Monday, November 5, 2012

پراڻو گراهڪ - ممتاز بخاري


پراڻو گراهڪ

ممتاز بخاري
”موت جي ته ڪا معنيٰ ئي ناهي، ان جو قصو اتي ختم ٿيو. جڏهن تعلق جي ڳنڍ کلي وئي. جيئڻ ۾ جڏهن چاهه جو سبب نه هجي ته پوءِ انسان آهي به، ناهي به- دنيا ۾ هجڻ يا نه هجڻ سان فرق ناهي پوندو، کلڻ يا روئڻ اجايو ٿي وڃي ٿو.“ هو سوچيندو رهيو.


سوچ جو ڊگهو سفر، اڻ کٽ سفر، انتهائي اوچو، تمام گهڻو اونهو. بيري اوچتو وزني ٽيبل کي سوريو ته ان جي آواز تي هن کان ڇرڪ نڪري ويو. جنهن مهل ٽيبل کسڪي، تنهن مهل هن کي لڳو ته سندس دل به کسڪي وئي آهي. هن پنهنجي جسم ۾ جاچي ڏٺو. واقعي دل هن جي جسم ۾ نه هئي. هن هڪ ڊگهو ڪش هنيو ۽ ٽيبل تي ٺري ويل چانهه مان سپ ڀريائين. هن کي لڳو ته سگريٽ ته دکيل آهي، پر ان جي ڪش هڻڻ سان به دونهون هوا ۾ تحليل ٿيڻ لاءِ هن کي نظر نه آيو. هن سوچيو، ”دل به ته دونهون آهي، نظر اچي يا نه .“
هن کي ان ٽيبل وٽ ويٺي ٽي ڪلاڪ گذري چڪا هئا. بيري پاران سندس ٽيبل ٽي ڀيرا صاف ڪئي وئي هئي. سندس ڌيان ڇڪائڻ لاءِ بيري سامهون واريءَ ٽيبل کي ٿورو ڇڪي آواز به ڪرايا هئا. ان وچوليءَ عمر واري بيري لاءِ اهو پهريون موقعو هو جو هن کي لاڳيتو ٽي ڪلاڪ اتي ئي ويٺل ڏٺو هئائين. اهو به پهريون ڀيرو هيو جو انهن ٽنهي ڪلاڪن دوران هو هڪ ڀيرو به نه ڪڇيو هو، نه کليو هو، نه رنو هو. نه اٿيو هو ۽ نه ئي اٿي ويٺو هو. نه ڪجهه گهريو هئائين، نه وري گهري واپس ڪيو هئائين. نه هن جا ٽهڪ گونجيا هئا ۽ نه وري هن جي خاموشي ختم ٿي هئي. بيري ڀت کي به نهاريو هو ۽ هن ڏانهن به نظر وڌي هئائين. ڇت ڏانهن به ڏٺو هئائين، ته هن تي به نگاهه وڌي هئائين.
انهن ٽن ڪلاڪن دوران هلڪي ڏاڙهي ۽ چنهبيلين تکين مڇن واري بيري کي ڪائونٽر تي ويٺل مئنيجر به ٻه چار ڀيرا چيو هو ته وڃي هن سان ڳالهاءِ- ۽ پڇينس ته ساڻس ڇا مسئلو آهي؟ مئنيجر هن کي هڪ ڀيرو به اهو نه چيو هو ته هو کيس هاڻي هتان هليو وڃڻ لاءِ چئي. ڇو ته هو سندن ايڏو پراڻو گراهڪ هو، جيترو سندن اهو گلو هو، جنهن ۾ اهي گراهڪن کان مليل پيسا رکندا هئا. ۽ اهو گلو هاڻوڪي مالڪ جي پيءُ کي پنهنجي ڏاڏي کان ورثي ۾ مليو هو ۽ هو ان گلي جي هاڻوڪي مالڪ کان اڳ واري مالڪ جي، يعني هن جي پيءُ جي، زندگيءَ جي پوين پنجن سالن کان گراهڪ ٿيو هو- ۽ جڏهن ته هاڻوڪي مالڪ جي پيءُ کي مئي به ويهارو سال ٿي چڪا هئا. ان ڪري مئنيجر کي خبر هئي ته هن جيڪڏهن اهڙي ڪا حرڪت ڪئي ته سندس مالڪ کيس ماري وجهندو.
جيتوڻيڪ منجهند ٿي چڪي هئي ۽ هوٽل ۾ منجهند جي مانيءَ لاءِ گراهڪن جي رش ٿيڻ واري هئي. پر پوءِ به بيري يا مئنيجر جي لاءِ همٿ گڏ ڪري، هن کي اها گذارش ڪرڻ به ممڪن نه هئي، ته هو کيس اتان اٿي وڃڻ لاءِ چون. هنن جي اکين ۾ سوال ٻين بيرن جي مختلف ٽيبلن تي سروس ڏيڻ وانگر اچ وڃ ڪري رهيا هئا.
هن اچڻ شرط اشارو ڪري پنهنجي ٽيبل وٽان ٽي ڪرسيون به کڻائي ڇڏيون هيون جيئن ڪو به هن آڏو يا ڀرسان نه ويهي. هو جنهن ٽيبل تي ويٺل هو، ان جي بلڪل سامهون هڪ دروازو هو. ان دروازي کان پرتي ڏور تائين سرنگهه وانگي اونداهي نظر اچي رهي هئي. هن پنهنجيءَ دل ۾ جهاتي پاتي، کيس در جي پرئين پاسي ۽ دل جي اندرئين پاسي ۾ ڪو فرق نظر نه آيو.
