Wednesday, January 30, 2013

پِشـُو پـاشـا - جمال ابڙو


پِشـُو پـاشـا
جمال ابڙو
رياست جي عدالت عاليه جون شوخ ۽ ڪرڙيون ڀتيون، شھر کان پري ٽڪريءَ جي ڀرسان اڏول ٿيون بيٺيون ھيون. عمارت جون ڊگھيون پٿريليون ڀتيون، ويڪرا چپٿرا منارا ۽ وڏا شاھي در، ٺھرائيندڙ جي ارادن ۽ منصوبن جو پورو پورو نقشو چٽي رھيا ھئا. ٽڪريءَ جي اوچائي، عمارت جي بي رخي ۽ وچ واري پوٺي جي رکائي ڄڻ ته پاڻ ۾ ٻٽ ٿي، ڄاڻي واڻي ھن انصاف جي گھر کي عام بستيءَ کان ڇني ڌار ڪري رھيون ھيون. ويتر ڪارو لوھي ڪڙن وارو غير ملڪي جهنگلو ڄڻ ته مڪون الاري دڙڪا ڏيئي رھيو ھو.

ھن عدالت عاليه ۾ ملڪ جي قانون جي ڀڃ گھڙ ڪري چِٻي، چِٿي، فتوائون ثابت ڪيون وينديون ھيون. ھت قانون جي تشريح ٿيندي ھوئي. قانون کي وٽ- وڪڙ ۽ وَر ڏنا ويندا ھئا. اھي چٻيل، چٿيل ۽ مروٽيلسروٽيل قانون معصوم شھرين جي مٿان پنجوڙ وانگر اڇلايا ويندا ھئا. لوھي جھنگلي ۾ جڪڙيل ۽ پٿر جي ديوارين ۾ بند ٿيل دماغن جا گول مول جملا ڳوٺڙن، ماٿرين ۽ چراگاھن جي کليل ھوائن ۾ ڏنڊي جي زور سان ھلايا ويندا ھئا. عدالت عاليه جي چوٽين مان اھي قانونن جا زنجيرن جي نڪري، وڃي ملڪ جي سرحدن ۾ کپندا ھئا ۽ سڄو ملڪ زنجيرين جي ڪڙن ۾ جڪڙجي لوھه ٿي ويندو ھو.
اڄوڪي ڏينھن عدالت عاليه جي ٻاھران حشام ماڻھن جا اچي گڏ ٿيا ھئا. ڊگھين ڏاڙھين ۽ ڊگھن وارن  وارا ٽاڪرو جوان، ڄڻ ته الائي ڪٿان اچي ڪڙڪيا ھئا. گرم ھوا ۽ لَڪ جي ڪري سڀني جون ٻُٽون ٻڌل ھيون. سندن اکيون ڳاڙھيون ۽ سندن زبانون خاموش ھيون. سندن اندر ۾ اڌما ھئا. ڪوسي جھولي ور ور ڪري عدالت عاليه جي ڀتين سان ٽَڪر پئي کاڌا.
ان ڏينھن ”جابلو شينھنتي ڪيس ھلڻو ھو. سچ پچ به شينھن جھڙو مڙس ھو. ڊگھو ۽ قداور، لڱ مروڙ، رڪ جھڙو چيڙھالو. سندس ڏاڙھي، مٿي ۽ مڇن جا وار ڪڪا ھئا. سندس سڄي بدن تي ڀُوري بَجِ ھئي. مائٽن سندس نالو پِشـُو رکيو ھو، پر جابلو ماڻھو کيس پِشـُو پاشا ڪري سڏيندا ھئا. سندس ڇاتي ويڪري، ٻانهون مضبوط ۽ ڳچي مضبوط ۽ ڳچي ڀريل هئي؛ ٽنگون هڙاپيل پاوا، سندس ڪارين اکين مان شوخي، ضد، ارڏائي، صاف گوئي ۽ لاپرواھي ظاھر ظھور ڇُلڪي رھيون ھيون.
عدالت ۾ غير معمولي چرپر ھئي. سپاھين جي اچ وڃ، ھٿيارن جي ڇڻ ڇڻ، قانون دانن جا ڪارا جبا ۽ اڇا ڪالر- ڀوتن وانگر اچ وڃ لڳي پيئي ھئي. پوليس عملدار، شاھدن کي وري وري سمجھائي ۽ سيکاري رھيا ھئا. عدالت جي ڀتين جي اوٽ ۾ سڀني جي سامھون کليو کلايو، دڙڪن ۽ دٻاون جي ڌم ۽ اکرن جي ڀڃ ڊاھه ٿي رھي ھئي. ڏٺو وائٺو ثابتيون ٺاھيون ۽ بنايون ٿي ويون. قانون جا رکپال قانون کي مروڙي ۽ گُهٽي رھيا ھئا. ائين ٿي ڏٺو ته عدالتي مشينريءَ جي ھڙني پرزن انصاف کي ڪھڻ لاءِ ٻڌي ڪئي ھئي.
جج صاحب واري ٿلھي تي، وڏي گنبذ ھيٺيان، ھڪ وڏي اڌ گول ميز رکيل ھئي. ان جي پٺيان ھڪ ڊگھي، ٽيڪ واري ڪرسي، جنھن جي مٿان فضليت ماب جو فوٽو ٽنگيل ھو. ميز تي وڏن وڏن ٿلھن ڪتابن جون ڍِڳيون ۽ ڀر وارن ڪٻٽن ۾ اڪيچار ڪتابن جون قطارون ھيون. اوچتو چوبدار خبردار پڪاريو- ۽ ھڪ ننڍڙو سنھڙو جج ھڪ ننڍڙي بند دروازي مان نڪري، وڃي ڪرسي ۾ پيو، ڄڻ ته ڪرسي ۽ ميز سندس بدن کي ڳڙڪائي ويون ھيون، ۽ ڪتابن کڻي ڳٿڙ کان جھليو ھئس. ھن اکيون مچڪائي، ھيڏي ھوڏي نھاريو، ڪجھه ڪاغذ اٿلايا ۽پِشـُو کي مخاطب ٿيو، ڇا، تو سان ناحق آھي؟ ڇا ڦاسايو ويو آھي؟ پِشـُوءَ کي ڄڻ ته باھه وٺي ويئي. ٽپو ڏيئي اٿيو چي، ناحق آھي توسان، ڦاٿل آھين تون!جج صاحب کان ڌرڙي نڪري ويئي، ڄڻ ته سندس راز فاش ٿي پيو ھو. وائڙو ٿي جوابدار ڏانھن ڏٺائين، ڪتابن ڏانه ڏٺائين، فضيلت ماب جي فوٽوءَ ڏانهن ڏٺائين، عدالت جي ڊگھين ديوارين ڏانھن ڏٺائين، ۽ ان ننڍڙي دروازي ڏانھن ڏٺائين جتان پاڻ ڪُئي وانگر نڪتو ھو.
