Tuesday, January 15, 2013

شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻي ’غيرتي‘ - مدد علي سنڌي


شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻي ’غيرتي‘
مدد علي سنڌي/حيدرآباد
شوڪت شوري، پنهنجي ڪنهن مضمون ۾، برک مفڪر ’فرڊيننڊ سوسيئر‘ جو هڪ حوالو ڏنو آهي: ”لفظ بذاتِ خود بي معنيٰ آهن، بلڪ انهن ۾ زندگي آهي ئي ڪا نه.“
لفظ واقعي بي معنيٰ هوندا آهن، پر اهو ليکڪ ئي آهي، جيڪو لفظن جي اڻت ٿو ڪري. ڪڏهن ڪڏهن نه رڳو انهن کي معنيٰ ٿو بخشي، بلڪ زندگي به ڏيئي ڇڏيندو آهي. جديد ادب، يا ان کان پوءِ جو ادب، يا ڪلاسيڪل ادب، زندگيءَ جي بي رحمين، احساسن ۽ جذبن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو آهي. ڪهاڻي/شاعري، انهن جذبن جو اظهار آهي، پوءِ اها ليکڪ جي ڪاريگري آهي ته هو ان کي ڪيئن ٿو معنيٰ ڏيئي، زندگي عطا ڪري.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪهاڻي ڇا آهي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي. ان سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ هروڀرو وڏن وڏن اديبن جا حوالا ڏيڻ ضروري ڪونهي. جيڪڏهن اهي حوالا ويهي ڏجن، ته ڇا ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي شاندار ٿي ويندي، ٻيءَ صورت ۾ اها ڪهاڻي نه هوندي؟ ته ان جو جواب انڪار ۾ آهي. ها البته اهو ضرور آهي، ته وقت بوقت اديبن ڪهاڻيءَ جي وصف جدا جدا طريقن سان ويهي بيان ڪئي آهي. ڪهاڻي، ڪهاڻي هوندي آهي، پوءِ ان کي اسين قديم، جديد، ماڊرن، يا پوسٽ ماڊرن ازم جي خانن ۾ ڀلي کڻي فٽ ڪريون. پر ڪهاڻي ڪهاڻي رهندي. اها هوندي آهي حقيقي جذبن جي اظهار جو نالو. ان لاءِ ضرورت هوندي آهي ته حقيقي جذبن کي ڪيئن ويهي بيان ڪجي، جو پڙهندڙ ان ڪهاڻيءَ سان گڏ سفر ڪندو هلي. اهو نُڪتو اهم آهي. دل کي ڇهندڙ جذبن، لفظن جي اڻت ئي ڪهاڻيڪار جو ڪرشمو هوندو آهي. لفظ جيڪي بي معنيٰ هوندي به معنيٰ وٺي زندگيءَ جي شڪل اختيار ڪري ويهندا آهن.
منهنجي آڏو شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻي ”غيرتي“ آهي. آئون شخصي طور تي شوڪت جي ڪهاڻين جو پڙهندڙ رهيو آهيان. سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۶۴ع ۾ ’روح رهاڻ‘ مئگزين ۾ شايع ٿي. عنوان هوس:”اکيون روئي پيون!“ اُن وقت کان وٺي شوڪت جي ڪهاڻين ۾ ڦيرو پئي آيو آهي. بلڪ ائين کڻي چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ هرگز نه ٿيندو، ته شوڪت هڪ جديد ۽ مطالعو رکندڙ اديب آهي. هو سنڌي ٻوليءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين ڪهاڻيڪارن مان هڪ آهي، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي. وٽس موضوع گهڻا هوندا آهن. مثال طور سندس هڪ ڪهاڻي ”ٽٽل ڀڳل ٽهڪ“ ٿي ياد اچي. اها ڪهاڻي مون کي ڏاڍي وڻي هئي. تڏهن مون کيس چيو هو، اوهين هن ڪهاڻيءَ کي ناول جو روپ ڏيئي سگهو ٿا. ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار ’شمع!‘، يا ڪهاڻيءَ جو هيرو ’مان‘ انتهائي وشال ڪئنواس رکندڙ- ۽ اهڙا ٻيا انيڪ انهن سان لاڳاپيل ڪردار، اسان جي معاشري جا هلندڙ ۽ چرندڙ ڪردار آهن. اڀرندڙ وچولي ڪلاس جا ڏکويل ڪردار. اکين ۾ زندگيءَ جي حالات جا انيڪ سپنا کڻي هلندڙ ڪردار! حياتيءَ جي حاصلات لاءِ سرگردان ڪردار. ڏاڍ ۽ جبر سان وڙهندڙ چهرا. ڏکن، خوشين، مايوسين جا اڌما رکندڙ ڪردار! سدائين سپنن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، آنڌ مانڌ ۾ مبتلا، حيران ۽ پريشان ڪردار، جن جا سپنا اماوس راتين جي اونداهيءَ ۾، زرد شامن ۾، چوڏهينءَ جي چانڊوڪين ۾، نيڻ نهار تائين پکڙيل سرنهن جي پوکن ۾، جنم وٺي صبح جي سوجهري ۾، الوٽ ٿي ويندا آهن.
