Monday, November 5, 2012

بلبل سائينءَ جو ڪَتبو - امر لغاري

بلبل سائينءَ جو ڪَتبو

امر لغاري
(هر فاتح جا هٿ خالي هوندا آهن: ارنيسٽ هيمنگوي)
سچل جي پيرانديءَ کان بيٺي، هـُـن جڏهن پنهنجا هٿ دُعا لاءِ ڊگهيڙيا، ته سامهون ديوار جي هڪ ننڍڙي ڳڙکيءَ مان هـُن کي هڪ بـُّربلو نظر آيو، جو کٻڙ جي سـُـڪل پيروئن کي ڏاڍي مزي سان کائي رهيو هو. سچل تي هن جي اها آخري حاضري هئي. پنهنجن آڱرين جي وٿين مان اک ڪڍي جڏهن غور سان ڏٺائينس ته خبر پيس، هـُن جي هڪ ٽنگ ڀڳل هـُئي ۽ ميوي کي جڏهن ٽڪيائين ٿي ته هـُن کان پاڻ سنڀاليو نه پئي ٿيو. هو دُعا گهري درگاهه جي اڱڻ تي اچي بيٺو، سامهون پراڻن يادگار کٻڙن تي ”ٽيڪڙو ٽيڪڙو“ ڪندڙ بربلن کي ڌيان سان ڏسڻ لڳو. هـُن کي اُهو زمانو ياد آيو، جڏهن هو ناري جي اُن پراڻي پٽ مان بــُـربلا ڦاسائي وڪڻندو هو، جتي سانوڻي هر سال هڪ انوکي بهار کڻي ايندي هئي، جنهن جي آجيان ۾، ڄاڱري ٻيرين جا ٽار به سرهائي محسوس ڪندا هئا، جن تي ڪارا ايراني ۽ سنڌي بـُـربلا جيت جڻين پٺيان سڄو ڏينهن پيا ٽـِـپا ڏيندا هئا. اِهي مئي ۽ جون مهينن دوران بيماريءَ هيٺ آيل پيلن پنن کي وري سائو ٿيندي ڏسي، پنهنجون ننڍڙيون معصوم چنهنبون هڻندي، پنهنجو پاڻ کي سـُـک ۽ شانتيءَ واري ماحول ۾ محسوس ڪندا هئا. پر افسوس جو هاڻ، اِنهن نادان ۽ نفيس قسم جي ننڍڙن پکيئڙن سان لاڳاپيل منظرناما، جن جي ٻولين کي شاعرن جي دائمي جذبن واري زبان مليل هئي، آهستي آهستي اکين کان اوجهل ٿي رهيا هئا!


سنڌ جي صحرا ۾ سانوڻي به پاڇاٽي بهار بنجي ايندي آهي. اِن ڪري اِهي جيت کائيندڙ، اَن واپرائيندڙ، محبت جي داستانن ۾ باغن ۽ باغبانن جي دلين تي راڄ ڪندڙ سهڻا پکي، سنڌ جي بئراج وارن علائقن مان هجرت ڪري اچي ٿاريلو توڙي ٽاڪرو پَٽ وسائيندا آهن، جتي جڏهن برسات پنهنجي پــلـُـر سان گڏ هڪ ٻي بهار جي خوشخبري آڻيندي آهي، تڏهن پرواني جهڙا پراڻا خفتي سـُـٽ سان اُڻيل ڄاريءَ وارا بيگ هٿ ۾ ڪري، وڃي ٽڪر جو پاسو جهليندا آهن، جتي ٽاڪرو وڻڪار وچ ۾ خالي پيل پٽن تي چوڳون وجهي، ڍٻ وڇائي، جيئرا بربلا ڦاسائي اچي پڃرن ۾ بند ڪندا آهن.
بـُـربلا ڦاسائي پالڻ ۽ ويڙهائڻ واري شوق ڇڏئي پرواني کي، جيتوڻيڪ ڳچ سال ٿي ويا هـُئا، پر پوءِ به شهر جي وچ ّمان گذرندي، نوجوانن جي آڱرين تي ويٺل پکي ڏسي، دل سٽون کائيندي هـُـيس. ايئن محسوس ٿيندو هيس، ڄڻ ته هن جي گهر مان ٽانڊو کڻڻ وارا سندس شوق جا ڌڻي ٿي ويا آهن. هو جڏهن ويجهو وڃي ٻه گهڙيون ساڻن ڪچهري ڪرڻ چاهيندو هو يا خفت تي ڳالهائي دل خوش ڪرڻ گهرندو هو، ته ڇورا ڌڪاري نظرانداز ڪري ڇڏيندا هـُـيس.
