Sunday, December 2, 2012

روحاني علاج - ڪريم لغاري


روحاني علاج
ڪريم لغاري
هُو جهرڪيون آزاد ڪرائي پنهنجي بي چين روح کي چند لمحا سُڪون پُهچائيندو آهي. اُن ڏينهن مون کي فون ڪندي چئي پيو؛ چاند چوڪ ۾ اچ ته هڪڙي ننڍڙي خوشي سيليبريٽ ڪريون.
اهو چاند چوڪ جيڪو اسان جي شهر جو روح آهي.
۽ ها انهيءَ شهر جو روح جنهن سان اسان جون محبتون منسوب آهن، جيڪو اسان جي خواب جو شهر آهي.
آئون انڪار ڪريان مطلب سندس جذباتن کي مجروح ڪيان.
آئون پهچي ويس.


جهرڪيون ۽ مختلف پکي جهلي پئسن تي آزاد ڪندڙ اڇوت جاتين جا ماري هڪڙي ڊگهي لائين ٺاهيو ويٺل هُئا. کين ڏسي منهنجي ذهن ۾ هڪڙو تصور ناگزير طور تي اُڀري آيو.
جهڙوڪر تار تي ڳيرا ويٺا آهن.
ڏاڍي دير ڪري ڇڏين ٿو ڀلائي جو ڪم ڪرڻ ۾.... بي حسي جي انتها آهي. هو منهنجي آجيان انهن جملن سان ڪري ٿو ۽ پوءِ ڀاڪر پائيندي مارئين جي سامهون ويهڻ جو چئي ٿو.
تنهنجي پاران ڪيترا پکي آزاد ڪرايان ٻڌاءِ؟ تون ڪيترن پکين کي آزاد ڏسڻ گهرين ٿو؟
آئون چوان ها پر ائين نه چئي سگهيس ته تنهنجي رحم دلي جي نفسيات عجيب چريائپ آهي.
آئون پڃرن جي ڊگهي لائين تي نظر وجهان ٿو، ويهارو کن پڃرا جن ۾ سوين پکي قيد آهن.
مون ڏانهن ڏسندي عجيب جذباتي انداز ۾ چوي ٿو.
او بي ترس ماڻهو پنهنجي ڪنهن پکين جهڙي محبوب ماڻهو جي حُسن جو ڀرم رکي ڪجهه پکي آزاد ڪرائي ڇڏ....
آئون پاڻ به احساس گناهه ۽ احساس رحم ۾ مبتلا رهيو آهيان سو تنهن ڪري کِل سان گڏ مون کي هن جي حالت تي رحم آيو ۽ چيم آئون پکي آزاد ڪرائڻ لاءِ بلڪل تيار آهيان، پر هي پاڻ وارا ماري منهنجي پسند جي پکي کي جهلي ئي نٿا سگهن....
چيائين ڪهڙو پکي؟
سندس تجسس کي محسوس ڪندي چيم ڪانگ- ڀلا اهو نٿو جهلجي ته چٻ آزاد ڪرائي به مون جهڙو ماڻهو چڱو ڀلو سڪون ماڻي سگهي ٿو....
همراهه اٿي بيٺو ۽ ڏمرجي پيو، شديد ڪاوڙ کي روڪيندي چيائين خدا نه ڪري ته تون سلاخن جي پويان وڃين ۽ آئون ملاقات لاءِ نه اچي توکي انهيءَ رويي جو جواب ڏئي ڇڏيان.
اُهو ٻُڌي آئون تصور ۾ پنهنجي پاڻ کي سلاخن جي پويان بيٺل ڏسان ٿو. ڪابه ڳالهه ڪانهي بيٺو آهيان، جاهلن جي سماج ۾ هونءَ ئي آزادي ۽ اسيري ۾ اوڻيهه ويهه جو فرق هوندو آهي. چوانس ٿو ڪابه ڳالهه ڪانهي، اُتي وري توکي ڪنهن خوبصورت عورت تي رحم ايندو ۽ مون تي شايد مون جهڙا به رحم نه کائين ۽ ٻي ڳالهه ته مون کي پاڳلن جون همدرديون کپن ئي ڪونه پيون. چوي ٿو ٺيڪ آهي وڌيڪ بحث نه ڪر هاڻ رڳو تون ٻڌائي ته ڪهڙا پکي وڌيڪ خوبصورت آهن، جن کي آزاد جي سخت ضرورت آهي؟
”عظيم ماڻهو آهين يار“ نه چاهيندي به چئي وڃان ٿو.
