Wednesday, January 30, 2013

لاري - جمال ابڙو


لاري
جمال ابڙو
شل نه ڪنھن کي لاريءَ جو سفر پلئه پوي. ھڪ گرمي، ٻيو گُهٽ! مٿان وري ماڻھن جي پيھه پيھان! دانھون پئي پيون. او لاريءَ وارا! يار ھَل ساھه ٿو نڪري!“ ماڻھوءَ مٿان ماڻھو، پگھر پئي وھيو. لاريءَ جي ڇت تي به ماڻھو ھئا. صوبيدار صاحب اڃا ڪو نه آيو ھو. خدا خدا ڪري ھـُو  صاحب تشريف فرما ٿيو ۽ ماڻھن جي پيٽ ۾ ساھه پيو. لاري ھلي. ڪجھه ھوا لڳي، لوڏن تي ڪجھه خلاصائي به ٿي. باقي مٽيءَ جا به ڪڪر ھئا. ناسون ئي ڀرجي ويون.

اڳئين خاني ۾ وھڻ به ڏاڍو شرف وارو آھي. پويان خانا گھٽ درجي وارن لاءِ آھن. سڀڪو پيو چاھي ته مان اڳي ھجان. پوءِ کڻي پيٽرول جي دٻي تي ويھجي. جي ڪنھن واقفڪار کي اڳيان جاءِ ملي ويئي ته پٺيان ويٺل جو ڪنڌ شرم کان ھيٺ ٿيو وڃي. ڪو ته ڦڪائي کان چوندو ته، ڇا ڪجي يار! مڙيئي مسافري ته ڪرڻي آھي. تون ته ٿئين زور.“ ائين شرم کي پرچايو ڇڏين. غريب ته پاڻھي وڃي پٺيان ويھن.
آفيسر ته ھڪ چوري، ٻيو سينه زوري، اڳيان جاءِ نه ملين ته مشيرنامو ٺاھين. ڀاڙو ته سندن سالا به ڪو نه ڏين.
لاريون پراڻيون، رستا آلو نور. ائين پيون لڏن جيئن ڪجاوا. پاسا پيا ڀڄن. آنڊا وات ۾ اچيو وڃن. چِيڪلي واري چين چين به ھلي اچي. ھيٺائين ۽ مٿانھينءَ تي ائين پئي لُڏي ۽ لمي جيئن ڍڪي زائفان. اڌ ڊزن معتبر بيگر ۾ کنيو ھلي، باقي بيمار سيمار، زائفون ۽ ٻار ڇڏيندي ھلي. پيٽ ڀريائي، پاسينگر ٽيڻا، ڀاڙا ٻيڻا. لارين وارا ڍئجي پيا آھن. ماڻھن کي سھولتون ڏين ڇو؟ رھائي پکائي وارا آھن. ڪَڙي  ڪاموري سان رسائي اٿن، باقي ڪاڻ ڪنھن جي ڪڍن؟
اسان جو پھريون پگهر ويو سڪي. جهولي اچي ورايو، جنسي باھه ٿي ٻري. ڄڻ ته کوري مان ڄَر ٿي نڪتي. ڪَن ٿي سڙيا. خشڪيءَ اچي کنيو. چمڙي ٿي ٽِڙڪي، پاڻيءَ لاءِ ساھه ٿي نڪتو، ڳيت نه آئي. نڙي ۾ ڄڻ ته کڙا ۽ ڀتر ٿي کڙڪيا. جهاڪن ۽ جهوٻن، آنڊا اکيڙي وڌا.
