Sunday, December 1, 2013

چوريون ختم ڪرڻ جو نسخو - فاطمه ڀرڳڙي

چوريون ختم ڪرڻ جو نسخو
فاطمه ڀرڳڙي
ڪجھه ڏينهن کان شهر ۾ چورين جي باهه ٻري پئي هئي. پوليس هڪ مجرم جهلڻ ۾ به ناڪام ٿي وئي هئي. چور ته ڇڏيو پر ڪاليج ويندڙ ڇوڪرين جي رستي ۾ ڦٽاڪا ڦاڙيندڙ ڇوڪرن کي به نه جهلي سگهي هئي.
سرڪار پاران مٿان کان وري دڙڪا پيا اچن، دٻون پيون ملن. جنهن ڪري سڄو عملو ٻوٿ ڦيلهڙو ڪيو ويٺو هوندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيائون ۽ پاڻ ۾ چندو ڪري، پنجاب مان جاسوسي ڪتا گھرايئون ته من ڪو هڪ ئي چور جهلجي. پر خدا ڪو خانو خراب ڪري ڪتن جو، سڀ پئسا پاڻي ۾ وڃائي ڇڏيائون. ڪُتا، چور کي ڳوليندا سڌو اچي ڊي ايس پي کُدو مڱڻهار جي ڪرسيءَ تي چڙهي ويٺا. ڪتن جي ان ڳالهه هن کي وڌيڪ مڇرائي ڇڏيو.

Sunday, November 3, 2013

سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت - وحيد رزاق مستوئي

سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت
مذاڪري جو اکين ڏٺو احوال
وحيد رزاق مستوئي
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ سميت ايشيا جي اديبن جي وڏي تنظيم آهي. جنهن جي وسيلي سنڌي ادب، ٻولي توڙي ثقافت کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو. جتي مرڪز ۽ ٻيون شاخون پنهنجي وت وس آهر ڪم ڪن پيون، اتي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو سنڌ ۾ انتهائي سرگرم ۽ متحرڪ شاخ آهي. هن شاخ ۾ ليڪچر پروگرام، رهاڻيون، ڪتابي مهورتون، ڪتابي اڀياس، ورڪشاپ، ادبي ۽ تعليمي ڪانفرنسون، ثقافتي پروگرامن ۽ مذاڪرن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

Tuesday, October 22, 2013

جانو جهڳي جو موبائيل ڪمپني واري سان جهيڙو - ڊاڪٽر عزيز ٽالپر

جانو جهڳي جو موبائيل ڪمپني واري سان جهيڙو
ڊاڪٽر عزيز ٽالپر
هن جو نالو ته جانو هو، پر گهڻي ڳالهائڻ ڪري هن کي جانو جهڳي چوندا هئا. ڳوٺ ۾ موبائيل جو رواج وڌي ويو. ڇورن ڇنن وٽ ته موبائيل هئا، پر صفا پوڙهيون هڏن جا ٺانٺا به موبائيل ڪن تي رکيو پئي هليون. هن کي شوق ته گهڻو هو، پر پڻس جي مرڻ کانپوءِ صفا ليٽ ٿي ويو هو. ڍور ڍڳا وڪڻي مڙهي جو علاج ڪرايائين. بچيل ٽي وهٽ وري پڻس جي مرتئي تي ختمن ۽ خيراتن ۾ پورا ڪيائين. باقي هڪ گابي وڃي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن جانو خان جهڳي، پنهنجي ماسات موجن سان شهر ويو ته کيس هڪ پهلوان مائي اچي ملي. مائي موبائيل نمبر گهريو.. هاڻي هجيس موبائيل ته نمبر ڏئي، موقعو غنيمت ڏسي سندس ماسات موجن پنهنجو نمبر ڏيئي ڇڏيو. جانو خان جو موڊ خراب ٿي ويو. مس مس غيرت آيس. ٻئي ڏينهن گابي ڇڪي، شهر وڃي ستن هزارن ۾ وڪڻي، همراهه وڃي موبائيل ورتو. دڪان واري به سندس شوق ڏسي، موبائيل ۾ ٽم ٽم ڪندڙ بتيون، رنگ ٽون ۽ عاشق مجبور آهي وارو گانو هڻي، سم، چارجر، ڪنٺين وارا ڌاڳا، ٽئونر ۽ بٽڻ ڏيئي ست هزار پورا ڪري همراهه پنهنجو فون نمبر لکرائي، ان جون ٻه ٽي سؤ فوٽو ڪاپيون ڪرائي ڳوٺ آيو.

Monday, October 21, 2013

ڏک جو احساس - لعل هوتچنداڻي

ڏک جو احساس
لعل هوتچنداڻي
لنڊن جو رابرڊ نالي هڪ سيلاني، ڪڇ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ دورڙو (ٻني) جنهن کي ’اڇو رڻ‘ ڪري چوندا آهن، سمنڊ جي ڪناري جي ٿورو پرڀرو ٿڌي ريتيءَ تي ويهي سمنڊ جي لهرن جو لطف ماڻي رهيو هو ۽ آيل ٻين سيلانين کي به ڏسندو رهيو، جيڪي تيز لهرن کان بچڻ لاءِ کلندا ۽ ڊڪندا ريت طرف پئي ڀڳا. رابرڊ اهو تماشو ڏسي ڏاڍو خوش پئي ٿيو. اوچتو هن جي نظر هڪ اپاهج ڇوڪري تي پيئي جنهن ڪاٺ جي گهوڙيءَ جي سهاري سمنڊ جي لهرن مان پاڻيءَ جا ٻڪ ڀري ڀري ڪڏهن مٿي تي پئي وڌا ته ڪڏهن وري منهن تي ڇنڊا ٿي هنيا.