هڪ پڙهندڙ جي حوالي سان منهنجي اصل ۾ شروع کان وٺي اها ڏاڍي خواهش پئي رهي آهي ته سنڌيءَ ۾ سٺا ناول لکيا وڃن. ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي جي اوائلي سالن ۾ علي بابا جي پويان ڊوڙندڙ هوس، ته ”تون اڳتي قدم رسالي لاءِ، قسط وار ناول لک“. هن ناول ته ڪو نه لکيو، پر ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ جهڙي شاندار ڪهاڻي، اڳتي قدم لاءِ لکي ڏني. آغا سليم ’سهڻي‘ مخزن ۾ ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ جون قسطون شروع ڪيون. ان وقت آغا سليم ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪم ڪندو هو. مون کي ياد آهي، آئون ساڻس اتي ملاقات ڪرڻ ويندو هوس. بعد ۾ جڏهن آغا صاحب کي جيل جي حوالي سان ان ناول جي هڪ قسط لکڻي هئي، ته سندس ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان اورينٽ هوٽل ۾ ملاقات ڪرائي هيم. ان وقت آغا صاحب کي جيل جو تجربو ڪو نه هو. سوڀي سان اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪچهريءَ ۾ هن جيل جي حوالي سان سوال پڇيا هئا، ڇاڪاڻ ته ناول جي ڪردار ’سارنگ‘ کي جيل ڪاٽڻو هو. قدرت خدا جي، ناول جي اها قسط شايد آغا صاحب دير سان لکي، پر جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا ۾ ۱۹۷۸ع ڌاري، خود آغا سليم کي هڪ ڪوڙي سياسي ڪيس ۾، جيل ڀوڳڻو پئجي ويو ۽ ليکڪ پاڻ اهو ذاتي تجربو حاصل ڪري آيو. آغا صاحب ناول لکڻ جو بادشاهه آهي. ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۽ ”همه اوست“ اڄ به سنڌي ٻوليءَ جا شاهڪار ناول آهن. سندس ڪهاڻي ”پل پکيئڙا“ به ناول جو موضوع هئي. اها ڪهاڻي اڄ به مون کان نٿي وسري.
مقصد اهو ته، ناول لکڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن شخصي تجربي/ مشاهدي جي به وڏي ضرورت هوندي آهي. پر خصوصي طور تي شوڪت وٽ زندگيءَ جي انيڪ ڪردارن جي ڀوڳڻ واري مشاهدي جي ڪا به کوٽ ڪونهي. هن پاڻ زندگيءَ جا انيڪ لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن. عبدالقادر جوڻيجي وانگر، سندس تعلق به نج ٻهراڙيءَ سان آهي. عبدالقادر جوڻيجي وٽ به، ناول لکڻ لاءِ تمام وڏو ڪئنواس آهي. سندس لکيل ڪهاڻي ’ڪارونجهر جي ڪورَ‘ يا سندس تازو لکيل ’جهَڪيون جهَڪيون يادگيريون‘ ۾ ناول جو شاندار پس منظر موجود آهي. پر سندس اڻ ڇپيل ناول ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ شايع ٿيو، ته ان سان سنڌي ادب ۾ هڪ لازوال ناول جو واڌارو اچي ويندو.
