Sunday, November 25, 2012

اَڇي ڌرتي - رياضت ٻرڙو


اَڇي ڌرتي
رياضت ٻرڙو
رات جا نوَ ڪو اهڙو وقت ناهي، جو هروڀرو زال مڙس کي دير سان گهر اچڻ تي رهڙ ڪڍي يا ماءُ پنهنجي ڪنواري نوجوان پُٽڙي کي نرڙ تي پيار مان مِٺي ڏئي وقت سان گهر اچڻ جو تاڪيد ڪري، پر احمد ايئن ڀائيندو آهي ڄڻ رات جو نائين وڳي تائين گهر پهچڻ، سندس ٻارن پاران ڏيهاڙي جاري ٿيندڙ اهڙو حڪم آهي جنهن کي شايد موت به ٽاري نه سگهندو، توڙي جو ان حڪم نامي تي احمد جي رضامنديءَ جون ٻه صحيحون به ٿيل آهن. تنهنڪري جيئن ئي واچ جون سُيون ساڍي اٺين وڳي کان اڳتي چُرڻ لڳنديون آهن، احمد کي به گهر پهچڻ جو خيال ٿيڻ لڳندو آهي، پر اڄ اتفاق اهڙو ٿيو جو احمد دوستن ۾ گهيرجي ويو ۽ جڏهن هُو پاڻ ڇڏائي گهر پهتو ته نوَ لڳي پنجٽيهه منٽ ٿيا هئا. هن هورڙيان پنهنجيءَ زال کان ڌيءُ بابت پڇيو، ته هُن ٻڌايس، ’تنهنجو انتظار پئي ڪري.‘
’۽ فاضل؟‘ احمد وري زال کان پڇيو.
’اُهو ننڊ پيو آ.‘

سنڌوءَ ۾ پاڻي- اياز علي رند

سنڌوءَ ۾ پاڻي
اياز علي رند
ڪوٽڙي بئراج واري پل تان گذرندي نگاهون المنظر هوٽل جي ڇت تي ئي ٽڪيل رهيون. سوچون ذهن تي گھر ڪرڻ لڳيون ۽ چهري تي ماضي جي يادن اداسي جا تھ چاڙهڻ شروع ڪري ڏنا. المنظر هوٽل جي ڇت تي هو مون سان آخري ڀيرو ملڻ آ ئي هئي. اسان ٻئي ڇت جي ڇيڙي تي لڳل لوهي گرل وٽ ڪافي دير تا ئين خاموش بيٺا رهياسين.

