Saturday, November 10, 2012

ٽيون وڳو - محمد علي پٺاڻ


ٽيون وڳو
محمد علي پٺاڻ
وس ته ڏاڍا ڪيائين، پر مڙسهنس هيروئن پيئڻ واري علت کان پاڻ کي باز رکي نه سگهيو. هن جي غريباڻي گهر جون خوشيون اجڙي ويون. مرڪ چپن کان موڪلائي ويس ۽ اکيون اڪثر لڙڪي جي سمنڊ ۾ ٻڏل رهڻ لڳس. ڏک جي اهڙن شديد لمحن ۾ هوءَ گهڻو ڪري خودڪشيءَ وارن خيالن جي ڪُن ۾ ڦيراٽيون پائڻ لڳي. ڪڏهن چاهيائين پئي ته شهتير ۾ کٽ جي واڏڻ وجهي، سرڪڻ ڦاهي ٺاهي پاڻ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏي، ته ڪڏهن ريل هيٺان يا درياھ ۾ ٽپو ڏئي حياتيءَ تان هٿ کڻڻ جو سوچڻ لڳي، پر سدائين پنهنجي مرحيات ماءُ جا اهي لفظ ياد ڪري ته، ”پنهنجي هٿ سان پاڻ کي ماريندڙ تان دوزخ جي باھ ڪڏهن به نه هٽندي“ هوءَ پاڻ مارڻ جو اردو تبديل ڪري، نه چاهيندي به زهر جهڙي زندگيءَ سان نڀاءُ ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي هئي.