خبر تڏھن پئي، جو لاري چيڪٽ ڪري بيھي رھي. شل نه ڪنھن سان اھڙي ٿئي، پنچر ٿي چڪو ھو. سو به سڃ ۾. ھڪ جهولي جو لڳاتار حملو، ٻيو ڪلر جي تپش! توبه، الله ڏئي بندو سھي. وڻ نه ٽڻ. ڪانوَ جي ٿي اک نڪتي. جهولو به سمنڊ جي لھرن وانگر پوٺي تان ڪڙڪاٽ ڪندو ٿي آيو. ”سرڪار ويچاريءَ جو ڪھڙو ڏوھه!“ لوڪل بورڊ جي ھڪ ميمبر صاحب چيو؛ وڻن جو خرچ  به منظور ٿيل آھي، ۽ پھريدار به رکيل آھن. اسان کي پنھنجي بورڊ کان شڪايت ڪانھي. ھنن ته پنھنجي فرض ادائي ڪري ڇڏي ھئي! باقي رھي اسان سان تعدي، سا ته اسان جي اعمالن جي شامت ھئي! پر يار جي ٿا ھٿ پير ھڻي ڪو ممڻ مچايون ته موچڙا ٿا کائون. چي؛ اوھين ته ڪي ڦڏئي آھيو! چڱو سائين، پر اھي الزام به ڪيستائين؟ موچڙا به ڪيستائين؟ نيٺ ته ديڳ تپندي. نيٺ ته اسان جو وارو به ايندو. نيٺ ته ڪاري ڏاند جا مالڪ به ايندا. ٽيھئي راتيون ڪو چور جون ڪو نه آھن. اوھان جي به اوڻٽيھين آھي. دکي دکي نيٺ ٻري. رجهي رجهي نيٺ ٻڙڪي. ھلڪي سلڪي ٻاڦ به جبل ڦاڙيون وجھي.
جهولي لڱن ۾ چوچڙي وجھي ڇڏي. سج جنسي ساڙيو ٿي. نڪا اوٽ نڪو اجھو. لاريءَ جي پاڇي ۾ سوڙھا ٿياسون. ڪن ته ويچارن ھڪ ٻئي کي ئي ٿي اوٽ بنايو. شڪر جو ڪڙيو ويجهو ھو. پاڻي پي پيٽ ٿي ڦاٽو، پر اڃ لھي ئي نه. مس وڃي ڦَٽيل پير جي ملم پٽي ٿي، ۽ اسان جي اميدن جو مرڪز نعرو ھڻي اڳتي وڌيو. ھڪ گرمي، ٻيو پاڻي جو اوٻر، ساھه جون نليون ڪم ئي نه ڪن. ھوا ڄڻ ته آڪسيجن ھئي ڪا نه. ملڪ پاڻي ئي پاڻي، کارو ڪلراٺو پاڻي. ڳوٺ جھڙا ٻيٽ، زمينن جو ته منھن ئي ڪارو ٿي ويو ھو. رڳو ڪي ڪي ٽڪر رتل ھئا، باقي سڀ ٻاڙو. ڪَنگ ڳچيون ڪڍيو ويٺا ھئا. سيڪ ته نه ھو! بس سيلاب ھو، ڪُميون پي رستي تي آيون، ويون. ابا خبر تڏھن پئي جڏھن ھڪ ٻارڙو، ڪُوڻيون ھٿ ۾ ڪيو، رستي جي ھن ڀر ڀڳو. لاري به سرڙاٽ ڪندي ٿي ويئي. بريڪ ته مورڳو ھئس ئي ڪو نه. پتو تڏھن پيو جو شپڪو ٿيو. ابھم ويچارو اڏامندو، بولاٽيون کائيندو، وڃي پاڻي ۾ ڪريو. لاريءَ وارو لاپرواھيءَ سان ڌوڪيندو ويو. ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه ھو. صوبيدار ڏٺو ته ٻوھڻي ٿي وڃي، سو ڪچيون گاريون ڏيئي لاريءَ کي موٽايائين. ٻارڙو صفا ٻَڙھه ٻُٽ پيو ھو. پر سرڪار کي ان جو الڪو ڪو نه ھو. مئو ته سودو ھٿئون سڻڀو ٿيندو. ڇا جي اسپتال، ڇا جو علاج! باقي مشيرنامي جي وٺ وٺان ٿي ويئي. گار جي رئي پي پئي. لاريءَ وارن سان ڪَن ڦـُسڙاٽ به ھلي آئي. مشيرن کان زوريءَ صحيحون ورتيون ويون. سڀ ڪو ڊڄي چوي؛ ”ڪورٽن جا رولڙا ڪي سُٿرا ته ڪو نه آهن، پوليس سان ڦِٽائڻ به چڳو نه آهي“ ڪُوڙيون سچيون صحيحون ڏنيون ويون، ڪلاڪ لڳي ويا. ٻارڙو پيو رھيو. سندس ماءُ پيءُ اچي ويا. ويچارن ڪِيھون ٿي ڪيون. گاريون انھن کي به مليون. دڙڪا، دھمان، ڏاڙھي پٽ. ويچارن صوبيدار کي پلاند وڌا. چي؛ اسان کي ٿاڻي تي نه رول، اسپتال ۾ ٿاٻا نه کاراءِ، اسين غريب ٻچڙيوال، ڊاڪٽرن ۽ ڪمپائونڊرن کي منھن ڏيڻ جي سگهه ڪا نه اٿئون. ھَـڙ به ڦُرايون، ڦڪي به ڪا نه ملي. اسان جي ٻچي جو لاش نه رولاءِ، بچي پيو ته واھه واھه، نه ته کَٽي اسان جي قسمت! ڪورٽن جا ڀاڙا خرچ ڪٿان آڻينداسون؟ ششدار ۽ نائڪ جو وات مٺو ڪرائڻ جي وسعت ڪا نه اٿئون. ماجريٽ جي به ڏائڻ لڳا ويٺا آھن. اسين مِشڪين ڏتڙجي وينداسون، ابو ٿيءُ!“ وڏيرو وچ ۾ پيو، انھيءَ سان به ڪَن ڦـُسڙاٽ ٿي. ريڙھه پيڙھه ٿي. نيٺ صوبيدار صاحب آنا ڪاني ڪندي، ٻئي ڌريون ڦـُري، اچي لاريءَ ۾ جاءِ نشين ٿيو. الٽو ٿورو به مٿان ٿڦيائين.
