Monday, November 12, 2012

سدابهار چنبيلو - امر لغاري


سدابهار چنبيلو
امر لغاري
ٻه رٽائرڊ دوست ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ ماني کائڻ ويا. ٻنهي مان جيڪو مڙهو هو تنهن جو نالو مسٽر (ر) سدا بهار چنبيلو هو. اتفاق سان ٻئي اديب هئا. هڪڙي ٻئي کي چيو ته ”يار، مونکان وڏي غلطي ٿي ويئي!“
 ٻئي پڇيس،”ڪهڙي؟“
”يار، اڄ مون کي اديبن جي اسيمبليءَ ۾ وڃڻو هو!“
”اديبن جي اسيمبلي نه ٿيندي آهي، اديبن جي ڪانگريس ٿيندي آهي!“ٻئي کيس پنهنجي ذهانت سان  درست ڪندي چيو،”اديب ڪي اسڪولي ٻار ڪونهن جو سندن اسيمبلي ٿيندي هجي! “


”اي، ڳالهه ساڳي آ،“ مسٽر چنبيلي آڻ نه مڃيندي اڳلي جي ڳالهه کي صفا ٿڏيندي چيو،”يار، ٻه ٽي سؤ ماڻهو نه مان جڏهن ڪٿي گڏ ٿيندي ڏسندو آهيان، منهنجي دل سڌون ڪندي آهي انهن سان گڏجڻ لاءِ!“
”ته پوءِ توکي روڪيو ڪنهن آهي؟“
”بس، يار. ڪجھه ڳالهيون راز جون به هونديون آهن.“ چنبيلي ڄڻ ته انڪشاف ڪندي چيو، ”پر تون حرامي شروع کان ئي منهنجو مخالف رهيو آهين، انڪري تو کي نه ٻڌائيندس!“
”يار، ايئن نه ڪر!“ اڳلي منٿ ڪندي چيس،”اُهي ته جوانيءَ جون ڳالهيون هيون. ڪجھه ته توسان قدرتي حسد هيم، ڪجھه وري تنهنجي ترقيءَ جو ساڙ. ننڍي هوندي جو دوست جو هئين، ٻيو ڀلا ڇا ڪيان ها؟ هاڻ ته ڏاٺون کائي اچي ڏندن کي لڳا آهيون، هاڻ توسان ڪهڙو ساڙ اٿم؟“
”تڏهن ته چوان ٿو ته توکي اصل ڪونه ٻڌائيندس.“ مڙهي همراهه اصل بغليون بند ڪندي چيو،”تون جيڪو سنڌيءَ جو مشهور محاورو ئي الٽو ڪري چٻاڙيو وڃين ته منهنجي ڳالهه جو ڪهڙو حشر ڪندين؟“
”قسم وٺ. مان ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس.  ڏِس، هيءُ ڏاڙهي ٿو ڏيان تنهنجي هٿ ۾ ، مونکي ان عظيم ڳالهه کان محروم نه رک!“اڳلي آزيون نيازيون ڪندي چيس.
”تون جو ايڏو مونکي منٿون پيو ڪرين، ڀلا ٻڌاءِ کڻي مون مڙهي ريٽائرڊ ڪاموري وٽ ڪهڙي اهڙي اهم ڳالهه هوندي؟“
”ان ڳالهه کي تون ڇڏ!“ اڳلي خوشامدي لهجو اختيار ڪندي چيس؛ ”مان گذريل چاليهه سالن کان ڏسندو پيو اچان ته تو وٽ جيڪا به ڳالهه هوندي ضرور، فائدي واري هوندي. تو ڪڏهن به پنهنجو فائدو ڇڏي ڪنهن به ڪم ۾ هٿ ناهي وڌو!“
”وڏو ڪو زوراور آهين!“مسٽر چنبيلو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. ڏند نه هجڻ ڪري ٽهڪن مان اهو اڳلو سواد ته نه رهيو هوس، پر پوءِ به بنا گنگھرن واري چپڙيءَ جيان ڄاڙيءَ ۾ اڃا کڙڪو هوس.  
”بس، هاڻ ٻڌاءِ به کڻي!“ اڳلي جون آزيون التجائون مڙهي جي ڪنن تي رينگڻ لڳيون.
”آئون اصل ۾ ان اسيمبليءَ ۾ ويس پئي....“
”اسيمبلي نه، ڪانگريس- ڪانگريس! متان ڪانگن جي ريس سمجھين. آهين فائنل پاس ريٽائرڊ ڪامورو، ڪهڙي خبر! اصل معنيٰ اٿس چونڊيل ميڙاڪو، ۽ ٻي معنيٰ به اٿس، پر اها تنهنجي لاءِ مضرِ صحت آهي!“
