Monday, November 12, 2012

ڪاٽا ٿيل لغڙ جي ڪٿا - شبير حسين ”شبير“


ڪاٽا ٿيل لغڙ جي ڪٿا
شبير حسين ”شبير“
انهن ڏينهن ۾ آسمان لغڙن جي موسم جو مزو وٺي رهيو هو، بهار جي بي چئي موسم دلين جي ڌرتيءَ تي مينهن جي ڪڻين جو آڌر ڀاءُ به ڪري چڪي هئي. ساري شهر جون ڇتيون لغڙن رِيمن ۽ سندر ڍيرن سان ڀريون پيون هيون. ايئن پئي لڳو ڄڻ آسمان تي رات کان پهريان ڪي نوان ستارا اڀريا هجن.
عليءَ جي زندگي ۾ هيءَ بهار ڪجھه الڳ نموني ھئي. سندس دل جي زمين ۾ اڻ ڏٺل، نون گلن جنم ورتو هو. سندس وجود جو هي پهريون  بهار هو، جنهن مينهن ڪڻين جي ساز سان، سندس وجود جي زمين تي نئين رقص جا پيرا وڃايا ها.


انهيءَ موسم ۾ هو گُڏو خريد ڪري آيو ۽ اڏائڻ لاءِ ڇتِ جو رخ ڪيائين. زندگيءَ ۾ ڪڏهن به گُڏو نه اڏايو ھئائين، پر خريد ڪرڻو پيو ھئس، جو دل جو معاملو هو. ڪڏهن ڪڏهن دل جي معاملن ۾ ائين گُڏا به خريد ڪرڻا پوندا آهن. اهو ته اهي ئي ڄاڻي ٿا سگھن، جيڪي دل جي ڌڙڪنن ۾ ڪنهن کي جايون ڏئي ويٺا هجن. هو گُڏو اڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو، پر گُڏو ايئن ڪٿي ٿو اڏي؛ جو خيال ڪنهن نازڪ نازن وارن ڏانهن هجي ۽ هٿ ۾ صرف ريم. هن کي ته ڪا ٻي ڏور پنهنجي طرف ڇڪي چڪي هئي ۽ هو اهو پتنگ بڻجي پيو هو، جيڪو ڏورانهين منزل ڏانهن ڇڪجندو پئي ويو. اها ڏور هئي رابعا جي حسن جي، جا ڏينهون ڏينهن، هن جي نيڻن ۾ سمائجڻ لڳي هئي. هو پاڻ کي ماڪ جو اهو ڦڙو سمجھي رهيو هو، جو هن جي ڳلن تي اچي، انهن سان هڪ ٿي وڃڻ جي تمنا رکندو هجي.
علي لغڙ اڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر بي فائدو. اڳ ۾ ڪڏهن به لغڙ نه اڏائڻ جي ڪري کانئس لغڙ ڪو نه پئي اڏيو. لغڙ چوي آ نه اڏان ۽ علي چوي  آ تو کي ضرور اڏايان. انهيءَ وٺ وٺان ۾ لغڙ ڦاٽڻ لڳو. علي لغڙ اڏائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. لغڙ ويچارو ابتين سبتين گھتن جي ڪري ٻه ٽي فوٽ مس مٿي هوا ۾ چڪر ڪٽي، پڪي ريم جي سٽن ڪري، ڦاٽي پيو. لغڙ اڏائڻ ته موسم مطابق ٺهڪندڙ بهانو هو، پر مقصد رڳو هن جو ديدار هو. هوءَ جا ٻن ٽن ڏينهن کان پنهنجي نـنڍي ڀاءُ سان گڏ ڇتِ تي لغڙ اڏائڻ ايندي هئي، سندس کليل وڏن وارن عليءَ کي قيد ڪري ڇڏيو هو. سندس حسن جي جھلڪ ڏسڻ کان پوءِ، علي پنهنجي دل وڃائي ويٺو هو. سندس چپن جي لالاڻ ڏسي، علي پنهنجي گھر واري باغيچي جي گلابن کان دل کڻي ويو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪمري جا گلدان پراڻن گلابن سان ئي، ڪچهري ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا هئا. هاڻ ته بس هن جي تمنا، دل ۾ رکيو پتنگ اڏائيندي، پاڻ به پتنگ بڻجي پيو هو. ڪوٺي جون ڀتيون ننڍيون هيون ۽ سندن گھرن