مٿي آسمان ڏانهن مُنهن ڪري ٿو ۽ چئي ٿو يا الله هي ڪهڙي مخلوق آهي، جنهن کي معصوم پکين تي به رحم ڪونه ٿو اچي. وري منهنجي چهري ڏانهن ڏسي ٿو، جتي کيس نه غم نه خوشي جا ڪي آثار نظر اچن ٿا. موٽ ۾ مايوس ٿيندي چئي ٿو:
ٺيڪ آهي جيئن توکي سُٺو لڳي هل ته واپس هلون، پر ياد رک هي جيڪي به پکي تنهنجي اهڙي رويي جي ڪري آزاد نه ٿي سگهيا، انهن جو ذميوار تون آهين، بس هل ته هتان نڪري هلون ۽ مون کي اڄ پاڳل هجڻ جو سرٽيفڪيٽ به لکي ڏي.
صفا روئڻ هارڪو ٿي پيو هو.
اسان جي انهيءَ ويڙهه کي ڏسندي پکين جي آزادي جو دُڪان هلائيندڙ همراهه اسان سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو. سائين ڪهڙا پکي آزاد ڪريان ۽ ڪيترا پکي آزاد ڪريان؟
آئون بنا دير جي جواب ٿو جيڪي زخمي آهن انهن کي آزاد ڪري ڇڏ. هُو اسان ٻنهين جي چهرن ۾ گهوري ٿو ۽ بنا ڪنهن احساس جي چئي ٿو سائين زخمي تمام گهڻا آهن سڀني کي آزاد ڪرائيندو؟
ادا ٿورو صبر ڪر پئسا ٻڌاءِ پوءِ هي بي قياس ٽڪو به ڪونه ڏيندو. آئون هُن جي چيل جملي کي اگنور ڪندي پکين جي آزادي کي پنهنجي عظيم خوشي طور سيليبريٽ ڪندڙ ماڻهن کي ڏسان ٿو.
شهر جون جوان خوبصورت عورتون انهن سان گڏ ننڍڙا ٻار ۽ ٻئي پاسي مون واري همراهه جهڙا حساس مريض جن ۾ اڪثريت انهن جي آهي، جيڪي محبتن ۾ ناڪام آهن ۽ عجيب و غريب محرومين جو شڪار آهن. آئون محسوس ڪيان ٿو ته هي سماج جي اها ليئر يا طبقو آهي، جنهن کي اسان ڪمزور مڊل ڪلاس چئون ٿا، جنهن ۾ اهڙي قسم جون ذهني بيماريون بي شمار آهن.
ٻئي لمحي پکي هوا ۾ اڏامڻ شروع ڪن ٿا ۽ شهر جي دونهاٽيل آسمان ۾ پکڙجي وڃن ٿا. ننڍڙا ٻار ۽ عورتون تاڙيون وڄائين ٿيون، هو مون ڏانهن ڏسندي چئي ٿو ته، لڳي ٿو توکي ايتري خوشي ڪانه ٿي؟
آئون هن جي ڪُلهي تي هٿ رکندي چوان ٿو ادا هي پکي جهنگلي آهن، هتي هنن کي شهر جا رولو باز شڪار ڪري ويندا ۽ ٻيو ته هي معصوم هن وسيع شهر مان ٻاهر به ڪونه نڪري سگهندا ۽ ٻي ڳالهه ته تو جهڙا حساس ماڻهو ڪيتريون جهڪريون آزاد ڪرائيندا؟
بهرحال منهنجي خيال ۾ آزادي کپائيندڙ غريب طبقي جا ماڻهو آهن، انهن وٽ پيٽ پورت جو سامان خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪونهن، انهن جي به مجبوري آهي ته هو احساسن جو دُڪان کولين ۽ هڪڙي عجيب و غريب ۽ خوبصورت بليڪ ميلنگ ڪن ۽ پنهنجي پيٽ جو پورائو ڪن.