مڙسهنس رازڪو ڪم ڇڏڻ سان گهر کان مڪمل طور لاتعلق ٿي ويو. چلھ جي ٻرڻ نه ٻرڻ جي ڳڻتيءَ هاڻي هن جي ذهن جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جنم نه پئي ورتو. شروع شروع ۾ سڄو ڏينهن گهر مان غائب رهڻ کان پوءِ رات جو هميشه دير يا سوير گهر ايندو ضرور هو، پر جڏهن ان ڌٻڻ ۾ پيرن کان وٺي مٿي جي وارن تائين گپجي ويو، ته گهر جو در وسري ويس. ڏينهن ۽ هفتن کان پوءِ مهينن جي وٿي به پئجي ويندي هئس. پهريان ته هوءَ برقعو پائي، پاڙي جي ڪنهن نه ڪنهن ٻار کي ساڻ ڪري هن کي هيروئن جي مختلف ٺڪاڻن تي ڳوليندي هئي ۽ وڏي مشڪل سان هو جڏهن ڪٿي نظر به ايندو هوس ته ڪيترن ئي حيلن ۽ وسيلن کان پوءِ به گهر هلڻ تي راضي نه ٿيندو هو. هڪ ٻه دفعا ته هن مڙس کي ٻانهن کان وٺي گهر ڏانهن گهلڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر پوءِ کيس پنهنجون اهڙيون ڪوششون اجايون محسوس ٿيون ۽ تڏهن هن مڙس جي موجودگيءَ کي وسارڻ شروع ڪيو ۽ آهستي آهستي جيئن ئي ان ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ته پنهنجي زندگيءَ کي پنهنجي انداز سان گذارڻ شروع ڪيائين. پاڙي جي هڪ سرنديءَ واري گهر مان ٽي وقت الله جي نانوَ جي ماني ملڻ لڳس ته هوءَ پيٽ ڀري کائي الله جا شڪرانا بجا آڻڻ لڳي. گهر مان اڪيلائيءَ جي احساس کي دور ڪرڻ لاءِ هن پاڙي جي ٻارن کي قران شريف جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. سندس اهڙي عمل جي ڪري گهر ۾ سڄو ڏينهن رونق لڳي پئي هوندي هئس. هڪڙا ٻار ويندا هئا ته ٻيا ايندا هئا. ائين نه صرف پنهنجي دل تان ڏکن جو بار هلڪو ڪرڻ ۾ مدد ملڻ لڳس، پر جيئڻ جو اتساھ به حاصل ڪرڻ لڳي.
انهن ئي ڏينهن ۾ ماڻهن کيس ٻڌايو ته، مڙسهنس ڪلهي ۾ پلاسٽڪ جو ٻاچڪو لڙڪائي شهر جي گهٽين ۽ گندپيتين تان پاٺن، شيشين ۽ ٻين ڀڳل ٽٽل پلاسٽڪ جي شين کي ميڙڻ جي ڪرت کي اپنايو هو. ڪجھ ماڻهن ته کيس اهو به ٻڌايو ته مڙسهنس هاڻي سنهيون ٿلهيون چوريون به ڪرڻ لڳو هو، جن جي ڪري هڪ ٻه ڀيرا ٿاڻي جو منهن به ڏٺو هئائين، پر پوليس کيس جيل ڀيڙو ڪرڻ بجاءِ ٿاڻي مان ان ڪري هڪالي ڪڍيو هوس جو مئجسٽريٽن گهڻي ڀاڱي پوليس کي هيروئن جا ڪيس داخل ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي هئي.
سال کن اول هڪ ڏينهن اوچتو جڏهن هوءَ هڪ کٿابڻ پاران قران شريف پڄائڻ تي نذراني طور مليل نون ڪپڙن جو جوڙو وهنجي سهنجي پائي آئيني جي آڏو آئي هئي ته کيس پنهنجي شاديءَ جي پهرين رات ياد اچي وئي هئي، جنهن ۾ مڙسهنس هن جي سونهن کي چنڊ سان ڀيٽ ڏئي، هن جي دل کي باغ بهار ڪري ڇڏيو هو. تنهن گهڙيءَ کائنس پنهنجي ننڍي هوندي ئي رنڙ ٿي ويل ٻڍڙي امڙ (جنهن جو هوءَ اڪيلي اولاد هئي) جو اهو ڏک به وسري ويو هو، جيڪو هوءَ کيس ڪنوار جي روپ ۾ به ڏسي پاڻ سان گڏ کڻي وئي هئي.
آئيني ۾ پاڻ ڏسي پوءِ هوءَ جڏهن اڱڻ ۾ رکيل کٽ مٿان اچي ويٺي هئي ته شاديءَ کان پوءِ وارن خوشگوار زندگيءَ جي ڏينهن جي ياد سندس دل کي سمنڊ جي وير وانگر ويڙهي ڇڏيو هو. مڙس جو ٽماٽي جهڙو ڳاڙهو چهرو اکين آڏو ڦري آيو هوس ۽ ڪنن ۾ اُهي ٽهڪ گونجي پيا هئس، جيڪي مڙسهنس ڪم کان موٽڻ کان پوءِ ساڻس رهاڻيون ڪندي ڳالھ ڳالھ تي ڏني وٺندو هو. هن وانگر مڙسهنس جا والدين به شاديءَ کان اڳ الله جي ڏاڍي ڏور ۾ ٻڌجي وڃي قبر ڀيڙا ٿيا هئا، ان ڪري ٻنهي کي هڪ ٻئي جي تنهائي دور ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو هو.