ڪُراڙو ٿيڻ ڪري، هـُـو هونءَ به اڪيلائيءَ جو شڪار هو، ويتر اهميت وٺڻ جي ڪوشش ۾ تڙبو هو ته دل جا ٽوپا اڊڙي پوندا هـُـيس. جوڻس سون ٻائيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ، پـُٽن به نڪمو، بيڪار ۽ اجايو بار سمجهي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ڌڪي ڇڏيو هوس، جتي کٽ، ڀڳل پيتي ۽ ٻن ٽن رلين کانسواءِ ڪجهه به نه هو. اهڙيءَ صورتحال ۾ مـِٽن مائٽن، سنگتين ساٿين ۽ عام خلق طرفان عطا ٿيل ڌڪار، کيس محبت جو مريض بنائي ڇڏيو، جنهن جي آسيس وٺڻ خاطر، هو وتندو هو ولين ۽ بزرگن جون چانئٺون چمندو.
گهڻا سال اڳ، جڏهن سيارو اڃا پنهنجا پير سوري رهيو هو، ته هـُو چار پنج بربلا ڦاسائي گهر کڻي آيو هو. سندس مقابلي ۾ جيڪي به پراڻا خفتي هـُـئا، سي هـِـن ننڍڙي سـَٽي واري شوق طرف ماڻهن جي گهٽ دلچسپي ڏسي ميدان ڇڏي ويا هـُـئا. هـُـنن ۾ ڪـُڪڙن ۽ ڍڳن تي پئسا رکڻ جي چــُوس پئجي چـُـڪي هـُـئي. پر هـُو، جيڪو هـِـن ننڍڙي پکيءَ جو پوڄاري هو، تنهن کي هـِـن پتڪڙِيءَ ويڙهه ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو.
ميرن جي راڄڌاڻيءَ واري اِن پراڻي شهر ۾، اِن قسم جي ويڙهه جو باني هـُو پاڻ نه هو. هن کان اڳ هن جو ڏاڏو اهو شوق ڪندو هو. هن کي خفت ڏاڏي کان ورثي ۾ مليو هو. هن سڄي جـُـوءِ ۾ڪن ٿورڙن کي ڇڏي باقي ٻين کي بـُـربلا ويڙهائڻ جو شوق نه هو، پر خفتين کي داد ڏيڻ، مقابلا ڏسڻ ۽ بربلن جي ويڙهه تي پئسا رکڻ جا هو ڪوڏيا هئا! هـُن جي اِن شوق، نوجوان ڇوڪرن ۾ باقاعدي هڪ ٽولو پئدا ڪيو، جنهن، اڳتي هلي خود هن جي هڪ هٽي به رَئيِ ڪري ڇڏي. اِن ڏُک ۾ به هـُو ڏينهنَ جا ڏينهنَ گهر ليٽيو پيو هوندو هو، ۽ پنهنجي زال کي پيو ڊائلاگ هڻندو هو:
”اُڏر، بلبل! اُڏر،اُڏر! مون توکي آزاد ڪيو. مون توکي آزاد ڪيو.“ هن جي اهڙن افعالن ۽ روين سبب ڪڏهن ڪڏهن جوڻس ڪاوڙجي پيڪين هلي ويندي هـُـئي، ۽ هو منٿ ميڙ ڪري وري واپس وٺي ايندو هوس. اهڙيءَ طرح اهو سلسلو پيو هلندو هو.
ذڪر ڪيل پنج بربُلا هـُن وڏي جفاڪشيءَ کان پوءِ ڦاسايا هـُـئا. هونئن ته هـُـن اِن موسم ۾ لڳ ڀڳ ويهه کن پکي ڦاسايا هـُـئا، جن مان ٻارنهن ته ماديون نڪتيون، تن کي اصول مطابق هر حالت ۾ آزاد ڪرڻو هو. اِهي اصول خود هن پاڻ نه گهڙيا هئا، پر وڏڙن جي ريت نباهيندو پئي آيو. باقي اٺن نرن مان ٽي ته هـُـن رستي ۾ئي کپائي ڇڏيا ۽ پنج پاڻ سان گڏ هڪ ڄاريءَ واري ڇڪي ۾ وجهي گهر کڻي آيو.