جائز يا ناجائز - اياز علي رند

جائز يا ناجائز
اياز علي رند
آچر جو ڏينهن هو ۽ هاسٽل جي ڪمري ۾ مان گهري ننڊا ۾ ستل هوس جو ونگ مان گذرندي ڪنهن روم جي دروازي کي زوردار لت هڻي ڪڍي ۽ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. اکيون مهٽي ڏٺم ڪمري جي دري جي سيرن مان سج جا ڪرڻا زبردستي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا ۽ پاسي واري کٽ تي ستل الطاف ننڊ ۾ مسڪرائي رهيو هو شايد کيس خواب ۾ اسڪالرشپ ملي وئي هوندي ڇوجوجاڳندي ته هو هميشه اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن جيترا پنا اسڪالرشپ لاءِ درخواستون لکي لکي ضايع ڪيا آهن ايترا هن يونيورسٽي جي چئن سالن دوران نوٽس ٺاهڻ ۾ به استعمال نه ڪيا هوندا. الطاف جي چهري تان مسڪراهٽ اچانڪ غائب ٿي وئي ۽ هو ننڊ ۾ ڳالهائڻ لڳو کيس نه رڳو ننڊ ۾ ڳالهائڻ جي پر هلڻ ۽ وڙهڻ جي به عادت آهي. هو خواب ڏسندي ڏسندي اٿي پوندو آهي ۽ هاسٽل جي ونگن، پارڪ ۽ ڇت وغيره جا چڪر هڻندو آهي ۽ صبح جو کيس ڪجھ به ياد ناهي هوندو. جيڪڏهن هو خواب ۾ ڪنهن سان جھيڙو ڪندي ڪندي اٿي پوي ته جيڪو به هٿ اچيس تنهن کي ڏاڍو بڇڙو ڪري وجھندو آهي، ان کان اڳ جو هو اٿي پوي مان ٽپ ڏيئي کٽ تان لهي پيس ۽ دروازو کولي ٻاهر نڪري آيس. کاٻي پاسي چند وکن تي ڪنٽين هئي مان بنا بريڪ ڏانهس هلڻ لڳس. ڪنٽين جون بئنچون تقريبن خالي ۽ ڊگھيون ٽيبلون ڇوڪرن سان ڀريون پيون هيون. محبت (چانهه وارو) هنڍو چلهي تي چاڙهيو بيٺو هو ۽ چلهي سان لڳو لڳ ماربل سان ڍڪيل دڪي تي سرور اخبار جي صفحن ۾ گم هو. ڪنٽين ۾ داخل ٿيندي شاهد جي ٽهڪن جي آواز تي ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺم جيڪو قادر جي وارن تي هٿ ڦيري کيس تنگ ڪري رهيو هو ۽ قادر کيس چيلهه ۾ آڱر هڻندو ڊڪائيندو پئي آيو. مان ترين جي زور تي ماربل سان ڍڪيل دڪي تي چڙهي سرور جي سامهون ويهي رهيس هن مون ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ پنهنجي مسڪراهٽ سان منهنجو استقبال ڪيو ۽ وري اخبار ۾ گم ٿي ويو. محبت عادت موجب پاڻي جو دٻو ۽ ساسر تي ٻه ڪيڪ رکي منهنجي آڏو رکيا.

چاليھ روپيا. - مٺل جسڪاڻي

چاليھ روپيا....
مٺل جسڪاڻي
اڄ شام هو غيرمعمولي طور وڌيڪ ٿڪل ۽ طبيعت ۾ چڙچڙو پئي لڳو، ان ڪري منهن نه پوڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم، پر ڪيئن ٿي نٽائي سگهيس!؟
مون کي پنهنجو ۽ هن کي سندس، سک سور سلڻ لاءِ ٻيو ڪو سجهي ئي نه ٿو، ان ڪري روز شام جو هڪ ٻئي کي ڳولي لهڻ اڻ ٽر هوندو آهي. جنهن ڏينهن پاڻ ۾ نه ملندا آهيون، ان ڏينهن اسان ٻنهي جي گهرن ۾ ٻڙڌڪ متل هوندو آهي.

ڪارتوس - شوڪت لوهار

ڪارتوس
شوڪت لوهار
هوٽل تي چانهه پيئندي پهريون دوست ”جيڪڏهن هٽلر نه ڄمي ها ته شايد هندستان مان انگريز نه وڃن ها“ ٻيو دوست ”اهو وري ڪيئن؟“
پهريون دوست اِهو ائين ته هو جيڪڏهن انگلستان تي ڪاهه نه ڪري ها ته انگريز بوکلائپ جو شڪار ڪونه ٿين ها ۽ نتيجي ۾ هنن جا اڄ سوڌو هٿ قابض هجن ها.
”نه ائين ڪونهي“
”ائين آهي“
”هٽلر سڀ کان وڏو قومپرست هو“
”ها ها ها“
”کلين ڇو ٿو؟“

