Friday, January 11, 2013

مُـنـھـن ڪـارو - جمال ابڙو


مُـنـھـن ڪـارو
جمال ابڙو
دين محمد جو منھن ڪارو ٿيل ھو. اڌ مٿو ڪوڙيل، مڇون پَٽيل، ڏاڙھي مروٽيل، چَڳون وڍيل، ھِيسيل، اکيون ٻاھر ڦوٽاريل، منھن سڄيل، ڪپڙا چيھاڙيون. لڱن تي مار جا ڊٻڙ. پُٺي ڌڙڳ ڌڙڳ. ڏنن تي رت جا ڦڙا، چمڙي رھڙيل ۽ ڇليل. بس سڄو کنڀيل ھو. سنھو، ھڙٻاٺيون کٿل ڳيري وانگر، چھرو ڀيانڪ، اکيون ٻاھر، ڳل اندر، وات ڦاٽل، ھر ھر سُڪل زبان سان چپ پئي آلا ڪيائين.
سندس بُت اندان ۽ ٻاھران ھڪ جھڙو چيھاڙيون ٿيل ھو. ڳچيءَ ۾ اڃا به پادرن جي ڪَنڍي پيل ھئس. ڪنھن ڀٽڪندڙ روح وانگر اچي سامھون بيٺو. جھڙو ڀوت. لڱن مان ٽڙڪاٽ نڪري ويا. ھيبت وٺي ويم.

ٽپ ڏيئي اٿي بيٺس. سپاٽو ھٿ نه اچيم، رڙ نڪري پيم؛ اڙي دينو، تون! ڄڻ ته پڪ ئي نٿي آيم. دينوءَ دانھن ڪئي؛ سائين منھنجو ٻچڙو! کيس اجھڪو اچي ويو. سندس ڏکويل اکين ۾ سورن جا سٿ اڀري آيا ... ۽ پوءِ گهم ۽ پاڻي. نڪ جو ٽمڻ، کاڏيءَ جو لڏڻ، چپن جو سسڻ ۽ وڌڻ،  ڪائنات ٿي ڌڏي. منھنجا لڱ ٿي ڦڙڪيا. دينوءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻانھن کڻي ورايم. چيومانس ته؛ دينو شھر ھل ته ھلي فرياد ڪريون!
دينوءَ جو ساھه سُڪي ويو. اکيون ڊپ وچان ٻاهر نڪري آيس. وٺي ڪنڌ سان نه! نه! ڪيائين.  چي؛ پوليس ته گڏھه تي چاڙھيو اٿم! مون کان ڌرڙي نڪري ويئي. ڄڻ ته وڄ ڪري؛ پوليس! وچ شھر ۾! ويھين صدي!... دينو ڇتو ته ڪو نه ٿيو آھين؟ متان ڪَل ٿِڙي اٿئي! 
دينوءَ مون ڏي رڳو نھاريو. چي؛ سائين مان دين محمد آھيان! ڄڻ ته ياد ٿي ڏياريائين. مون چتائي کيس ڏٺو. ھُـو واقعي دين محمد ھو. نرڙ تي سجدن جو ڪارو نشان، ڀيڏيون گٺل، پير ڦٽل، نيڪ نمازي، نه ڪنھن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. مون کي جُلبو اچي ويو. ڇو سندس سونھاريءَ کي پَٽيو ويو؟ ڇو سندس نمازي نشان تي تئو مليو ويو؟ ڇو سندس انساني وقار کي چيڀاٽيو  ويو؟ ڇو سندس عزت کي لتاڙيو ويو؟ مون دينوءَ جي انساني جسم کي ڏٺو. مون ان ’احسن تقويم‘ کي ڏٺو، جنھن کي ڌوڙ ۾ ڌونڌاڙيو ويو ھو، جنھن کي گڏھه تي چاڙھيو ويو، جنھن کي  ’اسفل سافلين‘ بنايو ويو ھو. ھُـو ننھن کان چوٽيءَ تائين چِٿيل، لُٻيل ۽ ڀيليل ھو. ھن کان رکي رکي ڇرڪ تي نڪتا. ھن ڪُوڪون ٿي ڪيون. جيئن ڪا کنڀيل سرڻ اجڙيل ڇانگن تان زِيلون ڪندي ھجي.