بربلن کي پڃري ۾قيد ڪري، هو ٻاجهري، ساوڪ ۽ جوئر جي ڪَڻ ڳولهڻ لڳو. اِن وچ ۾الائي ڇو کيس پنهنجيءَ جوانيءَ وارا ڪئين منظر ياد اچڻ لڳا، جن ۾ هڪ منظر ان ڪنگڻين وڪڻڻ واري اڌ سامايل، اڻڄاڻ ڇوڪريءَ جو به هو، جنهن کي هو ڪنهن آني بهاني پنهنجي ڪوٺيءَ تي وٺي آيو هو، جتي کيس مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي، هـُن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو هئائين. پر هوءَ ڏاهي بُربلي هئي، هن جي چڪر ۾ نه آئي. هوءَ جيئن ئي سندس گهر مان ٻاهر نڪتي ته سدائين لاءِ گم ٿي ويئي، پوءِ اها کيس ڪڏهن به نظر نه آئي. شايد هوءَ به آزاد ٿيل بـُـربلين جيئن سدائين لاءِ جوءِ مـَـٽي وئي هـُـئي. خيالن جو سلسلو اڳتي وڌائيندو هو الائي ڇا ڇا سوچيندو رهيو. پر بربلن لاءِ ان ۽ پاڻيءَ جي جوڳي بندوبست جو خيال هن پنهنجي دل ۽ دماغ تان نه لاٿو.
هوڏانهن پڃري ۾ بـُـربلن کي اوجاڳي ڪرائڻ جو طريقئه ڪار به هن تيار ڪري ورتو هو. تيز روشنيءَ وارا ٻه بلب سندن پڃري اندر لٽڪائي ڇڏيا هـُـئائين. جڏهن انهن کي ٻاريائين ٿي ته بلبن جي سيڪ ۽ شعاعن، بــُـربلن کي سر هيٺ ڪرڻ نه ٿي ڏنو. کين اوجاڳي ڪرائڻ جا ٻيا به گـُـر ايندا هيس، پر پالتو بنائڻ لاءِ اهي شايد ايترا ڪارگر نه هئا.
هڪ ٻيوطريقو اختيار ڪندي هـُـن پڃري اندر لچڪدار بي سـُـرين گهنٽين جو اِهڙو نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو، جو جيئن ئي بـُـربلا اُنهن ڪاٺين-جي-جهل-نما گهنٽين تي ويهن، ته اُهي وڄڻ لڳن. پکي ويچارا هڪ ڪاٺيءَ تان لهي ٻيءَ تي ويهن، ۽ اُها به وڄي ته ٽينءَ تي هليا وڃن. اهڙيءَ طرح پنج پکي آخر ويهن ته ڪٿي ويهن! هڪ ته ويچارا پنهنجيءَ فطري جبلت جا محتاج، ٻيو ته هڪ ئي وقت ٽن چئن قسمن جا بي سـُـرا آواز گونجن، جن جون لرزشون محسوس ڪري پکين جا دوڏا ئي ٻاهر نڪريو اچن.
اهڙيءَ ريت پورا اٺ ڏينهن ۽ اٺ راتيون هـُن ننڊ ڪرڻ نه ڏني هين. پر پوءِ به جڏهن ويڙهه ٿي ته نوجوانن اڳيان هـُن جو هڪ به بـُـربلو بيهي نه سگهيو هو ۽ اصول مطابق جنهن به پکيءَ کي هارائڻو هو، تنهن کي آزاد ڪرڻو هو. هـُن پنهنجون هنجون روڪي سندن ٽنگن مان ڏوري ڪڍي ته هـُـن جي درزن کن پرستارن به روئي ڏنو هو. جمهوري قدرن جو اِهڙو مظاهرو سندس سنگتين ڪڏهن به نه ڏٺو هو!
پر پوءِ الاهي سالن کان پوءِ، هـُو وري ميدان ۾ لٿو. تڏهن هـُـن جو مقصد رڳو بازي کٽڻ نه هو، پر اِن شوق طرف ماڻهن جو نئين سر ڌيان ڇڪائڻ سان گڏوگڏ بـُـربلن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ظلمن کي روڪرائڻ به هو. ان ڪري هـُـن شهر مان چندو ڪري ٽي بينر لکرايا، جن تي ”آل پاڪستان پهريون بلبل ٽورنامينٽ“ تحرير ٿيل هو. ۽ اهو سندس ئي شهر جي هڪ پراڻي ۽ ڦـِـٽل بنگلي جي اڱڻ تي ٿيڻو هو. اِنهيءَ ٽورنامينٽ جي اعلان سان بربلن تي چڱي خاصي مار پيئي. آس پاس جا باغ، توڙي ٽڪر جون ڄاڱري ٻيريون ماڻهن جي عتاب جو نشانو بنيون.