Sunday, October 6, 2013

جي جيءَ کي جيئارين - وفا اسلم شيخ

جي جيءَ کي جيئارين
وفا اسلم شيخ
مان ڊاڪٽر روزينه کي گهر تائين ڇڏڻ آيس ڪنڌ جهڪيل ۽ چهري تي سوچ جون ريکائون چٽيون هيس، مون کان ڪجھ لڪائي رهي هئي. صوفيه جن جي فيملي ڊاڪٽر آ. پهر بي پهر نياپو مليس ته هڪدم هلي ايندي آهي، هن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيائين؛ ”پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالھ ناهي سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو.“
سندس لهجي ۾ مايوسي هئي سمجهي ويس ته هوءَ صرف دلاسو ڏئي رهي آهي، ڪار ۾ ويهندي چيائين؛ ”اڄ رات منهنجي ڊيوٽي ناهي گهر ۾ هونديس جنهن وقت به صوفيه کي تڪليف ٿئي هڪدم فون ڪجانءِ.“

جيون تنهنجي نانءِ - وفا اسلم شيخ

جيون تنهنجي نانءِ
وفا اسلم شيخ

اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ رش لڳي پئي هئي. صبح جو ٽائيم هيو. مريضن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. وارڊ جا تقريبن سڀئي بيڊ مريضن سان سٿيا پيا هيا. جيڪي خالي هيا انهن ۾ نون ايندڙ مريضن کي داخل ڪيو پئي ويو. هڪ مريض عورت ڪنڊ ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. اوچتو ڪو ان جو سور وڌي ويو. جنهن ڪري تڙپي رهي هئي. اسان پنجن ڊاڪٽرن مان ان طرف ڪنهن جو خيال ئي نه ويو يا وري ڪنهن جو خيال ويو به ته نظر انداز ڪري ڇڏيائون. ڇو جو سرڪاري اسپتالن ۾ اڪثر ڪري بغير سفارش وارن مريضن سان اهڙو ورتاءَ رکيو ويندو آهي. اوچتو ان تڙپندڙ عورت وٽ هڪ خوبصورت ڇوڪري پهچي وئي ۽ ان جي چهري تي پريشاني ڇانئجي وئي. بغير ڪنهن دير جي مون وٽ پهتي. شايد ان ڪري جو انهن جي سامهون واري ڪمري ۾ مان هڪ مريض کي تپاسي رهيو هيس.
”ڊاڪٽر صاحب پليز منهنجي اميءَ کي ڏسو. پليز ڊاڪٽر هوءَ تڙپي رهي آهي.“ منهنجي ٻانهن کي لوڏيندي چيائين.

حسرتون ۽ خواب - وفا اسلم شيخ

حسرتون ۽ خواب
وفا اسلم شيخ

”سهيل تون افسانا ڇو نه ٿو لکين.“ سائرا چيو.
”افسانه ۽ مان.!“
”ها! ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالھ آ.“
”ڪٿي تون ان لاءِ ته نه ٿي چوين جو تون پاڻ افسانه نگار آهين.“ غور سان هن ڏانهن ڏسي چيم؛ ”سائرا تو ۾ ۽ مون ۾ فرق اهو آهي ته تون ته آهين افسانه نگار، جڏهن ته اڃا مان بڻجندس. پر مان چاهيان ٿو ته منهنجون تحريرون معاشري جي عام مسئلن ۽ حقيقتن تي مبني هجن ۽ وري تنهنجو ته موضوع محبت آ.“

نيڻ نشي ۾ - وفا اسلم شيخ

نيڻ نشي ۾
وفا اسلم شيخ
”يار وسيم اڄ هڪ زبردست خوشخبري آهي.“ ڪريم ڪمري ۾ ايندي چيو ۽ ويهي ريموٽ ڪنٽرول سان ٽي ويءَ جا چينل ڦيرائڻ لڳو ۽ مان اخبار پڙهي رهيو هيس. چيم؛
”خوشخبري تون روز ٻڌائيندو آن، سو مڙندين ته اڄ به ڪو نه.“
”پر اڄ واقعي خوشخبري آهي.“ ٽي ويءَ جو آواز گهٽ ڪري ڇڏيائين.
”ته پوءِ ٻڌاءِ کڻي.“
”يار سامهون وارو بنگلو هڪ فارورڊ فيمليءَ خريد ڪيو آهي. جنهن ۾ اسان وانگر ٽي چار ينگ ڇوڪريون به آهن،اصل وارا نيارا ٿي ويا.“

