Monday, November 5, 2012

عورت، عورت - ايس سرمد

عورت، عورت
ايس سرمد
سپاهي کي ملاقات جي خرچي ڪرائي، انور جيل جي ملاقاتي هال ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ گوهر جو انتظار ڪرڻ لڳو. سندس کاٻي هٿ ۾ کنيل ڪار ڪَلي ۾ گوهر جا ڪپڙا ۽ موسمي فروٽ هيو.
هال ۾ ڪجهه ٻين قيدين جي ملاقات به آيل هئي ان ڪري هال ۾ ڪجهه گوڙ هيو. ڪجهه وقت جي انتظار کان پوءِ شيخن جي پويان گوهر ظاهر ٿيو ته انور جي چهري تي سرهائي وکرجي وئي. مهيني کان پوءِ ٻنهي ڀائرن جي ملاقات ٿي هئي. سلام دعا کان پوءِ ٻئي ڀائر حال احوالي ٿيا. آس پاس جي گوڙ ۽ ڪجهه مفاصلو هجڻ ڪري ٻنهي جي آواز ۾ تيزي هئي.



”ڏي احوال گهر سڀ خير آهي نه؟ امان جي طبعيت ڪئين آهي؟ ڊاڪٽر کي ڏيکارنيس ٿو؟”
”خدا جو شڪر آهي گهر ۾ سڀ خير آهي، امان کي هفتي ۾ هڪ دفعو ڊاڪٽر کي ڏيکاريندو آهيان، ڊاڪٽر امان کي دل جي عارضي سبب آرام ڪرڻ ۽ ڪنهن به پريشاني تي نه سوچڻ جو چيو آهي، باقي دوا گهٽ ٿي کائي، زوري ڀاڄائي ۽ مان کارايونس ٿا ته واهه نه ته بس. دوا ائين پئي آهي. ٻنهي توهان لئه سلام ڏنا اٿن ۽ چيو آهين ته پنهنجو خيال رکجو.”
”مون کي پنهنجو خيال آهي، امان کي چئجان ته منهنجو ڪو فڪر نه ڪري، بس دعا ڪري ته هن جيل مان جان ڇٽي، وڪيل جا احوال ڏي؟ ڇا ٿو چئي؟“
”وڪيل سان به ٻه ڏينهن اڳ مليو هوس، چيائين پئي ته ڪيس ٿورو ڪمزور آهي، پر مهيني جي اندر ضمانت ٿي ويندي.“
”اها ڳالهه ته هو...... جو پٽ، اٺن مهينن کان چئي رهيو آهي. اڃا ڪيترو وقت لڳائيندو؟ ......... کي هڏيءَ نٿو وجهين ڇا؟“ گوهر جي آواز ۾ بخيلي ۽ ڪاوڙ هئي.
”پئسن کان سواءِ ڪيئن ڪم ڪندو؟ هاڻي ٻه ڏينهن اڳ به ٻه هزار ڏئي آيو آهيانس. چيائين پئي ته هن حاضري تي ضمانت جا ڪاغذ جمع ڪرائيندس ۽ جج سان به ڳالهايو آهي، پر هو پئسا گهڻا گهري ٿو.“
”..........کي پنهنجي پيٽ ۾ سور هوندو، ۽ ڳالهه وري جج جي ڪندو هوندو. مون کي ته هيءُ وڪيل سٺو نه ٿو لڳي، تون ڪو ٻيو وڪيل ڇو نه ٿو ڏسين؟“
”ادا ! توهان جي ڳالهه صحيح آهي، مون کي به هيءُ وڪيل سٺو نٿو لڳي، ٿورڙو پيٽ جو وڏو آهي، پر ٻيو وڪيل جيڪڏهن ڪنداسين ته ڪيس ڄڻ وري نئين سري سان شروع ٿي ويندو، نئون وڪيل، نوان پئسا ۽ وڏي ڳالهه ته وقت به لڳندو ۽ غربت جي هن جهان ۾ ايترا پئسا ڪٿان آڻيون؟“
”پئسن جي ڪري ئي ته مان به هتي آهيان نه؟ جي پئسا هجن هان ته نئين زال ڇڏي مينهن جي چوري تي وڃان هان ڇا؟ ۽ هن نڀاڳي ڀاڳئي کي به موت کنيو بيٺو هو جو ان وقت ننڊ ۾ اٿيو ۽ بي موت مارجي ويو.“
”ادا! توهان به ڪو ڏنڊو هڻوس هان، کڻي سڌي گولي هڻي ڪڍيوَس؟“
”اڌ رات جو اونداهي ۾ وري ڏنڊو ڪٿان ڳوليان هان؟ ٻيو ته نڀاڳي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون هيون تنهنڪري گوڙ کان بچڻ  مان پستول ڪڍي کيس ڊڄارڻ ٿي چاهيو پر موت جو ملائڪ ڪو هن جي مٿان بيٺو هو،  چپ نٿي ڪيائين ته مون کي به مجبوري ۾ گولي هلائڻي پئي.“