نسيم نسيم کرل کرل - ارشاد ميمڻ

نسيم نسيم کرل کرل
ارشاد ميمڻ
ڪجهه مهينا اڳ انگريزي رسالي هيرالڊ جي سنڌي صحافي موسيٰ ڪليم مُڙسي  ڏيکاري. هيڏانهن هوڏانهن ڪري، ڪجهه دوستن جي مدد سان ڪچي جي علائقي وڃي رسيو. وچولي ۽ اُتر سنڌ ۾ رڻ ٻاريندڙ ڌاڙيل نذرو ناريجي جو انٽرويو ڪري آيو. پنجابي يا پناهگير ماڻهوءَ کي ته ڌپو ڪونه پوي ها، هن همراهه ٻي خبر به آندي. نذرو، ربوءَ جو پٽ آهي. ان شخص جو تُخم جنهن هٿان سنڌ جي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار نسيم کرل جو موت ٿيو. ليکڪ ڪا دير نذروءَ جي تصوير آڏو رکي سندس پيءُ جو  مُهانڊو ڳوليندو رهيو. يونيورسٽيءَ پُهتل ربو ناريجو ۽ منجهس وحشت جا نسيم جهڙي يگاني تخليقڪار جي قتل جو سبب ٿي. راويءَ هڪڙو ڪم اڃا ڪيو. ڪمپيوٽر تي کرل ڪٽنب جي نعيم صاحب جو فوٽو ڪڍي ويچار ۾ رهيو. ڄاڻايل وڏيرو پيپلز پارٽي ءَ جو ايم پي اي آهي ۽ تازو ئي مڪاني ادارن جي تڪراري بل کي اسيمبلي مان ڪميڻائپ سان پاس ڪرائڻ ۾ چُست حصو ورتائين. سندس اکين، نڪ، چپ ۽ باقي نقش ۾ نسيم جي معصوميت  تلاش ڪرڻ اجايو لڳو. برابر، هر انسان پنهنجا ڪرَمَ ڍوئي. تڏهن پڻ، هن جي ذات جو پاڇو آسپاس آتمائن مٿان ضرور پوي ٿو. ايئن نه هجي ته نذروءَ سان گڏ بابهنس ربوءَ جو نانءُ لکڻ جي ڪليم کي ڪهڙي ضرورت هئي يا وطن جي سودي مهل جناب نعيم کرل جي هوڙ يائپ جو ارمان ڇاڪاڻ.

Friday, November 23, 2012

بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ”اوجاڳن جو سوڳ“ جو...



بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ” اوجاڳن جو سوڳ “ جو مهاڳ ادب زندگيءَ جو ٽمپريچر آهي محمد صديق منگيو سعادت حسين منٽو چواڻي، ته ...

Friday, November 16, 2012

زندگيءَ جي واٽ تي - رياضت ٻرڙو


زندگيءَ جي واٽ تي
رياضت ٻرڙو

رات جا ٻارنهن به ٿي ويا، پر هو ويٺو رهيو ۽ سامونڊي ڇولين کي هلڪي چانڊوڪيءَ ۾ هوري هوري پاڻ ڏانهن ايندي محسوس ڪندو رهيو. ان محسوسائيءَ ۾ هلڪي موسيقي به هئي، جيڪا هن کي اڻ ڏٺين زنجيرن وسيلي جهليون ويٺي هئي، پر سمنڊ کي اها ڄاڻ پئجي نه سگهي هئي ته هن جي اکين ۾ به هڪ سمنڊ هيو، جنهن جي گَھِرائي اڻ ڪڇي هئي، ۽ ان سمنڊ ۾ هڪڙو وجود پنهنجي فنا ۽ بقا کان بي پرواهه ٿي، ٻُڏي به رهيو هو، تَري به رهيو هو، ۽ پوءِ اوچتي هڪ آواز، هن جي اندر جو آواز، فضا ۾ پکڙجي ويو:
”سمنڊ ڪناري،
واريءَ جو گهر ٺاهيوسي،
”توکي چاهيوسي.“

Tuesday, November 13, 2012

Monday, November 12, 2012

ليڪ جي هن پار - جهان آرا سومرو


ليڪ جي هن پار
جهان آرا سومرو
محبت جون چند گهڙيون ڪيڏون نه اڻ ملھ آهن! رسڻ کان سواءِ پرچڻ وارا احساس ڪيڏا نه حسين هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي احساس ۽ جذبا وري وري وڙهڻ وارا نه هوندا آهن. اهي گهڙيون وقت جي آڱرين سان ڇهجي دل جي ڪينواس تي محسوسات جي حسين رچنا بنجي اڀرنديون آهن ۽ ڪو به مصور وري ساڳيو شاهڪار ٻيهر نه ٺاهي سگهيو آهي.