هٿ ريکائون - وفا اسلم شيخ

هٿ ريکائون
وفا اسلم شيخ
روز جي معمول مطابق اڄ به نم جي وڻ هيٺان ڇانو ۾ ويهي رهيس. ان انتظار ۾ ته اجهو سيما آئي جو ان جي ليڪچر ختم ٿيڻ ۾ اڃا ۱۰ منٽ باقي هيا. ڪاليج جا شاگرد سامهون اچ وڃ ڪندي پيا نظر اچن. منهنجو من اداس لڳو پيو هيو، جنهن ڪري اڌ ليڪچر ۾ اٿي آيو هيس. سيما جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هيس ته سيما به ڀر ۾ اچي ويهي رهي.
هٿ جي اشاري سان هوشيار ڪندي چيائين؛ ”ڇو جناب! اڄ وري اڌ ليڪچر ۾ اٿي آيئو. وري ڪير ياد اچي ويو.؟“
”تو کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي جنهن کي ياد ڪري سگهجي. رات ڏينهن تون ئي ياد هوندي آهين.“

Friday, October 4, 2013

محبتن، مسڪراهٽن جا گس ۽ گهيڙ - عبدالرزاق عمراڻي

محبتن، مسڪراهٽن جا گس ۽ گهيڙ
عبدالرزاق عمراڻي
نيويارڪ ۾ مين هٽن ۾ هڪ ۴۲ ماڙ عمارت آهي. ان ۴۲ ماڙ عمارت جي ۴۰ هين ماڙ تي، هڪ دفتر آهي. انتهائي شاندار دفتر. تقريبًا ۵ هزار اسڪوائر فوٽ جو دفتر. جنهن ۾ سيڪيورٽي گارڊ کان وٺي رسپشنسٽ تائين، آفيس سيڪريٽري کان وٺي ٽيليفون آپريٽر تائين سڄو عملو آمريڪي آهي. هن دفتر ۾ واحد شخص، جنهن کي قيمتي اطالوي سوٽ پهريل آهي، جنهن جي هٿ ۾ ڪيوبا جو سگار، ڪپڙن کي فرانسيسي خوشبوءِ لڳل آھي، پر هن جي لهجي ۽ هلڻ چلڻ جو انداز خالص پاڪستاني آهي، هو سيالڪوٽ جو رهاڪو آھي. جڏهن هن کانئس پڇيو ٿو وڃي؛ ”اوهان ترقي ڪيئن ڪئي؟“ هن جي چهري تي مسڪراهٽ اچي ٿي وڃي. هڪ جاندار مسڪراهٽ سان هو سامهون واري سوال ڪندڙ تي هڪ گهري نگاهه رکي، چهري تي مرڪ آڻي، پنهنجائپ سان ٻڌائي ٿو؛ ”مون کي اڄ هن مرتبي تي، منهنجي مسڪراهٽ پهچايو آهي.“

انوکي انٽرويو جو جاڳيل شوق - نعيم شيخ/دُبئي

انوکي انٽرويو جو جاڳيل شوق
نعيم شيخ/دُبئي
ڪجهه ڏينهن اڳ شوق ٿيو ته، ڪنهن جو انوکو انٽرويو ڪريان. تنھنڪري ڪئميرا ڳچيءَ ۾ وجهي، قلم ۽ ڊائري کڻي، گهران سنڌ جي مختلف ڳوٺن ڏانهن نڪري پيس. مختلف ننڍا وڏا ڳوٺ لتاڙيندو، اچي هڪ ڳوٺ ۾ پهتس.
ڳوٺ ٻاهران منهنجي نظر پئي وڃي هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ تي، جنهن کي پوليس جي وردي پاتل هئي ۽ هوءَ کوهه تان پاڻي ڀري رهي هئي. آئون به پاڻي پيئڻ جي بهاني اچي کوهه ڀرسان پهتس. قطرينا ڪيف جهڙي قدآور، دپيڪا جهڙي سنهڙي ۽ ڪرينا ڪپور جهڙي چنچل ان خوبصورت ڇوڪريءَ کي نه هٿيار هجي ۽ نه وري مٿي تي پوليس واري ٽوپي. مون کي دال ۾ ڪجهه ڪارو لڳو. پڇيومانس؛ ”ميڊم سسپينڊ ٿيل آهيو ڇا؟“