”بس ادا! نصيب جي ڳالهه آهي.“
”ٻيو ٻڌاءِ! ڀلا ٻي ڌر وارا ٺاهه تي راضي نٿا ٿين ڇا؟ ڇا ٿا چون؟“
”اُهي صفا باهه لڳا پيا آهن، ڪا ڳالهه ٻڌن ئي ڪا نٿا ٻڌن، چون ٿا ته اسان پنهنجي ڀاءُ جو بدلو ڪنداسين، رئيس فتاح ۽ ٻيا ٻه ٽي چڱا مڙس ٺاهه لئه وٺي ويو هوس پر هنن اسان جي ڪا ڳالهه نه ٻڌي.“
”هُنن.......... کي ته مان ڏسي رهندس، رڳو هتان ڇٽڻ ڏي، باقي پوءِ سڀني سان منهن ڏيندس.“ گوهر جي آواز ۾ انتها جي مغروري هئي. ڀاءُ جي ڳالهه ٻڌي انور چپ رهيو. ڪجهه دير جي خاموشي کان پوءِ گوهر انور جي هٿ ۾ جهليل ڪَلي کي ڏسي چيو ”مان جيڪو سامان لکي ڏنو هيو مان اهو سڀ آندو اٿئي نه؟“
”ها ادا! اهو سڀ آندو اٿم ۽ توهان لئه ٻه نوان ڪپڙن جا جوڙا به آندا اٿم.“
”چڱو تون هاڻي هل، گهڻي دير ٿي وئي آهي، گهر جو خيال رکجان، ٻني کپائي جيڪي ڏوڪڙ مليا آهن نه، اهي خيال سان خرچ ڪر، هلڪو ڦلڪو ڪم ڪار به ڪر، جيستائين مان جيل منجهان نه ڇٽي اچان، ڪو به غلط ڪم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجان.“
”ها ادا! ٺيڪ آهي، توهان پنهنجو خيال ڪجو ۽ ڪجهه به گهرجيو ته ڪنهن جي موبائل تان مامي جي نمبر تي فون ڪري ڇڏجو. چڱو خدا حافظ.“
          ”خدا حافظ.“
ٻنهي ڀائرن مفاصلي تان هڪ ٻئي کان موڪلايو. انور ملاقاتي هال جي سپاهي کي آندل ڪَلي ڏيئي، جيل مان نڪري ٻاهر نڪري، ڳوٺ جي بس ۾ چڙهي پيو.
شام جا پاڇا لڙي آيا ته انور ڳوٺ پهتو. چلهه تي ڀاڄائنس رات جي ماني جي تياري ڪري رهي هئي ۽ ماڻهس کٽ تي ويٺي تسبيح جا داڻا سوريا پئي. انور ماءُ کي پيرين پئي مليو ۽ سندس ڀرسان کٽ تي ويهي ڀاءُ سان ٿيل ملاقات جا احوال ڏيڻ لڳو. ڀاڄائنس چلهه تي ويٺي انور جون ڳالهيون ٻڌيون پئي. احوال ڏئي انور کٽ تان اٿي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڪپڙا بدلائي گهر کان ٻاهر نڪري وڃي ڳوٺ جي هوٽل جي ٻاهرين پيل بئنچن تي پنهنجي اڳ ۾ ئي ويٺل دوستن شوڪت ۽ قربان سان حال احوالي ٿيو.
رات جو دير سان انور هوٽل تان اٿي گهر آيو ته ماڻهس اگهور ننڊ ۾ پئي هئي ۽ ڀاڄائنس پنهنجي کٽ تي ويٺي جاڳي پئي. انور کي اٿي ماني ۽ پاڻي جو گلاس ڀري ڏئي واپس وڃي پنهنجي کٽ تي سُتي. انور ماني کائي، هٿ ڍوئي پنهنجي کٽ تي ليٽي پيو.
آڌي رات جو انور جي اک کلي وئي. هو اٿي، پيشاب ڪري، وڃي ڀاڄائي جي کٽ مٿان بيٺو، جيڪا اگهور ننڊ پئي هئي. انور هوريان هوريان سندس ڪلهي کي لوڏي کيس جاڳائڻ لڳو. هوءُ جاڳي ته انور کيس اشاري سان پنهنجي ڪمري ۾ هلڻ لاءِ چيو. ڀاڄائنس چپ چاپ کٽ تان اٿي انور جي ڪمري ڏانهن هلڻ لڳي. انور جي ماءُ پنهنجي کٽ تي سُتي پئي هئي.
پنهنجي ڪمري ۾ پهچي انور ڪمري جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو. ڀاڄائنس سندس کٽ تي ويٺي هئي. انور سندس ڀرسان وڃي ويٺو.
”ڇو ڀلا اڄ سائين جن جو ’موڊ‘ خراب آهي؟ اسان کان ڪا غلطي ٿي وئي آهي؟“
”نه اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، بس اڄ گهر جو ڪم ڪري ٿڪجي پئي آهيان.“
