Monday, November 12, 2012

انصاف - ڪريم لغاري


انصاف
ڪريم لغاري
تاريخ جي عدالت ۾ هڪڙو فريادي آيو آهي.
جيوري جنهن جو ڪوبه نالو ناهي.
اوهان پنهنجي نالي سان پنهنجي بيان جي وضاحت شروع ڪريو.
منهنجي سڃاڻپ جا هر ڪنهن وٽ الڳ الڳ آهي، پر اوهان جي قانوني دستاويزن ۾ منهنجو نالو سماج آهي.
جڏهن کان ڄائو آهيان بيمار آهيان.
آرڊر آرڊر
هي عدالت آهي ڊسپينسري ناهي.


جي آئون عظيم ۽ مقدس جيوري جو احترام ڪندڙ آهيان منهنجي فرياد رڪارڊ تي رکي وڃي جيڪو منهنجو عرض آهي.
اجازت آهي...
مون جڏهن کان اک کولي آهي، ڊاڪٽر منهنجي مٿان بيٺل رهيا آهن. ائين کڻي سمجهي ته ڊاڪٽرن جي گهيري ۾ رهيو آهيان. هيل تائين ڪروڙين ڊاڪٽر آيا ۽ مري کپي ويا، جن منهنجو هروڀرو (خوامخواهه) علاج ڪيو، پر آئون ويتر وڌيڪ بيمار ٿيندو ويس ”جُون جون دوا ڪِي مرض او بڙهتا گيا“.
آئون هتي چند مها حڪمين ۽ وڏن ڊاڪٽرن جا نالا کڻندس، جن منهنجي صحت سُڌارڻ لاءِ دوائن جا فارمولا تيار ڪيا. ڪجهه مون واپرايون، ڪجهه مون اُڇلائي ڇڏيون ۽ ڪي ته اهڙيون دوائون هيون، جيڪي مون کي جبرن کارايون ويون.
آئون انهن جو به ذڪر ڪندس.
خير اهو ته ٿيندو ئي آهي، پر مون سان جيڪا جُٺ ٿي آهي انهيءَ جو سربستو احوال هن ريت آهي،
آئون اڄ کان ٽي هزار سال پهرين ڪيئن به هُئس پر اڄ کان بهتر هئس. حڪيم نالي افلاطون، ماڻهو تمام بهترين هو. جيئن مون عرض ڪيو ته آئون ڪڏهن به دواخانن جا ڌِڪا کائڻ لاءِ ڪونه نڪتو آهيان، حڪيم مون وٽ هلي آيا آهن، همراهه مون وٽ هلي آيو، چيائين مون کي خبر پئي آهي ته تون بيمار آهين؟ سوچيم مون تي موروثي فرض رکيل آهي ته تنهنجو علاج ڪريان.
”توهان جي معافي صفا وائڙو ٿي ويس“
چيم نه سائين نه....
آئون صدين کان رت ٿُڪيندو آيو آهيان، هينئر ته صفا هيڻو لڳ پيو آهيان، اوهان جي ڊائيگنوس به شايد برداشت نه ڪري سگهان. چيائين نه ادا آئون تنهنجو دشمن ناهيان منهنجي دوا توکي ڪوبه ريئڪشن ڪانه ڪندي. رهي ڳالهه منهنجي علاج ڪرڻ جو جيڪو تنهنجو سوال آهي ته اهو درست آهي. آئون علاج جو قانوني حق انهيءَ ڪري رکڻ واري دعويٰ پيو ڪريان ته منهنجي استاد کي تنهنجي دوا تيار ڪرڻ جي پاداش ۾ تنهنجي عظيم دشمنن زهر پياري ڇڏيو. هُن مهان ماڻهو ڪا چوري، ڊڪيتي يا قتل و غارت ڪانه ڪئي هئي جو هُن کي ماريو ويو.
بهرحال وقت جي عظيم ڏاهي ڊاڪٽر هڪڙو دستاويز لکيو ”منهنجي علاج جي فائل“ بيماري جي تشخص واري خاني ۾ لکيائين. تنهنجي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙن توکي جراثيم زده ماني کارائي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته توکي سدائين پيٽ ۾ ڪيڙا رهيا آهن، جن توکي اندران اندر کاڌو آهي. هاڻ تنهنجي علاج لاءِ صفائي ۽ پرهيز ضروري آهي، جيڪو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن تنهنجي مالڪي اسان جهڙن ڏاهن جي هٿ ۾ هجي.