بدن مان سيسراٽ نڪري ٿي ويا. لڱن جا اڪيچار وار، ھزارن سوالن جون نشانيون بڻجي، اڀا ٿي بيٺا. ڇو؟ ڪنھن؟ ڪيئن؟
دينوءَ سڏڪا ڀريا. چي؛ ”سائين ڊمب ماڻھن جا ھئا!“ منھنجي نظرن جي سامھون ماڻھن جا ميڙ  ڦِري ويا. شھري ماڻھو، پڙهيل ماڻھو، امت-رسول. ھنبوڇيون ھڻندا، شور مچائيندا، ڍولڪيون وڄائيندا، چونڪن ۽ گھٽين مان ڦرندا، پوليس سرپرستيءَ ۾، گڏھه تي چڙھيل دينوءَ تان کِلون ڪندا، ھُوڪرا ڏيندا، پٿريون چُٽيندا، ٿُڪون ھڻندا، لعنتون ڪندا ٿي آيا. دينوءَ تي، دين محمد تي،  ماڻھوءَ تي، ماڻھوءَ جي ٻچڙي تي، انسان تي، آدم جي اولاد  تي! گڏھه پُڇ مٿي ڪري ھِينگ ڏني.  ڏند شيڪي، ڳاٽ اوچو ڪري، مٿي نھاريائين. ڄڻ ته آسمان جا ويچارا ڪڍيائين ...  دينوءَ جو ڪنڌ ھيٺ، رتو رت لاش بڻيو ٿي ويو. انسانيت جو لاش گڏھه جي ڪلھن تي، گڏھه پستيون ٿي ھنيون،  ماڻھن ٽھڪ ٿي ڏنا.
منھنجا ڏند ڀڪوڙجي ويا، منھنجون مٺيون ڀڪوڙجي ويون. وڃي دينوءَ جي ڀرسان بيٺس. ڀانيم ته کڻي ڀاڪر پايانس. اکر نه اُڪليم. چيومانس؛ دينو تون شھر وئين ڇو؟
”سائين مُجاور گھلي ويا!“
مجاور؟
”سائين مون مٺل پير جو پَڙ لاٿو!
مون کان دانھن نڪري ويئي؛ دينو!
دينو سڄو سائو ٿي ويو. منھنجي منھن کي ڏٺائين. وٺي ڀڳو. مون سَٽ ڏيئي کيس جھلي ورتو.  دينوءَ کان دانھن نڪري ويئي؛ الا ڙي! ٻانھن کڻي منھن کي ڏنائين. ڄڻ ته مان کيس چماٽ ھڻي رھيو ھوس.
”سائين پَڙ ريشمي ھو، او، جيڪو اترادي وڏيري وڌو ھو! دينو سڄو ٿڙڪڻ لڳو. ڄڻ ته ريشمي  پَڙ کي ياد ڪري، وري چوريءَ تي سنڀريو ھو.