پر هن جي خوشيءَ ۽ ٽهڪن جا اهي ڏينهن گهڻو جٽاءَ نه ڪري سگهيا. نون مهينن تائين پيٽ ۾ پليل ٻار مئل ڌيءُ جي صورت ۾ جڏهن مڙسهنس جي سامهون آيو ته زلزلي جي جهٽڪي جيان هن جي خوابن جي عمارت ڀور ڀور ٿي وئي، پوءِ هن ساڻس ڳالهائڻ ٻولهائڻ به صفا بند ڪري ڇڏيو.
اهڙن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن مڙسهنس کي هيروئن پيئڻ جي هير وڌي ۽ هو پنهنجي صاف سٿري زندگيءَ جا نقش ونگار بگاڙي ويٺو.
کٽ ٿي ويٺي هوءَ اهي ڳالهايون سوچي ئي رهي هئي ته گهر جي ٻاهرين دروازي مان هڪ کٿابي ٻارڙي جو چهرو نمودار ٿيو هو. جنهن اچي ٻڌايو هوس ته مڙسهنس کي ڪن ماڻهن چوري ڪندي پڪڙي، ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو. ٻار جي اهڙي ڳالھ تي هن جي هينئين اڇل کاڌي هئي ۽ برقعو پائي گهر مان نڪرڻ واري هئي ته مڙس جي موجودگيءَ کي وسارڻ واري ساڳي سوچ مٿس حاوي ٿي وئي هئي ۽ هن ويندي ويندي پنهنجي قدمن کي روڪي ورتو هو!
ائين سال سوا مڙس جي سوچ کي ذهن مان تڙيندي گذارڻ کان پوءِ اڄ صبح جو جڏهن هن معمول موجب ٻارن کي قران شريف جو سبق پئي ڏنو ته اوچتو مڙسهنس گهر جو ٻاهريون در ٽپي اندر داخل ٿيو. ڪاوڙيل اکين سان هن مڙس جي چهري ڏانهن ڏٺو، جنهن تي ڌڪن جا ڪارا نشان نمايان نظر آيس. هو ڪنجهندو ڪرڪندو هن ڏانهن نظر کڻي ڏسڻ کان سواءِ ئي سڌو ڪمري ۾ هليو ويو. مڙس جي اهڙي حالت ڏسي هنجي ڪاوڙ واري جذبي مٿان رحم جو جذبو غالب پئجي ويو، تڏهن هوءَ ٻارن کي موڪل ڏئي ڪمري ۾ مڙس مٿان آئي، جيڪو کٽ تي ڪرونڊڙو ٿي ويٺي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو. اوڏي مهل هن جي اکين جا بند به ڀڄي پيا ۽ هوءَ به مڙس سان گڏ وڏيون وڏيون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
ڪجھ گهڙين کان پوءِ ٻئي جڏهن سامت ۾ آيا ته مڙسهنس هن سان نظرون ملائي نه سگهيو ۽ اکيون کڻي هيٺ ڪيائين. مڙس جي چهري تي پکڙيل شرمساريءَ کي محسوس ڪري هن گهڻو ڪجھ ڳالهائڻ چاهيندي به ڪجھ نه ڳالهايو. خاموشيءَ سان ٽين جي پيٽيءَ مان مڙس جي ڪپڙن جو ڌوتل وڳو کڻي آئي، ڪپڙا کٽ تي رکي هن مڙس کي مهينن جي ميراڻ لاهڻ لاءِ وهنجڻ جو چيو. جنهن ڪجھ ٽائيم ترسڻ جي ڳالھ ڪري، هن جي پيرن تي هٿ رکي پنهنجي گذاريل زندگيءَ تي پڇتاءُ ظاهر ڪندي قران شريف ڏانهن هٿ کڻي پنهنجي سڌرڻ جو واعدو ڪيو ۽ هيروئن پيئڻ واري علت کان هميشه لاءِ بيزاري ڏيکاريائين. مڙس جي افسوس جون اهي ڳالهيون ٻڌي هن جي اکين ۾ ڪڏهن پاڻي ڀرجي ٿي آيو ته ڪڏهن چپن تي مرڪ ٿي تري آيس!
مڙس کي ٻيو دفعو وهنجڻ جو چيائين ته هن وري به ڪجھ لمحا ترسڻ جو چيس، جنهن کان پوءِ مڙسهنس پهريائين کيس وهنجڻ جي التجا ڪئي ۽ هوءَ مڙس جي ان التجا کي حڪم سمجهي وهنجڻ لاءِ تيار ٿي نلڪي ۾ گهڙي.
نلڪي ۾ گهڙڻ سان مڙسهنس ٻاهريون در بند ڪري هن جي سامهون ٿي بيٺو. ڪپڙا لاهي نلڪي هيٺان پاڻيءَ ۾ پاڻ پسائي هن جڏهن هڪ لڱا مڙس ڏي ڏٺو ته کي مڙس جي اکين ۾ شاديءَ جي پهرين رات واري چمڪ نظر آئي ۽ هوءَ دل ئي دل ۾ باغ بهار ٿي وئي.
وارن ۽ منهن کي صابڻ جي گج ملي اکيون بند ڪرڻ تائين هن مڙس جي ديدن سان ديدون ملايون ۽ پوءِ نلڪو گيڙي جڏهن وارن ۽ منهن تان گج هٽائي هن مڙس ڏانهن گهوريو ته اهو کيس نظر نه آيو ۽ ان سان گڏ اهي ڌوتل ۽ ميرا ڪپرا به غائب هئا، جيڪي هن نلڪي جي پاسي واري ڀت ۾ لڳل ڪليءَ ۾ ٽنگيا هئا ۽ جن کان سواءِ وٽس پهرڻ لاءِ ڪو ٽيون وڳو هيو ئي ڪو نه.......!

No comments:

Post a Comment