پِشـُوءَ جي اھا ننڍي ھوندي کان ئي عادت ھئي، جيڪي چئبو ھوس، سو وري ڦھڪائي ڏيندو ھو ۽ وري ان جي ابتڙ ڪري ڏيکاريندو. ننڍي ھوندي کيس چوندا ھئا، تون شڪر گنج واري چوٽيءَ تي اصل ڪونه چڙھي سگھندين! بس پِشـُو چڻنگ ٿي ويندو- چي، تون ڪونه چڙھي سگھندين! پوءِ ته سڀني جي ڏٺي، ڇلانگ ڏيندو، ريڙھيون پائيندو، لٽڪندو، وڃي چوٽيءَ تي پھچھندو ھو. وري سھڪندو لھندو، لھڻ سان لُوھه ڪيو، ان ماڻھوءَ تي ڪاھيو ايندو. ڀائيندو ته کيس دسي، ڪيرائي، گُهٽا ڏيئي، چوي ته ڏٺئه! تون ڪونه چڙھي سگھندين!
سندس اٿڻ ويھڻ، کائڻ پھرڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ سڀ کھرو ھو. جيڪي آيس، منھن تي وھائي ڏيندو. مڙڻ وارو مڙس ئي نه ھو. ھڪ دفعي، ھتو تتو، رئيس گل خان جي اوطاق وٽان لنگھيو. اُڃ کان ساھه ٿي ويس. نه ڪيائين ھم نه تم، سڌو وڃي رئيس جو گلاس کنيائين. سڀني گھڻو ئي متان! متان! ڪيس، پر ھيءُ يار ٻه ٽي گلاس چاڙھي ويو. اتي ئي گلاس اونڌو ڪري چيائين تهادا ڇو، ڪو چُھڙي جو گلاس ھو ڇا؟
پِشـُو قدرت جي ھڪ اڻ گھڙيل تخليق ھو. ننڍي ھوندي کان ئي ڇيڳرو، الڙ ۽ ارڏو ھوندو ھو. ھو پھاڙن ۾ ڄائو ۽ پھاڙن ۾ پليو، بس پھاڙ ھئا، پٿر ھئا، ۽ پِشـُو ھو. اُڀا اُڀا جيئرا جاڳندا پَـھڻ. رڍون ۽ پِشـُو به ڄڻ ته چرندڙ پرندڙ پھڻ ھئو. پھڻن جي پيٽ مان نڪتل تازا ٻچڙا! پھڻن جي اوٽ ۾ ۽ پھڻن جي مٿان وتندا ھئا ڊوڙيندا ۽ ٽپندا. ائين ٿي معلوم ٿيو ته پھڻ، پِشـُو ۽ رڍون ھڪ ئي شئ ھئا، ھڪ ئي ھوا ھئي، ھڪ ئي زمين، ۽ ھڪ ئي پاڻي- جنھن ھزارن ورھين کان ھن ماٿريءَ ۾ ماڻھو، مال ۽ اَن پئي پيدا ڪيا.
پِشـُو ائين وڌيو جيئن ڪو خشڪ جابلو ٻوٽو پٿرن مان ڦاٽي نڪتو ھجي. ڳاڙھو پٿريلو رنگ، ڀورا جھنڊولا وار. گليليءَ سان وتندو ھو پٿر چُٽيندو ۽ ٻٽير ماريندو، ھڪ جيڏن سان وڙھندو ليٽندو، ليٿڙندو ڀڄندو ۽ ڊوڙيندو. ڏسندي ڏسندي، جوان ٿي ويو ته به جھڙو ٻار!
پِشـُوءَ جي ذري ذري مان زندگيءَ جا آثار پيا ٽپڪندا ھئا. اصل ماٺ ڪري نه وھندو. ڪنھن کي چَڪ، ڪنھن کي چھنڊڙي، ڪنھن کي رھڙ، ڪنھن کي چھڙ پيو اڇلون ڏيندو ۽ ڇلڪندو. سندس اکيون پيون چمڪنديون ھيون. پورھئي مان مزو پيو ايندو ھوس.
رحمدل به ھڪڙوئي ھو. پاڻ ڏي مھڙ ھونديس، ته جھٽ پشيمان ٿيندو. ھڪ ڏينھن ماءُ کي گھٽ وڌ ڳالھيائين. پوءِ ته ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويو. سڄو ڏينھن گھر نه آيو. وتيو لَڪن ۽ ٽَڪرن ۾ ھلندو. لڙيءَ اڌ رات جو گھر آيو. ماڻس اوسيڙي ۾ چلھه تي ويٺي ھئي. چلم ٺري ويئي ھئي. پِشـُو ماٺ ماٺ ۾ چلم تيار ڪري، نڙ آڻي ماءُ کي ڏنو ۽ ڀر ۾ ويھي رھيس. ماڻس سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي ۽ پِشـُو سندس پاسي ۾ سمھي پيو.
پِشـُوءَ پيار به ڪيو. رئيس جي نياڻيءَ گلناز سان. اکيون چار ٿي ويس. سندس لڱن ۾ سيسراٽ پئجي ويا. ڳلن ۾ ڪوساڻ ۽ وار وار ۾ لَھس. بت بنجي ويو. زندگيءَ وھڪرو جو سندس لڱن ۾ پيو سرڪندو ھو، يڪا يڪ بند ٿي ويو. ھن جي طبعيت جو وٺ پڪڙ وارو طوفان ويڙھجي سيڙجي، ننڍڙو ٿي، وڃي ڪنھن ڪنڊ ۾ لڪو. ڏينھن جا ڏينھن، اڪيلو ئي اڪيلو، بستي کان ٻاھر سڪل وڻن ھيٺيان خشڪ گاھه لتاڙيندو وتيو. سياري جون ٿڌيون ھوائون ۽ اجڙيل کيت کيس ھمدرد ۽ ھم خيال معلوم ٿيا.