مون کي ياد آيو، اڃا ٽيون ڏينھن، پِير تي اھو پڙ وڌو ويو ھو. مسين مسين وڏيري جي مراد پُني  ھئي. ورھين کان پوءِ پير سائينءَ ماڙ ڪري پنجن ڌيئن مٿان کيس پٽ ڏنو ھو. پِير ڏنو، ملڪيت جو وارث. وڏيرو، وڏي ٺاٺ ۽ اڊمبر سان ريل جو گاڏو ڀرائي، ٻارين ٻچين اچي نڪتو ھو، منڊل لڳي ويا. دھلن جو زيپٽ، شرنائن جي ڌم، ڌمالون ۽ کڳيون، سھرا ۽ راڳ. وڏيرو وڏي چوڄ ۽  ھيج مان پئي ھليو. دل کولي خرچ ڪيائين. ٻڪريون ٿي ڪُٺيون، ڪڃريون ٿي نچيون. گهور به  گهور ھئي! وڏيري جي ڳِٽن ۽ ڏاڙھيءَ تان، ڪڃري ڏھين ڏھين جا نوٽ، پَٽيو کنيو ٿي ويئي.  ڀنگ جي گهرڙ گھوٽ، چرس جا سُوٽا. موالين جا ٽوٽڪا، فقيرن جو ڌمچر، لُٽ لڳي پئي هئي.  زائفن جا سھرا، يارن جا مُڇن تي ھٿ، قبي ۾ اونداھه ۽ ڳاھٽ، گس گسان لڳي پيئي ھئي. ديڳيون پئي لٿيون ۽ چڙهيون. ڪتن به اُلٽيون ڪيون. پڙ ته نه ھو! جرڪا پي ڪيائين. ريشمي، بخملي، زريدار. دينو ھاڻي لُڇڻ لڳو. وٺي ليلڙاٽ ڪيائين. چي؛ سائين مون کي ڇڏ. منھنجو  ٻچڙو الائي ڪيئن ٿيو!
اڙي ڪير، گلاب؟ ڇا ٿيو اٿس. مون کي دينوءَ جو ٽن سالن جو گلاب جھڙو معصومڙو ياد پيو.  الھه ڏنو، اسين کيس گلاب ڪري سڏيندا ھئاسين. ڪپھه جو ٽوپ مٿي ۾ وجھيون، چولڙو پايو،  ڪاٺيءَ کي گهوڙو ڪيو، ڊوڙيندو وتندو ھو. منھنجي اوچتي ھمدرديءَ تي دينوءَ جو ڦٿڪڻ بند ٿي ويو. ھيڏو سارو مڙس، چَپ کڻي ڪڍيائين. اکيون به عجب آھن. سُوريءَ تي سڪيون وڃن،  ھمدرديءَ سان ڇُلڪيو پون. ويچاري انسان جو ٻاھريون ڏکو، ھمدرديءَ جي ھٿڙن سان پرڻ ٿيو  پئي. پوءِ ته ٿورائتو ٿي دلڙي کڻيو ٻاھر ڪڍي.
دينوءَ سان به ساڳي ڪار ٿي. ٽمندي ٽمندي چيائين، ته سائين ڪالھاڪون ٻَڙ ٻُٽ پيو آھي. چون ٿا ته خناق اٿس. سرڪاري ڊاڪٽر سُيون ٿو گھري. ٻه ويھون لڳنديون!
ڳالھه ٻڌي منھنجا ڪپاٽ کُلي ويا. دينوءَ پنھنجي ڏاڙھي گلاب جي خوشبوءَ  لاءِ پَٽائي ھئي. دين محمد پنھنجو منھن ڪارو، الھه ڏني کي بچائڻ لاءِ ڪرايو ھو. انسان پنھنجي عزت،  ڦل کي سانڍڻ لاءِ  لٽائي ھئي. دينوءَ پاڻ کي رتورت زنجيرِ حيات جي ڪڙين کي ڳنڍڻ لاءِ ڪرايو ھو.  ھُـن، پادرن جي ڪَنڍي، انسان جي ازلي فرض، قانونِ پيدائش کي قائم رکڻ لاءِ  پاتي ھئي.  ھُـن ڦِٽ  لعنت ۽ ٿُڪون، ماءُ جي ھنج کي ڀريل ۽ ڀرپور رکڻ لاءِ سٺيون ھيون.  