انفرادي ۽ اجتماعي قبرون - ڊاڪٽر عزيز ٽالپر

انفرادي ۽ اجتماعي قبرون
ڊاڪٽر عزيز ٽالپر
مون وٽ ايتريون ڊگريون هيون، جيترا انگريزي جي اي بي سي ۾ اکر به ڪو نه هئا، پر نوڪري ملي ئي نه! هڪ دفعو ماستريءَ جو آرڊر ٿي مليو، سو به ويهه لکن ۾.. گهر ۾ مال ته هو ڪو نه جو وڪڻان. نم هيٺان تڏا وڇائي ڳوٺ جا غريب ٻارڙا پڙهائيندو هئس، ڪٿان پنجاهه، ڪٿان سؤ ملندو هو، باقي سڀ مفت ۾. موجوده حڪومت مهانگائي جو پُڇ ايترو ته کڻي ڇڏيو، جو گهر ۾ تنگدستي ٿي پوءِ جنگ دستي ٿي، ٽينشن لاهڻ لاءِ مون وري ڀنگ دستي شروع ڪئي. حالت اها هئي جو لوڻ آهي ته مرچ ڪونهي، کنڊ آهي ته پتي ڪانهي، طوطن ماءُ جا ڪڙڪاٽ پيا ڪنن ۾ ٽڙڪاٽ وجهن، مجبور ٿي مون پڙهائڻ ڇڏي پنڪچر جو دڪان کوليو. ڳالهه مڙئي ساڳي، پوءِ آئون حجام، ڪٻاڙي، عامل، جناتي بابا، حڪيم ويندي سبزي منڊي وارو ڪميشن ايجنٽ به ٿيس، پر گهر جي پاندي پوري ڪا نه ٿي. ماڳهين طوطن ماءُ جي تقريري فن ۾ ايتري ته شعله بياني اچي ويئي، جو منهنجو اندر سڙي صفا برنس وارڊ ٿي پيو. ڪنهن سڄڻ ماڻهوءَ صلاح ڏني ته صحافي ٿي ته بک جي بلا ڀڄي ويندئي. صحافي ڇا ٿيس، جيڪا نه ماسي سا به ماسي! شهر جا چڱا، مٺا سڀ ڀانئڻ لڳا. جوا، آڪڙا، مئن پڙي، ٺري وارا ۽ راشي ڪامورا ته ماڳهين ”قلبان قلبان“ پيا ٿين. دعوتون، تحفا، لفافا، اصل لئي ٿي ويئي. گهر مان تنگدستي ويئي ته جنگ دستي به ويئي ته ڀنگ دستي به ويئي. طوطن ماءُ به ٺريو پئي ٺري، پِٽن ۽ پاراتن جي بدران ڪلام ڳائڻ لڳي، ”سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار.. پر منهنجو مڙس پڌرو لکن ۾..“ آئون به حيران ٿي ويس، اڳي ساڳي چوندي هئي، ”نڀاڳا ماڻهو ٻيا به هزار.. پر منهنجو مڙس پڌرو لکن ۾.“

Thursday, October 3, 2013

آزادي ۽ محبت - ولي رام ولڀ

آزادي ۽ محبت
مختصر کان مختصر ڪهاڻي
سنڌيڪار: ولي رام ولڀ
هڪ عورت گهري ننڊ ۾ ستي پئي هئي. سپنو ڏٺائين ته؛ سامهون زندگيءَ جي ديوي بيٺي هئي. سندس هڪ هٿ ۾ ”محبت“ هئي ته ٻئي ۾ ”آزادي“.
ديويءَ عورت کان پڇيو: ”چؤ، تو کي ٻنهي مان ڇا گهرجي؟“
عورت ڳوڙهي خيال ۾ پئجي وئي. نيٺ ڪافي سوچ کان پوءِ وراڻيائين: ”آزادي“
زندگيءَ جي ديويءَ مشڪي چيو؛ ”تنهنجي پسند مون کي به پسند آهي. جيڪڏهن تون ”محبت“ پسند ڪرين ها ته مان تو کي ”محبت“ ضرور ڏيان ها، پر تون مون کي ٻيهر نه ڏسين ها. پر هاڻي اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن مان تو وٽ وري به اينديس. انهيءَ ڏينهن مان تو کي ٻئي شيون ”محبت ۽ آزادي“ ڏينديس.“
مون ان عورت کي ننڊ ۾ مشڪندي ڏٺو.

Wednesday, October 2, 2013

ويڳا پٽ - محمد علي پٺاڻ

ويڳا پٽ
ڪهاڻي
محمد علي پٺاڻ
”هوءَ اسان جي ابي جو ننگ آ. هن جي باري ۾ اهڙي ڳالهه سوچڻ به گناهه آ.“ ننڍي ڀاءُ نيم اونداهي ڪمري ۾ پنهنجي کٽ تي ليٽيل وڏي ڀاءُ ڏانهن منهن ڪندي چيو.
”تون اڃا ننڍو آ. زماني جي لاهي گاهي جي خبر ڪونهئي. پر مان گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئون ويٺون آهيان. سڀاڻي هوءَ اسان کي اهڙو ڳچيءَ ۾ پوندي، جو تون سوچي ئي نه ٿو سگهين.“ وڏو ڀاءُ هڪ ساهه ۾ چئي ويو.
”ڪيئن؟“

اها رات - احسان دانش

اها رات
احسان دانش
اها رات هڪ عجيب رات هئي، جنهن رات منهنجي مٿان حيرتن جا نوان جهان نروار ٿيا هئا. آرڪيالاجي شعبي ۾ ڪم ڪندي هڪ عرصو گذريو آهي، کناکيڙ ۽ کوجنا طبيعت جو حصو بڻجي وئي آهي..... قديم آثارن ۽ عظيم ماڳن تي تحقيق ڪندي انهن جاين تي ڪيئي راتيون گذاريون آهن پر مهين جي دڙي تي گھاريل ان رات جي ياد سدائين سوچن تي سوار رهي آهي.
مونکي مهين جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائڻ واري ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. گذريل ٻارنهن ڏينهن کان اسان جي ٽيم دڙي جي ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هئي. ان وچ ۾ ڀر پاسي جي ڳوٺاڻن مهين جي دڙي بابت عجيب عجيب ڳالهيون ٿي ٻڌايون.
ڪنهن چيو ته ”دڙي تي جن، ديوَ ۽ ڏائڻيون رهنديون آهن.“ ته ڪنهن دنيا جي ديڳ تي نانگ جي پهري جي ڳالهه ٿي ڪئي. ڪو چوي ”اسٽوپا جي ڀر ۾ رات جو باهه ٻرندي مون پاڻ پنهنجي گنهگار اکين سان ڏٺي آهي.“

اڻٽيهين اونداهه - احسان دانش

اڻٽيهين اونداهه
احسان دانش
”امان ڏاڍي بک لڳي آ“. ننڍڙي سارنگ جي التجا.
”ها پٽ ٻوڙ پچي ٿو“. ماڻهس جو اداس لهجو.
”منجھند کان اهو ئي ٿي چوين ته ٻوڙ پچي ٿو، هاڻي ته رات ٿي وئي آ!“
ماڻهس رَئي جي ڪنڊ سان آليون اکيون اگھندي خاموش.
”امان........ او امان!“
”....................“
”امان ڇا پچايو اٿئي؟“
”هان......... دال“.