ٻٽو نظام ۽ شيطان - امر لغاري


ٻٽو نظام ۽ شيطان
امر لغاري

هڪ ڏينهن عوام جي وڏي پنهنجي ڪچن ڪئبنيٽ جو اجلاس گھرايو. وزيرن ۽ مشيرن جي فوج کان سخت پڇاڻو ڪندي چيائين؛ ”مون کي اوهان مان ڪو ان سوال جو جواب ڇو نه ٿو ڏئي ته؛ هيءُ جيڪو پاڻ عوام جي بهتريءَ لاءِ نظام لاڳو ڪيو آهي، ان کي سنڌ جا ماڻهو ٻٽو ڇو ٿا چون؟“
وڏي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻه ساڄا کاٻا وزير ويٺا هئا. هو ساڄا ۽ کاٻا انڪري هئا جو انهن مان هڪ ساڄي ڌر ۽ ٻيو کاٻي ڌر کي ڊيل ڪندو هو. وڏي ساڄي ڌر کي ڊيل ڪرڻ واري ڀاري ڀرڪم وزير کي چيو ته؛ ”پهريان تون ٻڌاءِ!“

سدابهار چنبيلو - امر لغاري


سدابهار چنبيلو
امر لغاري
ٻه رٽائرڊ دوست ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ ماني کائڻ ويا. ٻنهي مان جيڪو مڙهو هو تنهن جو نالو مسٽر (ر) سدا بهار چنبيلو هو. اتفاق سان ٻئي اديب هئا. هڪڙي ٻئي کي چيو ته ”يار، مونکان وڏي غلطي ٿي ويئي!“
 ٻئي پڇيس،”ڪهڙي؟“
”يار، اڄ مون کي اديبن جي اسيمبليءَ ۾ وڃڻو هو!“
”اديبن جي اسيمبلي نه ٿيندي آهي، اديبن جي ڪانگريس ٿيندي آهي!“ٻئي کيس پنهنجي ذهانت سان  درست ڪندي چيو،”اديب ڪي اسڪولي ٻار ڪونهن جو سندن اسيمبلي ٿيندي هجي! “

ڪاٽا ٿيل لغڙ جي ڪٿا - شبير حسين ”شبير“


ڪاٽا ٿيل لغڙ جي ڪٿا
شبير حسين ”شبير“
انهن ڏينهن ۾ آسمان لغڙن جي موسم جو مزو وٺي رهيو هو، بهار جي بي چئي موسم دلين جي ڌرتيءَ تي مينهن جي ڪڻين جو آڌر ڀاءُ به ڪري چڪي هئي. ساري شهر جون ڇتيون لغڙن رِيمن ۽ سندر ڍيرن سان ڀريون پيون هيون. ايئن پئي لڳو ڄڻ آسمان تي رات کان پهريان ڪي نوان ستارا اڀريا هجن.
عليءَ جي زندگي ۾ هيءَ بهار ڪجھه الڳ نموني ھئي. سندس دل جي زمين ۾ اڻ ڏٺل، نون گلن جنم ورتو هو. سندس وجود جو هي پهريون  بهار هو، جنهن مينهن ڪڻين جي ساز سان، سندس وجود جي زمين تي نئين رقص جا پيرا وڃايا ها.