مبارڪ ھئا  دينوءَ جا ھٿ، جن سوَن معصومن جي رت  ۾ ٻوڙيل  پڙ کي لاھي، وھم، جھل ۽ ظلم کي نانگو  ڪيو ھو. سندس پاڪ ھٿ اتي وڃي کُپيا ھئا جتي صدين جي بي جان ھڏن تي جاندارن جو رت ھاريو ويو. پر مشڪندڙ مکڙين لاءِ تُتو پاڻي نه ھو. جتي تتي پاڻ کي پٽ پٽيھر ۾ ويڙھيو ٿي ويو، پر ٽڙندڙ غنچن کي ولھه ۾ ساڙيو ٿي ويو. بانس ۽ ڌپ کي کنڊيڙيو ٿي ويو، پر گلاب جي سرھاڻ کي ٻوساٽيو ٿي ويو.  مئل کي جيئاريو ٿي ويو، ۽ جيئري کي ماريو ٿي ويو. الله مارئي کي اٿاريو ٿي ويو،  الھه ڏني کي ليٽايو ٿي ويو. پٿر کي  پوڄيو  ٿي ويو، روح کي ڪُٺو ٿي ويو. گابي کان رنڀون ڪرايون ٿي ويون ۽ لات ۽ منات کي کڙو ڪيو ٿي ويو. مبارڪ ھئا دينوءَ جا ھٿ جن سڀ کان پھريان اھو پليتائيءَ جو  پڙ  لاٿو  ھو.  دينوءَ  جا  ھٿ جن سڀ کان پھريان اھو پليتائيءَ جوپڙ لاٿو ھو. دينوءَ جي ھٿن پٺيان سوين ۽ ھزارين، لکين ۽ ڪروڙين ھٿ کڄندا نظر آيا. جي ھوائن کي چيريندا، فضائن کي وڍيندا، زمينن کي کوليندا، آسمانن کي ڦاڙيندا، لڪل خدائن کي گھليندا، سندس ڀانڊو ڦوڙيندا، سندس چنبا ٽوڙيندا ويا، اھي ڪوڙا ۽ ھٿرادو خدا جن صدين کان پتلين جو ناچ  ٿي کيڏيو، دين محمد جي ھٿن کانئن واڳون کسي وتيون.
مون دين محمد جي رتو رت جسم ڏانھن ڏٺو. سندس ڀالي ڀولي منھن ڏانھن ڏٺو ۽ سندس لڪل قوتن جو اندازو لڳايو. کيس ھڪ ئي اون ھئي. گلاب جي ۽ گلاب جي سرھاڻ جي.
منھنجي دل، دينوءَ جي دل سان گڏ لڙھڻ لڳي. دل ۾ دھڪو ٿيو. کڻي دينوءَ جي ھٿ جھليم. ٽنگون ٿڙڪڻ  لڳيون، ساھه روڪجي ويو، گھڙي کن ھڪ ٻئي کي ڏٺوسون. چُپ چاپ سھڪندا، وسوسا ويڙھائيندا، ڪنڌيءَ اندر ٿيا سون. ڇوڪر ماءُ جي ھنج ۾ اوٻاسيون ٿي ڏنيون. ماڻس کان رڙ نڪري ويئي، گلاب پيءُ! ٻارڙي وٺي دانھن ڪئي؛ ابا! دينوءَ دانھن ڪئي؛ منھنجا ابا!  پوءِ ته حشر مچي ويو. ماءُ پيءُ ٻاڪارڻ لڳا. دين محمد دانھون ڪيون. ڪتي رومڙ ڪئي. ھوا  گھوگھٽ لائي ڏنا. نم پن ڇاڻي نانگي ٿي بيٺي. ماءُ وار ڇوڙي  ڇڏيا. گلاب ڪومائجي ويو.  الله ڏنو  لُٽجي ويو، ماءُ لٽجي ويئي، دين محمد لٽجي ويو.
پري وڻن جي وچ ۾، قبي جي اندر، پٿرن مٿان ڏيئن جي جھومر ۾ قيمتي پڙ تجلا ڏيئي رھيو ھو. سنھا سنھا تجلا! ڄڻ ته سُيون ھيون، خناق جون سيون! ٻاھر موالين جا ٽڪڙا پئي پيا. پِير ڏني جي ڄم ٿي، الله ڏني جي موت تي. سلفين جا دگاڙا ٿي لڳا، پير سائين مٺل جا دنبھا ٿي ھنيائون. دين محمد جا نالا وٺي لعنتون ٿي موڪليائون.

No comments:

Post a Comment