جُتي - احسان دانش

جُتي
احسان دانش
مونکي ڳوٺ جا اهي ڏينهن اڄ به ياد آهن، جڏهن ننڍڙي گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ واهه تي تڙڳندو هوس، انهن ڏينهن ۾ باغن مان زيتون پٽي کائڻ ڪيڏو سٺو لڳندو هيو، انب جي وڻن جي ڏارن ۾ چتون ٻچا ڪندا هيا ۽ ٻار اهي ٻچا کڻي تاتي، انهن کي ٻوليون سيکاريندا هيا. ’مٺو پٽ پڪوڙو کائيندين.‘ مِٺن کي مرچ ۽ پڪوڙا کارائيندا هيا سين ۽ اسان دوست ڪڻڪ کي آڀو ڪري کائيندا هيا سين.
آسمان تي جھُڙ ڏسندا هيا سين ته سڀ ٻار هڪ آواز ۾ چوندا هيا سين ”الله سائين مينهن وساءِ، گوڏي جيڏي گپ ڪراءِ“ جڏهن وڏ ڦڙو مينهن وسي پوندو هيو ته دل ڏاڍو خوش ٿيندي هئي. سڀ ٻار هڪ خاص لئي ۾ چوندا هيا سين ”وس وس مينهڙا، ڏهه ڏهه ڏينهڙا“ ائين چوندي ڏاڍو مزو ايندو هيو.
ڪا شرارت ڪندو هيس ته بابو چوندو هيو ”اڙي وجھان موچڙي ۾ ڳن“، مونکي سندس اهو جملو ته بنهه سمجھ ۾ نه ايندو هيو پر پوءِ به ان جملي کان ڏاڍو ڊڄندو هيس.

ڌرتـي - احسان دانش

ڌرتـي
احسان دانش
باز دنيا جو چڪر لڳائي پنهنجي تيز ۽ تکين نظرن سان سڀ ڪجهه ڏسي ٿڪجي واپس انهيءَ بلند پهاڙي چوٽيءَ تي آيو جتي سندس ٻچا هن جو انتظار ڪري رهيا هيا. هڪ ڪمزور ٻچي ڪنڌ لوڏيندي کانئس پڇيو:
 ”بابا تو پنهنجي تيز نظرن سان هن دنيا ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“
باز چيو: ”مونکي خواهش هئي ته بلندين تان هن سڄي جهان کي پنهنجي تيز نگاهن سان چڱي طرح ڏسان، منهنجي اها خواهش ته پوري ٿي آهي پر مون هن دنيا کي ڏسي خوشيءَ بدران ڏک پرايو آهي.“
ٻئي ٻچي جيڪو ڪجهه چُست هيو کانئس فوراً پڇيو: ”بابا سو وري ڪيئن؟“
باز جهيڻي آواز ۾ چيو ”منهنجا ٻچا هيءَ دنيا پري کان جيتري خوبصورت نظر اچي ٿي قريب کان غور سان ڏسندؤ ته اوتري ئي بدصورت آهي.“

روشني - احسان دانش

روشني
احسان دانش
”ٺا“
”روشني مري وئي!“ سڄي پاڙي ۾ هُل
پڻهس جي وارن ۾ ڌوڙ ڳلن تي ڳوڙها ۽ رڙيون.
روشنيءَ جو جنم ڪيڏيون خوشيون کڻي آيو هو، سڄي ڪٽنب لاءِ.
ابي امڙ ٻارنهن سال بي اولاديءَ جو عذاب سهڻ، پيرن تي باسون باسڻ، چلا ڪڍائڻ کان پوءِ روشني حاصل ڪئي هئي.
پڻهس کيس هنج ۾ کڻي چيو هو ”هيءَ منهنجي وجود جي روشني آهي.“
روشني ائين ماري ويندي ڪنهن کي ڪَل نه هئي.
هن جڏهن گھر جي آڳر تي پهريون وکون کنيون هيون ته ماڻهس اول گھول وئي هئي. پڻهس ٻانهن ۾ ٻکي مٺيون ڏنيون هيس.
هوءَ ڳوٺ جي پهرين نينگري هئي جيڪا يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي آئي هئي. پڻهس لوڪ جا ڪيڏا طعنا تنڪا سَٺا هئا روشنيءَ کي پڙهائڻ عيوض. روشني هن جي اکين جو نور هئي. هو هڪ پل ۾ ائين بي نور ٿي ويندو، هن ڪڏهن سوچيو نه هيو.
روشنيءَ جا لفظ گلن جهڙا ڪومل. هن جي سوچ آبشارن جيان اجري. پر اها ڪوملتا ۽ اوجر بندوق جي هڪ ٺڪاءَ سان پکين وانگر ڪنهن ڏسا اڏامي وئي.
”روشني مري وئي.“ خوف جو هڪ طوفان سڄي ويڙهي کي ويڙهي ويو.
روشني ڳوٺ جي نياڻين کي شعور جي روشني ٿي ڏني. اهو ئي سندس ڏوھ هيو.
روشنيءَ جو سوٽ، ڪورو جاهل، ڪڪڙن جو خفتي، وڏيري جو چمچو...... وڏيري جي اک ۾ روشني چڀي رهي هئي ڪنڊي وانگر. هو انڌيرنگريءَ تي راڄ ڪرڻ جو هيراڪ هيو، تنهن ڪري روشني هن جي دشمن هئي.
ڪوري جاهل، ڪڪڙن جي خفتي، وڏيري جي هڪ اشاري تي بندوق جي هڪ ٺڪاءَ سان روشنيءَ کي راھ تان هٽائي ڪارنهن جو الزام هنيون.
”روشني .... ڪاري!“ سڄو لوڪ حيران.
”نه نه روشني ڪاري ٿي نه ٿي سگھي.“ شعور جو آواز چوڏسا ڦهليل.