انصاف - ڪريم لغاري


انصاف
ڪريم لغاري
تاريخ جي عدالت ۾ هڪڙو فريادي آيو آهي.
جيوري جنهن جو ڪوبه نالو ناهي.
اوهان پنهنجي نالي سان پنهنجي بيان جي وضاحت شروع ڪريو.
منهنجي سڃاڻپ جا هر ڪنهن وٽ الڳ الڳ آهي، پر اوهان جي قانوني دستاويزن ۾ منهنجو نالو سماج آهي.
جڏهن کان ڄائو آهيان بيمار آهيان.
آرڊر آرڊر
هي عدالت آهي ڊسپينسري ناهي.

Saturday, November 10, 2012

ٽيون وڳو - محمد علي پٺاڻ


ٽيون وڳو
محمد علي پٺاڻ
وس ته ڏاڍا ڪيائين، پر مڙسهنس هيروئن پيئڻ واري علت کان پاڻ کي باز رکي نه سگهيو. هن جي غريباڻي گهر جون خوشيون اجڙي ويون. مرڪ چپن کان موڪلائي ويس ۽ اکيون اڪثر لڙڪي جي سمنڊ ۾ ٻڏل رهڻ لڳس. ڏک جي اهڙن شديد لمحن ۾ هوءَ گهڻو ڪري خودڪشيءَ وارن خيالن جي ڪُن ۾ ڦيراٽيون پائڻ لڳي. ڪڏهن چاهيائين پئي ته شهتير ۾ کٽ جي واڏڻ وجهي، سرڪڻ ڦاهي ٺاهي پاڻ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏي، ته ڪڏهن ريل هيٺان يا درياھ ۾ ٽپو ڏئي حياتيءَ تان هٿ کڻڻ جو سوچڻ لڳي، پر سدائين پنهنجي مرحيات ماءُ جا اهي لفظ ياد ڪري ته، ”پنهنجي هٿ سان پاڻ کي ماريندڙ تان دوزخ جي باھ ڪڏهن به نه هٽندي“ هوءَ پاڻ مارڻ جو اردو تبديل ڪري، نه چاهيندي به زهر جهڙي زندگيءَ سان نڀاءُ ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي هئي.

Monday, November 5, 2012

مفاد پرست محبتون - ايس سرمد


مفاد پرست محبتون
ايس سرمد
اڌ ڪلاڪ  کان هو گوڏن ڀريو جهڪيو سندس پيرن ۾ ويٺو روئي رهيو هو. هوريان هوريان سندس نڙيءَ مان آواز پئي نڪتو جنهن ۾ رڳو شرمندگي ۽ ندامت جو احساس هو. ۽ هوءَ پيار سان سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي پئي رهي.

عورت، عورت - ايس سرمد

عورت، عورت
ايس سرمد
سپاهي کي ملاقات جي خرچي ڪرائي، انور جيل جي ملاقاتي هال ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ گوهر جو انتظار ڪرڻ لڳو. سندس کاٻي هٿ ۾ کنيل ڪار ڪَلي ۾ گوهر جا ڪپڙا ۽ موسمي فروٽ هيو.
هال ۾ ڪجهه ٻين قيدين جي ملاقات به آيل هئي ان ڪري هال ۾ ڪجهه گوڙ هيو. ڪجهه وقت جي انتظار کان پوءِ شيخن جي پويان گوهر ظاهر ٿيو ته انور جي چهري تي سرهائي وکرجي وئي. مهيني کان پوءِ ٻنهي ڀائرن جي ملاقات ٿي هئي. سلام دعا کان پوءِ ٻئي ڀائر حال احوالي ٿيا. آس پاس جي گوڙ ۽ ڪجهه مفاصلو هجڻ ڪري ٻنهي جي آواز ۾ تيزي هئي.