ھڪ ئي ڌڪ سان جبلن جي چوٽين کان ٿيندو، تارن جي دنيا ۾ اڏامڻ لڳو. ڄڻ ته ڪو ازل جو آواز کيس اڃا به اڳڀرو سڏي رھيو ھو. ماٿري ۽ نھر ۽ کيت ۽ خود پِشـُو سڀ ھيٺ پٿرن ۾ ئي اٽڪيا رھيا. پر سندس ٻيو ڪجھه ھوائن ۽ آسمانن ۾، ستارن کان ٿيندو، مٿي ئي مٿي، اڏامندڙ رابيل وانگر، حسن جي طرف، بنا اٽڪ، لس ئي لس، ترندو ويو. پِشـُوءَ جي ھن اڏند کٽوليءَ کي سندس سنگتين ڇڪي ھيٺ آڻي، حقيقت جي ڪنڊن سان زمين جي تھه تي جڪڙي ڇڏيو. کيس ٻه ٽي ٿڦون وھائي ڪڍيائون. چي،   ”گندي اوڍي وڃي گھر ويھه!پِشـُوءَ جا نشا ئي ٽٽي ويا. ڳھر لھي ويس. ڪاوڙ مان وڏيون وڏيون ٻرانگھون ڀريندو، اچي رئيس جي حويليءَ وٽ نڪتو. وجھه وٺي گلناز جون ٻئي ٻانھون کڻي جھليائين. چي، ”تون منھنجي آھين. گلناز جون پياسي اکيون، ڊگھا ڊگھا ساھه ۽ ڍرو ڍرو بدن، پِشـُوءَ جي ھر سوال جو وڻندڙ جواب ھئا. پِشـُوءَ جي آسماني پيار واري اڏامندڙ رابيل پويان پير ڪيا. سندس سڳنڌ ھوا ٿيندي وئي. سندس نرم ۽ نازڪ پکڙا ڪومائجي ڇڻندا ويا. باقي سڪل ڏانڊي اچي پٿرن ۾ پيئي، جنھن کي وقت جي ڳوري ۽ کھري چڪيءَ پيھي ماري دنيا جي ذرن ۾ ڳوھي ۽ ڳاري ڇڏيو پِشـُوءَ جي پٿريلي طبيعت وري اوج تي اچي ويئي. گلناز وٽان موٽي، ڪنهن جون ٻانهون مروٽيائين، ڪنهن کي جهلي ڌونڌاڙيائين ۽ ڪنھن کي ڪلھي تي کڻي ڦيريون پارايائين. پنھنجي سنگت سان وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي کليو، سندس ھڪ ھڪ ٽھڪ سان ڄڻ ته غم جو ھڪ ڄميل ٽڪرو اندر مان نڪري، ڦھڪو ڪري، وڃي ٿي پٽ تي پيو. رئيس جي، شروع کان وٺي، پِشـُوءَ سان ڪانه پيئي ھئي. پِشـُو ھر وقت پيو پنھنجين سنھڙين ڀورين مڇن کي وٽيندو ھو. رئيس کي ڏاڍا جڪ ايندا ھئا. چي، ”ڀاڙي. بيڪار، تون ڪھڙي لاٽ جو پٽ آھين، جو وتين ٿو مڇون وٽيندو!پِشـُو ڀڙڪو ڏيئي اٿيو، چي، ڀاڙي آھين تون! بيڪار آھين تون!“ پوءِ ته ھنگامو مچي ويو. پِشـُوءَ تي چڙھي ويا. پِشـُو به ٻن چئن کي سٽيندو ڪٽيندو نڪري ويو.
رئيس ھاڻي ڦوڪون ڏيڻ ۽ ڏنگ ھڻڻ لڳو. ڪنھن کي ٻَڌائڻ، ڪنھن کي مارائڻ ۽ ڪنھن کي لڏائڻ، آزار مچي ويو. صدين جي بيٺل سماجڪ پاڻيءَ ۾ رئيس جي ٿاڦوڙن ڌپ مچائي ڏني. پِشـُوءَ پنھنجي ساٿين کي انھيءَ ڍونڍ کان ڪڍي ٻاھر ڪيو. چي؛ ”ھڏ ھڻون اسين، پٺيءَ اگھاڙي رھون اسين؛ پوءِ به اسين ڪميڻا ۽ رئيس چڱو مڙس؟ چڱا مڙس اسين آھيون، رئيس ناھي!پِشـُو نه ڊڄڻو ھو، نه سست. رئيس جيستائين سنڀري ئي سنڀري، تيستائين پِشـُوءَ ڪيترائي اڙٻنگ جوان پنھنجي پاسي ڪري ورتا. نئون خون ۽ نوان امنگ! چي، کيت اسان جا آھن، ڪاريز اسان جا آھن. اسين سڀ ڪجھه آھيون. اسان جي آڏو  ڪو نه اچي!
رئيس باھه ٿي ويو. پوڙھا پوڙھا وائڙا ٿي ويا. ھٿ ٺوڪي پئنچات گڏ ٿي. مـُلا فتوا ڏني. چي، اوھين ڪافر آھيو. توھان جي جنازي نماز جائز ناھي. توھان کي غسل ڏيڻ روا ناھي!“نوجوان سڀ اٿي کڙا ٿيا،  چي، ڪافر تون آھين، غسل تو کي نه ايندو! وڏيرڪي پئنچات پَتن جي ماڙيءَ وانگر ڊھي، وڃي پَٽ  پيئي.
رئيس باھه ٻاري ڏني. اناج کڄي ويا. گھر سڙي ويا. کيت اجاڙ ٿي ويا. مائون ۽ ٿيندڙ مائرون ٿڌيءَ ڇانو مان ڪڍي، لُڪ ۽ لوءَ جي حوالي ڪيون ويون. بس ائين ئي نظام حيات کي اکوڙيندڙ، پنھنجي اکوڙڻ جو سامان پيدا ڪيو. انڌا ڌنڌ، تڪڙو تڪڙو- وڏي بي چينيءَ سان. پوڙھن پِشـُوءَ کي ٺاھه لاءِ سمجاھيو. پِشـُو خفي ٿي، ٻئي ھٿ کڻي کوليا، چي، اڃا به ٿا چئو ته رئيس چڱو مڙس آھي؟ ڪنھن سان ٺاھه ڪجي! ڇا تي ٺاھه ڪجي!
پِشـُوءَ حڪومت جو سھارو وٺڻ چاھيو. سوچيائين ته ڪا انڌير ننگري ته ڪانھي! نيٺ به ته ملڪ ۾ قانون آھي. کيس اميد جو ڪرڻو نظر آيو. ھن شھر وڃڻ جي پڪ ڪئي.
پِشـُو پھريائين سڌو لالي محمد دين وٽ ويو. ھـُو حاجي ھو ۽ حافظ ھو. ڳوٺ وارن کان پيشگيءَ تي اناج ۽ مکڻ وٺندو ھو. پِشـُو کانئس قرض گھريو، پر لالو صفا چڙي ويو. چي، اوھين لاھي پائي بي حياءَ ٿي بيٺا آھيو. نه ننڍ وڏائيءَ جو ادب، نه چڱي مڙس جو لحاظ. رڳو ڏنڊي جي زور تي ليڪو لنگھي ويا آھيو. ڪير اوھان چورن ڌاڙيلن کي پئسو ڏيندو! پِشـُوءَ جا تاڪ لڳي ويا. اندر ئي سڙي ويس. ڏند ڪرٽي، لوڙھه کڻي اڀي ڪيائين. چيائين ته چور! ڌاڙيل! بي حياءَ، تون جڏھن ھتي آيو ھئين تڏھن تو وٽ ڇا ھو؟ لالو ڏڪڻ لڳو. جھٽ ڏھين ڏھين جا ٻه نوٽ ڪڍي کڻي پِشـُوءَ جي ھٿ ۾ ڏنائين. پِشـُوءَ نوٽن کي مروڙي سروڙي کڻي لالي جي منھن ۾ ھنيو، ۽ پويان پير ڪيائين. سوچيائين ته ھن ڪم ۾ پئسا پنھنجن کان ئي وٺبا، نه ٻين کان. ھڪدم ٻه چار رڍون ڪاھي شھر روانو ٿيو.