هاڻي اچون ٿا شوڪت جي ڪهاڻيءَ تي. بنيادي طور تي سنڌو درياهه جون مست ڇوليون سدائين سنڌ تي تمام گهڻو اثر انداز رهيون آهن. موهن جي دڙي کان وٺي، ڪيترن انقلابن ۽ تهذيبن جي اوسر ۽ برباديءَ ۾ درياهه شاهه جو وڏو اثر رهيو آهي. ۱۹۳۲ع ۽ ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ اندر تمام وڏي ٻوڏ آئي هئي. ان وقت سياسي ڪم ڪندڙ سنڌ ۾ ڪاهي پيا هئا. ڪانگريس سنڌ جي سگهاري جماعت هوندي هئي. نارائڻ داس ملڪاڻي ڪانگريس جي سهائتا ڪئي هئي. بعد ۾ هن ٻن ڀاڱن ۾ ”ڳوٺاڻي چهر“ جي نالي سان ٻوڏ جي ماريلن جون ڪهاڻيون ويهي لکيون هيون. ملڪاڻي بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار ته نه هو، پر هڪ ليکڪ ضرور هو. سندس آڏو هزارين برباد ٿيل ڪردار هئا. انهن جا داستان اڄ ان ڪتاب ۾ ان دور جي ٻوڏ جي وارتا بيان ڪن ٿا. بعد ۾ ۱۹۵۶، ۱۹۷۳ ۽ ۱۹۷۶ جي ٻوڏن به سنڌ ۾ گهڻي اٿل پٿل آندي. گذريل ڀيري سال ۲۰۱۰ع ۾ درياهه شاهه هڻي وڃي هنڌ ڪيو. انهيءَ ٻوڏ سنڌ جي ماڻهن تي جيڪي خوفناڪ اثر وڌا آهن، تن جو دائرو تمام وسيع آهي. اهي اثر ماڻهن جي سماجي زندگيءَ تي اوس پيا آهن. اسان جي ڪهاڻيڪار شوڪت شوري جي ڪهاڻي ”غيرتي“ ان پس منظر ۽ انهن اثرات تي لکيل آهي. جيئن مون مٿي چيو آهي ته ڪجهه ڪهاڻيون اهڙيون هونديون آهن، جن ۾ ناول جو وسيع پس منظر موجود هوندو آهي. شوڪت جي ڪهاڻي ”غيرتي“ ۾ ناول جو هڪ تمام ڊگهو پس منظر موجود آهي. عبدالقادر جوڻيجي جي ڪهاڻي ”واٽون، راتيون ۽ رول“ جو موضوع به ناول جو هو. اڄ به جيڪڏهن عبدالقادر جوڻيجو ان ڪهاڻيءَ کي ناول جو روپ ڏئي ته سنڌي ادب کي هڪ شاهڪار ناول ملي ويندو. اهڙيءَ ريت شوڪت جي ڪهاڻي ”غيرتي“ جا ڪردار ماسي ڀاڳل، زرينه ۽ سندس مڙس قاسم، زرينه جو ڏير عارب، سندس ڀاڄائي صفوران ۽ ماسيءَ جو مڙس جانو خود پنهنجي پويان ڪيتريون ڪهاڻيون رکن ٿا.
اردوءَ جي هڪ نقاد سليم اختر جو چوڻ آهي ته ”هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار، عام طور تي هڪ ڪامياب ناولسٽ نٿو ٿي سگهي، پر هڪ ڪهاڻيڪار ڪهاڻي يا ناول لکڻ مهل، ان جو سانچو چونڊيندي، ڪنهن اهڙي نفسياتي ڪيفيت يا ذهني حالت مان گذرندو آهي، جو بعد ۾ انهن تجربن، واقعن ۽ ڪيفيتن کي ڏسندي انهن کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيندو آهي!“
اسين شوڪت جي ڪهاڻيءَ کي ڪهڙي وصف ۾ ٿا آڻيون، ته ان لاءِ ڪهاڻيءَ جو ڪجهه جائزو وٺڻ ضروري آهي.