لاريون ڀڳل، رستا ڦِٽل، نه وڻ نه ٽڻ، مٿان مڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪوس، ھڪ ننڍي نيٽي کان رھيو نه ٿيو. چي؛ يار وزير وڙا پنھنجا ته به ھھڙو ويل! ھڪ ڳوٺاڻي سندس ھٿ کي وٺي زور ڏنو. چي، زور آوار! ڀانڊو ئي نه ڦوڙ. وڏيرا، وزير ۽ واپاري، ڳالھه مڙيئي ڳنڍي پئي اٿئي!“ ائين چئي کڻي اک ڀڳائين.
ڳوٺاڻا تھه تائين پھچي رھيا ھئا. لچائيءَ جا بخيا تيزي سان اڊيڙي رھيا ھئا. سڀني کي وات ۾ مڱ؛ گونگو پاڻي نيٺ ٻوڙي! مان مشڪي ويٺس. سج لھڻ وارو ھو، اچي ھڪ ڳوٺڙي کي اوڏو ٿياسون. ڪتا به ڪافي دلير ٿا ٿين. ھاٿيءَ جيڏيءَ لاريءَ تي ٽٽي پيا. ڪِن ته منھن ۾ چڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪيس. شابس ھجي ڪتن کي ڀونڪي ڀونڪي ڪيڏو نه سبق ٿي ڏنائون! ننڍڙا ٻارڙا آواز ڪندا، اُڪير مان ڀڄندا آيا. ڪي اگھاڙا، ڪي رڳي چولڙن ۾، ڀرسان اچي مٿن تي ھٿ رکي بيھي رھيا، ڪي وري چولڙن جي پلون کي ھيٺ مٿي ڪري لوڏڻ لڳا. مردن ۽ زائفن ڪم ڪرڻ کڻي بند ڪيو. ڪِن ته ويٺي ئي ڪر کڻي نھاريو. پوڙھين، مٿي ڏي ھٿ ورائي، رئي کي اڳڀرو ڪيو. ننڍين، نظرون چورائي پي نھاريو. ڪي ته بيباڪ ٿي، دوناليون سامھون ڪري، بم جھلي بيٺيون رھيون. ڇا جي ھٻڪ، ڇا جو حجاب! ڪير ٿو ڪنھن کي سڃاڻي. ھت حياتيءَ جا اھڃاڻ جهلڪ ڏيئي رھيا ھئا. مٽيءَ مان ۽ ٻوٽن مان، سرھاڻ ٿي آئي. انھن قديم سنڌين جي، جي ھزار سالن کان مھراڻ جي ماٿريءَ ۾ لوڙائو ڳائيندا، نڙ وڄائيندا، ڌمال ھڻندا، ’ھو جمالو‘ نچندا، ڳاڙھي ڳئون پاليندا ٿي آيا. صدين کان ھنن پي اپايو ۽ نپايو. کين سڀ گُر ياد ھئا. جهار جهرڪي، سُوئر سھي، ڦورو لٽيري کي ڄاڻندا سڃاڻندا ھئا. وٽن کانڀاڻيون ھيون، ڏَڦا ھئا، ڪھاڙيون ھيون. ساوا ساوا کيت ھيج مان پي لڏيا ۽ لميا. مخلوق جو خالق اڳيان لاڏ ۽ ناز! ڳوٺاڻن جي ڪاميابيءَ جي پڪي ۽ پختي نشاني! ھُـو ته پشتان پشت اپائيندڙ ھئا. ڀلا ڪير ھوندو جو اپائيندڙ کي مِٽائيندو؟ اجايو کل خراب ڪندو، مٿو ڦوڙيندو. ھي ته آب حيات جا چشما ھئا، جتان سڀني سرڪون ٿي ڀريون. جي انھن کي سڪائيندا سي پاڻ نرھه ٿيندا. ھو ته خالق آھن. مخلوق وارا محنت جا مالڪ! انھن کي ڪپڻ وارو ڳاٽي ڀر ڪرندو، مڻڪو ٽٽي پوندس، چپ لڙڪي ايندس. وڻ جون پاڙون آھن.
