Sunday, November 4, 2012

ڪئپٽين جو فون - منظور قادر

ڪئپٽين جو فون
منظور قادر
مان پنهنجي معمول جي ڪم ۾ مصروف هئس ته ڀرسان سائيڊ ٽيبل تي منهنجو موبائيل فون وڄڻ شروع ٿيو، هڪ ٻه رنگ وڄڻ کان پوءِ فون کڻي ورتم، هونئن به ٽين بيل کان پهريان فون اٽينڊ ڪرڻ منهنجو اصول آهي، پوءِ ڀلي ڪال ڪرڻ وارو سڃاتل هجي يا اڻ سڃاتل! ڪو به نئون نمبر ڏسي مون فون اٽينڊ ڪرڻ کان نه گهٻرايو هوندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي پنهنجي زندگيءَ جي اصول مطابق اها بداخلاقي چئبي.
اسلام عليڪم..... فون جو ييس وارو پيڊ دٻائيندي چيم.
ڪهڙا حال آهن، ماءِ ڊيئر ڪزن؟
پريان کان منهنجي سلام جو جواب ڏيڻ بدران رعبدار آواز ۾ سوال ڪري وڌائين.


ساري مون توهان کي سڃاتو نه پليز! پهريان پنهنجو نالو ٻڌايو؟ مون کيس با ادب ٿي عرض ڪيو جڏهن ته مان سندس مانوس آواز ۽ ڪزن واري لفظ تي ئي سندس سڃاڻپ جو ڪن جهلي ورتو هئو.
ڇا ٿي ويو اٿئي ماسات؟ مان ڪرنل برڪي ٿو ڳالهايان. تنهنجي ئي شهر ڪراچي ۾ اچي ويو آهيان.
واقعي تون برڪي ٿو ڳالهائين؟ ۽ اهو ته ٻڌاءِ تون ڪرنل ڪڏهن ٿيو آهين. ايترو سارو وقت ڪاٿي هئين؟ نه رابطو نه دعا نه سلام.... ائين ٿورئي ڪبو آهي ماسات! ڀلا ڪراچي خير ۾ اچڻ ٿيو آهي؟
ڪرنل ٿيندي به مون کي چار سال ٿي ويا آهن، رابطو ان ڪري نه رهيو جو ٻاهر تمام گهڻو اچڻ وڃڻ رهيو، ڪڏهن آفريڪا جا ملڪ ته ڪڏهن بوسنيا، اتان واپس اچون ته وري سياچن جي لڱ سڪائيندڙ سردي اسان جي نصيبن ۾ خدا خدا ڪري وڃي مس ڪراچي لاءِ آرڊر ٿيو آهي، هاڻي ڏسئون ته هتي ڪيترو وقت ٿا ڇڏين ۽ ٻيو ته تنهنجو پراڻو نمبر به تبديل ٿي ويو آهي، پهريان گهر واري نمبر تي ڳالهايم، ڀاڀي ۽ ماسيءَ سان ڳالهايم، اتان ئي تنهنجو نمبر ورتم، هاڻ تو سان پيو ڳالهايان، ٻيو مڙئي خير! آفيس کان واپسي تي مون ڏانهن اچجان ته وڌيڪ ڪچهري ڪنداسين..!
جيڪا تنهنجي صلاح، مان اچان ٿو، الله حافظ! فون بند ڪري سندس غير متوقع آمد تي خوش ٿيڻ لڳس. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ منهنجو ڪو به دوست ڪونهي، جيڪي ٻه چار آهن، اهي به فقط دعا سلام جي حد تائين آهن. اسين سنڌي اڳ ئي ويڳاڻا ويتر ڪراچي جهڙي اجگر شهر ۾ به پنهنجي ڪم سان ڪم رکون. ڪو سنڌي مري ته ڇا جيئي ته ڇا، ڪو اڪيلي ۾ پادر کائيندي ڏسنداسين به ته پاسو ڪري نڪري وينداسين.... اسان جو ڇا؟ باقي جڏهن ڪٿي ڪنهن سماجي گڏجاڻيءَ ۾ گڏ ٿينداسين ته اها لاڦ پئي لڳندي ته اسين سنڌي ماڻهو پاڪستان ۾ واحد قوم آهيون جيڪي سياسي شعور جي بلنديءَ کي پيا ٿا ڇُهون! جڏهن ته عملي طور تي پيا ٿا اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻون. غلاميءَ جي تري ۾ وڃي ڪِريا آهيون پر پوءِ به انا جي ڍيٻڪي وڄائڻ ڪو نه ڇڏي اٿئون. ڪرنل برڪي رشتي ۾ منهنجو سڳو ماسات آهي، هو پٺاڻ آهي ۽ سوات سان سندس تعلق آهي. هن جو ننڍپڻ اسان جي ڳوٺ ۾ مون سان گڏ گذريو آهي. هيءُ جڏهن ٽن سالن جو هئو ته سندس ماءُ وفات ڪري وئي هئي. ان کان پوءِ سندس پيءُ ٻي شادي ڪئي ۽ هن کي ناني ڏانهن موڪلي ڏنائين. ناني کيس هڪ ڏينهن اچي امان جي حوالي ڪيو. هيءُ گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن سال اسان جي گهر ۾ رهيو. هن مئٽرڪ مون سان گڏ خانواهڻ هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ پوءِ ناني کيس پاڻ ڏانهن گهرائي راولپنڊي جي ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني. برڪي مون جيان ئي صاف سنڌي ڳالهائيندو آهي. جڏهن ته هو پٺاڻ آهي، منهنجا ماماڻا پٺاڻ آهن. رڳو منهنجا ئي نه پر تقريبن اڌ سنڌين جا ماماڻا پٺاڻ آهن. سنڌين ۽ پٺاڻن جي رليشن شپ ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڏاڍي فطري لڳندي آهي. خاص طور تي جڏهن شاهه لطيف جي باري ۾ معلوم ٿيو ته هو به نسلي طور تي پٺاڻ آهي پر هن جي خاندان ۽ هن پاڻ کي سنڌ جي مٽيءَ ۾ اهڙو ته سموهيو جو هو سنڌ جو اصلي هيرو ٿي پيو. برڪيءَ سان وري ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هو آرمي ۾ ڪميشن ڪري ڪئپٽن طور حيدرآباد ڪئنٽ ۾ آيو ۽ مان يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي پنهنجي مستقبل جا خواب ڏسڻ لڳس. پهرين سال ته مون پوزيشن کنئين پر ٻئي سال ڪامريڊن جي ڪڍ لڳي پنهنجو ڪيريئر داءُ تي لڳائي ويس. ٻئي سال پاس ٿيڻ جيتريون مارڪون مس مليون. ان وقت ڄامشورو سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مورچي طور استعمال ٿي رهيو هئو. نوجوانن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هئو. ٻه چار شاگرد ڏسندي ئي ڏسندي اهڙا ته ليڊر ٿي پيا جو سنڌ جي آزادي اسان ڏانهن ڊوڙون پائيندي نظر اچڻ لڳي. اسان جا ليڊر صرف ليڊر نه پر هوشو، هيمون ۽ شهيد صبغت الله شاهه راشدي جو روپ وٺي بيهي رهيا. سندن ڳوٺاڻي ۽ سادگي واري زندگي جيڪا معصوميت جي چادر ۾ ويڙهيل هئي، هڪدم جنگجو ۽ ويڙهاڪ سپاهين جو روپ ڌارڻ لڳي. يونيورسٽي ۾ تعليم گهٽ پر جنگي حڪمت عملي ۽ آزادي متعلق ليڪچر وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ پئي مليا.