بنيادي طور تي ”غيرتي“ ڪهاڻي، هڪ فرد نه، پر ڪيترن ئي ڪٽنبن جي ڪهاڻي آهي. انهن ڪٽنبن جي ڪردارن مان ڪجهه ڪردار وسيع پس منظر رکن ٿا.
”غيرتي“ ڪهاڻيءَ جو پس منظر اتر سنڌ جي ان ڳوٺ جو آهي، جيڪو ٻوڏ سبب اوچتو متاثر ٿو ٿئي. گذريل سال ائين ٿيو جو پاڻي گهوگهاٽ ڪندو آيو، ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهر ٻڏا. ماڻهو گهر گهاٽ، ٻني ٻارو، الهه تلهه ڇڏي، وڃي ڪئمپن ڀيڙا ٿيا. ڪهاڻيءَ ۾ قاسم پنهنجي ڀاڄائيءَ کي غير مرد رمضان سان ڳالهائيندي ڏسي، ڪهاڙيءَ سان ڪاري ٿو ڪري ڇڏي. صفوران بي گناهه آهي يا ڪاري، اهو پس منظر تفصيل سان ڏنل ڪونهي. پر هڪ بي گناهه عورت مارجي وڃي ٿي. ان جو مڙس، ٻه ٻار پوئتي آهن. سنڌ جي معاشري ۾ الائي اهڙا ڪيترا قتل ٿي ويا آهن، ڪارو ۽ ڪاريءَ جي بدعت سنڌ جي معاشري ۾، خاص طور تي اتر سنڌ ۾ ناسور بڻيل آهي. عارب جنهن جي زال مارجي وڃي ٿي، سو ڀاءُ کان اهو سوال ضرور ڪري ٿو، ”زال منهنجي هئي، مون کي ته ٻڌائين ها. تو کي ڪهڙو حق هو منهنجي زال کي مارڻ جو.“ پر جڏهن سندس ڀاءُ قاسم پوليس ۾ پيش پوڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڀاءُ کي پيش پوڻ کان جهلي، اندر جو سور اندر ۾ رکي ٿو ڇڏي. ٻوڏ جو پاڻي مٿان اچي ٿو ڳوٺ پهچي. هو پٽ ۽ ڌيءُ کي ساڻ ڪري، پنهنجي زال جي قاتل، قاسم ۽ ڀاڄائي زرينا کي وٺي اچي، سکر جي رليف ڪئمپ ۾ پناهه وٺي ٿو. ٻوڏ جي ستايلن جي ڪئمپ جو عجيب حال هوندو آهي. اهو جن اکين ڏٺو هوندو، تن کي ان جو احساس ٿي سگهندو. ان ڪئمپ ۾ عارب، جنهن جي دل ۾ پنهنجي بيگناهه زال جي قتل جو ڏک آهي، هڪ رات چپ چپات ۾ ٻنهي ٻارن کي وٺي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏانهن هليو وڃي ٿو.