بلبل سائينءَ جو ڪَتبو - امر لغاري


بلبل سائينءَ جو ڪَتبو
امر لغاري
(هر فاتح جا هٿ خالي هوندا آهن: ارنيسٽ هيمنگوي)
سچل جي پيرانديءَ کان بيٺي، هـُـن جڏهن پنهنجا هٿ دُعا لاءِ ڊگهيڙيا، ته سامهون ديوار جي هڪ ننڍڙي ڳڙکيءَ مان هـُن کي هڪ بـُّربلو نظر آيو، جو کٻڙ جي سـُـڪل پيروئن کي ڏاڍي مزي سان کائي رهيو هو. سچل تي هن جي اها آخري حاضري هئي. پنهنجن آڱرين جي وٿين مان اک ڪڍي جڏهن غور سان ڏٺائينس ته خبر پيس، هـُن جي هڪ ٽنگ ڀڳل هـُئي ۽ ميوي کي جڏهن ٽڪيائين ٿي ته هـُن کان پاڻ سنڀاليو نه پئي ٿيو. هو دُعا گهري درگاهه جي اڱڻ تي اچي بيٺو، سامهون پراڻن يادگار کٻڙن تي ”ٽيڪڙو ٽيڪڙو“ ڪندڙ بربلن کي ڌيان سان ڏسڻ لڳو. هـُن کي اُهو زمانو ياد آيو، جڏهن هو ناري جي اُن پراڻي پٽ مان بــُـربلا ڦاسائي وڪڻندو هو، جتي سانوڻي هر سال هڪ انوکي بهار کڻي ايندي هئي، جنهن جي آجيان ۾، ڄاڱري ٻيرين جا ٽار به سرهائي محسوس ڪندا هئا، جن تي ڪارا ايراني ۽ سنڌي بـُـربلا جيت جڻين پٺيان سڄو ڏينهن پيا ٽـِـپا ڏيندا هئا. اِهي مئي ۽ جون مهينن دوران بيماريءَ هيٺ آيل پيلن پنن کي وري سائو ٿيندي ڏسي، پنهنجون ننڍڙيون معصوم چنهنبون هڻندي، پنهنجو پاڻ کي سـُـک ۽ شانتيءَ واري ماحول ۾ محسوس ڪندا هئا. پر افسوس جو هاڻ، اِنهن نادان ۽ نفيس قسم جي ننڍڙن پکيئڙن سان لاڳاپيل منظرناما، جن جي ٻولين کي شاعرن جي دائمي جذبن واري زبان مليل هئي، آهستي آهستي اکين کان اوجهل ٿي رهيا هئا!

دل جي ڪُنڊ ۾ ڄمي ويل برف - منور سراج

دل جي ڪُنڊ ۾ ڄمي ويل برف
منور سراج
هاڻي ته خير ڏُک جا ڏينهن گذاري آئي آهي، اڪيلائيءَ جو بنواس ڀوڳي موٽي آهي ۽ وڇوڙي جي پن- ڇڻ اُڪاري آئي آهي، پر...!
پر تڏهن ڏاڍي اذيت ۾ مبتلا ٿي پئي هئي جڏهن پٽس تي ننڍڙيءَ ڄمار ۾ وڏو ڪارو پاڇولو پئجي ويو هو.

پراڻو گراهڪ - ممتاز بخاري


پراڻو گراهڪ

ممتاز بخاري
”موت جي ته ڪا معنيٰ ئي ناهي، ان جو قصو اتي ختم ٿيو. جڏهن تعلق جي ڳنڍ کلي وئي. جيئڻ ۾ جڏهن چاهه جو سبب نه هجي ته پوءِ انسان آهي به، ناهي به- دنيا ۾ هجڻ يا نه هجڻ سان فرق ناهي پوندو، کلڻ يا روئڻ اجايو ٿي وڃي ٿو.“ هو سوچيندو رهيو.

