Sunday, November 4, 2012

پريس رليز - ڪريم لغاري

پريس رليز
ڪريم لغاري
پوئتي مڙي ڏٺم پٿر ٿي ويس هڪ عورت پريس ڪلب اڳيان انوکو احتجاج ڪري رهي هئي، هُو اڪيلي بيٺل هئي، هُن جون اکيون اڳيان وهندڙ روڊ ۾ کُتل هيون، هُن جي هٿن ۾ لائيٽ گرين ڪلر جي شيٽ هُئي، جنهن تي لکيل هُيو: ”انصاف خريد ڪرڻ جي سگهه ڏيو يا انسانيت جو وڃايل آواز ڳولي ڏيو“.
هُو منهنجي ڄاتل سڃاتل هُئي، هو ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ ٽيوشن پڙهائيندي هئي، جنهن کي روشني ورهائڻ جي ڏوهه ۾ آڌيءَ رات جي هيراڪ گدڙن گُم ڪرائي مٿس ڀڄي وڃڻ جو الزام لڳايو هو.


جنهن واردات کي سورنهن سال گذري چُڪا هئا پر مون کيس سڃاڻڻ ۾ ڪابه غلطي نه ڪئي. آئون اڳيان وڌي هُن جي بلڪل سامهون وڃي بيٺس ۽ ٻيو شاڪ مون کي تڏهن لڳو جڏهن مون اهو محسوس ڪيو هي ته انڌي آهي. بس مون ڪجهه ڳالهائڻ ٿي گهريو ته پويان ڪنهن چيو: ”هي ته خراب ڪردار واري آهي، هِن کي وري انسانيت لاءِ ايتري همدردي ڪٿان آئي؟“
ان کان اڳ جو آئون ڳالهايان منهنجي پٿر ٿي ويل وجود کي پنهنجي اڳيان محسوس ڪندي چيائين: ”اوهان صحافي آهيو؟ جيڪڏهن صحافي آهيو ته منهنجي پريس رليز به پڙهو.“
هُن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي مٿان اُٿندڙ آڱرين جي پرواهه ڪرڻ کان بغير چيو، جهڙوڪر هن جي خلاف ڪنهن ڳالهايو ئي نه هجي. مون کي يقين هو ته هُو بي ڏوهي آهي، معصوم آهي ۽ مظلوم آهي. شايد اُهي به درست آهن جن سندس وجود ۽ نالي کي بهتانن جي گند ۾ دفن ڪرڻ چاهيو آهي.
مون هُن کان شيٽ ۽ ڪاغذ جا ٽڪرا ورتا، جن مٿان سندس عظيم سلوگن لکيل هو ۽ هُن کي ماڻهن جي رش ۽ ماڻهن جي شور کان پري وٺي آيس. منهنجي هاسٽل جي گرائونڊ جي سامهون هڪڙي پٿر مٿان ويهاري پاڻي پياريندي چيومانس: ”آئون توکي سڃاڻان، آئون توکان حساب ڪرڻ سکيو آهيان، تون منهنجي مهان ٽيچر آهين، مون توکي اڄ بي سهارا ۽ اپاهج ڏٺو آهي مون کان رهيو نه ٿيو....“
هن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ته نه آئون اُها نه آهيان، آئون ته اُها انڌي بدنصيب آهيان، جنهن جو ٻارهن سالن جو پٽ صبح جو اسڪول ويندو هو ۽ شام جو هو بس اسٽاپ تي پاڻي ۽ جوس کپائڻ ويندو هو، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ شهر ۾ هلندڙ وڳوڙن ۽ سياسي هنگامن جي ور چڙهي ويو آهي. سياسي پارٽين جي وحشت منهنجي پُٽ کي ڳڙڪائي وئي آهي ۽ مون سان ظلم اهو به ٿيو آهي جو اڄ منهنجي معصوم پٽ کي سياسي ورڪر ۽ شهيد سڏيو پيو وڃي، جنهن جو اُهو ڪم ئي نه هو. هُن کي ته اُها خبر ئي نه هُئي ته ماڻهو سياست ڇا لاءِ ڪندا آهن؟ هو روڊ جي ڪناري تي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هُيو، اچانڪ ٻن سياسي پارٽين جو جهيڙو ٿيو ۽ هڪڙي گولي آئي منهنجي معصوم پُٽ جو سينو چيريندي هلي وئي، پوءِ منهنجي ڊٺل گهر جي اڳيان سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي لائن لڳي وئي، منهنجي بي گناهه مارجي ويل معصوم کي سياسي شهيد قرار ڏنو پئي ويو ۽ آئون انڪار پئي ڪريان ته اسان جو اوهان سان ڪوبه واسطو ڪونهي، جتي پريس ۽ ميڊيا منهنجي ٻُڌڻ لاءِ تيار ڪونهي اُتي اها ساڳئي ميڊيا انهيءَ ٽولي کي چمڪائيندي ۽ پروان چڙهائيندي وڃي ۽ ها مون کي پاڳل قرار ڏنو ويو آهي. منهنجي التجا کي رد ڪيو ويو آهي. ڇو جو اُها ميڊيا به انهن جي سياست جو حصو آهي.