قاسم سان سکر جي ڪئمپ ۾ جيڪا جٺ ٿئي ٿي، ان جو ذڪر ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهي. چانورن لاءِ ڌڪا کائيندي، سندس قميص ڦاٽي ٿي پوي، ۽ هو زال کي چوي ٿو؛ ”ماني وٺڻ وڏي جُٺ آهي. هڪ پاسي پوليس وارن جون لٺيون، ٻئي پاسي ماڻهن جي ڌڪ ڌڪان!“ سندس زال جڏهن اهو ٻڌي ٿي ته هاڻ ڪئمپ ۾ مفت ڀت نه ملندو ته کيس پنهنجي ماسي ڀاڳل ٿي ياد اچي، جيڪا لڏي وڃي حيدرآباد ويٺي آهي. سندس ماسي قاسم آباد ۾ رهي ٿي، ۽ اها هڪ ڌاڙيل جي زال آهي. جانو ڌاڙيل، جيڪو سندس ماسيءَ سان شادي ڪري روپوشيءَ جي حالت ۾ وڃي قاسم آباد ۾ ترسيو هو. پر اتي کيس ڪوئي پراڻو سڃاڻو ڏسي سندس مخبري ڪري ٿو، ۽ ان ڌاڙيل کي ڦاسي ٿي اچي وڃي. هتي جانو ڌاڙيل جي زندگيءَ جو تفصيل ڪهاڻيءَ کي ناول جي شڪل ڏيڻ لاءِ گهڻو زور وٺرائي سگهي ٿو. ڇو ته اهو ڪردار پڻ وڏي پس منظر جو مالڪ آهي. بهرحال قاسم ۽ زرينه، حيدرآباد جي قاسم آباد علائقي ۾ ماسيءَ ڀاڳل وٽ وڃن ٿا. ماسي اتي ماسي امينه جي نالي سان، پنهنجي پٽ ۽ ننهن سان رهي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ ماسيءَ جو اهو ڪردار به ڏاڍو دلپسند آهي. اسان جي ننڍي معاشري ۾ ڪڏهن سدا سهاڳڻيون سنڌي عورتون نه هونديون هيون. تڏهن وڏيرا ۽ ڪامورا بازار حسن جو رخ ڪندا هئا، پر بدلجندڙ حالتن کان پوءِ حقيقتون به بدلجي ويون آهن. اڄ اسان جي معاشري ۾ ماسي امينه ۽ ان جهڙيون ماسيون جام آهن. وڏيرن، ڪامورن، ڪانٽريڪٽرن ۽ ٻين شوقينن جي وندر جو سامان، هاڻ فقط حسن جي بازارن مان نٿو سپلائي ٿئي، بلڪ اهو گهڻو تڻو ماسي امينه جهڙن ڪردارن وسيلي کپت ۾ اچي ٿو. اهي ۲۱هين صديءَ جي سنڌي معاشري جون معروضي حقيقتون آهن. انهن حقيقتن کان هاڻ ماڻهو ڪن لاٽار نٿو ڪري سگهي. سو ذڪر هليو پئي ماسي ڀاڳل عرف امينه جو، جيڪا قاسم آباد ۾ ”وچ واري“ آهي.
هتي مون کي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي هڪڙي ڳالهه ياد اچي ٿي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي به پنهنجي دور جو شوقين مڙس هوندو هو. تڏهن وچ واريون عورتون نه پر مرد هوندا هئا. اهي حسن جي بازار مان ڳولا ڪري محبوب ملائيندا هئا. حيدرآباد ۾ ان وقت هڪڙو ئي اهم شخص (سندس نالو نٿو لکان) وچ وارو هوندو هو. رئيس صاحب هڪ ڀيري هن شخص جو مون سان تعارف ڪرائيندي کيس لقب ڏنو، ”محبوب ملائيندڙ!“
اڄ محبوب ملائيندڙ اهي ماسيون آهن. ماسي ڀاڳل عرف امينه، حيدرآباد جي ڪامورن ۽ رئيسن جي محبوب ملائيندڙ آهي. هڪ ڏينهن زرينه کي به پاڻ سان گڏ، رئيس وٽ گهمائڻ لاءِ وٺي وڃي ٿي.