هن بيري جي اکين ۾ ڏٺو. پنهنجي اکين ۾ ڏٺائين. بيري جي چهري تي نه خوشيءَ جو تاثر هو ۽ نه وري کيس ان جي چهري تي ڏک واري ڪيفيت نظر آئي. پنهنجي چهري کي به ڏٺائين. هن مختلف نشانن سبب بي شڪلي ٿي ويل هوٽل جي وچ واري پلر کي به ڏٺو. ٽنهي ۾ ڪو خاص فرق نه هو. هن کي لڳو هو گهمي رهيو آهي، بيرو ويٺل آهي. ٻئي سمي هن کي لڳو هو ويٺو آهي ۽ پلر مٿس بيري جيان بيٺو آهي.
منجهند جي رش وڌي وئي. هوٽل ۾ گوڙ وڌي ويو. هن جي اکين ۾ سانت اچي وئي. اندر ۾ سرءُ جهڙي خاموشي ڦهلجندي ڦهلجندي هن جي اکين مان هارجڻ لڳي. ”ڪير ڇو ٿو جيئي؟ ڪير ڪنهن جي لاءِ ٿو جيئي؟“ هن ٻيهر سوچڻ شروع ڪيو. ”ڪنهن کي ڪو اعتبار ڏياري ئي نٿو سگهي ته ڪير ڪنهن کي وڌيڪ چاهي ٿو. ڪير ڪنهن لاءِ وڌيڪ جيئي ٿو؟ ڪير ڪنهن جي لاءِ سڀ ڪجهه ٿي به ڪجهه نه ٿو رهي. هڪ پل سڀ کسيو ڇڏي. هڪ پل سڀ ڪجهه ساڙيو ڇڏي. هڪ پل رڳو سڀ ڪجهه آهي. جنهن کي قابو ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟ پر هاڻ ته پل به....“
ٽيبل تي بيري پاڻيءَ جو جڳ اهڙي انداز ۾ زور سان رکيو، جو ان جا ڇنڊا هن جي چهري تي پئجي ويا ۽ هن ڇرڪ ڀري بيري جي اکين ۾نهاريو، جيڪو هن جي سامهون باربار ايندو رهيو هو. هن پهريون ڀيرو پنهنجون اکيون ڏٺيون. هن پهريون ڀيرو پنهنجي بي رنگ چهري کي بيري جي چهري ۾ ڏٺو. هن پهريون ڀيرو ڏٺو ته دردن ۽ دکي دل کان سواءِ چپن جي خشڪي ڪيئن ٿيندي ۽ چپ بي مرڪ ڪيئن ٿيندا آهن. هن کي پهريون ڀيرو لڳو ته اکين ۾ سوال ڪيئن ڪنڊن جيان چڀيل هوندا آهن. ايڏي وقت کان پوءِ هو ڪجهه ڪڇيو، ”تون پريشان هوندين ته اڄ مان ائين ڪيئن آهيان، جيئن تون آهين.“ بيرو هڪدم سڌو ٿي بيٺو. هن کي لڳو ته هو سامهون ويٺو آهي.
”تو کي ياد آهي ته ان رات تو پنهنجي زندگي منهنجي سامهون رکي ڇڏي هئي ۽ ٻيءَ رات جو آڌيءَ مهل تو رڳو پنهنجي زندگيءَ جي دکي ٿيڻ جي قصي کي پورو ڪيو هو. تو جيتوڻيڪ مون سان پنهنجي سموري حياتيءَ جو عشق اوريو هو، پر حقيقت ۾ هڪ پهرين سٽ ۽ هڪ آخري سٽ ئي ڪافي هئي. جيڪي تنهنجي حياتيءَ کي کولي کولي بيان ڪري رهيون هيون.“
بيرو کيس ڏسندو رهيو.
”ياد ٿئي ڪهڙيون سٽون؟“
پر بيرو کيس ڏسندو رهيو. وڌيڪ گهريءَ نگاهه سان.
” هڪ سٽ اها ته؛ اسان ته هڪ ٻئي جا ڏٺل هئاسين، هڪ ٻئي سان مليل هئاسين.“
بيرو پوءِ به کيس ڏسندو رهيو. اڃا به وڌيڪ گهريءَ نگاهه سان.
”۽ ٻي سٽ جيڪا تو پنهنجي پيار جي باري ۾ ڏيڍ رات بعد آڌيءَ جو ٻڌائي هئي؛ اسين هڪ ٻئي کي ڏسي هڪ ٻئي کي ڳوليندا رهجي وياسين. هڪ ٻئي سان ملي، هڪ ٻئي کان وڃائجي وياسين.“
مئنيجر ٽيبل کي ڇڪيو. بيري کي لڳو. ڪنهن کيس ئي کانئس ڇڪي ورتو آهي. هن کي وئي ته چار ڪلاڪ ٿي چڪا هئا. بيري پنهنجو پاڻ کي ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺو..

No comments:

Post a Comment