ڏوهي - احسان دانش

ڏوهي
احسان دانش
”هليو وڃ هتان، تيسيتائين منهنجي نظرن اڳيان ٽري وڃ جيسيتائين منهنجي دل ۾ ٻريل باھ ٿڌي نه ٿئي.“ هن جي لهجي ۾ تلخي هئي.
”پر توهان مونتي ايڏي ڪاوڙ ڇو ٿا ڪيو.“ چيو مانس
”تون ڏوهي آن تنهنجو ڏوھ معافي لائق ناهي.“ منهن ڦيري چيائين
چيم ”مان اهڙو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي، جنهن جي معافي نه ٿي ملي سگھي!“
”ايڏو معصوم نه بڻج.“ اشهد آڱر مون ڏي سڌي ڪندي چيائين ”تون دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ ڪيو آهي.“
سمجھ ۾ نه آيو چيومانس ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ ........ ڏسو توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته مان ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي؟“
چيائين ”تون جابر دادا کي ظالم، سفاڪ ۽ قاتل سڏيو آهي.“
چيم ”مون غلط نه چيو آهي هو واقعي وڏو رهزن ۽ قاتل آهي.“
غصي ۾ چيائين ”تون وڏو بي وقوف ۽ جاهل آهين جو توکي پنهنجي عظيم ڏوھ جو احساس به ناهي.“


Monday, September 30, 2013

ٻه نگاهون - ولي رام ولڀ

ٻه نگاهون
مختصر کان مختصر ڪهاڻي
ترجمو: ولي رام ولڀ
پاڙي ۾ ٻن اوچين عمارتن جي اڏاوت جو ڪم هلي رهيو هو. اوچتو جهيڙو ٿي پيو. هڪ جڳهه جي دري، ٻيءَ عمارت جي حد ۾ اچي رهي هئي. ٻنهي عمارتن جا مالڪ، پاڻ ۾ اٽڪي پيا. ڳالهه ايتري قدر وڌي وئي، جو ٻنهي ڄڻن هڪ ٻئي جي گهرن کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو.

Sunday, September 29, 2013

محبت ۽ حسن - ولي رام ولڀ

محبت ۽ حسن
مختصر کان مختصر ڪهاڻي
ترجمو : ولي رام ولڀ
هيءَ ڳالهه ان وقت جي آهي، جڏهن نه محبت انڌي هئي ۽ نه ئي وري حسن گونگو هو. هڪ ڏينهن ٻئي چهل قدمي ڪري رهيا ته چوڏهينءَ جو چنڊ کڙيو.
محبت جون نظرون چنڊ تي ڄمي ويون.
حسن کي اها ڳالهه ڏکي ۽ اڻ وڻندڙ لڳي، هن پنهنجي ساراهه ۽ چنڊ جي گلا ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
انهيءَ تي محبت کي ڏاڍي مٺيان لڳي. ٻنهي ۾ لڙائي ٿي پيئي. حسن اڳيان وڌي محبت جون اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون ۽ محبت، حسن جي زبان ڪڍي ورتي.
تڏهن کان محبت انڌي ۽ حسن گونگو آهي.

