Friday, January 25, 2013

چپن تي اڏامندڙ پوپٽ - شوڪت حسين شورو


چپن تي اڏامندڙ پوپٽ
شوڪت حسين شورو
عباس علي ايترا ڏينهن بستري تي ليٽي ليٽي بيزار ٿي پيو هو. هاڻي ننڊ نه هوندي به هو اکيون ٻوٽي پيو هوندو هو. اکين کولڻ سان ڪمري جو ساڳيو ساڳيو منظر ڏسي، هن کي وحشت ٿيڻ لڳندي هئي ۽ چاهيندو هو ته اتان اٿي ڀڄي ٻاهر نڪري. پر هن ۾ ٻاهر نڪري ڀڄي وڃڻ جي طاقت رهي ڪانه هئي. هو ان ڪمري جو ڄڻ قيدي ٿي رهجي ويو هو. ان ۾ هن جي مرضيءَ جو ڪو عمل دخل ڪونه هو. بيماريءَ سبب هو ٻاهر نڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جهڙو ڪونه رهيو هو. اسپتال ۾ رهڻ مان به ڪو فائدو ڪونه هو. ڊاڪٽر کيس جواب ڏيئي چڪا هئا.

”ڇا کائيندين؟ رٻ ٺاهيان؟“ ڪزبانو جي آواز تي هن اکيون کولي ڏٺو. هن کي خبر ئي ڪانه پئي هئي ته ڪزبانو ڪيڏي مهل اندر آئي.
”نه، مون کي ڪجهه نٿو وڻي.“ هن هيڻي آواز ۾ چيو.
”کائيندين نه، ته هيڪاري ڪمزور ٿي ويندين.“ ڪزبانو ڳڻتيءَ وچان چيو.
”هاڻي کائڻ يا نه کائڻ سان ڪهڙو فرق پوندو!“ عباس جي سڪل چپن تي مرڪ اچي ويئي. ”ڳالهه ٻڌ، ڪزو. ڪمزوري نه کائڻ جي ڪري ڪانهي ۽ نڪو ڪجهه کائڻ سان ختم ٿي ويندي.“
”تڏهن به پيٽ ۾ ڪجهه ته هجي.آئون رٻ ٺاهي ٿي وٺان، پوءِ ٻه ٽي چمچا کڻي کڻجان.“ ڪزبانو زور ڀريندي چيو.
”تنهنجي مرضي، ڪزو. باقي منهنجي روزي پاڻيءَ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن. ساهه جو ڌاڳو وڃي پيو ڇڪجندو ۽ ڪنهن به مهل ٽُٽي پوندو.“
ڪزبانو جي هانءَ ۾ جهڙوڪر ڌڪ لڳي ويو. ”الا، ائين ته نه چئو! منهنجو ساهه ٿو نپوڙجي. پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟“ ڪزبانو جي دل ڀرجي آئي. هن عباس علي جي اڳيان روئي، هن کي وڌيڪ دلگير ڪرڻ نٿي چاهيو. هوءَ تڪڙي تڪڙي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي.
اڳي ڪزبانو جڏهن چوندي هئي ته ’پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟‘ ته هو جواب ۾ چوندو هو: ’الله مالڪ آهي، چري‘. پر پوءِ هن جواب ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. هن ڄاتو ٿي ته سندس انهن لفظن سان ڪزبانو جي تسلي ڪانه پئي ٿئي. عباس علي کان وڌيڪ ڳالهائڻ پڳو به ڪونه ٿي. جيتوڻيڪ هن کي ان ڳالهه جو احساس هو ته ڪزبانو جي اها پريشاني غلط ڪانه هئي. هو اڪيلو ئي گهر ۾ ڪمائڻ وارو هو. سندس ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي اڃا ٻار هئا. پويان ڪا ملڪيت ڪانه هئي.