پِشـُو اتي پھتو جتي گند جا ڍير، ڪارخانا ۽ دونھان، شور ۽ غل لڳو پيو ھو. گھٽيون ۽ رستا ايترا، جو پتو ئي نه پوي ته ڪٿان آيا ۽ ڪاڏي ويا. نه وري ڪو پورو ڏس ئي ڏئي. ھر ڪو پنھنجي شخصيت ۾ ئي وچڙيو پيو ھو. سڀڪو وٺ پڪڙ ۽ ڀڃ ڀڄان ۾ پورو ائين ٿي ڏٺو ته ڪنھن وڏي مڪار ۽ چالاڪ کيڏاريءَ، ڪنھن خاص ۽ ناپاڪ مطلب ڪاڻ، ھن سڄي شھر کي، انجڻ وانگر ٿي ھلايو، جنھن انجڻ جا پرزا ۽ ڪلون، ھي موڳا ۽ بي جان ماڻھو ھئا. انجڻ جي رٽ ۽ کٽ کٽ ۾ ڦري، جڏھن ھي انساني نٽ ۽ بولٽ طاقت ڇڏي، گرگهلا ٿي پئي ويا، ته مشين جي تيز رفتارمان ٽٽي، زور سان وڃي ٿي پٽ تي ڦھڪو ڪيائون. جتي چِٻا ٿي ڪٽجي ڪنا ٿي پئي ويا ... پِشـُو اچي ھڪ نام ڪٺئي ليڊر وٽ نڪتو. کاڌيءَ جا ڪپڙا، کاڌيءَ جي صدري، ڪاري عينڪ ۽ لڪڻ ھٿ ۾، فرينچ ڪٽ ڏاڙھي، ڄڻ ته سرٽيفڪٽ تي مھر. مٿان ڪڇ ۾ ٿيلھو، ڄڻ منڊيءَ تي ٽڪ. ڪمرو سھڻو سينگاريل ۽ درتي ٽانگو ھڪيو حاضر. پِشـُوءَ ڀانيو ڪنھن غلط ھنڌ اچي نڪتو آھيان. اڃا اڳڀرو وڌيو ته ليڊر صاحب واڪو ڪري کيس ٻاھر ترسڻ لاءِ چيو. نيٺ کيس اندر گھريائين. حال احوال وٺي، کيس لمبو ليڪچر ڏنائين. چي، ميمبر ٿيو. شاخ قائم ڪيو. چندو گڏ ڪيو. ننڍن کاتيدارن سان ٺھي ھلو. ڏسو نه، اوھين سڃا آھيو، اڻ ڄاڻ آھيو، بکيا آھيو، بي وس آھيو... ۽ الائي ڇا ڇا چئي ويو. پِشـُو ڪجھه نه سمجھي سگھيو. نيٺ ليڊر صاحب کيس دلداري ڏيئي، ٻاھر ترسايو. چي، درخواست لکائي وٺ. مڙيئي چڱي ٿيندي!“پِشـُو اڃا ٻاھر ئي ويٺو ھو، ته رئيس گل خان اچي ٺڪاءُ ڪيو. بنا ھٽڪ سڌو اندر ھليو ويو. ليڊر صاحب کيس کلي کيڪر ڪئي. ياراڻا ٽھڪ ڏنائون. رئيس سئو روپيه چندو ڏنو، جو ليڊر صاحب جي صدريءَ ۾ غائب ٿي ويو. پِشـُو سٽ ڏيئي اٿيو،  ڏند ئي ڀڪوڙجي ويس. چيائين، ڀاڙي! سڃو! بکيو! بي ايمان!
پِشـُو ھڪ وڪيل وٽ ويو. وڪيل صاحب ننڍو نيٽو جوانڙو ھو. پئي مشڪيو. چي، يار اسين ته پيٽ جا پوڄاري آھيون. اميرن مان ٽڪا ڪونه وٽينداسون. اڻ پڙھيل ۽ اٻوجھه ئي اسان جو شڪار آھن. ھي گلم ۽ غاليچا سڀ ٺڳيءَ جو ٺاھه اٿئي. ملڪ جي قائدي موجب تنھنجي ڪابه مدد ڪانه ٿي سگھندي. في ڏين ته ڪوڙو ڪيس ٺاھي ڏيانءِ. پوءِ کٽي تنھنجي قسمت. اوھان جي مصيبت، اسان جي ڪمائي. ٻي مدد مون وٽ ڪانه اٿئي. نڪو مان واندو آھيان! ڪيڏي نه مڪاري ھئي ھن جي صاف گوئيءَ ۾! خود فريبيءَ جي انتھا! جھل جو ڇيھه! پِشـُو چپ چاپ اٿي کڙو ٿيو.
بي دليو، ڍرڪندو، رِڙھندو اچي ھڪ ٻئي وڪيل وٽ نڪتو. وڪيل صاحب اڌيڙ عمر جو ھو. سندس ڪٻٽن ۾ قانون جي ڪتابن کان وڌيڪ مارڪس ۽ لينن جا ڪتاب ھئا، فلسفي ۽ ادب جي ڪتابن جي ڍير. ھن جا ڀرون البت مٿڀرو ڇڪيل ھئا. سندس نرڙ ۾ ھر ھر گھنج پئي پيا. سندس مٿو اڌ تائين گنجو ھو.ھو سنھو سڪڙو ھو.