Sunday, September 22, 2013

”لڪي ليڪس“ ذريعي آئوٽ ٿيل هڪ شاعر ڪلارڪ جو خط - فاطمه ڀرڳڙي

”لڪي ليڪس“ ذريعي آئوٽ ٿيل هڪ شاعر ڪلارڪ جو خط
فاطمه ڀرڳڙي
سرڪار نامدار! توهان کي فسانهءِ دل ٻڌائڻ تي انهيءَ ڪري مجبور ٿيو آهيان، جو ”تم هي هو محبوب ميري.“ جناب! جيترو جلدي ٿي سگهي، پي اينڊ پينشن ڪميٽيءَ جي اينجيوگرافي ڪرائي وڃي، جو سندس ديارِ دل ۾ سرڪاري ملازمن جي الفت پاس نٿي ٿئي. پهرئين اسان کي سبز باغ ڏيکاريا ويا، جنهن ڪري ڪلارڪن جو ٽولو اهو سمجھڻ لڳو ته حڪومت اسان جي گھرن ۾ کير ۽ ماکيءَ جا نلڪا پئي لڳرائي.. پر ٿوري ئي عرصي ۾ اسان جون وايون بتال ٿي ويون. جناب، مون ٻڌو هئو ته چهرو دل جو آئينو هوندو آهي، سو جڏهن هڪڙي سهڻي مائيءَ جي منهن کي ڏسي پنهنجي گنجي مٿي جي چند وارن کي ڦڻي ڏيڻ لڳس ته منهنجي معصوم ڳل تي اهڙو ته ٿڦڙ هنيائين، جو ڳل تي ڊيلٽا ٺاهي ڇڏيائين. تڏهن کان اکين جي سنڌوءَ جو پاڻي ڳل تي ٺهيل ڊيلٽا کي سيراب ڪندو ٿو رهي. ڳل سڄي پيو آهي. سچي رڳو اوهان سان ڪئي اٿم. ٻيو ڪير پڇي ٿو ته چوان ٿو؛ ڏاٺ ۾ سور اٿم. ان مائيءَ جي جسامت ۽ دلِ بي رحم ڏسي سوچيندو آهيان ته،

شيفون جي ساڙهي - مپرالا شريڌر مورتي

شيفون جي ساڙهي
مپرالا شريڌر مورتي
انٽرويو ۾ بس ٻه ئي آهن.
خالي هڪ ئي آهي.
ليڊي ٽائيپسٽ جي نوڪري.
وقت گذري رهيو آهي.
انٽرويو مان جلد فري ٿي، ڪئمپ تي وڃڻو آهي.
”ويرنا“

شوق جو واقعي ڪو ملهه ڪونهي - مير حسن مري

شوق جو واقعي ڪو ملهه ڪونهي
مير حسن مري
ان ڏينهن گهاري پارڪ گهمڻ لاءِ ڇا ويس، ماڳهين گهمرين ۾ پئجي ويس. تفريح تي آيل هڪ همراهه وٽ ”جنبورو ڪُتو“ ڏسي مونکي اهڙي ئي قسم جي ڪُتي پالڻ جو شوق جاڳيو. سنگت ساٿ ۽ يارن دوستن کان وڙول ڏياريم. ڪُتن جي وڏن وڏن مَها خفتين جا در کڙڪايم پر منهنجو نصيب به غريب عوام جي نصيب جيان صفا ڪو ڦِٽل هو!

نالو رکڻ واري ٽه-رڪني ڪميٽي ۽ اختلاف راءِ - فاطمه ڀرڳڙي

نالو رکڻ واري ٽه-رڪني ڪميٽي ۽ اختلاف راءِ
فاطمه ڀرڳڙي
منهنجي ڄمڻ کان ٻه يا ٽي ڏينهن پهرين، ڏاڏا ڇهه ديڳيون رڌائڻ جي پوري تياري ڪري ڇڏي هئي. هو انهيءَ خوشفهميءَ ۾ مبتلا هو ته ڇوڪرين جي ڇيڙ پيدا ٿي وئي آهي، ڇوڪرو رڳو هڪڙو آهي، پڪ سان هيل کيس پوٽو ڄمندو، پر آئون غلطيءَ سان ڄمي پيس.... (اها انهن زمانن جي ڳالهه آهي، جڏهن اندر جا راز فاش ڪندڙ اها مُئي الٽرا سائونڊ نه هئي). هو ويچارو گھڻو اداس ٿيو پر ڇهه ئي ديڳيون پچرايائين. پوءِ منهنجي نالي رکڻ لا هڪ ٽه رڪني ڪميٽي ويٺي، جيڪا ڏاڏا، امان، بابا تي مشتمل هئي. نالي تي هر ڪنهن اختلاف راءِ جي آزاديءَ وارو پنهنجو حق ڀرپور نموني استعمال ڪيو. مونکي به ايستائين ’بي نام‘ رهڻو پيو، جيستائين ڪو اتفاق راءِ سان فيصلو ٿئي. ڇو ته اڪثريت راءِ سان ڪو فيصلو ڪرڻو نه هو، جو ان سان ٽه-رڪني ڪميٽيءَ جي هڪ ميمبر جو اختلافي نوٽ لڳڻ جو امڪان هو. ان ڪري اڪثريت راءِ واري فيصلي جا اوگڻ گهڻا هجڻ ڪري سمورو ڌيان اتفاق راءِ سان فيصلو ڪرڻ تي مرڪوز ڪيو ويو. منهنجو نالو هو، ڪو ڪالاباغ ڊيم ته نه هو، جنهن تي اتفاق راءِ نه ٿي سگهي! نيٺ منهنجو نالو اتفاق راءِ سان ’فاطمه‘ رکيو ويو.

شادي - جاويد بوزدار

شادي
جاويد بوزدار
پري کان نظر آيو عجيب حالت هيس، ڌڌڙ ۾ ڀڀوت لڳو پيو هو، وارن، مُنهن، مڇن، هٿن، پيرن، ڪنڌ ڪپڙن تي مٽي ئي مٽي هيس، رڳو اکيون ۽ ڏند نظر پئي آيس، جنهن مان لڳو ٿي ته هي به ڪو آدم جو اولاد آهي نه ته لڳي ها ته ڪو مٽي مان ٺهيل بت آهي جيڪو هلندو اچي. سندس چال مان لڳو پئي ته ٻيلي ڪو ڏٺل همراهه آهي نه ته سڃاڻپ کان چڙهيل هو.