اتر جي گُهٽ ۽ ھوا بنھه بند. ھڪ مٽي ٻيو پگھر. بدن ۾ ڪسمرو ۽ چِڪ چِڪ. لاري بيٺي ته ھلڻ جو نانءُ نه وٺي. مٿان مڇرن جو حملو، اصل روڙي کڻي رک. ڳوٺاڻن پاڻيءَ جا وٽا ڀري ڀري پيا رھيا. مڇرن کي ته ٽاري نٿي سگھيا. لاريءَ، ڪري گذاري. انڌ جي گھوڙي تي سوار، اکيون ٻوٽي، بوجھه کڻندي، حرام سٿيندي، پرائو پگھر ڪڍندي، ڌوڙ اڏائيندي، انڌيءَ مک وانگر، واءُ مٿي ۾، وڃي ٻوھي ۾ پئي. پنھنجي ئي بار ھيٺ ڪنجھڻ لڳي. سڀ ڪنھن کي ساڙ، اندر ۾ اڌما، اکين ۾ الا. سندس ئي اٿاريل ڌوڙ، باھه جو ڀڀڙ بڻجي کيس وڪوڙي ويئي. دريون بند ٿي ويس، متيون منجھي ويس. پوءِ ته ڇتي ٿي پئي. تيئن وٺي تک ڪيائين. ويئي چٿيندي ۽ چڀيندي، ڀڀڙ ويو وڌندو. سندس ڊگھي رسي، تيزيءَ سان ننڍي ٿيندي وئي.
گگھه اونداھي، حال بڇڙا، منھن ۾ ڌوڙ، لڱ لڱ ٿي ڏکيو، پر اچي گهر ڀيڙا ٿياسين ته ڏاکڙا ئي لھي ويا. صبر جو ڦل مٺو! رضا تي راضي.
... پر سڀاڻي ساڳي لاري ۾ موٽڻو ھئم. منھنجو ته ھنيون کاڄي ويو. باھه وٺي ويم. ڀانيم ته انھيءَ   ’صبر‘ ۽ ’رضا‘ کي ڳٿڙ کان وٺي وڍي ڪُٽي، چُورڻ ڪري، کڙين ھيٺيان چيڀاٽي ڇڏيان. رڳن ۾ چوچڙيون ٿي دکيون. لٽا لاھي، لنگوٽ ٻڌي، ميٽ ٿڦي کوھه تي آيس. نار ڦيٿي وانگر ٿي ڦريو. خالي لوٽيون ٻڏي ٻڏي، ڀرتو ٿي ٿئي نڪتيون. حرام جو ھمت ھارين، مالھه ۾ ٻڌجي، پاڻ ۾ گڏجي قرب سان اڳتي وڌيون. ٽمٽار ٿي، طاقت وٺي، مٿي اڀريون. ھڪ ئي ناليءَ ۾ کڻي پنھنجون سڀ قوتون وڌائون. اوجل شفاف پاڻي، اڳتي وڌي سڄي کيڙيءَ تي ڇانئجي ويو. ڀينڊ ۽ ڦوڙ ڳري پھت ٿي ويا. لس ئي لس ٿي وئي. وٺي گل ڦل ٽڙيا، چوڌاري سڳنڌ ۽ سرھاڻ ٿي وئي. سڀني لاءِ ھڪ جھڙي، ھڪ جيتري!


No comments:

Post a Comment