Sunday, December 16, 2012

دان شور - شوڪت لوهار


دان شور
شوڪت لوهار
”جهڙي طرح ٿورڙا پٿر گڏجي پاڻي جي وڏي وهڪري کي روڪي ڇڏيندا آهن، اهڙي طرح معاشري ۾ به تبديلي ائين آهسته آهسته ايندي آهي. دنيا جا سڀ مظلوم هڪ ئي جهڙا آهن، دنيا جا سڀ ئي غريب هِڪ ئي قطار ۾ بيٺا آهن. دنيا جا سڀ ئي بکيا ماڻهو ڄائي ڄمانڊو زندگي جي تار تي ايڪروبيٽ بڻجي هلي رهيا آهن. دنيا جا سڀ ئي پئسا ٻن ماڻهن جي قبضي ۾ آهن.“


هو پريس ڪلب ۾ ليڪچر ڏئي رهيو هو. ليڪچر ٻڌندڙن ۾ هاري، مزدور، ليکڪ ۽ قلمڪار شامل هئا. پوري ملڪ مان وڏا وڏا دانشور ان جي تقرير کي داد ڏئي رهيا هئا.
روسٽرم جي سامهون مائيڪرو فون سان گڏ ٻه ڳاڙهي جلد وارا ڪتاب پيل هئا. پاڻي جو گلاس به ڀريل هو، جيڪو هو وقفي وقفي سان ڳالهائيندو ڍڪ ڍڪ ڪري پي رهيو هو. وڏو مجموعو هو، هن جي لفظن ۾ وڏو اتار چڙاءُ هو، هر هِڪ ماڻهو بت بڻجي هن کي ٻڌي رهيو هو. يونيورسٽين جا نوجوان جهجهي تعداد ۾ شامل هئا.
”توهان ڏٺو ڪونه ته ڪيئن جتامڙن ويئنامين هيڏي اجگر آمريڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي؟ توهان ڪيوبا جي بردباري مان ڇا ڪجهه ڪونه سکيو جو هنن جي گڏيل جدوجهد سامراج کي جهڪڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
وينيز ويلا ۾ پڻ تبديلي ڪيئن آئي؟ اوهان سوچيو ته سهي غور ته ڪيو؟ فهم ۽ ادراڪ کي مجموعي طرح هِڪ ئي اينگل تي بيهاريو پوءِ ڏسو ڪيئن شيون پنهنجي شڪل مٽين ٿيون.“
پاڻي جو ڍڪ ڀري هو فلسفي جي سٽ جي ڍيري ۾ هٿ وجهي ٿو ”ڏسو! تبديلي ٻن قسمن جي ٿئي ٿي، هڪڙي اِها جيڪا نظر اچي ٿي Visible ۽ ٻي جيڪا نظر نٿي اچي Invisible مثال طور توهان پراڻي عمارت ڏٺي آهي، ان جون سرون ۽ چاپڙ لٿل هوندا آهن ۽ آهستي آهستي اها ڳرندي رهي ٿي، اِها ان جي اندراڻن ۾ تبديلي هجي ٿي، جيڪا بهرحال ظاهر ضرور ٿئي ٿي، سالن کانپوءِ اِهي سرون ڀڄي ڀري پون ٿيون، ڀرڪڻيون ٿي پون ٿيون، سماج به ائين آهن، نظام به ائين آهن، اسان کي هن جمود خلاف جنگ ڪرڻي آهي ۽ هِڪ ٿي بيهڻو آهي.“
پنڊال ۾ ويٺل جونيئر دانشور ۽ اڀرندڙ نوجوان ان جي فلسفي تي اهڙي دسترس ڏسي پنڊ پهڻ ٿين ٿا ۽ دِل ئي دل ۾ پاڻ کي منفيت جو شڪار سمجهن ٿا ته انهن ته ائين ئي زندگي وڃائي ڇڏي!
”ڌيان ڪريو اسين هِڪ ٻج پوکيون ٿا، ان مان سَلو ٿئي ٿو. پوءِ ٻوٽو ٿئي ٿو، ساڳئي وقت اِهو ٻوٽو به نظر اچي ٿو ۽ اِهو وڻ ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيو هجي ٿو ان ڪري دنيا ۾ تبديلي ئي مشعل آهي تبديلي ئي رهڻي“.
هِي دنيا ڦري ٿي پنهنجي محور تي، هي دنيا سج جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ اِها ڳالهه به سچ آهي ته سج به گردش ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪائنات ۾ سج پنهنجي پوري ڪهول سان زمين سميت خلاءِ ۾ ڪنهن اڻ ڏٺي منزل ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ هي سڀ گرهه ان جي پٺيان چوڌاري ان سان گڏ گهمي رهيا آهن. تنهن ڪري اسان کي به اڳواڻي جي ضرورت آهي، رهبري جي ضرورت آهي، مطالعو ڪريو جيترو ٿي سگهي ڪتاب پڙهو“.