اتي رئيس زرينه کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پوي ٿو. امينه کيس ٻڌائي ٿي ته تنهنجي لاءِ ته مون ٻيو داڻو آندو آهي، هيءَ ويڪائو مال نه پر منهنجي ڀاڻيجي جي زال آهي. ان مهل ته رئيس ڪجهه نٿو ڪري، پر پوءِ ماسيءَ کي زرينه سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ مسلسل زور ڀريندو رهي ٿو. هوڏانهن زرينه جي مڙس قاسم کي به سندس ماسيءَ جي پرڪارن جي خبر پئجي وڃي ٿي، پر هو بيروزگاريءَ سبب مجبور آهي. آخرڪار کيس هڪڙيءَ هوٽل ۾ بيراگيري جي نوڪري ته ملي ٿي، پر هو اها نوڪري نٿو ڪري سگهي ۽ بيروزگار ٿي اچي گهر ڀيڙو ٿئي ٿو. اتي زرينه کيس چوي ٿي ته ”جيڪڏهن توکان ڪو ڪم نٿو پڄي ته ڇڏ مونکي، ته وڃي ماسيءَ سان ٻاهر نڪران.“ سندس ان جملي تي قاسم کيس ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي، مٿس هٿ کڻي ٿو ۽ چوي ٿو؛ ”ڀڙوَن سان گڏ رهي ڪري، تون انهن جهڙي ٿي ويئي آهين.“ اهو سندس جملو ماسي امينه ٻڌي ٿي، ۽ بعد ۾ زرينا سان ردعمل ظاهر ڪندي کيس چوي ٿي؛ ”اسين ڀڙوا آهيون، باقي پاڻ اهڙو غيرتي آهي ته ويٺو ڇو آهي هتي؟“ هوڏانهن رئيس، ماسيءَ امينه سان، زرينه کي سريت ڪري ويهارڻ جي ۳۰ هزار مهيني ۾ ڳالهه ڪري ٿو. آخرڪار حالتن کان مجبور ۽ بيوس بڻيل زرينه جو مڙس قاسم، مهيني سر مهيني پنج هزار کيسي جي خرچي ۽ زال ٻار جي خرچ تي پنهنجي زال زرينه کي ماسيءَ جي حوالي ٿو ڪري ڇڏي. هي اهو ئي قاسم آهي، جنهن فقط ڳالهائڻ تي پنهنجي ڀاڄائي صفوران کي ڪهاڙيءَ جا ڌڪ هڻي ماري ڇڏيو هو. آخرڪار سندس ئي مرضيءَ سان، پنهنجي اکين آڏو، زرينه کي ماسيءَ سان گڏ ٻاهر رئيس ڏي ويندي ڏسي، ماٺ ڪري ويهي رهي ٿو، ۽ اهو ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس آهي، جنهن ۾ سندس زال هار سينگار ڪري، کيس ٽُڪ جي نظر سان ڏسندي، ٻاهر ٿي هلي وڃي.
ڪهاڻيءَ جو پلاٽ جاندار ۽ ٻولي وڻندڙ آهي. اڄ جي معاشري ۾، هن قسم جون ڳالهيون عجيب ڪونهن. اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ معاشرتي اوڻاين، اڻ برابري، ڏاڍ، جبر ۽ ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جو سلسلو سنڌي ادب ۾ گهڻي وقت کان جاري آهي. روس ۾ ۱۹۱۷ع جي انقلاب کان اڳ جو معاشرو، سنڌي سماج وانگر هو. دوستو وسڪيءَ جي ناولن ۾ ان سماج جي عڪس بندي ناولن وسيلي ٿيل آهي. ميڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪٿا جي پهرئين ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ جنهن سماج جو ذڪر ٿيل آهي، اهو سماج ۽ ان جا ڪردار سنڌي معاشري جهڙا آهن.
سال ۱۹۳۲، ۱۹۴۲ ۽ ۱۹۵۴ع وارين ٻوڏن سنڌ ۾ تباهي ته آندي، پر ان دور جي ڪهاڻين ۾ غربت، لاچاري ۽ ماڻهن جي بيوسيءَ جو عڪس چٽيل آهي. غلام رباني آگري جي مشهور ڪهاڻي ”بري هن ڀنڀور ۾“ هڪ مجبور ڳوٺاڻي جي تباهيءَ جو احوال آهي. پر هاڻ گذريل سال درياهه جي ٻوڏ ۽ هن سال برسات وڏا هاڃا ڪري ڇڏيا. ان ايڏي وڏي معاشرتي ٻوڏ، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ عام ماڻهن جا مسئلا، معاشي تباهيءَ جي شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيا. ”غيرتي“ ڪهاڻي به، انهيءَ اٿل پٿل واري پس منظر جي ڪهاڻي آهي.

No comments:

Post a Comment