Sunday, November 4, 2012

سپنن جو انت - رضوان گل

سپنن جو انت
رضوان گل
عامر فليٽ جي گئلريءَ مان ڪراچيءَ جي تيز رفتاري زندگي وڏيون وڏيون بسون، چمڪندڙ خوبصورت ڪارون ۽ شاندار اوچيون عمارتو ڏسندي سپنن جي حسين وادين ۾ گم ٿي ويو هو. ٻن ڪمرن جو فليٽ، سٺي نوڪري ۽ ننڍڙي گاڏيءَ کان علاوه سندس سپنن جي راڻي فائزه ساڻس گڏ، ڪراچيءَ جون مڌ مست هوائون، سمنڊ ڪناري جون من موهيندڙ شامون، لانگ ڊرائيو، هوٽل تي ڊنر، زندگيءَ جي انيڪ مسئلن تي بحث، بچپن جون يادون، وڏا وڏا ٽهڪ ۽ فائزه جي حاصلات جو دل کي اطمينان ڏياريندڙ احساس.


اوچتو روڊ تي گاڏين جي بريڪن جا تيز چرڙاٽ ۽ ڪلاشنڪوف مان نڪرندڙ گولين جا دل ڏاريندڙ آواز سندس سماعتن سان ٽڪرائجن ٿا!! عامر سپنن جي ماٿرين مان ڇرڪ ڀري حقيقت جي دنيا ۾ واپس اچي ويو. هٿياربندن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ ماڻهن ۾ ڀاڄ، گاڏين جو ٽڪرائجڻ ۽ ان ئي پل ماڻهن جا زخمي ٿيل جسم ۽ رت ۾ وهنتل لاش! لاش انهن ماڻهن جا جيڪي صبح جو گهران روزي ۽ روزگار جي تلاش ۾ نڪتل هئا پر رستي تي خون خوار بگڙن جي ور چڙهي ويا، لکين رپين جون گاڏيون چڪنا چور ٿي ويون، دڪانن جا شٽر هيٺ ٿيڻ لڳا، سڄو روڊ ويرانيءَ جي ور چڙهي ويو جيئن ڪو راڪاس گهمي ويو هجي ۽ هٿيار بند وچ شهر مان سگنل ٽوڙيندا فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
جهٽ کانپوءِ ايمبولينسن جا سائرن، پوليس آفيسرن جون گاڏيون ۽ عوامي نمائندا واقعي واري هنڌ پهچن ٿا ۽ مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چينلس جا رپوٽر کانئن واقعي بابت سوال ڪن ٿا. چند ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪيو وڃي ٿو، پوءِ آهسته آهسته ٽريفڪ معمول موجب هلڻ شروع ٿي وڃي ٿي.
فليٽ جي ڊرائنگ روم ۾ لڳل بيل جي آواز تي عامر گئلري مان اٿي تڪڙو تڪرو اچي دروازو کوليو.
جنيد يار ڏاڍي دير ڪري ڇڏيئي! خير ته هو!؟ عامر جنيد کي فليٽ جو در بند ڪندي چيو.
جنيد هڪ خانگي ادري ۾ ننڍڙو ملازم آهي. انهيءَ فليٽ ۾ ٽن پارٽنرس سان گڏ رهي ٿو ۽ عامر جي ٻال وهيءَ جو دوست آهي. عامر نوڪريءَ جي ڳولها ۾ ڳوٺان اچي جنيد جي فليٽ تي ترسيو آهي، سندس تعليم ايم ايس سي آهي.
ڀائو! ڪراچيءَ ۾ ايتري دير ٿيڻ معمول جي ڳالهه آ. جنيد عامر جي پڇيل سوال جو ٽاءِ جي ناٽ کوليندي جواب ڏنو.
پريشان پيو لڳين خير ته آهي؟ جنيد ڪرسيءَ ويهي بوٽ جون ڪنهيون کوليندي چيو.
يار! ڪجهه دير اڳ سامهون واري روڊ تي .......... !!
پوءِ اها ڪا وڏي ڳالهه آ ڇا، ان قسم جا واقعا ته ڪراچيءَ جي زندگيءَ جو معمول بڻجي ويا آهن جيڪي هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن روڊ رستي تي ٿيندا رهن ٿا.
پر يار........!!
جنيد منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي پڇيو، چڱو اهو ٻڌاءِ ته ماني کاڌي اٿئي؟
نه يار مونکي هاڻي ماني نه وڻندي تون ڀلي کائي اچ.