عباس علي جو پيءُ نياز علي پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو. چئن ڌيئرن کان پوءِ عباس علي سندس اڪيلو پٽ هو. نياز عليءَ جي خواهش ته اها هئي ته سندس پٽ ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿئي. پر عباس علي اڃا انٽر مس پاس ڪئي ته نياز علي رٽائر ٿي ويو. عباس علي کي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ڪانه ملي سگهي. هونءَ به هن کي وڌيڪ پڙهائڻ جي سگهه هاڻي نياز علي ۾ ڪانه بچي هئي. عباس عليءَ نوڪريءَ جي لاءِ رُلندي بي اي جو امتحان پرائيويٽ طور پاس ڪري ورتو هو. نياز عليءَ جو هڪ پراڻو شاگرد چيف انجنيئر ٿي ويو هو. نياز علي هن کي منٿون ڪري، ستائي ستائي نيٺ عباس عليءَ کي انجنيئري کاتي ۾ ڪلارڪي وٺرائي ڏني. هن کي ڊسپيچ ڪلرڪ جي ٽيبل تي ويهاريو ويو. سرڪاري لکپڙهه وارن خطن جي رجسٽر ۾ داخلا ڪري، نمبر هڻي، ٽپال ۾ موڪلڻ کان سواءِ هن وٽ ٻيو ڪم ڪونه هو. ان وچ ۾ هن ايم اي به ڪري ورتي هئي. پوءِ خبر ناهي آفيس سپرنٽينڊنٽ قائم الدين کي ڪهڙو خيال آيو، جنهن صاحب کي چئي عباس علي کي ٺيڪيدار جي بلن پاس ڪرائڻ واري ٽيبل وٺي ڏني. هاڻي پگهار کان سواءِ هن جي مٿين ڪمائي به شروع ٿي ويئي.
عباس علي اکيون ٻوٽي ٿڪجي پيو هو. کيس اکين ۾ سور ٿيڻ لڳو. هن اکيون کولي ڪمري کي ڏٺو. ڪمري ۾ هر شئي بي ترتيبيءَ سان ٽِڙي پکڙي پيئي هئي. هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ٻارن جا ۽ سندس ميرا ڪپڙا پيا هئا، ته ڪٿي ٻارن جي اسڪول جا ٿيلها ۽ سندس بوٽ پيل هئا. ڪا به شئي سليقي سان رکيل ڪانه هئي.
’جيڪڏهن فائزه سان شادي ٿئي ها ته هن گهر جو نقشو ٻيو هجي ها...‘ عباس عليءَ کي اوچتو خيال آيو. ايترن سالن کان پوءِ کيس فائزه ياد آئي هئي. هوءَ عباس علي جي آف سپرنٽينڊنٽ قائم الدين جي ڌيءُ هئي. فائزه ڪنهن انگلش ميڊيم اسڪول ۾ پڙهي هئي. پوءِ هن يونيورسٽيءَ مان ايم.ايس.سي ڪئي هئي ۽ تازو کيس گرلس ڪاليج ۾ ليڪچرر شپ ملي هئي. هوءَ اڃا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي پئي ته قائم والدين سندس رشتي جي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون هيون. پر ڪٿي ڳالهه ٺهي ڪانه. هڪڙي ڏينهن آفيس ۾ ويٺي ويٺي قائم الدين کي عباس عليءَ جو خيال آيو. ڇوڪرو سٺو ۽ فضيلت وارو هو. عباس علي کي پهرين ته حيرت لڳي هئي ته قائم الدين هيئن اوچتو ڪيئن مٿس ايترو مهربان ٿي پيو هو، جو کيس ڪمائيءَ واري ٽيبل وٺرائي ڏني هئائين. قائم الدين جي گهران ٽفن باڪس ۾ ماني ايندي هئي ته هو عباس علي کي زوريءَ پاڻ سان گڏ ماني کارائيندو هو. پوءِ هو کيس پنهنجي گهر به وٺي ويو هو ۽ سمورن گهر ڀاتين سان کيس کي ملايو به هئائين.