هُن آهستگي سان چيو توکي تاريخ جي عدالت ۾ هلڻو پوندو اتي پنهنجو ليگل دستاويز رکڻو پوندو، جنهن ۾ تون پنهنجي هاڻوڪن مالڪن تي سؤ چوهٺ ڪندين ته هي منهنجا دشمن آهن، مون کي ڊاڪٽرن ۽ مها ڏاهن جي نگراني ۾ ڏنو وڃي. جڏهن تون اسان جهڙن جي مالڪي ۾ ايندين ته علاج جي توکي ضرورت ئي ڪانه رهندي. انهيءَ وقت سوچيو هُئم ته اهڙو قدم کڻجي سڀ سور لهي ويندا، پر وري سوچيم هِن همراهه ته رڳو ڳالهه ڪري ڇڏي ائين نه ٿئي جو آئون اهڙو قدم کڻان مٿان منهنجا مالڪ پُڄي وڃن، ڪورٽ جي ٻاهران گرفتار ڪرائي وجهن ته پوءِ هڪڙو اڳئي بيمار مٿان وري اوندهه حوالي ڪري ڇڏين آئون ته مري ويندس وري صدين جي ٽيپ.
پر اڄ آئون سوچيان پيو ته جيڪڏهن اها نابالغي ڪريان به ها ۽ ڪامياب به ٿي وڃان ها ته اُهي ڏاها به منهنجا ترا ڪڍي ڇڏين ها. سمجهان ٿو ته هرڪو مون کي استعمال ڪرڻ جي چڪر ۾ رهيو آهي. خير وقت مون کي پنهنجي گهوڙي جي پُڇ سان ٻڌو آئون لاشي جيان گهلجندو وري هڪڙي ڊگهي اونداهه جي صحرا ۾ اچي پهتس اڻ کُٽ مسافريون، تاريڪين جو راڄ اکيون کوليان ته پنهنجي پاڻ کي نه ڏسي سگهان. ڪٿي ڪنهن دڳ تي پنهنجي هُجت جي احساس کي وڃائي ويهان، ياد اٿم انهيءَ اونداهه ۾ ڪيل مسافري ۾ زخمي گهايل ٿي پيس زخم ناسور بڻجي ويا هئا.
اوندهه ايتري هُئي جو زخمن جي اڻ ڏٺل صورت جو تصور به نه پيو ڪري سگهان، پر انهن زخمن ۾ ٻُرندڙ ڪيڙن مون جهڙي پهاڙ کي.... ها مون جهڙي ديو هيڪل روح رکندڙ کي تاريخ ۾ خودڪشي ڪرڻ تي آماده ڪري وڌو هو، شايد اوهان نٿا ڄاڻو. گستاخي معاف ڄاڻندا هوندا ته آئون پنهنجي پاڻ کي ڪڏهن به نٿو ماري سگهان. ائين کڻي سمجهون ته بستر مرگ تي موت جي دُعا ممنوع آهي. انهيءَ اونداهي واري واٽ تي مون کي ڪجهه وقت لاءِ هڪڙي مخصوص ٽولي به روڪيو هو ياد اٿم همراهه وڏا بهادر هُئا. انهن کي جڏهن اها خبر پئي ته آئون بيمار به آهيان ۽ اوندهه جو قيدي به آهيان ته همراهه ڏيئا ٻاري مون سان ملڻ آيا. مون سمجهيو هي شايد ڊيوجانس جا شاگرد آهن، جيڪو ڏينهن ڏٺي جو بتي کڻي هلندو هو، پر ائين نه هو ۽ مون اهو به سوچيو ته هي به منهنجو علاج ڪرڻ جي خواهش رکندا هوندا، ڇو جو آئون به نانگن جو کاڌن نوڙين کان پيو ڊڄان.
آڊر، آڊر، آڊر پنهنجي مسيحائن کي نانگ چوڻ جو توکي ڪوبه حق ناهي مسٽر سماج....
مون کي افسوس آهي آئون هي جملو واپس وٺندي پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائڻ جي اجازت گهرندس.
جيوري جي قطار هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿي.
انهن ماڻهن جي اڳواڻ ڳالهائيندي چيو ته سائين افسوس آهي اسان کي اسان تنهنجي مرض جو علاج ڪندڙ ناهيون پر اسان کي اها خبر آهي ته تنهنجي اکين جي روشني ڪيئن واپس ايندي. مون سمجهيو ڊاڪٽر ڪونهن مڙوئي عليل کي عيادت آڇڻ آيا آهن، پر هي به منهنجا آئيز اسپيشلسٽ آهن ۽ ها عجيب ڳالهه پيا ڪن ته آئون انڌو آهيان، مطلب مون کي انڌو ڪري اوندهه جي سزا ڏني وئي آهي.