”گهر جو ڪم ته تون روز ڪندين آهين، ايترو ٿڪ ته نه ٿيندو اٿئي! اڄ ڳالهه ڪا ٻئي آهي، ٻڌاءِ نه ڇا ڳالهه آهي؟“
”ڳالهه ڪا ناهي بس اڄ وري ماسي نظيران آئي هئي، اها ستل سور جاڳائي وئي آهي.“
”اها ’گهوڙي‘ وري ڇو آئي هئي؟ اڃا ڪو پيٽ ۾ سور اٿس ڇا؟“
”پيٽ جو سور پاڻ ڄاڻي، باقي منهنجي ته رهيل کهيل رَت جيڪا هئي سا ساڙي وئي.“
”چئين ڇا پئي؟“
”چوندي اهوئي جيڪو دل ۾ هوندس، ٻيو ڇا چوندي؟ چيائين پئي ته سومل پيءُ جو گهر برباد ڪري هاڻي اچي مڙس جو گهر برباد ڪيو آهي، نڀاڳي آهي، موچڙا هڻي گهر مان ڪڍوس، نه ته رهيو کهيو گهر به برباد ڪندي.“
”امان نه هئي ڇا؟ ان ڪجهه نه چيس؟“
”ماسي ڇا چوندس؟ ان بس ايترو چيس ته اسان جو ڀاڳ اسان سان آهي، هاڻي وري ڪهڙو آباد آهيون جو اڃا برباد ٿينداسون، جيڪو ٿيندو، سو ڏٺو ويندو.“
”امان ته ٺيڪ چيس نه؟ تو باقي ڇو دل لاٿي آهي؟“
”تون نه سمجهندين انور، ماسي نظيران جي طعني اڄ صفا مون کي ماري ڇڏيو آهي. پيءُ جو گهر مان تباهه ڪيو ڇا؟ منهنجي ڄمڻ کان اڳ ڪهڙا بابي جا پير سڌا هئا؟ نشا ڪندو هو ۽ جوا کيڏندو هو، ٻيا الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪم هوندا هوس، ٻه ڌيئرون ته جوا جي قرض ۾ کپائي ڇڏيائين، مون کي پٽ جي شادي جي قرض ۾ ڏنائين، سڄي عمر پيءُ جي گهر ۾ بک ۽ اُڃ تي گذارو ڪيو، اهوسوچي ته سڀاڻي مڙس جي گهر ۾ ويندس ته سڪون ملندو، پر مڙس وري اهڙو مليو جو پيءُ کان پنج قدم اڳتي، پيءُ گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو ته نه ماريندو هو. منهنجي نصيب ۾ ته ڪٿي به آرام ۽ سڪون لکيل ناهي.“
”مان جو آهيان تو لاءِ، مان توکي آرام ۽ سڪون ڏيندس نه.“
”تون به ڪيترو آرام ۽ سڪون ڏيندين؟ سڀاڻي کان پوءِ مڙس جيل مان ڇٽي ايندو، ۽ تون به ڪا مون جهڙي وڪاڻل عورت وٺي اچي پنهنجو گهر وسائيندين، مان ته ساڳي سورن ۾ هوندس نه.“
”سال کن ته مان توکي آرام ۽ سڪون ڏئي سگهان ٿو ڇو ته سال کن تائين ته گوهر جيل ۾ پيو سڙندو، ٻاهر نڪتو به ته ٻِي ڌر وارا تيار ويٺا آهن هن لاءِ، جي بچي ويو ته پوءِ تون ڄاڻين تنهنجا ڀاڳ ڄاڻن.“
”مان ۽ منهنجا ڀاڳ ته قبر تائين هڪٻئي جا ساٿي آهيون.“
”هاڻي ڇڏ اهي ڏک جون ڳالهيون، رات جو آخري پهر ٿيڻ وارو آهي، سڄو ڏينهن تنهنجي ياد تڙپايو آهي، هاڻي تون نه تڙپاءَ.“
انور سومل کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو.
آذان کان اڳ ۾ گوهر جي ماءُ اٿي، ته پٽ ۽ ننهن جون خالي کٽون ڏسي، سندس سيني مان ٿڌو ساهه نڪري ويو. هيءَ هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. نظيران کي هن ائين ئي نه چيو هو ته ”اسان جو ڀاڳ اسان سان آهي، هاڻي وري ڪهڙو آباد آهيون جو اڃا برباد ٿينداسون.“ اڳ ۾ هوءَ مڙس لاءِ روئندي هئي، هاڻ پٽن لاءِ روئندي آهي.
سندس اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي سيني ۾ جذب ٿي ويا.

No comments:

Post a Comment