’ان پهرئين ملاقات ۾ قائم الدين جي گهر واريءَ ۽ فائزه ڄڻ منهنجو انٽرويو ورتو هو. پر اهو انٽرويو ڪونه هو، ڄڻ آڏي پڇا هئي. منهنجي پيءُ، ماءُ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين بابت. خانداني ملڪيت ۽ جائداد بابت، جيڪا هئي ڪانه. ‘ عباس عليءَ کي ياد آيو ته اهي سوال اڃا پورا مس ٿيا هئا ته اوچتو فائزه پڇيو:
”اوهان يونيورسٽيءَ ۾ ڪڏهن پڙهيا هئا؟“
”آئون يونيورسٽيءَ ۾ ڪونه پڙهيو آهيان.“ عباس علي وراڻيو. ”مون انٽر کان پوءِ سڀ امتحان ايڪسٽرنل طور ڏنا آهن.“
فائزه پنهنجي ماءُ ڏانهن نهاريو. ٻئي ٿوري دير چپ ٿي ويون هيون. عباس عليءَ کي هاڻي چڙ اچڻ لڳي هئي ته کانئس اهي سڀ سوال ڇو پڇيا پئي ويا. هن اٿي موڪلائڻ چاهيو، پر قائم الدين ۽ سندس زال ويهڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا.
”نه، ائين ڪيئن ٿيندو؟ پهريون ڀيرو اسان جي گهر آيو آهين، ماني کائڻ کان سواءِ ڪيئن ويندين!“
عباسي عليءَ کي لاچار ويهڻو پيو. هن قائم الدين کي ناراض ڪرڻ نٿي چاهيو. فائزه اٿي رڌڻي ۾ ويئي هئي. قائم الدين به ٻاهران ڪجهه آڻڻ جي لاءِ اٿي ويو. هن جي زال عباس عليءَ وٽ ويٺي رهي.
”ڏس پٽ، دل ۾ نه ڪجانءِ ته اسان توکان ذاتي قسم جا سوال پڇيا. اصل ۾ قائم صاحب توکي تمام گهڻو پسند ڪري ٿو. هو فائزه جو رشتو توسان ڪرڻ چاهي ٿو. اسان کي به تون سٺو لڳو آهين.“
عباس عليءَ جي مغز مان ٺڪاءَ نڪري ويا هئا. هن جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون.
”پنهنجي زندگيءَ جي آئندي جي لاءِ فيصلو توکي ڪرڻو آهي.تون ڀلي پنهنجي والدين سان به صلاح ڪر. پر هڪڙي ڳالهه ڌيان ۾ رکجانءِ، اهڙو رشتو قسمت وارن کي ملندو آهي. فائزه نه رڳو پڙهيل لکيل ۽ سٺي روزگار سان لڳل ڇوڪري آهي، پر هوءَ سگهڙ به آهي. گهر جو هر ڪم ڄاڻي ٿي ته گهر کي ڪيئن ٺاهجي.“
عباس عليءَ کان هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ بستري تي پاسو بدلايائين. ’آئون  کيس ڇا ٻڌايان ها، منهنجي قسمت اڳ ۾ لکجي چڪي آهي. منهنجي ماسات ڪزبانو سان منهنجو مڱڻو ٿي چڪو آهي. مون کي ان وقت ئي اها ڳالهه کيس ٻڌائڻ کپندي هئي. پر مون کي سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته ڇا چوان!‘
عباس عليءَ کي ياد آيو ته جڏهن ماني لڳي هئي ته گرهه هن جي نڙيءَ کان هيٺ ڪونه پئي لٿا. ماني نه کائڻ سٺي ڳالهه به ڪانه ٿي لڳي. هن جيئن تيئن ڪري ڪجهه گرهه زوريءَ کاڌا. ٻين سمجهيو ته هن ماني کائڻ ۾ حجاب ٿي ڪيو.