”هو پنهنجي ليڪچر اتساس ۽ اميدن جي اسٽيشن تي بيهاري ٿو. سوال جواب سيشن شروع ٿئي ٿو. ننڍڙا نوجوان دانشور هن جي عقل کي داد ڏين ٿا ۽ پنهنجي وس آهر، ريڊي ميڊي معلومات جي بنياد تي سوال پڇن ٿا. سوالن کي هو پنهنجي دانشوري سان لاجواب ڪري ڇڏي ٿو. ويهه منٽن تائين تاڙيون وڄنديون رهن ٿيون، فوٽو سيشن ٿئي ٿو. فوٽن جي چمڪائن ۾ هو پنهنجو پاڻ کي تهائين وڌيڪ مضبوط دانشور سمجهي ٿو. اڻ ڳڻيا ماڻهو ان کان آٽوگراف وٺن ٿا، آءِ ڊي ۽ موبائيل نمبر جي لاءِ وينتيون ڪن ٿا. بعد ۾ هو ڪار ۾ ويهي روانو ٿئي ٿو. خيالن ۽ خيالن ۾ هو پنهنجو پاڻ کي تمام وڏو ڄاڻو، مهان ۽ عقل جو اڪابر سمجهي ٿو.
”هيلو سائين ڊي سي او صاحب! آئون فلاڻو دانشور ڳالهايان پيو“.
”جي جي فرمايو“
”سائين اوهان جي ٽيبل تي هڪ فائيل پيو آهي، اسان غريبن جو ان تي اوهان جي مبارڪ هٿن جي هِڪ پتڪڙي صحيح جي ضرورت آهي.“
”ها پر اِهو پلاٽ ته اڳئي ڪنهن وڏي جهڳڙي جو سبب رهيو آهي“. پريان آواز اچي ٿو.
سرڪاري طور اِهو پلاٽ مزدور ڪالوني ۾ اچي ٿو. ”سائين اسين به ته مزدور آهيون ٻيو“
سائين آئون هِڪ دفعو وري انهيءَ فائيل تي ڳاڙهي ٽيپ هڻي ٿو موڪليان، بس پوءِ ته ڪندا نه صحيح!
اڙي ڊيئر ماري وِڌوِ ها بابا ڪرڻي پوندي ”ها، ها، ها، ٿينڪ يو سو مچ سر“
هو فائيل کي ڳاڙهي ٽيپ لڳائي موڪلڻ جو چئي ٿو ۽ ڪامورو ڪافورجي وڃي ٿو.
ڪار هلندي اچي ضياءَ الدين روڊ وٽ پهچي ٿي، جتي دانشور جي نظر سامهون واري سئنيما پوسٽر تي پئي ٿي، جتي ڪنهن اڌ اگهاڙي عورت جو جسم هن جي ڌيان ۾ ڪنڊو وجهي ٿو. دانشور ان عورت جي سيني تي اکين کي ايلفي ڪري ڇڏي ٿو.
ٽڙ، ٽڙ ٽڙاڪ.
اڙي! انڌو آهين ڇا؟
”ڏسين ڪونه ٿو؟“
”نظر ڪونه ٿو اچئي“
”نشو پيتل اٿئي ڇا؟“
هن جي نئين ڪرولا گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجي ٿي ۽ هو هيٺ لهي ان گڏهه گاڏي واري پوڙهي کي ٻه ٽي ٿڦون وهائي ڪڍي ٿو.
”هِي نقصان ڪير ڀريندو؟“
”ڪڍ پئسا!“
”سائين پر“
”پر جا پٽ“
هو پوڙهي جي ڦاٽل کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهه سڪن سميت سڀ پئسا ڦري وٺي ٿو.
”سائين ڪار توهان پاڻ هنئين آهي“
”منهنجو ته گڏهه بيمار آهي“ پوڙهو پنهنجي صفائي پيش ڪري ٿو.
”هل هل هاڻي“ پوڙهي مزدور جي گڏهه گاڏي ۾ ٻڌل گڏهه چتائي دانشور کي پاتل مشهور انقلابي اڳواڻ جي ٽي شرٽ ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي سِر تي ڪار جي ٽڪر سان لڳل زخم تي مکيون ويهڻ جي ڪري هو مٿي کي جهٽڪو ڏئي ٿو ۽ اکيون ٻئي طرف ڪري ڇڏي ٿو.

No comments:

Post a Comment