ڳالھايائين ٿي، ته نظرون ھيٺ ٿي ڪيائين. ھر ھر ھٿ پئي مھٽائين. اندر جي اڻ تڻ ماس ئي ڪوري ويئي ھيس. سندس ٿڪل ۽ گھنجيل اکيون نااميديءَ، بيوسيءَ ۽ موجھاري جا دٻا ھئا. پِشـُوءَ جي ڳالھه ٻڌي، ڄڻ ته خفي ٿي ويو. ڊگھيون سنھيون ٻانھون ڪري ميز تي رکيائين. ٻنھي هٿن کي موڙي، واڇن کي ھيٺ ڀرو ڍرڪائي، کڻي سوال ڪيائين، ”پوءِ ڇا ڪجي؟گھڙي کن وات کليل ئي ڇڏي ڏنائين. پوءِ گھڻو ئي ڪجھه چئي ويو. چي، اوھين اڻ پڙھيل آھيو، اڻ ڄاڻ آھيو، ڪجھه نٿا ڪيو پڙھڻ کان سواءِ ڇا ٿيندو؟ اوھين ناسمجھه آھيو. اوھان تي ظلم ٿيندو رھندو، امير جو غريب تي، ڏاڍي جو ھيڻي تي. ھيءُ قاعدو آھي. اوھين مظلوم آھيو، چريا آهيو، ھيڻا آھيو...“ پِشـُو، ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو. سندس اکين ۾ شرارت ڀرجي آئي. ٻئي تريون ميز تي کوڙي، ديو وانگر وڪيل صاحب جي مٿان ٿي بيٺو. وڪيل صاحب ھيسجي ڪرسيءَ ۾ جھڪي ويو. اکيون مچڪائي پِشـُوءَ ڏانھن ڏٺائين. پِشـُو ساڻس اکيون ملائي چيو ته؛ ”چريو آھين تون! ھيڻو آھين تون! ظلم آھي تو سان!“ اديب صاحب جي ٺوڙھه ۾ ڄڻ ته ڪنھن مترڪا ھڻي ڪڍيا، ھڪ... ٻه... ٽي. ھـُو ڪرسيءَ ۾ ڍرڪندو ويو. ڪنڌ لوڏي لوڏي ڪتابن کي ڏٺائين. ڏانڊيءَ جھڙين رڳن ۽ سڄيل ٻانھن ڏانھن ڏٺائين، ڄڻ ته خاطري ٿي ڪيائين. پوءِ اڃا به ڪرسيءَ ۾ جُهڪي ويو.
پِشـُوءَ کي ڏاڍي بڇان آئي. ھيانوَ تي تور ٿي پيس، ڄڻ ته الٽي پئي آيس. گھڙيءَ کن لاءِ دل شڪستو ٿي پيو. خيال ڪيائين ته ھيءُ ليڊر، وڪيل ۽ آفيسر سڀ رئيس سان ملت آھن. دانھن ڪنھن کي ڏبي؟ سوچيائين ته، ٻين تي ڀاڙي اسين ته پاڻ تي ظلم پيا ڪيون. ظالم اسين پاڻ آھيون ...پِشـُو اھو سوچي ڏاڍو خوش ٿيو. ڄڻ ته ڪو سچو ھيرو لڌو ھئائين. سندس دماغ تڪڙو تڪڙو ڪم ڪرڻ لڳو. ھي رئيس ۽ ليڊر ته رحم جوڳا آھن، پنھنجي کڏ پاڻ پيا کوٽين.پِشـُو سوچيندي، سوچيندي، شھر جي ٻاھرئين حصي ۾ اچي نڪتو، جتي رڳو ڪارخانا ھئا. ھن شور ٻڌو، ڏٺائين ته ھزارين غريب اٿي کڙا ٿيا ھئا، سندس ھٿن ۾ جھنڊا ھئا، مترڪا ھئا ۽ پانا. ھـُو نعرا ھڻي رھيا ھئا. سندس اڳواڻ ھڪ ٿڳڙي پوش ھو، ھُو بلند آواز سان چئي رھيو ھو، ھنن ڪَلن جو ساھه اسين آھيون، ھنن ڪارخانن جو روح اسين آھيون؛ اسان جو پگھر موتي ٿو ٺاھي. اسان جو پورھيو املھه جنس آھي. موڙي آھي، سرمايو آھي. اسان جي گڏيل طاقت اڻ کٽ آھي، جا ڪِن ڪچري ۽ اڻ پوريءَ ورھاست کي لوڙھي ۽ ٻوڙي ڇڏيندي ... !
پِشـُوءَ جي ڇاتي ڦوڪجي ويئي. سندس نسون ڦنڊجي ويون. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. ڄڻ ته ڪو نئون ٿڌو نوراني ڪرڻو سندس بدن ۾ پيھندو جذب ٿيندو ويو. پِشـُو اتي ڏينھن جا ڏينھن رھي پيو. نين اميدن ۽ نون امنگن سان ٽمٽار ٿي، ھو ڳوٺ ڏانھن واپس وريو.
پويون سج پٿرن، کيتن ۽ ڳوٺن کي ڳاڙھو ڪري رھيو ھو. پِشـُو ھڪ ڇپ تي چڙھي بيٺو. ڳوٺاڻن جا ڊنب سندس چوگرد بيٺا ھئا. پِشـُوءَ جو وار وار کڙو ھو. چوڌاري ڦري ڏٺائين. سندس ھٿ ۾ لٺ ھئي. وٺي جو ان زور ڏنائين، ته اڌ مان ڀڄي پيئي. ڄڻ ته اڏوھي کاڌل پراڻو نظام ٽڙڪو ڏيئي ٽٽي پيو پِشـُوءَ ٻئي مٺيون مٿي کنيون، ڇا اوھين ھيڻا آھيو، چريا آھيو، بکيا آھيو، بيڪار آھيو؟ ياد رکو اوھين انسان آھيو! اوھان درياھه موڙي ڇڏيا. اوھان ٽَڪر ٽاڪي ڇڏيا. اوھان پٿرن مان ان پيدا ڪيو. اوھان ٺوٺ زمين کي اکيڙي، کانئس زوريءَ گل ۽ ٻوٽا ڄڻايا. اوھان جبلن جي پيٽ مان پاڻي ڊوھي ڪڍيو. اوھان جنھن تي وار ڪيو، تنھن ڪنڌ نوايو. فرشتن اوھان کي سجدو ڪيو. قدرت اوھان جي ٻانھي آھي. اوھان پورھيت آھيو، پيدا ڪندڙ آھيو. پورھيو بادشاھه آھي. اٿو ته اسين واڳون وٺون. اُٿو ته ونڊ ورڇ ڪريون. اچو ته سڀني کي خوشحال ڪريون، اچو ته ٺار ۽ ٿڌڪار ڪريون، اچو ته اَن ۽ ميوي جا انبار لڳايون، اچو ته  مائرن ۽ ٻچن کي بي اونو ڪريون، اچو ته انسانيت جي واڌاري جي دڳ کي صاف ڪيون، ڪنڊا ۽ ڪرڙ پٽي اڇلايون. اسان جي آڏو ڪو نه ايندو. جيڪو ايندو ڪک پن ٿي ويندو، لڙھي ويندو. اسين ڪڏھن نه ھٽنداسون. اسين ڪڏھن نه مرنداسون. ڇو ته اسين ماڻھو آھيون، پورھيت آھيون! 
ڳوٺاڻن ۾ سيءُ پئجي ويو، سندن رت ۾ وِلولو ھو پِشـُوءَ جو ھڪ ھڪ جملو سندن بدن ۾ نئين نئين خون جي پچڪاري ھڻي رھيو ھو. ڪيترائي اڙٻنگ جوان اچي پِشـُوءَ جا ٻانھن ٻيلي ٿيا. پِشـُوءَ جي آڏو راھون کلي پيون. ھيءَ نئين چڻنگ واچوڙي وانگر وچڙندي وئي. جابلو جوانن جا جٿا پِشـُوءَ سان ملندا ويا. غارن ۽ چرن ۾ ھٿيارن جي جهنڪار لڳي ويئي.