ڇو جو هي مارڪيٽ جو سماج آهي، جتي انصاف جو دُڪان، محبت ۽ پيار جو دُڪان، احساسن جذبن جو دُڪان، آرٽ ميوزڪ جو دُڪان، علم جو دُڪان، دُعائن ۽ دوائن جو دُڪان ۽ ضمير ۽ وفائن جو دُڪان آهي. هتي سڀ ڪجهه خريد ڪرڻ سان ملي ويندو آهي. آئون اُهو سوچي به نٿو سگهان ته پکين کي قيدي رهڻ ڏجي يا فطرت جي حُسناڪين سان پيار نه ڪجي، پر هتي اسان جي حساس ماڻهن تي هڪڙي ٻي سوچ حاوي آهي، جيئن پکين سان پيار ڪريو انهن کي ماري جي قيد مان آزادي ڏياريو، اتي جيڪڏهن چٻرا، ڪانگ ۽ باز جهلجي اچن ته هي سمورا حساس ماڻهو خوش ٿيندا، ”اتي وري وحشي ٿي پوندا“ اتي حساسيت وارو جذبو موڪلائي ويندو، آهن ته اُهي به پکي ۽ اُهي به فطرت جو حصو آهن ۽ انسانن جي حوالي سان خوبصورت ماڻهن تي رحم مڙوئي گهڻو ايندو آهي ۽ ڪمزور ۽ ڪوجهن مظلومن تي ٿورو گهٽ. انهيءَ جو آهي ڪنهن وٽ جواب؟
چوي ٿو ته؛ ڇڏ يار تون مخالفت برائي مخالفت ڪرڻ جو عادي آهين. اُهو چئي هو انهن پکين جي آزادي ۽ قيد واري پِڙي تان هڪڙو ننڍڙو پڃرو ۽ ڪجهه پکي خريد ڪري ٿو ۽ مون کي گڏ هلڻ جو چوي ٿو. وري آئون تنقيدي انداز ۾ پڇانس ٿو، هي وري ڇا پيو ڪرين؟
چئي ٿو؛ تون ڪونه سمجهندين.
چوان ٿو؛ سمجهاءِ کڻي.
چئي ٿو؛ ڇڏ يار.
ڇو ڇڏيان؟
ٻارن جيان لنوائيندي چوي ٿو، هي فقير سائين لاءِ خريد ڪيا اٿم.
فقير سائين.... منهنجي ذهن ۾ اهو نالو سواليه انداز ۾ ويهي وڃي ٿو. چوانس ٿو اهو ڪير آهي؟
اهو ئي جنهن لاءِ پاڻ تو واري دوست سائيڪاٽيسٽ کان ننڊ نه اچڻ جا سبب پڇيا هُئا ۽ ميڊسن پڇي هُئي.
هڪ ساهي ۾ چئي وڃي ٿو.
منهنجي اندر ۾ ٻه ڪيفيتون گڏ اڀري آيون هُيون، مذاق ۽ عجيب اڻڄاتل درد جيڪو پنهنجن لاءِ اُڀري ايندو آهي.
مطلب اهو مهان جادوگر جيڪو مِڊل ڪلاس جي بيمار ماڻهن کي ٽوڻا، ڦيڻا، تعويذ ۽ ليڪچر ڏيندو آهي ته زندگي سهل ڪيئن بڻائجي ۽ سڪون ڪهڙي شيءِ ۾ آهي ۽ ها جيڪو پاڻ ننڊ جون گوريون کائيندو آهي ۽ تمام گهڻي مقدار ۾ شراب واپرائيندو آهي.
اهو ئي نه؟
تنقيد ائين ٿو ڪرين جهڙوڪر دنيا جا ظالم ترين انسان آهيون ئي اسان.
ڪاوڙ منجهان منهن ڦيري ڇڏي ٿو.
آئون چوانس ٿو ادا اهڙا ماڻهو زندگي جي ڪتاب ۾ سواليه نشان کانسواءِ ڪجهه به ڪونه هوندا آهن، هو شعوري لاشعوري اُلجهنن جو شڪار هوندا آهن. هو زندگي کان فراريت ۽ گوشا نشيني اختيار ڪندا آهن.