سانت سان ڀريل ڪھاڻي - علي بابا


سانت سان ڀريل ڪھاڻي
علي بابا
آئون نقاد نه آهيان. بس مونکي رڳو ايتري خبر آهي ته ڪهاڻيءَ جي معنيٰ ڪنهن پر به ’ڳجهارت ڳجهڙي جنهنکي نه ڪن نه پُڇڙي آهي، ڪهاڻي ڪو ڏيڏريءَ جو ويم نه آهي. جهڙيءَ ريت علامتي (Symbolic) ڪهاڻيءَ لاءِ چيو ويندو آهي يا جواز ڏنو ويندو آهي ته جڏهن ليکڪ آڏو سنسر بورڊ يا آمر حڪمران جي رڪاوٽ موجود هوندي آهي ته پوءِ ڪهاڻيڪار ايسپ بڻجي ويندو آهي ۽ چيف مارشل جنرل ايوب خان مهاراجا اوڌ بڻجي ويندو آهي. ڪڏهن ڪهاڻي پنهنجي سونهن لاءِ پاڻ ڪهاڻيڪار تي حاوي ٿي علامتن جي سونهري سونهن بڻجي ويندي آهي. ٻي ايبسٽريڪٽ (Abstract) ڪهاڻي آهي، جيڪا انسان جي ٻاهرين کل جي نه پر اندرين وارتائن جي ڪهاڻي هوندي آهي. انساني ذهني مونجهارن جي ڪهاڻي، جنهنکي پڙهڻ ائين هوندو آهي جئن مومل ۽ سومل جي ريشمي سُٽ جي منجهايل ڍيري، جنهنکي ڪو راڻو پڙهندڙ ئي سلجهائي سگهندو آهي.

ڌاريو - سحر گل


ڌاريو
سحر گل
هو ڌاريو هو- اها ته سڀني کي خبر پئجي چڪي هُئي-! سندس اچڻ شرط ئي سڀ ڄاڻي چڪا هُئا ته هو الڳ هو، مختلف هو، ڌاريو/ alien هو. سندس اُتي جي ڪنهن روايت سان مشابهت نه هئي. سندس جوهر ۾ ته کڻي ڇا به هو، پر سندس اظهار ۾ انساني پستيءَ جي اونهاين جهڙي پستي هُئي. انساني پستيءَ جي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي پستي!

Sunday, November 4, 2012

پريس رليز - ڪريم لغاري

پريس رليز
ڪريم لغاري
پوئتي مڙي ڏٺم پٿر ٿي ويس هڪ عورت پريس ڪلب اڳيان انوکو احتجاج ڪري رهي هئي، هُو اڪيلي بيٺل هئي، هُن جون اکيون اڳيان وهندڙ روڊ ۾ کُتل هيون، هُن جي هٿن ۾ لائيٽ گرين ڪلر جي شيٽ هُئي، جنهن تي لکيل هُيو: ”انصاف خريد ڪرڻ جي سگهه ڏيو يا انسانيت جو وڃايل آواز ڳولي ڏيو“.
هُو منهنجي ڄاتل سڃاتل هُئي، هو ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ ٽيوشن پڙهائيندي هئي، جنهن کي روشني ورهائڻ جي ڏوهه ۾ آڌيءَ رات جي هيراڪ گدڙن گُم ڪرائي مٿس ڀڄي وڃڻ جو الزام لڳايو هو.

ڪئپٽين جو فون - منظور قادر

ڪئپٽين جو فون
منظور قادر
مان پنهنجي معمول جي ڪم ۾ مصروف هئس ته ڀرسان سائيڊ ٽيبل تي منهنجو موبائيل فون وڄڻ شروع ٿيو، هڪ ٻه رنگ وڄڻ کان پوءِ فون کڻي ورتم، هونئن به ٽين بيل کان پهريان فون اٽينڊ ڪرڻ منهنجو اصول آهي، پوءِ ڀلي ڪال ڪرڻ وارو سڃاتل هجي يا اڻ سڃاتل! ڪو به نئون نمبر ڏسي مون فون اٽينڊ ڪرڻ کان نه گهٻرايو هوندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي پنهنجي زندگيءَ جي اصول مطابق اها بداخلاقي چئبي.
اسلام عليڪم..... فون جو ييس وارو پيڊ دٻائيندي چيم.
ڪهڙا حال آهن، ماءِ ڊيئر ڪزن؟
پريان کان منهنجي سلام جو جواب ڏيڻ بدران رعبدار آواز ۾ سوال ڪري وڌائين.