ھڪ اونداھيءَ رات جو، ڊگھي ۽ ور وڪڙ غار ۾ ساٿين صلاحون ڪيون. منجھائن ھڪ الڙ جوان ھو، جنھن کي مس مڇن جي ساول ۽ ڏاڙھيءَ جي ريھه لٿي ھئي. سندس ھٿ ۾ گراٺ ڦر واري چمڪندڙ ڪھاڙي ھئي. ڪنڌ ھيٺ ڪيو، ھڪ ڀتيءَ ڪاٺيءَ جون ڇيتيون پئي لاٿائين. ٽيڏيءَ اک سان نھاري چيائين ته؛ ”دير ڇا جي آھي؟ رئيس جي سسي...! ائين چئي ڪاٺي ڪپي ٻه اڌ ڪيائين. چي؛ ”گهر ۽ گدام رڳو ھڪ تيليءَ جو کاڄ آھن.“ سڀني وٺي واھه واھه ڪئي. پِشـُوءَ جي نرالي طبعيت کي اھا ڳالھه اصل نه وڻي. چھڙ ڏيئي سڀني کي چپ ڪرايائين. ڪڙڪو ڪري چيائين ته، ڇا اسين به رئيس آھيون، جو کيت ساڙيون ۽ ماڻھو ماريون؟ اسين نه خوني آھيون، نه ڌاڙيل آھيون. ڇو پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻون؟
پِشـُو آرام سان ماڻھو گڏ ڪندو رھيو ۽ طاقت وٺندو رھيو. کين سمجھائيندو ۽ سيکاريندو رھيو. جدا جدا ماٿرين جا جوان پِشـُوءَ وٽ ايندا رھيا ۽ نوان امنگ ۽ نوان خيال کڻي پکڙندا رھيا.
گلناز ڀانيو ته پِشـُو بس سندس ئي پوڄا ڪندو، پر ويچاري تڙپندي رھي. ڏينھن جو اميد ۽ رات جو انتظار. ھن پِشـُوءَ تي حق ٿي ڀانيو. ھن ئي ته پِشـُوءَ جي ٺوٺ دل ۾ پيار پيدا ڪيو ھو! ھن نٿي ڄاتو ته اھو پيار وڌي ھڪ چشمو بڻجي چڪو ھو، جنھن مان ڪيترن ئي اجڙيل غنچن سرڪيون ٿي ڀريون. ويچاري نياپا موڪلي موڪلي ٿڪجي پيئي. پِشـُوءَ نه اچڻو ھو، سو نه آيو. کيس پِشـُوءَ جا اکر ياد پيا. نازو، اچ ته دنيا کي پيار ڪرڻ سيکاريون!اھي اکر سندس ڪنن ۾ وڄڻ لڳا، نازو اچ ته دنيا کي پيار ڪرڻ سيکاريون!   نازو بيتاب ٿي، اٿي. واقعي ضرورت ھئي دنيا کي پيار سيکارڻ جي! ھوءَ وڃي پِشـُوءَ ۽ سندس ساٿين سان ملي.
پِشـُو ۽ نازو، عورتون ۽ مرد، اتساھه ۽ امنگ سان، ماٿرين ۽ گھرن کي گلزار ڪرڻ لڳا. گڏجي اپائڻ لڳا ۽ گڏجي کپائڻ لڳا. وڏيرپ ۽ وڏائي واءُ ٿي ويئي. پورھيتن جي پئنچات اڳتي وڌڻ لڳي. پئنچاتي دڪان ۽ پئنچاتي اسڪول کلي ويا. ڪٻٽي ۽ ڪشتي، ملھه ۽ ونجھوٽيءَ جا مقابلا ٿيڻ لڳا. سندن چھرا چمڪڻ لڳا ٻارڙا کلڻ ۽ کيڏڻ لڳا. سادن سودن ماڻھن جي ھڪ سادي سودي اڏاوت کڙي ٿي ويئي. پورھيتن وڏي اتساھه سان ھيءَ اڏاوت جوڙي ھئي، جنھن ۾ ٿڌيون ھيرون ٿي لڳيون ۽ کنڊون ۽ کير ٿي ورھايا. ھنن پنھنجن شخصي نفعن کي ڪٽي، ڌمڪ ھڻي، ھن اڏاوت جي پيڙھه کي پڪو ۽ پختو ڪيو ھو. ان جو گارو، پگھر ۽ پيار سان ٺاھيو ھو. انساني محبت ۽ ٻَڌيءَ جي ھن سادي ۽ سھڻي ڪوٽ سان رئيسن گهڻا ٽڪر ھنيا، پر ڳوٺاڻا پنھنجي ھن تخليق جي بچاءَ ۾ سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سچ ته تخليق مئي ته خالق مئو.  نقش مُئو ته نقاش جي ڇا ڪندو؟ گهر ڊٺو ته سرون ۽ سروٽا ڪيئن رھندا. رھي ڇا ڪندا.
حيوانيت ڦٿڪڻ ۽ ڇڙيون ھڻڻ لڳي. وڏيرن ۽ وياج خورن، نانگن ۽ سانڊن وانگر ڳوٺاڻن جي ٻڌل ڪوٽ ۾ ڏرڙ ۽ کوٻڙا کوٽڻ گھريا، پر پِشـُو ۽ پئنچات سندن ڏند ٽوڙي ڇڏيا ۽ چنبا ڀڃي وڌا. ڀلا ڪير پنھنجي بھشت مان نڪري پرائي دوزخ ۾ ويندو! رئيسن ھٿ پير ھلائي ڇيھه ڪيو، ۽ نيٺ وڃي شھرن ۾ پناھه  ورتائون. پِشـُوءَ جي طاقت ويئي وڌندي ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ويا سندس پيار ڀرئي پيغام جي لپيٽ ۾ ايندا. ماٿريون سبز ۽ سايون ٿي ويون. اناج ۽ ميوا جام ٿي ويا. پيار ۽ امن جون ھيرون ٿي لڳيون. انسانيت ٽڙندي رھي.