مون کي خبر آهي ته تنهنجو وقت مختصر آهي ۽ قانوني آهي. مون وٽ درد آهن ۽ منهنجو وقت غير قانوني آهي، آئون زندهه رهڻ جو جرمانو ادا ڪندي آهيان، سو پليز منهنجي هي التجا، منهنجو درد، منهنجو آواز دنيا تائين پهچاءِ ته آئون غير سياسي آهيان، منهنجو معصوم پُٽ سياسي وڳوڙين قتل ڪيو آهي. منهنجو انساني حقن جي سڀني ادارن کان اُهو سوال آهي ته آخر هي قتل و غارت ۽ وحشت ڪڏهن ختم ٿيندي؟ هي منهنجي لکيل پريس رليز آهي.
هُو اموشنل ٿي وئي هُئي. سندس اکيون موسلادار بارشن جو حصو ٿي ويون هيون. منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ جا ٽڪرا ڏيندي سڏڪي پئي هُئي. هي هن جي لکيل التجا هُئي، جنهن کي هو پريس رليز چئي رهي هئي.
منهنجو مقصد منهنجي معصوم ۽ بي قصور پٽ جي قاتلن جو قتل ڪرڻ ناهي، بلڪه انهن جي انهي دور جو خاتمو ڪرڻ آهي. منهنجي ويڙهه سياست سان ناهي سياسي درندن سان آهي، بنيادپرستن سان آهي ۽ انهن سان آهي جيڪي رنگن، نسلن، قومن ۽ ذاتي مفادن جي سياست ڪن ٿا، جيڪي ماڻهن جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪن ٿا. ها جيڪي ماڻهن کي ماڻهن سان ويڙهائين ٿا، ها جيڪي خطن، ملڪن ۽ سرحدن جي ڳالهه ڪن ٿا، ها اُنهن کي صرف خِطا، ملڪ ۽ انهن جي زمين گهُرجي، اُتي رهندڙ ماڻهن سان انهن کي ڪوبه سروڪار ڪونهي.
هِي تاريخ جو عجيب اتفاق آهي جو درندن کي عام ماڻهو جي ضرورت آهي، هو اُن کي قتل ڪن ٿا پوءِ شهادتن جا سرٽيفڪيٽ ورهائين ٿا. مون کي ياد آهي جڏهن آئون هِن شهر ڏانهن آيس اُهي گلي ۾ موجود هُئا، انهن جو ڏهڪاءُ انهن جي دهشت ماڻهن جي نفسيات جي تهن ۾ ويٺل هُئي. آئون بي وس هُئس منهنجو پٽ ان وقت هڪ سال جو هُيو، مون کان اکين جي روشني ملڪيت رکندڙن اڳئي کسي ورتي هئي. مون وٽ باقي رهجي ويل صرف وجود هُيو، سو تنهن ڪري مون پنهنجي پاڻ کي کپائڻ شروع ڪيو هُيو. ياد اٿم تڏهن انهن متوالن ۽ جمهوريت جي طرفدارن مون کي وئشيا جو نالو ڏنو هُيو ۽ اُهي به مون کي پٿر هڻندڙن ۾ شامل هُئا، انهن جو سماجي ڪردار به منهنجي خلاف هُيو.
هي ڪهڙي ڊيموڪريسي آهي، جنهن ۾ ڪنهن کي ساهه کڻڻ جو ئي حق ناهي ۽ هي ڪهڙي ويڙهه آهي، جنهن ۾ مون کي اظهار جي آزادي ناهي باقي سڀ آزاد آهن. ها مون کي يقين آهي ته آئون غلط آهيان، پر مون کي اُها به پڪ آهي ته معصومن جا قاتل به ظالم آهن، انسانيت جا دشمن آهن. هِتي انساني حقن جي جاکوڙ ڪاروبار آهي، ڇو جو مون اهو ڄاتو آهي ته منهنجي المئي مٿان پئسا لڳائي پئسا ڪمايا ويندا ٻيو ڪجهه به نه.