انهن همراهه جو چڱو مڙس جيڪو جهُور پوڙهو هو، ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين ڀاءُ منهنجو نالو استاد گليلو آهي، هي مون تنهن جي لاءِ چشمو آندو آهي، جيڪو آهي ته ڀڳل پر توکي ڪم ڏيندو هونءَ ئي تون مريض ماڻهو آهين ته تنهنجو هلڻ گهمڻ وارو ڪم ته آهي ڪونه پنهنجي ارد گرد چار پنج وکون نظر ڪم ڪري وئي ته ڀاڳن وارو آهين.
ماڻهو تمام ڀلو هو، ڳالهه سؤ فيصد درست ڪيائين جڏو، بيمار، اپاهج پري تائين ڏسي به ڇا ڪندو ڀلا؟
انهيءَ ڏينهن کانپوءِ مون کي نور وڌائڻ وارن ڊاڪٽرن سان رغبت وڌي وئي، استاد گليلو جا انيڪ شاگرد منهنجي نظر جو معائنو ڪرڻ آيا، پر مون بدنصيب جو ڪو ڀاڳ ئي اهڙو هو جو سمورا ڊاڪٽر جيڪي روشني بحال ڪرڻ پئي آيا، انهن مون کان استاد گليلو وارو ڏنل اوزار به کسڻ پئي چاهيو. ڇو جو انهن پنهنجي آقائن جي مرضي ۽ منشا مطابق ڪم پئي ڪيو، انهن جو اهو اصل مؤقف ڪونه هو ته ڪو آئون ڏسڻ شروع ڪريان ۽ مون کي پنهنجي پرائي جي سڃاڻپ ٿئي. انهن ته اهو پئي چاهيو ته آئون بيمار، ڪمزور، اپاهج ۽ انڌو ئي رهان.
آئون سمجهان ٿو جيوري منهنجي دُکدائڪ داستان کي مذاق نه پئي سمجهي؟
تاريخ جي عدالت جو نوڪر اٿي بيهي ٿو ۽ وڏي آواز ۾ چوي ٿو
فريادي لڳي پيو ته هاڻي ويهي ڪونه سگهندو سو تنهن ڪري کيس اُها سهولت ڏني پئي وڃي ته فريادي ڀلي سُمهي ڳالهائي....
آئون شڪرگذار آهيان عظيم تاريخ جي عظيم عدالت جو جنهن منهنجي درد کي محسوس ڪيو آهي. سماج تاريخ جي عدالت جي فرش تي سمهي پوي ٿو ۽ اڳتي ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو.
ماءِ لارڊس منهنجي زندگي ۾ هڪ نئون ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ مون کي آخري حد تائين هيسائيندڙ باب ۱۸هين صدي ۾ شروع ٿئي ٿو، جڏهن منهنجي علاج دريافت ڪندڙن جو تعداد منهنجي ڳڻپ کان ٽپي وڃي ٿو. هڪ همراهه وڏو هُل ڪري ٿو، هرطرف ممڻ مچائي ڇڏي ٿو ته سماج ۾ هينئر جيتريون به بُرايون بڇڙايون آهن، انهن جو حل مون وٽ آهي ۽ سماج جي بيماري جو علاج به مون دريافت ڪري ورتو آهي، جيڪو ڪجهه انهيءَ ڳالهايو يا ڪيو، آئون ڪري يا ڳالهائي پنهنجي ڪيس کي بدنام ڪونه ڪندس، ان منهنجي فائل تيار ڪئي، جنهن ۾ لکيائين ته سماج خود پاڻ بيمار آهي ئي ڪونه، بيمار هُجڻ جي اداڪاري پيو ڪري، اُهي بي ايمان آهن ايماندار ماڻهن جي وارثي ۾ ايندو ته اهو ناٽڪ ڪرڻ به ڇڏي ويندو ۽ سندس خراب عادتون به ختم ٿي وينديون.