”ٻي معنيٰ جي مونکي خبر آهي. ٻي معنيٰ اٿس ميلاپ!“ مڙهي پيريءَ ۾ مزو وٺندي چيو؛ ”هاڻ مونکي ٿو سيکارين ڪانگريس جي معنيٰ، هان؟ انڪري ته اسيمبلي ٿو چوانس. آخر ايوب جي زماني کان به اڳ جو فائنل پاس آهيان! هاڻ پيرائتي ڳالهه ٻڌ! اديبن جي اسيمبليءَ ۾ شرڪت لاءِ ويندي رستي تي الائي ڇو منهنجو وات ڦڪو ٿيڻ لڳو. مون نوجوان کي پڪوڙن واري وٽ بيهڻ لاءِ چيو. پڪوڙا ورتاسين. پڪوڙا کائيندي اچانڪ منهنجي  نظر اخبار جي ٽڪڙي تي لکيل ڪنهن خبر تي وڃي پيئي ته دل باغُ بهار ٿي ويئي!.“
”باغُ بهار؟“
”جي جي، خوشيءَ منجھان دل اڇل کاڌي. نوجوان کي چيم گاڏي موڙ، بس هاڻ گھر ٿا هلون!“
”وري به ڳالهه ته ڪوننه ٻڌايئه!“
”ٻڌايانءِ ٿو. ڇو ٿو ساهه وڃئه!“مڙهي به ٿورو لت تي پير ڏيندي چيس؛ ”خبر اٿئي ته ان ڪاغذ جي ٽڪڙي ۾ ڇا هو؟“
”هوندو ڪنهن بلڊنگ جو آڪشن!“
”اوهه هو، ڳالهه تون سدائين  غلط ڪندو آهين پر معنيٰ هميشه ان جي لڳ ڀڳ ئي هوندي آهي.“ مڙهي ٿورو ڇڙٻ ڏيندي سندس ڪامن سينس جي ساراهه ڪندي چيس؛ ”آڪشن ته ڪو نه هو پر لکيل هو ته- سنڌي ادبي بورڊ جي  چئرمين ۽ سيڪريٽريءَ جا عهدا ڇهن مهينن کان خالي پيل آهن.“
”مائي گاڊ!“ اڳلي همراهه مٿي تي هٿ ڏيندي چيو؛ ”هاڻ ته قلم به تنهنجي آڱرين ۾ نٿو بيهي، اهو به ريشي واءُ واري ڏڪڻيءَ سبب ڇڏايو وڃئه، اڃا به سمجھين ٿو ته انهن سيٽن مان هڪ تو کي ملندي؟ واهه واهه! هاڻ ماٺ ڪري لٺي جا پنج ميٽر گھرائي گھر ۾ ويهي الله الله ڪر- جيڪو پاڻ ريٽائرڊ ڪامورن جو اصل وڙ آهي!“
”چيم ئي نه ته تو کان ڳالهه هضم ڪو نه ٿيندي!“ مڙهي به ڪاوڙ ڏيکاريندي چيس؛ ”گذريل چئن سيڪريٽرين کان ڀلو ڪم ڪري سگهان ٿو. رڳو هڪ ڀيرو مونکي آزمائين. مون مان اصل خوش ٿي ويندا!“
”ڇا ڪري ڏيندين تون هنن کي؟ بورڊ جا وڻ ويا، مشينون ويون، ڪمپيوٽر ويا- باقي رهيو ڇاهي؟ بلڊنگ بيٺي آهي... باقي آهي مهراڻ رسالو، سو به هي ڪجھه وقت کان پوءِ لاهور مان ڇپرائيندا!“
”تون مون کان جيليئس آهين!“
”اهو ته مان آهيان...“ اڳلي چيس؛ ”پر هاڻ اصل ڳالهه ٻڌ! اها خبر اديبن جي ڪانگريس واري ڏينهن آئوٽ ٿي آهي... ان جو مطلب سمجھين ٿو؟“
”ته تون کڻي سمجھاءِ!“مسٽر سدا بهار چنبيلي ذري گھٽ مايوس ٿيندي چيو.
”تون سمجھاءِ...“ اڳلي ڄڻ ته چيٻاڙا ڪڍندي چيس؛ ”پاڻ کي عقل ڪل ٿو سمجھين؟ اها خبر ته ٻار به سمجھي سگھن ٿا. بس هاڻ پاڻ سمجھي وڃ! مون کان وڌيڪ مغز نه هڻراءِ!“
اهو ٻڌي مسٽر سدا بهار چنبيلي ويتر ڍڪرجي ويو، نهايت ڏک مان چيائين؛ ”تڏهن ته چيم اسيمبلي ۾ شريڪ نه ٿي ڪري وڏي غلطي ڪيم.“

No comments:

Post a Comment