جي وڇوٽي، ٿوري هئڻ جي ڪري علي ۽ رابعا جون اکيون هڪ ٻئي سان چڱيءَ طرح ملي وينديون هيون. تڏهن علي مرڪن جا گل، چپن تي سجائي مهڪي پيل گل وانگي، هن ڏانهن ڏسندو هو ته رابعا ڄاڻي واڻي، ڏٺو اڻ ڏِٺو ڪري، ننڍي ڀاءُ جي لغڙ اڏائڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳي ويندي هئي. هن جي سونهن عليءَ جي دل ۾ ڪو ديس اڏي ڇڏيو هو، جنهن ۾ چاهت جا گل پوکيون، رابعا جي تمنا ۾ پيو ڦرندو هو. ايئن کيس ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا. عليءَ محسوس ڪيو ته رابعا کيس چڱيءَ طرح موٽ نه پئي ڏئي. اهو سوچي کيس فون ڪيائين.
”هيلو ...“
”هيلو ، را....“ ڪجھه سيڪنڊن جي خاموشي
”را... رابعا مان علي پيو ڳالهايان!“
”جي،... جي علي ڳالهايو!“
”رابعا مان تو ... تو سان پِيار ...“ اڳتي نه ڳالهائي سگھيو
”علي! مان سمجھان ٿي تون ڇا ٿو چوڻ چاهين، تهنجو ڇتِ تي اچي لغڙ اڏائڻ جو بهانو به مان سمجھان ٿي، علي تون هڪ سٺو ڇوڪرو آهين پ... پ...ر....،“
”علي تون ٻڌين پيو نه!؟“
”جي، جي.....!“
”علي تون فون نه رکي ڇڏجانءِ، منهنجي پوري ڳالھه ٻڌجانءِ، مان تو کي سٺو ڇوڪرو سمهجندي آهيان، تون هڪ گلاب جهاڙو ڇوڪرو آهين، گلابن کي نٿو سونهين ته ...،
علي مان تو سان ... علي مون کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪر، مان پنهنجي سوٽ جي نالي ٿيل آهيان مان پنهنجي پيءُ ماءُ جي عزت کي پاڻ کان به وڌيڪ مان ڏيان ٿي، پر ڳالھه وري به رڳو نالي ٿيڻ جي ناهي مان به هن کي چاهيان ٿي ۽ هو به منهنجي چاهت جو جام پيون ويٺو آھي!
علي ڇا اهو سهي ٿيندو ته ....
مان تو کي چاهي هن کي ڌوڪو ڏيان!؟ ۽ هن سان بيوفائي ڪيان!؟ علي ڏس گلن کي نه وسارِ! گل ته اهي هوندا آهن، جن کي اگر اسان چيڀاٽي ڇڏيون ته به اهي اسان جي هٿن کي خوشبوءِ ڏئي ويندا آهن. علي مان پاڻ کي ڪنهن ٻئي جي امانت ڪري ڇڏيو آهي ۽ آ ڄاڻان ٿي ته تون مون کي خيانت ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪندين.
علي مون وٽ گلابن جون چڪيون پيون آهن اهي تو کي تحفي ۾ موڪليان ٿي، منهنجو تحفو سمجھي انهن جي سار سنڀال لهجانءِ.
علي جيڪڏهن تون مون کي چاهين ٿوته منهنجي هڪ ڳالهه مڃ! پنهنجي دل تي ڪو به خراب اثر قبول نه ڪر! ائين ئي خوش رهجان جيئن تون خوش رهندو آهين.
علي آ نماز پڙهي به تو لاءِ دعا گھرنديس ته رب تعاليٰ تو کي هميشه خوش رکي.
علي تون ٻڌين پيو نه!..
علي _ علي _“
ٻئي پاسي عليءَ جي اکين مان ڳوڙهن وهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. سندس اکيون آسمان هيٺان رنگ برنگي لغڙن ڏانهن ڏسي رهيون هيون جتي سندس پيار جو پتنگ ڪاٽا ٿي اڻ ڏٺل خلائن ڏانهن وڃي رهيو هو.

No comments:

Post a Comment