آئون پنهنجي ڳچي ۾ سليٽ ٽنگي هلندس، جنهن تي نسلن جو الميو لکيل هوندو، آئون دڳ دڳ تي بندوقون ٺاهڻ، وڪڻڻ ۽ استعمال ڪندڙن کي للڪاريندس، آئون وِک وِک تي جنگ جي انڊسٽري کي بند ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندس. مون کي پتو آهي ته آئون گهڻو عرصو وڙهي نه سگهندس، پر پوءِ به مون پنهنجي رهجي ويل حياتي جو لمحو لمحو ان ويڙهه جي حوالي ڪيو آهي.
منهنجو آخري مقصد اهو آهي ته ماڻهو ماڻهو جو ويري نه هجي، انسان جي رت جو قدر هجي، معصومن لاءِ پارڪ جهولا ۽ رانديڪا هُجن، گوليون نه هجن. برتري ۽ ڪمتري جي سوچ جو خاتمو ٿئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، نفسياتي ۽ معاشي برتري کي گناهه عظيم تسليم ڪيو وڃي.
اُها منهنجي سوچ آهي، جنهن جي مخالفت انسان نٿا ڪري سگهن، جنهن جنهن به انهيءَ جي مخالفت ڪئي آهي انهي جانور جي مون کي ڪابه پرواهه ناهي، ڇو جو اُها مون کي خبر آهي ته منهنجي جنگ هڪ دؤر ۽ وقت سان آهي، هاڻ جنهن ۾ مون کي ڪنهن شيءِ کي وڃائڻ جو ڪوبه خوف ڪونهي، ڇو جو اڄ مون وٽ سواءِ مقصد جي ٻيو ڪجهه به ناهي.
مون کي اها به خبر آهي ته قاتل ۽ انسانيت جا سمورا دشمن هڪڙي سوچ جي پوئيواري ڪن ٿا، ها اُها سوچ جيڪا ڏاڍ، جبر، بدمستي ۽ انفرادي مفادن کي جنم ڏي ٿي، جيڪا سماج جي فطري لاڳاپن ۽ روحانيت جو خاتمو ڪري ٿي. منهنجي خيال ۾ منهنجي دشمنن جو ڪوبه نالو ناهي نه ئي انهن جو ڪو پتو آهي نه ئي انهن جي ڪا قوم آهي ۽ نه ئي وري انهن جو ڪو مذهب آهي. بس هو هڪ انفرادي ۽ محدود سوچ جا غلام آهن، جيڪا انسان کي انسان جو دشمن بڻائي ٿي ۽ هڪ نئين سماج کي تخليق ڪندڙ سوچ جو رستو روڪي ٿي.
شايد هي منهنجو خواب آهي...
مون کي منهنجو پُٽ زندهه نه گهرجي، بلڪه ڪروڙين معصومن جي زندگين جي ضمانت گهرجي، جيڪا هتي ڪير به نه ڏيندو. مون سندس التجا پڙهندي پنهنجي پاڻ کي پابلو نرودا جي ڪنهن نظم جو حصو ٿيندي محسوس ڪيو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪي هي اسٽالن گراڊ جي تباهي جو وقت آهي. نازين اسٽالن گراڊ جو گهيراءُ ڪيو آهي. خروشيف اسان لاءِ آرڊر جاري ڪري رهيو آهي ته ڪامريڊ اڳتي وڌو بس اڳتي.... نازي معصومن جو گوشت کائڻ آيا آهن، انهن جو خاتمو ڪريو. ياد رکو صرف اڳتي وڌو جيڪو به پوئتي هٽيو ان کي ڪامريڊ اسٽالن جي نالي سان آباد شهر جي ماڻهن سان غداري جي الزام ۾ قتل ڪيو ويندو....
نه وسارجو پوئتي فائرنگ اسڪواڊ تيار آهي. اڳتي وڌو فاشزم اوهان وٽ مرڻ لاءِ پنڌ ڪري آيو آهي. آئون اهو محسوس ڪريان ٿو هڪ پاسي گئس سلينڊر ۽ نازي ڪيمپون آهن ٻئي پاسي ڪامريڊن جا ٽارچر سيل، ڪنسٽريشن ڪيمپون، فائرنگ اسڪواڊ ۽ سائيبيريا جو سردخانو آهي. ڪامريڊ اسٽالن جو چوڻ آهي جيڪو اسان لاءِ نٿو وڙهي اُهو انقلابي زمين، ڌرتي ۽ ديش جو غدار آهي ۽ اسان وٽ انهيءَ لاءِ صرف موت آهي.