مائي لارڊس، همراهه جو صاف، صاف مطلب اهو هو ته آئون بداخلاق آهيان، بُرو آهيان ۽ بيمار هجڻ جو به بهانو پيو ڪريان. مون کي رڳو ايماندار ۽ آنيسٽ ماڻهو ٺيڪي ۾ وٺن ته ڪم هلي ويندو. سچ پڇو ته افلاطون جو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو. هُن اهڙي قسم جي مثاليت ۽ خيال پسندي ته ٽي هزار سال اڳ گهڙي هئي، جڏهن آئون ست هزار سالن جو هُئس پر هن همراهه ته حد ڪري ڇڏي هئي. بهرحال آئون انهيءَ وقت ۾ ذاتي تنقيد ۽ ذاتي حملن جي شديد لپيٽ ۾ رهيس، جنهن عمل هڪڙي نئين شيءِ کي جنم ڏنو، جيئن انسانن جو علاج ميڊيڪل سائنس آهي، جنهن جي جديد ۽ آخري شاخ آهي، جينئٽڪ انجنيئرنگ جنهن جين ۽ سرجري ۾ تمام گهڻا تجربا ڪري انسانن ۾ نوان خيال ۽ لاڙا پيدا ڪيا آهن، ان کانپوءِ منهنجو علاج دريافت ڪندڙن جي جينئٽڪ انجنيئرنگ جنهن جين ۽ سرجري ۾ تمام گهڻا تجربا ڪري انسانن ۾ نوان خيال ۽ لاڙا پيدا ڪيا آهن، ان کانپوءِ منهنجو علاج دريافت ڪندڙن جي جينئٽڪ شاخ جو جنم ٿيو. مطلب پروفيسرن کانپوءِ سرجن وغيره يا آپريشن وغيره ڪندڙ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڊاڪٽر، انهيءَ شاخ جو اڳواڻ جنهن منهنجي فائل ۾ لکيو ته سماج مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي، هاڻ هن جو وڏو آپريشن ڪرڻو پوندو، مطلب پهريان هِن کي بيهوش ڪري پوءِ سڄي جسم کي وڍي ٽُڪي سمورا آرگن تبديل ڪرڻا پوندا، ڇو جو هيلوڪي بدصورتي به سندس صحت لاءِ نقصانڪار آهي. سو تنهن ڪري پلاسٽڪ سرجري ڪري بي ڍولو هر حصو ڪٽي نئون سامان لڳائڻو پوندو.
آئون هن معزز عدالت جي اڳيان ڇا چوان؟ ڪيئن ٻُڌايان ته مون سان ڇا ڇا ٿيو؟ خير ڪجهه اسپتالن ۾ مون کي ڪوريو ۽ ڪپيو ويو، پر ڪو خاص فرق نه اچي سگهيو، آئون هتي هن عدالت ۾ صرف پنهنجي مسيحائن خلاف فرياد کڻي آيو آهيان. باقي ٻئي پاسا تاريخ ۾ ڀوپن، پنڊتن، پوپن جيڪي منهنجي لاءِ علاج تجويز ڪيا جيڪر آئون پنهنجي انهن عظيم دشمنن جي ڳالهه ڪريان ته اوهان جي ڪنن جا پردا ڦاٽي پوندا. بهرحال آئون اهڙي قسم جي فضول بحث ۾ نٿو وڃڻ چاهيان.
ڳالهه اڳتي ڪندس مارڪس جي فارمولي کي نه ته اڄ تائين ڪنهن رد ڪيو ۽ نه ئي منهنجي علاج جو ڪو نئون فارمولا دريافت ٿيو. بس آئون رت ڳاڙيندو، هتي پهتو آهيان. مون کي جاهل عطائي ڊاڪٽرن کان بچايو آئون ڏسان پيو هرڪو پنهنجي ڊسپينسري مان منهنجي لاءِ ڀالو ڀريو بيٺو آهي. اڄ بقول ڊاڪٽر اينگلس جي فيصلو ٿي وڃي، مڪمل علاج يا مڪمل موت.
عدالت جو اسپيڪر اٿي بيهي ٿو ۽ چئي ٿو سماج مڪمل جذباتي لڳو پيو آهي ۽ تاريخ جي عدالت ۾ جذباتن جو اعليٰ مقام آهي، پر ٻئي پاسي اسان سندس ڊاڪٽرن جا کليل دستاويز به غور سان پڙهيا آهن، اسان سندس جذباتن جو احترام ڪندي اهو واضح ٿا ڪريون ته سماج ننڍڙي ٻار وانگر ڪڙي دوا پيئڻ لاءِ ڪڏهن تيار ئي ناهي ٿيو. هيلوڪا طبيب پنهنجي جڳهه تي پر ماضي ۾ کيس تمام بهترين حڪيم مليا آهن، جيڪر هي انهن جون ڪڙيون دوائون کائي ها ته شايد اُهي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. هي عدالت سماج جا سمورا نوٽيس رد ڪري ٿي ۽ کيس هن عدالت مان ڌِڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ جو حُڪم جاري ڪري ٿي. ٻئي لمحي فريادي پنهنجو پاڻ کي ڪِچري جي ڍير تي ڦنڪندي محسوس ڪري ٿو ۽ هميشه هميشه جي لاءِ اکيون پوري ڇڏي ٿو.

No comments:

Post a Comment