ائين کڻي سمجهه زندگي پوليس جو ٽولو آهي ۽ هو موسٽ وانٽيڊ آهن، هُو سمجهن ٿا اها ظالم پوليس نما زندگي جتي به رُوبرو ٿي ماري ڇڏيندي.
تنهن ڪري هو حقيقتن کان ڪنڌ ڪڍرائي فرار ٿي ويل ماڻهو آهن. منهنجو مهان استاد فرائيڊ انهن جي باري ۾ چئي ٿو اُهي روحاني طور تي مُردار ۽ بُزدل آهن.
مون کي اوهان سڀني جي احساسن، امنگن ۽ جذبن جو احترام آهي، پر آئون انهيءَ ڪبوتر جيان ڪڏهن به ٿيڻ نٿو چاهيان، جيڪو ٻلي کي ڏسي اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو.
اسان نڪري پئون ٿا، جتي اڳ ۾ آئون ڪڏهن به نه ويو هُئس.
هو رستي ۾ مون کي الائجي ته ڪيترا دليل ڏئي ٻڌائي ٿو ته تون صفا غلط آهين ۽ اسين جيڪي جديد اشتياري جادوگر ڪمپنين جا لاڪيٽ ۽ خريد ڪري روشن مستقبل ڏانهن گامزن آهيون، اُهي ئي عقل ڪُل آهيون.
آئون بس اهو ئي چوان ٿو ”زندگيون اجايون ناهن هونديون، هزار درد ڇو نه هُجن، پر آئون پنهنجي سوچ ساڻ مرڻ چاهيان ٿو، آئون هُن تان هٿ ڪونه کڻندس، مون کي ڪوبه پڇتاءُ ناهي.
۽ اسان به تنهنجي چونڊيل رستن تي ڪڏهن به ڪونه هلنداسين. هو پنڇڻ جهڙي مُرڪ مُرڪندي اُهو چئي وڃي ٿو.
کن ڇڏي چوانس ٿو، آئون رجعتي ناهيان جو پنهنجي سوچ ڪنهن مٿان جبرن مڙهڻ جي ڪوشش ڪريان، بس آئون ته هڪڙي سوچ جي بچاءَ جي جنگ وڙهي رهيو آهيان.
هو منهنجي ڳالهه ڏانهن توجهه ئي نٿو ڏي ۽ هلندڙ گاڏي جي شيشي مان شهر جي رنگينين ڏانهن ڏسڻ شروع ڪري ٿو ۽ منهنجي تصورن تي اُهي عورتون ۽ انهن جا ٽهڪ تري اچن ٿا، جن پکين کي آزاد ڪرايو هو، مون انهيءَ طبقي جي عورتن کي ٻئي ڪنهن به موقعي تي ائين مسڪرائيندي ۽ پُرسڪون خوشي ملهائيندي ناهي ڏٺو. اُهو ايونٽ سندن اٿاهه محرومي جو اظهار هو، ڇو جو غلامي، قيد، ذلتن ۽ ظلم جو احساس جاڳندو ئي تڏهن آهي، جڏهن ماڻهو پاڻ انهيءَ استحصال جو شڪار بڻجي، جيڪو ڪجهه آئون پنهنجي اکين اڳيان ڏسي آيو هُئس.
اسان شهر جي ان حصي ۾ داخل ٿياسين جتي سڀ عمارتون اميرن جون هُيون، انهن منجهان هڪڙي فقير سائين جي نالي به هُئي، جنهن اڳيان پهچندي هو مون کي هٿ مان جهلي بنا رڪاوٽ جي وٺي وڃي ٿو. آئون جڏهن هڪڙي وسيع هال ۾ داخل ٿيس دنگ رهجي ويس، هيٺ فرش تي چاليهارو کن ماڻهو ويٺا آهن، جتي مون کي به ويهڻ جو اشارو ڪيو ويو ۽ هو سڀني کان اڳيان ويٺل شخص وٽ هليو ويو ۽ سندس اڳيان پکين وارو پڃرو رکي واپس اچي منهنجي پاسي ۾ ويٺو. آئون ڇا پيو ڏسان؟ شهر جا مشهور گُلوڪار، اداڪار، فنڪار، ماڊلنگ ڪندڙ عورتون، مڃيل ترين سياستدان ۽ واپاري طبقي جا ماڻهو ائين خاموش ويٺا آهن، جيئن عام ماڻهو انهن جي باري ۾ تصور به نٿو ڪري سگهي.