”پٽ، پنهنجو گهر سمجهه. فائزه سڀ کاڌا پنهنجي هٿ سان ٺاهيا آهن.“ قائم الدين جي زال کيس چيو.
عباس علي مرڪي فائزه ڏانهن نهاريو ۽ کيس داد ڏنو. ”واقعي تمام لذيذ کاڌو ٺهيل آهي.“
سڀ ماني کائي اٿيا، ته ٿوريءَ دير کان پوءِ عباس کانئن وڃڻ جي موڪل ورتي. ٻاهر اچي حيدرآباد جي ٿڌي هوا ۾ هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو. هو ڄڻ لاڪپ مان ٻاهر نڪتو هو. هن هاڻي پهريون ڀيرو فائزه طرف ڌيان ڏنو. رنگ جي ڪارسري، قد پورو پنو، پر هن جي جسم ۽ شڪل ۾ برابر دلڪشي هئي... ’پوءِ ڪزبانو جو ڇا ٿيندو؟ بابا ۽ امان ڪڏهن ڪونه مڃيندا.‘ سڄي واٽ هن جي ذهن ۾ اهي خيال ڄؤرن وانگر چهٽيا رهيا. ڪمري ۾ اچي هن کي ياد آيو ته هو پنهنجي موبائل فون قائم الدين جي گهر وساري آيو هو. رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. ان ٽائيم تي ٻيهر هنن وٽ وڃڻ، سو به موبائل فون جي لاءِ، کيس سٺو نه لڳو.
ٻئي ڏينهن صبح جو قائم الدين آفيس ۾ سندس فون کڻي آيو. ان ئي ڏينهن شام جو سندس موبائل فون تي ڪنهن اڻڄاتل نمبر تان ايس ايم ايس اچڻ شروع ٿي ويا. شروعات شعرن موڪلڻ سان ٿي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ايس ايم ايس آيو: ”شايد اوهان کي شاعريءَ سان دلچسپي ڪانهي.“ عباس علي جواب ۾ لکيو: ”اوهان ڪيئن سمجهيو ته مون کي شاعريءَ سان دلچسپي ڪانهي؟“
جواب آيو: ”اوهان جي طرفان ڪا به موٽ نه ملي، ان ڪري...“
عباس علي لکيو: ”مون کي خبر ناهي ته اوهان ڪير آهيو؟ ان ڪري...“
جواب آيو: ”اوهان پنهنجي دل کان پڇو ها ته خبر پئجي وڃي ها.“
عباس علي سوچ ۾ پئجي ويو. تڏهن هن جي ذهن ۾ ڄڻ چمڪاٽ ٿيو. ’اها فائزه ٿي سگهي ٿي.‘
هن ايس ايم ايس ۾ لکيو: ”دل ته مون کي ٻڌايو آهي، پر وري به پڪ ڪرڻ ضروري آهي.“
جواب آيو: ”معنيٰ اوهان دل جي ڳالهه کي ايتري اهميت ڪونه ڏيندا آهيو، ۽ نه وري ان جي چوڻ تي هلندا آهيو! لڳي ٿو اوهان وٽ گهڻين ڇوڪرين جا ايس ايم ايس اچن ٿا، تڏهن سڃاڻي نٿا سگهو ته مان ڪير آهيان.“
عباس علي منجهي پيو ته ان ڳالهه جو ڪهڙو جواب ڏئي. هو پنهنجي ڳالهه ۾ پاڻ ڦاسي پيو هو. تڏهن ٺڪ ٻيو ايس ايم ايس آيو: ”ڇا پيا سوچيو؟ جواب ڏيڻ ۾ منجهي پيا آهيو ڇا؟“
عباس علي لکيو: ”مون وٽ اڳ ۾ ڪنهن به ڇوڪريءَ جو ايس ايم ايس ڪونه آيو آهي. ٻي ڳالهه ته منهنجي دل پٿر جي ٺهيل ڪانهي. ٻين ماڻهن جي دلين وانگر قدرتي دل آهي.“
جواب آيو: ”چڱو مڃيوسين. اوهان جي قدرتي دل اوهان کي ڇا ٿي ٻڌائي ته مان ڪير آهيان؟“
عباس علي فقط ايترو لکيو: ”فائزه!“
جواب آيو: ”اڙي واهه! ڇا ته ڌڪو لڳو آهي.“
عباس علي کان کِل نڪري ويئي.