اخبارن وڏيون وڏيون سرخيون ڏنيون. ماڻھن ’جابلو شينھن‘ جا ڪارناما وڏي دلچسپيءَ سان پڙھيا. اديب ۽ عوامي ليڊر کيس ھيرو سڏڻ لڳا. رئيسن، سيٺين ۽ سندن حڪومتي ٻالڪن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. چي، ”پِشـُو باغي آھي، چور آھي، ڌاڙيل آھي، ڪافر آھي!“ رياست جو جاسوسي کاتو وٺ پڪڙ ۾ لڳي ويو. ائين اچي مڙيا، جيئن مکيون ڍونڍ تي. نوس نوس شروع ٿي ويئي. ھر خوشبوءَ کي خطرناڪ سڏيو ويو. ڪوڙيون رپورٽون موڪليون ويون. ويچارا رپيو روز کڻندڙ سپاھي ڀلا ڇا ٿي ڪري سگھيا، ڇا ٿي ڏسي سگھيا. ڪاغذي رپورٽن جي ڍِڳين مان ھڪ وڏي خيالي بدبدو ٺاھي، منھن بنائي، فوجي ڪارروائيءَ جو حڪم ڪيو ويو. مڪار ۽ ڪانئر نوابن پيار ۽ محبت جي ڪوٽ کي ڪيرڻ لاءِ ڀائرن کي ڀائرن سان ويڙھايو. پنھنجا پنھنجن سان ٽڪريا. وطن جا فوجي ڀائر ھڪ ھم وطن ڳوٺاڻي تي پلٽجي پيا. بي ضمير اخبارن وري به وڏيون سرخيون ڏنيون ۽ فوجي ڪارنامن جي ساراھه ڪئي.
پِشـُو بي خبر نه ھو. ھن کيت ۽ گھر ساڙائڻ نٿي گھريا. ھو کيتن جو ۽ ڦلن جو، مائرن جو ۽ سندن ٻچن جو رکپال ھو. ھن ڳوٺ وڃي مٿي لاھن تي ٻڌايا ۽ پوءِ پنھنجا ساٿي وٺي اڳڀرو وڃي لڪ جھلي بيٺو. رات جو وڳڙو، ڪاري ٻاٽ اونداهه، پھاڙ ۽ پھڻ، پِشـُو ۽ ڳوٺاڻا، صدين جا ساٿي ۽ پراڻا حال ڀائي، ھڪ ٻئي جو ڏڍ ۽ اجھو ٿي ھڪ ئي دشمن جي مقابلي لاءِ ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺا. جبلن ۽ ماٿرين جا اپايل جوان، رائيفلون کڻي پھڻن کي ڍال بنائي ڇپي ويھي رھيا.
آڌيءَ رات جو رياستي فوج اچي لانگھائو ٿي. جابلو جوانن ڌوڙيو لائي ڏنو. انسانيت ۽ حيوانيت جو ٽڪر ٿيڻو ھو سو ٿي ويو. صدين جا خشڪ پٿر رنڱجي لعل ٿي ويا. فوج ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو. ھو ڀڳڙن وانگر ڀُڄڻ لڳا. انسانيت اڏول، بلند ۽ مٿاھين رھي. خريد ڪيل جسم، جسم جي ئي بچاءَ ۾ محو رھيا. لڪي ڇپي، پھڻن کي آڏ بنائي، سر جو سانگو رکي جوابي حملو ڪري ڏنائون. ڇتي ويڙھه ڇڙي ويئي. فوجي بم پٿرن کي پٿون ڪري رھيا ھئا. گولين جي بوڇاڙ ۽ دونھين جا ڪڪر ھئا.
ڳوٺاڻي نازو، پاڻيءَ جي کلي ۽ بارود جو ٿيلھو کنيو، پٿرن ۽ پھڻن تي ڊوڙندي ٿي رھي. ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ، ھر ھر ڦري پِشـُوءَ وٽ ٿي آئي ۽ وري ڪنھن زخميل جي دانھن تي ڀڳي ٿي ويئي. گولين جي مينھن ۾ سندس ھمت ۽ ھمدردي، سادگي ۽ سونھن، پيار ۽ فرض، کنوڻ وانگر تجلا ڏيئي رھيا ھئا.
گهمسان جي لڙائي ھلي رھي ھئي پويون پھر ٿي چڪو ھو. پورھيت پورھيتن سان وڙھي رھيا ھئا. مزورن جو ٺاھيل بارود مزورن کي ساڙي رھيو ھو. سندن مشترڪ دشمن، ڪارو ۽ ڪوجھو، وڏين ڏاٺن وارو، شيطان مثل، دونھي جي ڪڪرن ۾، کڳيون ھڻي رھيو ھو. نٿي ڄاتائين ته کارائيندڙ ۽ ڍڪائيندڙ ھٿ کي، نانگ وانگر ڏنگي رھيو ھو.
پِشـُوءَ پنھنجو بارود خلاص ٿيندو ڏٺو. ھن پنھنجا مُٺ جيترا ماڻھو مرندا ڏٺا. کيس کيت بچائڻا ھئا. مائرون ۽ آئندي جون اميدون بچائڻيون ھيون. انسانيت جو جھنڊو اوچو رکڻو ھو. نئون نياپو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچائڻو ھو. انسانيت جا پيغمبر سلامت رکڻا ھئا ۽ جنگ جاري رکڻي ھئي. سڀ ڳالھيون ڳڻي، ھن ھٽڻ جو حڪم ڏنو. رڳو ٿورڙا ساٿي پري پري ڪري بيھاريائين، جي رائفلون ڇوڙيندا رھيا. جيئن دشمن دوکي ۾ رھي. ٻيا ساٿي، خاموشيءَ سان زخمين کي کڻندا، غارن ۽ چُرن ڏانھن روانا ٿي ويا. ھاڻي اٺ نو جانباز وڃي بچيا. پِشـُو اشارن سان ھڪ ھڪ کي واپس موڪليندو رھيو. نيٺ وڃي ٽي ڄڻا رھيا. پِشـُو، نازو ۽ سندن ھڪ ويجھو دوست شيرل. ٽيئي ساٿي لاڳيتو جدا جدا ھنڌن تان گوليون ڇوڙيندا رھيا. رات،  دونھون ۽ بارود جي باهه ! ٿڪ، زخم ۽ اُڃ ! پِشـُو، نازو ۽ شيرل وڙهندا رهيا ۽ هٽندا رهيا. اوچتو بارود ڦاٽو، چمڪاٽ ٿيو ۽ پِشُو بولاٽي کائي ڪريو. نازو ۽ شيرل ڀڄندا ويا. سندن گوليون ڇُٽڻ بند ٿي ويون.  فوجي سپاهي زور ۽ شور سان وڌڻ لڳا. پِشـُوءَ جي زخمن مان رت ٺينڍيون ڪري وھڻ لڳو. نازو وائڙن وانگر ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳي. آڱرين سان وھندڙ رت کي روڪڻ لڳي. وقت تيزيءَ سان سُسي رھيو ھو. پِشـُو ٽيڪون ڏيئي اٿي ويٺو. ھن آخرين نياپو ڏنو. چي، ”جنگ جاري رکجو، ڪارخاني وارن سان ضرور ملجو، فوجن ۾ پنھنجو پيغام موڪلجو!