گوءِ ۽ ميدان - محمد علي پٺاڻ

گوءِ ۽ ميدان
محمد علي پٺاڻ
سڪل ۽ هڏيون نڪتل سانوري چهري تي مٺ جيڏي سونهاري رکيل، سنهڙي سيپڪڙي، گوڏ ۽ پهراڻ سان مٿي تي انگوڇي ٻڌل پنجاسي ورهين جي ڦڙت ۽ چستيءَ سان هلندڙ ڪاڪي ڪريم ڏني جو منهن ان وقت ڪيڏو نه ٻهڪي رهيو هو، جڏهن ٻنيءَ تان ڪم ڪار ڇڏائي، گهر موٽيل ٽنهي پٽن کي سڏي سامهون ويهاري، ڪچڙيءَ منجهند کان سيني ۾ سانڍيل خوشيءَ جي خبر کي وائکو ڪندي چئي رهيو هو ته، ”ابا، مبارڪ هجئيءَ مڙسن چئن لکن ۾ نيٺ ڳالهه هڪ پاسي ڪئي.“
”ڪنوار تو کي ڏيکاريئون يا .....“

Saturday, September 21, 2013

واردات - محمد علي پٺاڻ

واردات
مختصر کان مختصر ڪهاڻي
محمد علي پٺاڻ
سومهڻيءَ جو وقت هو، ٻه ڪلاڪ اڳ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کانپوءِ بجلي آئي، ته گهر ٻاهران اوچتو گوڙ ٿي ويو. سمجهيم ته ڪا واردات ٿي آهي. تڏهن ماني هٿ ۾ ڇڏي ٻاهر نڪري آيس.
ٽيوب لائيٽس جي ٻرندڙ روشنيءَ ۾ ڏٺم ته ماڻهن جو چڱو خاصو تعداد گول دائري ۾ بيٺو هو. جن جي وچ مان ڪنهن شخص جي رڙين ۽ ”بچايو... بچايو...“ آواز پئي آيو.

جي سائين- انور ابڙو

جي سائين
مختصر کان مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
سچل پروفيشنل آنيسٽي، پنهنجي صلاحيت، اهليت، عقل ۽ پنهنجي ضمير جي سچائيءَ سبب ڪنهن به اداري ۾ گهڻي وقت تائين نوڪري نه ڪري سگهندو هو. هو نوڪريون جيڪڏهن پنهنجن ڪپڙن وانگر نه سهي، تڏهن به پنهنجي بوٽن وانگر ضرور بدلائيندو هو.
هن جي طبعيت ۾ عجيب قسم جي شوخي، ارڏائپ ۽ انا هوندي هئي. مالڪن تي ته سندس اک ئي نه ٻڏندي هئي. سڀني کي آڱوٺي ڇاپ سمجهندو هو. هو هميشه چوندو هو ته؛ ”مالڪ اسان کي جنهن ڪم جي عيوض پئسا ڏين ٿا، اسان کان اهو ڪم ٺڪي ٺوڪي وٺن. باقي وڌيڪ ٽڻ ٽڻ نه ڪن.“ اهڙي طبعيت سبب هو ٿورو وقت نوڪريءَ ۾ ۽ گهڻو وقت بيروزگاريءَ ۾ گذاريندو هو. پر هن جي اها خاصيت هئي ته هو نوڪريءَ سان ته نڀاءُ نه ڪري سگهندو هو، پر ڇوڪريءَ سان نڀاءُ ضرور ڪري ويندو هو. جڏهن سندس گهر جي سامهون واري گهر ۾ رهندڙ غزاله سان سندس عشق چوٽ تي چڙهيو ته هن ان سان شادي ڪري ورتي. شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هو اوچتو گم ٿي ويو.

Tuesday, September 3, 2013

اوباما، پيزا هٽ ۽ مک - فاطمه ڀرڳڙي

اوباما، پيزا هٽ ۽ مک
فاطمه ڀرڳڙي
باقي دنيا ته ترقي ڪري چڪي آهي، پر اسان جي سنڌ.. توبنهن..! اڃا اتي جو اتي آهي.. مثال طور سوين سال اڳ ڳوٺن ۾ پتاشا ورهايا ويندا هئا.. هاڻي به پتاشا ورهايا ويندا آهن.
پتاشا ٺاهڻ وارن کي به شابس هجي... ڪو جديد رنگ.. ڪا نواڻ ڪا نه آندي اٿن. هيلوڪو به جڏهين ڳوٺ ۾ مڱڻو ٿيو... پتاشن جي ٿيلهي لڏندي آئي. جڏهين صبح ئي صبح منهنجين سهيلين هلاڪو خان وانگر اچي حملو ڪيو ته مون به پتاشا پليٽ ۾ وجهي کڻي اچي سندن سامهون رکيا. هڪ ٻن ڄڻين ٿورا گهڻا کائي ڇڏي ڏنا، جو باقي وري ڊائيٽنگ ڪري رهيون هيون. پليٽ پاسي ۾ پئي هئي. پليٽ مٿان ڪجھ مکيون لامارا ڏيڻ لڳيون.