جڏهن ٽورنامينٽ شروع ٿيو ته اخبار وارن پهريون ڀيرو اِن ويڙهه جي رپورٽنگ ڪئي. پري پري جي خفتين ڪـَـهي اچي مقابلي ۾ حصو ورتو. لس ٻيلي کان هڪ ٽيم آئي، جنهن وٽ اعليٰ قسم جي ايراني بربلن جي نسل جون ٻه جوڙيون هـُـيون. ڪاڇيلي جي باغ مان به جوڙي پڪڙي ڏِجي آندي وئي هـُـئي. هي بـُـربلا آندل نالي شيدي کڻي آيو هو. الائي ڪيتريون جوڙيون ته رڳو خيرپور مان شامل ٿي رهيون هيون. فيض محل واري باغ جا بـُـربلا، ڪيٽيءَ مان آندل کڙپيل جهنگلي بلبل، ناري-پار وارا ٿري جيت کائو جنگجو پکي، اِنهن ٽيمن ۾ شامل هـُـئا. هڪ ٽيم مـِـٺي ۽ آس پاس وارن علائقن جي سرسبز ڪونڀٽن ۾ پلجندڙ اُن نسل مان هـُـئي، جا اسپري توڙي ٻين غلاظتن کان بچيل ماحول ۾ پلي جوان ٿي هـُـئي.
اِها ئي اُها گهڙي هئي، جنهن لاءِ چوندا آهن ته هر ڪنهن جي نصيب ۾ نه ايندي آهي. هر خفتيءَ جي زبان تي هن جون ڳالهيون هيون. مادين ۽ هارائيندڙ پکين لاءِ سندس ڪهل مثال بڻيل هئي. هن پنهنجي پاران ٽي نوجوان ميدان ۾ لاٿا، جن کي شهر وارن رول، واندا، مٿي ڦريا ۽ بيوقوف سميت عجيب عجيب خطابن سان نوازيو هو، پر هو پنهنجي ان شوق ۾ سچ پچ ته فطرت جو اڻسڌيءَ طرح اثر وٺي رهيا هـُـئا. اخبار وارن جڏهن سندن فوٽا پئي ڪڍيا ته واٽهڙن مان ڪن کين وڏي واڪي طعنا هڻندي چيو؛ ”هائو، ٻيلي هائو. وٺي وڃونَ، وڃي مائرن جا فوٽا به ڪڍرايو‍!“
نوجوانن اهڙين ڳالهين جي ٽڪي جي به پرواهه نه ڪئي. ٽورنامينٽ جيئن ئي شروع ٿيو، پِڙ تي سوين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. قسمين قسمين جا شوقين. ڪافي تعداد ۾ ڪبوترن جا خفتي به اچي گڏ ٿيا هـُـئا. سڀ هيٺئين ڪلاس جا عام ڳوٺاڻا هـُـئا. جڏهن پهرين جوڙي ڦڙڪي ته سوَن جي مجمعي پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪيون. ”واهه، واهه“ ٿي ويئي. سڀ کان وڌيڪ سرهائي ته اُن بربلي کي ٿي، جنهن هارايو، ۽ قانون موجب کيس آزاد ڪيو ويو. دنيا جي هيءَ واحد قسم جي ويڙهه هـُـئي، جنهن ۾ حقيقي جيت ته اُن پکيءَ جي پئي ٿي، جنهن مقابلي ۾ هارايو پئي. اِن ڪري کٽيندڙ بـُـربلي کي وري به ٻئي نئين نڪور پکيءَ جي سامهون ڇڏيو پئي ويو.
بـُـربلا هڪ ته ٿيندا آهن هلڪڙا، ٻيو جي هڪٻئي سان ڳنڍجيو وڃن، ته پوءِ سٽجيو وڃن. نتيجي ۾ ڪمزور، اڳرائي ڪندڙ جي سامهون ئي نه ٿيندو. هو جي ويجهو ايندس ته سامهون وارو وٺي ڀڄڻ جي ڪندو، ۽ اصل نه وڙهندو، ۽ خفتي، جو سندس مالڪ به هوندو، دل ئي دل ۾ پيو خار کائيندو، ۽ گاريون ڏيندو ته : ”هتان نڪر ته پچائي کاوانءِ!“
جنهن پـِـڙ تي مقابلو پئي ٿيو، اُن جي آس پاس الاهي ريڙهين وارا به اچي گڏ ٿيا هـُـئا. ڪن ته چڻا پئي کپايا، ڪن وري پلاءُ ۽ ڪن ڦـَل وغيره. سڀ کان وڌيڪ ڪمائي سـَـٽي بازن جي هـُـئي، جن پاڻي پاڻيءَ تي ٿي پئسا رکيا.