“ فوجي سپاھي مٿي چڙھي رھيا ھئا. باهه جو درياھه وھي رھيو ھو. پِشـُوءَ نستن ھٿن سان بندوق کڻي پٿر جي ٽيڪ تي رکي. ھو مشڪيو. چي، ”نازو تون وڃ!“ نازوءَ جي زبان بند ۽ نڙي خشڪ ھئي. سندس اکيون ڦاٿل ۽ چپ ٿورا کيل ھئا. ھوءَ پئي سھڪي. ڪنڌ سان تڪڙو تڪڙو نھ، نه ڪيائين. پِشـُوءَ رائفل کڻي ٺڪاءُ ڪيو. چي، ”مان به اچان ٿو!“ ھو وري مشڪيو ۽ شيرل کي آڱر سان اشارو ڪيائين. شيرل، نازوءَ کي ڪرائيءَ کان جھلي، مٿي جبلن جي چوٽيءَ ڏانھن ڀڳو. پِشـُوءَ جي روح کي جھٻي اچي وئي. ڀانيائين ته سڏ ڪري نازوءَ کي پنھنجي پاسي ۾ ويھاري. نازو  پٿرن تي گھلبي ۽ رھڙبي ويئي. سندس ڪنڌ پٺتي ھو، ۽ اکيون پِشـُوءَ ۾ ھيون. وڃي چوٽيءَ تي پھتا. پِشـُو پھڻ جي اوٽ ۾ گولي ڇوڙي رھيو ھو. فوج کيس وڪوڙي ويئي ھئي. سپاھي مٿس چڙھي ويا. نازوءَ ھنيانءُ ڦاڙي دانھن ڪئي. . . . پِشـُو! . . . ڄڻ ته آسمان ڏري پيو، جبل ڦاٽي پيا ۽ مائرن ڪيھون ڪيون. نازو سٽ ڏيئي پوئتي ڀڳي. پر شيرل جو مڙداڻو ھٿ کيس جبل جي ٻئي پاسي گھلي ويو. ڪنھن اونھي کوھه ۾ پِشـُوءَ کان ڌار، اوندھه ۽ انڌڪار ۾. پٿرن ۽ پھڻن، گلن ۽ ٻوٽن، مائرن ۽ ٻچن ھڪ گنڀير ۽ خاموش ماتم ڪيو. سون پگهرندو رھيو ۽ مَٺُ اڀامندو رھيو. فوج دمبھو ھنيو، يا علي! زخميل  پِشـُوءَ کي ڪنداقن سان ڪُٽيو ويو. گهٽيل ۽ ٻوساٽيل پِشـُوءَ پنھنجي آخرين چال کيڏي. چي، ”منھنجا  سڀ ساٿي مارجي ويا!“ فوج پنھنجي فتح تي ناز ڪندي، دڦ وڄائيندي، پِشـُوءَ کي گرفتار ڪري موٽڻ لڳي. وڏا وڏا ڀيانڪ پربت ھزارن ۽ ڪروڙن سالن جي باھه ۽ ٻاڦ کي وڌيڪ سانڍي نه سگھيا. ڏند ڪرٽي اکيون ڦوٽاري فوجي دڦ ۽ دمبھي جي ھر ھڪ آواز جو جواب وڏي سڏ، زور زور سان چار چار، پنج پنج دفعا ڏيڻ لڳا. غوغاءُ مچائي ڏنائون. سندن گجگوڙ ماٿرين ۽ غارن ۾ ڳوٺن ۽ بستين ۾ زلزلا پيدا ڪري وڌا.
رياستي فوج زلزلن کان بي خبر، ٽانءِ ڦونڊ ۾ ڀرجي، وڏي ٺاٺ ۽ اڊمبر سان اچي شھر پھتي. اخبارن وري به وڏيون وڏيون سرخيون ڏنيون. فوج ۾ انعام ورھايا. پِشـُوءَ جي جسم کي قابو ڪري. ڄاتو ٿي ويو ته سندس لڳايل چڻنگ اجھامي ويندي. پر اھا ته لٻاڙ ھئي، لاف ھئي، خود فريبي ھئي. چريائي ھئي. بس کرکڻي ٿيل سماج جي ڌڏندڙ ٿوڻيءَ کي چار ڏينھن جيئندان مليو. اڄ نه ڪِري، سڀان ڪِري!
پِشـُوءَ کي ڦاسائڻ لاءِ خاص جج ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا. ڪيني جو ناٽڪ ھلي پورو ٿيو. ڪارن جبن وارن پنھنجون تقريرون ڪيون. جج صاحب وڏي ڪرسيءَ ۾ ڪٽھڙي جي پٺيان وڏين ڊگھين ڀتين جي وچ ۾ ويٺو ھو. سندس چوڌاري ڪتابن جون ٿھيون ھيون. چوبدار سندس مٿان بيٺو ھو. ھو اکيون مچڪائيندو رھيو. ھن گھوريندڙ ڪتابن ڏانھن ڏٺو، ڪارن جبن وارن ڏانھن ڏٺو، پوليس ڏانھن ڏٺو، ۽ ڪورٽ جي ڊگھن وڏن ساڳ جي درن ڏانھن ڏٺو، ھن مجرم وانگر اکيون جھڪايون ۽ فتوا ڏني.
”تون ڏوھي آھين. توکي ڦاسي ڏني ويندي!“
پِشـُو ذرو به نه لڏيو. شينھن جھڙو مڙس اٿي بيھي رھيو. ڏاڍي ٿڌائيءَ ۽ وڏي يقين سان چيائين ته ”ڏوھي تون آھين، ڦاسي توکي ايندي، مان ڪڏھين نه مرندس!“ 
ٻاھران وڏي زور سان نعرو لڳو؛ ”پِشـُو پاشا زنده باد!“ عدالت عاليه جو لوھي جهنگلو ڄڻ ته ٽڙڪو ڪري ٽٽي پيو. سندس وڏو شاھي گنبذ ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽي پيو. ان جي چوٽيءَ مان نڪرندڙ ڪڙا ۽ زنجير ڇڄي مٽيءَ ۾ ملي ويا. انساني جوش جو اڀرندڙ سمنڊ وڏا ڪر کڻي، ٽڪر ھڻندو، عدالت عاليه جي کنڊرن مٿان ورائجي ويو.
ڦاسي گھاٽ مان سوين ۽ ھزارين پِشـُو اڏامندا نظر آيا. سندن سر تريءَ تي ھئا. سندن ڪپڙا رڱجي لعل ٿي ويا ھئا. ويا گڏ ٿيندا. ڪارخانن ۾، فوجن ۾، کيتن ۽ جبلن جي ماٿرين ۾ ۽ غارن ۾. سندن ھٿيارن جي جھڻڪار ۽ نازوءَ جا آلاپ ھوائن ۾ واچوڙا پيدا ڪري رھيا ھئا. تکا ۽ تيز واچوڙا، جن ھر ڀُتيءَ اڏاوت کي اکوڙي ٿي وڌو؛ وڏا ۽ اوچا واچوڙا، جن زمين جي ذرن کي آسمانن تائين پھچايو.

No comments:

Post a Comment