اُهي سڀ ذهني سُڪون ۽ روشن مستقبل حاصل ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيل هُئا. عجيب ماحول هو ۽ اهي شخص جنهن پوائنٽ تي ليڪچر پئي ڏنو، اها هُئي پاپ مها پاپ ۽ سڪون جيڪو حقيقي هُجي. سوچيم ڪيڏو نه عظيم ماڻهو آهي جيڪو هِن لڏي کي پنهنجي پاپن، ڏوهن ۽ غلطين جي باري ۾ منجهان منهن چئي رهيو آهي، جيڪو اسان جهڙو ته ڪڏهن به نٿو چئي سگهي. بهرحال روحاني ڊاڪٽر جو اهو مقصد هو ته پنهنجي پاڻ کي گُناهگار سمجهو.
سائيڪالاجي جو علم چوي ٿو، اهو هڪڙو پراسرار خيال آهي، جيڪو ماڻهو کي عجيب و غريب ڊيڄاريندڙ ڪيفيتن ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جتي اسان کي اهو احساس پيدا ٿئي ٿو ته اسين پنهنجي پاڻ جا گناهگار آهيون، جنهن احساس جي جاڳڻ کانپوءِ بس اهو ئي حل هوندو آهي ته ننڍڙا ڀلائي جا ڪم ڪجن ته آساني سان اندر وارو انسان سيٽسفاءِ ٿي ويندو.
اتي ويٺل شهر جو معتبر لڏو جيڪو اسان جي غريب طبقي لاءِ لنگر خانا کولي ٿو، ننڍا ننڍا فلاحي ڪم ڪري ٿو يا جهرڪيون آزاد ڪرائي اسان جي سماج ۾ عظيم بااخلاق ۽ معتبر بڻجي وڃ ٿو.
۽ هن جهڙا ماڻهو انهيءَ طبقي کي وڌيڪ عزت ۽ شان بخشڻ جو ڪاروبار ڪن ٿا.
اسان ليڪچر دوران ائين خاموش ويٺا هُئاسين جهڙوڪر سڀ ڪوما ۾ هليا ويا هجون.
روحاني ڊاڪٽر ليڪچر ختم ڪرڻ کانپوءِ اهو پکين وارو پڃرو پنهنجي اڳيان رکندي اسان سڀني کي اپيل ڪئي ته اڄ اسان سڀئي هِنن کي آزاد ڪنداسين، پوءِ اسان کان پکين جي آزادي لاءِ هٿ مٿي کڻايو ويو ۽ پوءِ نذراني جو چيو ويو، ها اهي پئسا جيڪي اتي ويٺل ذهني مريض روحاني ڊاڪٽر جي حوالي ڪن. بابا اکيون بند ڪري الائجي ڇا چيو، جيڪو آئون ڪونه سمجهي سگهيس ۽ پڃري جو دروازو کلي ويو، پکي هال جي اندر اڏامي وڃي هال جي روشندانن تي ويٺا ۽ ٻاهر هليا ويا. انهيءَ آزادي جي رقم انهن چاليهارو کن ماڻهن روحاني ڊاڪٽر کي ڏني. مون وٽ ڪجهه چوڻ لاءِ رهيو ئي نه هو. مون بس هُن کي ايترو چيو هو ته، يار اسان پکي ورتاسين هزار روپئي جا اسان غريب مارين کي انهن جي محنت جو اجورو به پورو ڪونه ڏنوسين، هِتي تو واري سائين ته انهن جي آزادي جو لکن ۾ سودو ڪري ڇڏيو، توکي ڪهڙي خبر ته روح جي تسڪين جي ڪابه قيمت نه هوندي آ.

No comments:

Post a Comment