ماني پاڻ ئي وڻي ويندئي، تون اٿي چينج ڪر ته هلئون ٿا، جنيد چيو.
پوءِ عامر ڪيترن ئي ڏينهن تائين جنيد جي فليٽ تي رهي نوڪري جي ڳولها ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ پنهنجي سپنن جي راڻي فائزه سان لانئون لهڻ جا سپنا به مَن ئي مَن ۾ سجائيندو رهيو.
فائزه عامر جي نالي ٿيل هئي پر سندس والدين جو شرط هو ته عامر ڪا سٺي نوڪري وٺي ته پوءِ کيس سڱ ڏنو ويندو ۽ انهيءَ سٺي نوڪريءَ جي تلاش ۾ هي هر روز ڪيترين ئي آفيسن جا در کڙڪائيندو رهيو پر هر هنڌ تان کيس ناڪامي ۽ مايوسيءَ جي موٽ کانسواءِ ڪجهه به پلئه نه پيو.جيتوڻيڪ هي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن هولڊر هو. ها! وٽس پوزيشن ته هئي پر پئسو يا سفارش نه..!
ايترا ڏينهن مسلسل آفيسن جا چڪر لڳائڻ کانپوءِ کيس ڪٿان به نوڪريءَ جي ڪا اميد يا آسرو نه مليو ته ڏاڍو مايوس ٿي ويو. ذهن تي بار محسوس ڪيائين ته فليٽ تان هيٺ لهي آيو شام جا پاڇا لڙي چڪا هئا. هي روڊ جي تيز رفتار ٽريفڪ کي ڪراس ڪري هڪ پٺاڻ جي فٽ پاٿ تي ٺهيل هوٽل تي اچي ويٺو. سندس ڀر واري ڪرسيءَ تي تازي اخبار پيل هئي، اخبار پڙهڻ شروع ڪيائين، پهريون صفحو قتل و غارت ۽ ڪارو ڪاريءَ کان وٺي جرڳائي فيصلن، دهشتگرديءَ جي واقعن ۽ وزيرن جي بيانن سان ڀريل، ٻيون ٽيون ۽ جڏهن آخري صفحو پڙهڻ لڳي ٿو ته سندس نظر هڪ ٻه ڪالمي خبر تي پوي ٿي، ”پبلڪ سروس ڪميشن جي مقابلي واري امتحان جو نتيجو پڌرو ٿي ويو“ سندس نظرون ڄمي وڃن ٿيون انهيءَ خبر تي، ڇالاءِ ته ڪجهه مهينا اڳ ٿيل انهيءَ امتحان ۾ هي پڻ اپيئر ٿيو هو، هڪدم پڙهڻ شروع ڪري ٿو. ”پبلڪ سروس ڪميشن جي هڪ پڌرائيءَ موجب هيٺيان اميدوار زباني امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن جن ۾ پنجين نمبر تي عامر جو نالو ۽ سيٽ نمبر لکيل هو“، خبر پڙهندي ئي هن جو جسم ٺري ويو، دل جي اڃايل ڌرتيءَ تي وڏ ڦڙو وسندي محسوس ڪيائين، مَن ۾ دُهل ۽ شرنايون وڄڻ لڳس، بي ساخته اخبار مُنهن تي رکي اندر ئي اندر ۾ مالڪ جا کوڙ سارا ٿورا مڃيائين. هاڻي روڊ سان هلندڙ تيز رفتار ٽريفڪ جا زوردار هارن به کيس خوشيءَ جي گيتن جي مڌر ڌن جيان لڳي رهيا هئا.
بيري سندس آڏو ٽيبل تي گرم گرم چانهه آڻي رکي، جڳ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي، گرم گرم چانهه جو ڪوپ کڻي پهرئين سپَ ڀري وري هٿ ۾ جهليل اخبار کولي ٻين ڪامياب اميدوارن جا نالا پڙهڻ لڳي ٿو. سڄي ڏينهن جي ٽوڙيل مروڙيل اها اخبار هن لاءِ زندگيءَ سان ڀرپور اهڙو پيغام کڻي آئي هئي جنهن سان هن پنهنجي حسرتن ۽ اميدن جا سڀئي رستا روشن ٿيندي محسوس ڪيا هئا.
چانهه مان ٻيو ڍُڪ ڀري ڪوپ اڃا ٽيبل تي به نه رکيائين ته اچانڪ انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ٿي وئي ۽ هڪ درندي جي پسٽل مان نڪتل گولي عامر جي سيني مان پَار ٿي وڃي ٿي.
ڳاڙهي ٿي ويل اخبار، چانهه جو هاريل ڪوپ ۽ عامر جو رت ۾ وهنتل لاش...!!


No comments:

Post a Comment