پوءِ آفيس ۾، گهر ۾ ايس ايم ايس جو هڪ اڻکُٽ سلسلو شروع ٿي ويو. موبائل فون تي ڳالهه ٻولهه به ٿيندي هئي، پر ايس ايم ايس رات جو ٻي ٽين وڳي تائين پيا هلندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچي عباس علي جي دل سُسي ويندي هئي ته آخر هڪ ڏينهن اهو سلسلو ختم ٿيڻ وارو هو. ’فائزه کي جڏهن اها خبر پوندي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ منهنجي سڄي زندگي انهن ٽن لفظن جي گهاڻي ۾ پيڙجندي رهي آهي...‘  عباس علي هڪ ڊگهو ساهه کڻي اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
پوءِ جڏهن هو ڳوٺ ويو هو ته هن گهر ۾ اها ڳالهه ڪئي، تڏهن ڄڻ حشر برپا ٿي ويو هو.
”آئون اديءَ کي ڪهڙو منهن ڏيکارينديس!“ عباس علي جي ماءُ روئندي چيو. ”رت جا رشتا ڇڄي ويندا، ابا عباس علي...“
”اسين مٽي مائٽي، راڄ ڀاڳ مان تڙجي وينداسين. تون ته وڃي شهر ڀيڙو ٿيندين، اهو سوچ ته تنهنجين چئن ڀينرن جو ڇا ٿيندو؟ ڪير اسان سان سڱاوتي ڪندو؟“ نياز علي جي آواز ۾ پريشانيءَ سان گڏ ڪاوڙ به هئي.
عباس علي وڏي مشڪل سان ٻنهي کي سمجهايو، ”منهنجو اهڙو ڪو به ارادو ڪونهي. مون ته رڳو اوهان کي ڳالهه ٻڌائي، باقي ٿيندو ائين، جيئن اوهان چاهيندا.“
هاڻي هن لاءِ ٻي مشڪل اها هئي ته قائم الدين سان اها ڳالهه ڪيئن ڪري. عباس علي هنن کي گهڻو وقت اوندهه ۾ رکڻ نٿي چاهيو. نيٺ دل جهلي هن اهو سڄو قصو قائم الدين کي ٻڌايو. قائم الدين هن جي مجبوريءَ تي ڪنڌ لوڏي رڳو ايترو چيو، ”مون تنهنجي ڀلي لاءِ سوچيو هو ته تنهنجو مستقبل ٺهي پوندو، پر خير...“
ان ڏينهن کان پوءِ عباس عليءَ جي موبائل فون تي ايس ايم ايس اچڻ بند ٿي ويا. هن ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار ايس ايم ايس ڪيا، پر جواب ڪونه آيو. هن فائزه سان ڳالهائڻ چاهيو، پر پاڻ ۾ همٿ ساري نه سگهيو.