مان هڪ ڏينهن جڏهن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ته ڪئپٽن برڪي سان ملڻ لاءِ ڪئنٽونمينٽ هليو ويس. اڃا ڪئپٽن جي آفيس جي ٻاهران هجان ته اسان جي هڪ ڪامريڊ تي نظر پئجي وئي، جيڪو اندران نڪتو ۽ چئن فوجي سپاهين جي پهري ۾ وڃي هڪ فوجي جيپ تي سوار ٿيو. مان ڏسندو ئي رهجي ويس. حيرت مان منهنجو وات ڦاٽو رهيو، خبر تڏهن پئي جڏهن ڪئپٽن برڪي اچي مون کي ڀاڪر ۾ ڀريو.
اڌ، مني ڪلاڪ تائين مان برڪي جي سامهون بت بڻيو ويٺو رهيس، مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. نيٺ هن ئي خاموشيءَ کي ٽوڙيو. تو کي سوچڻ ۽ پريشان ٿيڻ جي قطعي به ضرورت ناهي. انهن کي تيار به اسان ڪندا آهيون ۽ ڪم تي به اسين ئي لڳائيندا آهيون. اڄ اهي ٻه چار آهن، سڀاڻي پنجويهه پوندا، تون پنهنجي ڪم سان ڪم رک. پڙهائي تي ڌيان ڏي، جن کي آزادي وٺڻي هوندي اهي کُنڀين جيان زمين مان خود به خود ڦٽي پوندا.
پر سڀ هڪ جهڙا ته نه هوندا، مون سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيو.
في الحال جيڪو چوان ٿو اهو ٻُڌ، هيءُ صرف تو کي ان ڪري ٿو ٻڌايان جو اسان جي گهر جي ڳالهه آهي......!
ان کان پوءِ هن مون کي هڪ ڊگهو ليڪچر ڏنو، مون کي ڪجهه ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ ڪجهه نه آئي پر هن جي ڳالهه جو احترام ڪندي، شاگرد سياست کان پاسيرو ٿي ويس. اڄ مان پنهنجي پروفيشن جي وسيلي سنڌ جي خدمت جي ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن مان برڪي جي ڳالهه نه مڃان ها ته اڄ مان به هزارين لاوارث ڪارڪنن جيان تباهه ٿي وڃان ها ۽ ڀنگ، چرس جو موالي بڻجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن پورا ڪيان ها!
ڪهڙن خيالن ۾ گم آهين ماسات....؟
ڪرنل برڪيءَ مون کي ڇرڪائي وڌو ۽ مان ماضيءَ جي ڪُن مان ٻاهر نڪري آيس.
يار واقعي تو سچ چيو هو. ان وقت ته مان جذباتي پئي ٿيس ۽ تنهنجي ڳالهه کي اهميت نه پئي ڏنم، پر هاڻ پڪچر منهنجي سامهون واضح آهي.
”رڳو قومپرست سياست نه......!“
وفاقي سياست توڙي مذهبي سياست ۽ لساني سياست جا سڀئي مهرا اسان جي هڪ ڪئپٽن جي فون ڪال جا منتظر هوندا آهن ته هاڻ کين اڳتي ڇا ڪرڻو آهي. حقيقي اشو ڪو ٻيو هوندو آهي پر هنن کي وري ڪنهن ٽين اسائنمينٽ جي پويان لڳايو ويندو آهي.... چڱو ڇڏ ان موضوع کي، ان تي پيا بحث ڪنداسين. پهريان اهو ٻڌاءِ ته لنچ جو موڊ آهي يا صرف چانهن اسنيڪ تي ڪم هلي ويندو؟
کائڻ پيئڻ ۾ پاڻ ڪمپرومائيز نه ڪنداسين. پهريان ماني پوءِ ٻي ڳالهه....! مون کيس ٺهه پهه وراڻيو.
معنيٰ ته اندر ۾ اڃا ڪامريڊ کي لڪايون ويٺو آهين، ماسات!!
ڪرنل برڪي جي ان جملي تي اسان کان بي اختيار ٽهڪ نڪري ويا، جنهن ٻاهر بيٺل فوجين کي ڇرڪائي وڌو!

No comments:

Post a Comment