ ڪراھت مان نھاري اٿي آئي. مان وچ ۾ پيس، ”سرڪار، ڏکن ماري، ٻچن واري آھي، پئي ھوندي ڪوارٽر ۾... ماني الله جي آھي. بچو سچو ٽُڪر ڀور پيا کائيندا!“
”پر ھي منھنجي سامھون نه ايندا! گھر ۾ اندر به نه گهڙندا!“ مائيءَ ھڪدم عملي مظاھرو ڪندي ٻارڙن کي ڪُٽي ٻاھر ڪڍيو. بيگم صاحب شوخ ٿي چيو؛ ”تون به نه ايندينءَ، ٻاھر باغ ۾ ايوان ۾ صفائي ڪندي ڪر!“ مائي ۽ ٻار نڪري ويا ته چيائين؛ ”اڃا بانس پئي اچي!“ اٿي خوشبوءُ دار فلٽ ھنيائين؛ ”پڪ ڀنگياڻي آھي!“
مھينا گذري ويا. ڪراچيءَ کي الائي ڪھڙي نظر لڳي وئي. ھت ته بھاري، ڀنگي، بنگالي سڀ خوش رھندا ھئا. ھي ھنگاما ڪنھن آندا. گوڙ، فساد، بم، باھيون، قتل، نفرتن جا ديو، ڪلفتن ۽ ڪدورتن جا ڪارونڀار ڪٿان ڪر کڻي، چنبا ڪڍي گرڻ، ڀونڪڻ ۽ ڏاڙھڻ لڳا ھئا. مان آفيس کان گهر ڪار ۾ ھوندي به ڊنل ۽ ھيسيل ھئس. گهر ڀرسان پھتس ته ڇڪا ڇٽي ويا. گيٽ جي ٻاھران ڪيئي گندا گدلا ماڻھو گهيرو ٺاھيو بيٺا ھئا. ڌاڙيل، مُڇر، وڏا وار منجهيل چيڙهه ڀريل، نيزا، لٺيون، ڏنڊا. وچ تي ھڪ ننڍڙو ميرو ڪچيلو، چِپين ڀريل، سِنگهر ٻار بيٺو ھو. اندران آواز آيو، ”او ويرا! نِڪا اي، معصوم اي!“ ڄڻ ته باهه تي گاسليٽ پيو. لٺيون اڀيون ٿيون ۽ ڪنھن رڙ ڪئي؛ ”سپ ٽار....!“ ائين ٺَڪاءُ ڏيئي لوھي در کليو. ھڪ بيگم صاحب، مٿو اگھاڙو، پير اگھاڙا، سَٽ ڏيئي نڪتي ۽ وڃي ٻار کي ڪڇ ۾ کنيائين. ٺيٺ سنڌيءَ ۾ چيائين؛ ”شير شاهه جو شِڪرو گھر جا ڪُڪڙ ماري، حياءُ نٿو اچيو!“ ماڻھن کي اعتبار نه آيو؛ ”ھي تنھنجو ٻار آھي؟ تون ھن جي ماءُ آھين؟“
”ڇو؟ مان ماءُ نه ٿي لڳان!“ مون کي به داءُ تي لڳايائين. چي؛ ’ھي فلاڻي جو گھر آھي. شرم ڪيو!‘ اتي مان به ماڻھن کي ڌڪي اندر ٿيس. عجيب تشڪر ۽ اطمينان سان مرڪندي سندس ٻانھن ۾ ھٿ وڌم. چيم؛ ”سرڪار اندر ھلو!“
ڏٺم ته ٻار کي ڇاتي سان چنبڙائي ڇڏيو ھئائين. چيم؛ ”سرڪار ڀنگياڻيءَ جو ٻار!“
”ڀنگياڻي ھجي ڪه پنجاپڻ، پناھگير... ماءُ جي جھولي ته خالي ٿئي ھا نه؟“ مون ڏٺو سندس اکين ۾ لڙڪ ھئا ۽ مائيءَ جا ڳوڙھا ته اڻ ڳڻيا اڻ جهليا پي وھيا. مون باغ جي مٽي کڻي چيو؛ ”سنڌ جي مٽيءَ کي سلام، سنڌوءَ جي مٽيالي پاڻيءَ کي سلام، گهوگهاري ۽ گَٽگھڙ جي سڳداسين کي سلام!“

No comments:

Post a Comment