’فائزه سان شادي ڪريان ها ته شايد حالتون ائين نه هجن ها، جيئن هاڻي آهن‘. عباس علي سوچيو. ’پر هاڻي جڏهن سڄو قصو ئي ختم ٿيڻ وارو آهي ته انهن ڳالهين کي ياد ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو!‘
عباس عليءَ کي ٿوري دير اڳ ڪزبانو جي چيل ڳالهه ياد آئي: ”پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟“ خود هن لاءِ به موت کان وڌيڪ موتمار سوال اهو هو ته پوءِ ڇا ٿيندو! هن کي ڊاڪٽر جي منهن تي پيدا ٿيل تاثر اڃا تائين ياد هو، جڏهن هن ٽيسٽن جون رپورٽون ڏٺيون هيون. ڊاڪٽر هن ڏانهن رڳو ڏسندو رهيو هو. تڏهن عباس علي ڦڪي مُرڪ سان چيو هو، ”مون کي خبر آهي، ڊاڪٽر صاحب! منهنجون رپورٽون خراب آيون آهن.“
”جگر جو اڌ حصو ڪئنسر سبب خراب ٿي چڪو آهي.“ ڊاڪٽر چيو. ”ان جو علاج فقط ليور ٽرانسپلانٽيشن آهي- ۽ اهو هتي ٿئي ڪونه ٿو. ان لاءِ سنگاپور يا انڊيا وڃڻو پوندو. پر سنگاپور جي ڀيٽ ۾ انڊيا وري به سستو آهي.“
”خرچ گهڻو ٿيندو، ڊاڪٽر صاحب؟“ عباس علي پڇيو هو.
”اٽڪل سٺ لک رپيا“. ڊاڪٽر وراڻيو.
”سٺ لک!“ هن کان رڙ نڪري ويئي هئي. ڪزبانو جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته هن کان به رڙ نڪري ويئي. عباس علي نوڪريءَ ۾ جيڪي ڏوڪڙ ڪمايا هئا، تن مان هن جي چئن ڀينرن جي شادي ٿي هئي. هن قاسم آباد ۾ هڪ فلئٽ بڪ ڪرايو هو، جنهن ۾ هاڻي هو ٻارن سان گڏ رهيل هو.
”پنهنجي ٻي ته ڪا به ملڪيت ڪانهي. باقي هي گهر کڻي وڪڻون...“
ڪزبانو سوچيندي چيو هو.
”چري ٿي آهين ڇا؟ ٻچن جي لاءِ اجهو ٺاهيو اٿم سو وڪڻي ڇڏيان!“ عباس علي تپي ويو هو.
”پر حياتيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي شئي آهي؟ اسان جي لاءِ ڇپر ڇانءُ ته تون آهين. تون سلامت هوندين ته گهر ٻيو به ٺهي ويندو.“
”سو ته آهي.“ عباس علي سوچ ۾ پئجي ويو. ”پر ڪزو، سٺ لک رپيا ڪا ننڍي رقم ڪانهي، فلئٽ وڪڻڻ مان ايترا پئسا ٿوروئي ملندا!“
”ٻيا زيور آهن منهنجا. تون پڇا ته ڪر فلئٽ گهڻي ۾ ٿو وڪامي.“ ڪزبانو زور ڀريندي چيو.
عباس علي پراپرٽي ڊيلرن وٽ چڪر هنيا. سڀني جو اهو خيال هو ته تڙ تڪڙ ۾ وڪڻنداسين ته وڌ ۾ وڌ پنجويهه لک رپيا ملندا. تهڙا ڇهه ست لک رپيا زيورن جا ملن ها. باقي وڌيڪ پئسن ملڻ جو ٻئي هنڌان ڪٿان به آسرو ڪونه هو.
هوڏانهن پاڻ پؤڻو پوندو ويو. اسپتال مان نيٺ ڊسچارج ٿي گهر اچي بستري داخل ٿيو.