۽ نازي چون ٿا اوهان جي هر شيءِ مٿان اسان جي آقا جو حق آهي، جيڪو انڪاري آهي سمجهو اهو ظالم سرمائيدار ۽ واپاري آهي، هو هولوڪاسٽ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺل آهن. ڪوبه اهو سمجهڻ لاءِ تيار ناهي ته انسانن جي هڪڙي پوري نسل انهيءَ انفرادي برتري واري سوچ ۽ نفسياتي بيماري جي بليدان تي بيٺي آهي ۽ چيخون ڪري رهي آهي ته هي فطرت هي ڌرتي سمورن انسانن لاءِ آهي. اوهان مون کي آزاد نه پيا ڪريو پر منهنجي وجود سان بلاتڪار پيا ڪريو. اوهان اڃان مڪمل انسان ناهيو، اوهان جي فزيڪل ۽ سائيڪولو جيڪل ارتقاءِ نامڪمل آهي. اوهان پنهنجي ارتقا جو گس هميشه هميشه جي لاءِ بند ڪري رهيا آهيو. اوهان بارود جا ڍير گڏ ڪري هِن ڌرتي کي آزاد نه بلڪه مڪمل تباهه ڪرڻ وڃي رهيا آهيو.
آئون انهيءَ بربريت ۽ انتشار ۾ پنهنجي پاڻ کي بيٺل ڏسان ٿو بارود، گولين جا ٺڪاءَ، ڊهندڙ عمارتون ۽ هر طرف لاشن جا ڍير جنهن ۾ معصوم ٻار، عورتون ۽ پوڙها ماڻهو مُئا پيا آهن يا تڙپي رهيا آهن. نازي لائوڊ اسپيڪرن تي اعلان ڪندي چون ٿا اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿي وڃو اسان اوهان جي حفاظت ڪنداسين، ٻئي پاسي ريڊ آرمي اعلان ڪري ٿي ڪيو به زندهه آهي ۽ شهر مان نڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي ڏٺو ويو ته اُهو به ماريو ويندو.
آئون رڙ ڪندي چوان ٿو راڪشس آهيو.
ڪنهن ڊٺل عمارت جي ملبي هيٺيان آواز اچي ٿو ڏوهي آهين....
بس ايتري ۾ منهنجي هٿ تي پنهنجو هٿ رکي چوي ٿي، تون منهنجي مدد ڪندين نه؟
منهنجي پريس رليز منهنجو احتجاج ڀلا ڪنهن فرد يا ڪنهن ڌر جي خلاف تعصب جو اظهار ته ناهي نه؟
آئون هُن جي مري ويل اکين ۾ ڏسندي کيس چوان ٿو.
نه بلڪل ناهي تون خود هڪڙي سوچ آهين، انسانيت هميشه زنده رهڻي آهي، تنهنجي سوچ جي راڄ جو وقت اچڻو آهي. ڇو جو تنهنجو مقصد اهو ناهي ته ڪاسائين جا هٿ ڪپي ڇڏجن بلڪ تنهنجو اهو نظريو آهي ته ڪاتين ۽ تلوارن جو خاتمو ڪري ڇڏجي، انهن جي استعمال جي وجهه جي قانون جو ئي خاتمو ڪري ڇڏجي. ۽ ها مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن بندوقون، گوليون، ڪات ۽ ڪهاڙا ڪنهن ميوزم ۾ رکيل هوندا ۽ اُهو ئي ڏينهن تنهنجي مارجي ويل پٽ جو پلاند هوندو.
هو ڪجهه ڳالهائڻ کان بغير اٿي بيهي ٿي هڪ طرف ڏانهن دير تائين ڏسندي رهي ٿي، پوءِ الائجي ڇو مون کي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ڪي هن جي زبان ته آهي پر هن جو آواز ڪپي ڪنهن هن جي هٿن تي رکي ڇڏيو آهي. هو هلڻ شروع ڪري ٿي، جيئن ماڻهو تاريڪين ۾ هليو آ، ڪجهه اڳتي وڌندي ويران رستي مٿان ڇانيل نما شام جي ڌنڌ ۽ پاڇن ۾ الوپ ٿي وڃي ٿي.
آئون پنهنجي موبائل فون کي حرڪت ۾ محسوس ڪريان ٿو شايد ڪال...
ڪال رسيو ڪندي موبائل ڪن تي رکان ٿو، پريان آواز اچي ٿو.... سر سڀاڻي اسان پنهنجي ليڊر جي حمايت ۾ مظاهرو ڪنداسين، پليز اوهان ڪوريج ڏجو.

No comments:

Post a Comment