هـُن پاڻ ٻن بـُـربلن تي پئسا رکيا. هڪ تي ته ساڻس اُڪي ٿي ويئي، پر ”جل پري“ نالي بربلي تي رکيل موڙي کيس هڪ هزار روپين جي ٽيڪ ڏياري. ميدان ۾ گڏ ٿيل ريڙهين وارن کان هـُـن پنجاهه روپيا في ريڙهيءَ جي حساب سان ورتا، ۽ اِهڙيءَ طرح ٽورنامينٽ ۾ رجسٽري ڪرائڻ لاءِ هـُـن پارٽين تي في پارٽي پنجاهه روپيا في جا رکيا هـُـئا. هـُـن اِن سڄي ٽورنامينٽ مان چار پنج هزار روپيا ڪمائي ورتا هـُـئا. باقي جيڪو چندو ڪيو هئائين، سو خرچ پکي ۾ لٿ پٿ ٿي ويو.
اُن ڏينهن لڳ ڀڳ پنجاهه بـُـربلا ويڙهايا ويا. اُنهن مان ٽن پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر کنيو. هـُن جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان شروع ۾ ئي هارائي ويا. ڇو ته هنن پرواني جو چوڻ نه ورتو. هو پنهنجن بـُـربلن کي نشي جون گوريون کارائي آيا هـُـئا. اڳ ۾شايد ڪبوترن جا خفتي رهيا هـُـئا، ان ڪري بـُـربلن سان به اُها ئي ڪار ڪيائون. پر سڀ کان ڀلي ڳالهه اِها ٿي، جو سوين ماڻهن جي سامهون اٽڪل ستيتاليهه بـُـربلا آزاد ماحول ۾ ڇڏيا ويا، جنهن تي هـُو تمام گهڻو خوش ٿيو. ڇو ته هار ۾ ئي هـُن جي جيت هـُئي. اِهو ئي هـُن جي زندگيءَ جو ڪلائيميڪس هو: شروع ۾ شڪاري، آخر ۾ رکوال يا جوانيءَ ۾ ماري، پيريءَ ۾ راکو.
اُهي ڏينهن اُهي شينهن، هـُن پنهنجي ڪـُل موڙي کڻائي اچي ٽڪر ڀيڙو ڪئي، جتي درگاهه ساجن فقير جي ڏاکڻيين ڀر هڪ جهوني ڪنڊي بيٺل هئي، جنهن هيٺان ٻه تڏيون وڇائي هـُو ويهي رهيو. آهستي آهستي هـِتان هـُتان جا ماڻهو به وٽس اچڻ لڳا. ايئن ڏسندي ئي ڏسندي معتقدن جو هڪ وڏو حلقو سندس ٻاهران جمع ٿي ويو. هو سچل جو شيدائي هو. ان ڪري آخري درگاهه، جنهن تي باقائدي هن حاضري ڀري، سا سچل جي هئي. اتان موٽڻ کانپوءِ هو ويو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو. ايتريقدر جو هڪڙي ڏينهن سڀني کي گهرائي چيائين:
”خفتيو، هاڻ پاڻ کي به آزادي گهرجي!“
ڏينهن ڀرجي آيا هئس. معتـقد به سمجهو هئا، ان ڪري ”بلبل سائين“ نالي وارو سائن بورڊ ٺهرائي، رستي مٿان لڳرائي ڇڏيائون، ۽ هڪ ڪتبو لکرائي سندس قبر مٿان به هڻائي ڇڏيائون. ڪتبي تي هيٺئين عبارت تحرير ٿيل هئي:
خـفـتــي: بلبل سائين
ماحــول: ڀـُرندڙ جبل، واري ۽ رائو
رونـــق: ڄاڱري ٻيريون، ڪنڊيون ۽ ڄاريون
وسينهه: قسمين قسمين جا پکي ۽ اُنهن جون ٻوليون
ٻارهــو: سيپٽمبر جي پڇاڙي
فلسفو: پکي آزاد ڪرڻ.
هر سال سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ ۾ ”بلبل سائين“ تي ميلو لڳندو آهي، جنهن جو خاص شغل بربلن جي ويڙهه ئي هوندو آهي، پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ويڙهه کان پوءِ هر هارائيندڙ پکيءَ کي آزاد فضا نصيب ٿيندي آهي، پر فاتح پڃري جي قيد ۽ اڪيلائيءَ جي گيتن کان سواءِ پاڻ سان گڏ ڪجهه به نه کڻي ويندو آهي!

No comments:

Post a Comment