’هاڻي باقي ڪي مهينا، ڪي هفتا، ڪي ڏينهن وڃي بچيا آهن.‘ عباس علي کي خيال آيو. ’آئون نه هوندس ته منهنجن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ بابا ۽ امان به گذاري ويا. ڀينرون پنهنجن گهرن واريون ٿي ويون. پٺتي جو ڪو به سهارو ڪونهي. ڪزو اڪيلي گهر کي ڪيئن سنڀالي سگهندي! ٻارن جي سار سنڀال ڪير لهندو؟ پٽ ته وري به ڌڪا ٿاٻا کائي جوان ٿي ويندا، باقي پڙهي ته ڪونه سگهندا. متان رولو بنجي وڃن... لوفر ۽ ڏوهاري ٿي وڃن... پر وري به مرد آهن، منهن ڏيئي ويندا، نه ته به کٽينِ قسمت! نياڻي کڻي هڪڙي آهي، پر ان جو ڇا ٿيندو!‘ عباس عليءَ جي من ۾ ڀنواٽيون اچڻ لڳيون. هن کي لڳو ڪمري ۾ گهُٽ ٻوساٽ وڌي ويئي هئي يا اها شايد سندس من اندر هئي. ’بيماري آهستي آهستي سڄي جسم کي وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙي سڪل ڪاٺيءَ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. هي سلو پوائزن وارو موت جنهن ۾ ماڻهوءَ کي شعوري طور ڄاڻ هجي ته هو وک وک موت طرف وڌي رهيو آهي يا موت هلڪيون وکون کڻندو، مون ڏانهن وڌندو پيو اچي... هي سڀ ڪيڏو نه اذيتناڪ آهي. ۽ آئندي جا خيال... اُلڪا... اونا... جيڪي موت کان وڌيڪ موتمار آهن.‘ عباس علي اکيون پوري ڊگها ڊگها ساهه کڻي پاڻ کي سامت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. تڏهن هن کي خيال آيو: ’روڊ تي اوچتو جو حادثو ٿي پوي ۽ ان ۾ مري وڃان ها يا ڪٿي ڪنهن ڌماڪي وقت آئون به اتي موجود هجان ها ۽ منهنجي جسم جا ٽڪرا اڏامي وڃي پري ڪِرن ها ته پوءِ؟ سڀ ڪجهه اوچتو ختم ٿي وڃي ها. نه اُلڪا، نه اونا، نه پريشانين جا احساس. ڪنهن جي مرڻ سان دنيا ختم ڪانه ٿي ٿي وڃي. آئون نه هوندس ته به دنيا پيئي هلندي. پوءِ ڇا ٿيندو جي ڳڻتي اجائي آهي. جيڪي جيئرا هوندا سي جيئڻ ڪاڻ وسان ڪونه گهٽائيندا. زندگي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي وٺندي آهي.‘ عباس عليءَ کي لڳو ته هن جي ذهن تان ڄڻ وڏو وزن لهي پيو هو. پر هن پاڻ کي بيحد ٿڪل محسوس ڪيو- جهڙوڪر وڏو پنڌ ڪيو هجيس. هن آرام ڪرڻ ٿي چاهيو. پوءِ سندس اکيون پاڻمرادو ٻوٽجي ويون.

ڪزبانو رٻ جو پيالو کڻي ڪمري ۾ آئي ته هوءَ پنڊ پهڻ بنجي ويئي. هن هڪ عجب لقاءُ ڏٺو. عباس علي سنئون سڌو ليٽيل هو. هڪ خوبصورت رنگين پرن وارو پوپٽ سندس اڌ کُليل چپن جي مٿان اڏامي رهيو هو. عباس علي جي چپن تي عجب مرڪ هئي. ڪزبانو کي حيرت لڳي ته اهو پوپٽ ڪمري ۾ آيو ڪٿان هو! هن سمجهيو ته عباس علي هميشه جيان اکيون ٻوٽي جاڳي رهيو آهي. هن کيس سڏيندي چيو، ”جاڳين پيو؟“ پر عباس علي ڪو جواب نه ڏنو. ڪزبانو کي پهرين خيال آيو ته عباس عليءَ جي چپن تي اڏامندڙ پوپٽ کي هٽائي پري ڪري. پر پوءِ هن اهو خيال لاهي ڇڏيو. پوپٽ عباس عليءَ جي چپن تي اڏامندي سٺو لڳي رهيو هو. ڪزبانوءَ جي چپن تي به مُرڪ اچي ويئي.
* *

No comments:

Post a Comment