سپنن جو انت - رضوان گل

سپنن جو انت
رضوان گل
عامر فليٽ جي گئلريءَ مان ڪراچيءَ جي تيز رفتاري زندگي وڏيون وڏيون بسون، چمڪندڙ خوبصورت ڪارون ۽ شاندار اوچيون عمارتو ڏسندي سپنن جي حسين وادين ۾ گم ٿي ويو هو. ٻن ڪمرن جو فليٽ، سٺي نوڪري ۽ ننڍڙي گاڏيءَ کان علاوه سندس سپنن جي راڻي فائزه ساڻس گڏ، ڪراچيءَ جون مڌ مست هوائون، سمنڊ ڪناري جون من موهيندڙ شامون، لانگ ڊرائيو، هوٽل تي ڊنر، زندگيءَ جي انيڪ مسئلن تي بحث، بچپن جون يادون، وڏا وڏا ٽهڪ ۽ فائزه جي حاصلات جو دل کي اطمينان ڏياريندڙ احساس.

Saturday, November 3, 2012

اوسيئڙو - اشتياق انصاري


اوسيئڙو
اشتياق انصاري
"امان! درياهه ته صفا ڦاٽي ٿو ڦاٽي! پاڻي اچي موسي واري مياڻ سان لڳو آهي، رات ته اسان جي ڳوٺ جون ڀر واريون ڀڪون به ڪيري ڇڏيون اٿائين. لڳي ٿو ته هيل وري ڪچو ڇڏي، بند تي هلڻو پوندو."
دلبر درياهه تان تڙ ڪري موٽڻ بعد آلو انگوڇو لوڙهي تي وڇائيندي چيو.
"ابا! درياهه باشا آهي، باشا سان ڪهڙو مهاڏو ڏبو. پڻهين به چئي پيو ته هيل پاڻي ته نسوري قيامت ٿي اچي. وريل وارا ته ٽپڙ ٽاڙي کڻي ڳوٺ ڇڏي ويا. پنهنجا گهرڙا وري به پوٺي تي آهن، ڏسئون!"
ماڻهنس ائين چئي ماني کٽ تي رکندي دلبر کي چيو:"پٽ، هي ٻه گرهه نيرن کائي وٺ ته مان پڻهين کي اٿاري وٺان."

Friday, November 2, 2012

سوالِي پيپر - رياضت ٻرڙو


سوالِي پيپر
رياضت ٻرڙو
امتحاني مُند سالَ جي وقفي کان پوءِ موٽي آئي.
استادن، والدين، دوستن، مِٽن مائٽن، ڪاليجي ڪامريڊن ۽ شاگردن جون سرگرميون تيز تر هيون. هر ڪو ڪوشش ڪري رهيو هو ته ساڻس واسطيدار شاگرد جو پيپر ’واهَه جو ڀلو‘ ۽ ’مڪمل‘ حل ٿئي. ان لاءِ عام ماڻهن ۽ عام شاگردن جو مارو گائيڊن تي هو، جيڪي عموماً سبجيڪٽ موجب صبح جو بُڪ اسٽورن تان ورتيون وينديون آهن، جڏهن ته خاص ماڻهن ۽ خاص شاگردن لاءِ سُٺن ۽ مشهور پروفيسرن جي لکيل نوٽسن سميت استاد صاحب پاڻ به خدمت ۾ حاضر هئا. اهڙن ئي پروفيسرن مان هڪُ پروفيسر واحد بخش به هو، جنهن جو سبجيڪٽ ’طاقت وارو‘ يعني فزڪس هو.