Tuesday, October 9, 2012

وڃائجي ويل ماڻهو - بلراج منيرا/ طفيل مگسي


وڃائجي ويل ماڻهو
بلراج منيرا/ طفيل مگسي
جنهن گهڙيءَ جاڳيو، هن کي سُڌ ئي نه هئي ته ڪهڙو ٿاڻو آهي.
سو هٿ اڳتي ڪري هن بيڊ ٽيبل تان سگريٽ جو پاڪيٽ کڻي ورتو ۽ ان مان سگريٽ ڪڍي ورتائين.... سگريٽ جو پاڪيٽ اڇلائي هن ٻيهر ساڄو هٿ ڊگهيڙيو، هن کي ماچيس ٿي کتو، ماچيس خالي هو، هن خالي ماچيس کي لم ڏئي ڪمري ۾ اُڇلائي ڇڏيو، خالي ماچيس ڪمري جي ڇت سان لڳي اچي پٽ تي پيو، هن ٽيبل ليمپ ٻاري، بيڊ ٽيبل تي چار، پنج ماچيس جون دٻيون هڪٻئي جي مٿان پيل هيون، هن واري واري سان سڀني کي ڏٺو، سموريون دٻيون خالي هيون، هن پاڙ تان سوڙ کي سوريندي ڪمري جو بلب ٻاريو، ٻه ٿي رهيا هئا، فرش برف جيان ٿڌو هو.


اڃا ٻه ٿيا آهن؟ مان وقت کان بي خبر هوس، ڀانيم اجهو صبح ٿيڻ واري آهي! اڄ الائي ائين اک ڪيئن کُلي ويئي؟ هڪ ڀيرو جاڳ ٿيو پوي ته پوءِ ننڊ جو اچڻ محال هوندو آهي!! هن ماچيس جي لاءِ ڪمري جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ کي پٿوڙيو، ڪتابن جو ڪٻٽ، ويسٽ پيپر، باڪسٽ، پتلون ۽ جيڪٽ جا کيسا، پر ماچيس هجي ته ملي: هن هڪ هڪ ڪتاب کي اونڌو ڪري ڏٺو، ته من ڪا تيلي ئي هٿ چڙهي وڃي!!
ڪتاب ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، ڪپڙا، لٽا هيڏي هوڏي وکريل هئا، پيتي به کلي پئي هئي، ڪاش ڪو هن وقت پهچي وڃي!! رات جا ٻه ۽ ڪمري جي ههڙي حالت؟ سگريٽ هن جي چپن ۾ ڏڪي رهيو هو، ماچيس ڪٿان کان ملندو؟ ماچيس مليو ته....!!! ڪٿي ائين نه ٿئي، جو منهنجو ڏڪندڙ هنئون بيهي نه وڃي؟ اڄ ائين بيوقتو اک ڇو کلي؟ وقت جي ڄاڻ ئي نه پئي؟ هڪ ڀيرو اک کليو وڃي ته پوءِ ننڊ ڪٿي ٿي اچي؟ ماچيس ڪٿان کان ملندو؟ هن چادر سان ڪُلها ويڙهيا ۽ ٻاهر نڪري آيو، ڊسمبر جي ٿڌي رات هئي، اونداهيءَ جو راڄ ۽ خاموشي جو پهرو هو، ڪنهن هڪ پاسي هلڻ کان اڳ هو رستي جي وچ ۾ اچي بيهي رهيو، هن جڏهن وکون وڌايون ته کيس رستي جي خبر نه پئي، چئني پاسي اوندهه جو راڄ هو ۽ پري پري تائين چپ چاپ هئي ۽ نظر نهار تائين ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، لمپ پوسٽن جي جهيڻي روشني، رات جي اونداهي ۽ خاموشيءَ کي گهرو ڪري ڇڏيو هو ۽ چوڪ تي پهچڻ شرط هن جا پير ڄمي ويا، هتي روشني تيز هئي ۽ کير جهڙا اڇا ٽيوب چمڪي رهيا هئا، پر خاموشي اُتي به موجود هئي ۽ سمورا دڪان بند هئا، هن حلوائيءَ جي دڪان ڏانهن وکون وڌايون، ٿي سگهي ٿو بٺيءَ ۾ ڪو ڪوئلو ملي وڃي، ٻرندڙ ڪوئلو يا اجهامندڙ ڪوئلو؟ حلوائي جي دڪان جي چبوتري مٿان ڪو سوڙ ۾ هڙ جيان پيو هو.
هن بٺيءَ ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته چبوتري تي پيل هڙ کُلي پئي، ڪهڙو؟ ڇا پيو ڪرين؟ مان بٺيءَ ۾ ٻرندڙ ڪوئلي لاءِ واجهايان پيو.
چريو ته نه ٿيو آهين، بٺي وسائي پئي آهي، تو وٽ ماچيس هوندو؟ ماچيس؟ ها سگريٽ دکائڻو آهي، ٻيلي ڏاهو ٿي، ٽر هتان کان، مون کي سمهڻ ڏي، منهنجي ننڊ نه ڦٽاءِ!! چئو ته تو وٽ ماچيس ڪونهي؟ ماچيس سيٺ وٽ هوندو آهي، هو ايندو ته بٺي ٻاريندو، هاڻ هليو وڃ، هو ٻيهر رستي تي موٽي آيو، سگريٽ هن جي چپن ۾ ڏڪي رهيو هو، تيز روشني به پوئتي رهجي وئي هئي، سڀ ڪجهه پوئتي رهجي ويو هو، هو تيزي سان وکون کڻي رهيو هو، لمپ پوسٽ، لمپ پوسٽ، لمپ پوٽ، اڻ ڳڻيا لمپ پوسٽ پوئتي رهجي ويا هئا، جهيڻي روشنين وارا لمپ پوسٽ، جيڪي رات جي اونداهي ۽ خاموشيءَ کي گهرو ڪري ڇڏيندا آهن!! اوچتو هن جون وکون رُڪجي ويون، آڏو کان ڪوئي اچي رهيو هو، هو هن جي ويجهي اچي بيهي رهيو، ماچيس هوندؤ؟ ماچيس؟ سگريٽ دکائڻو آهي، سگريٽ دکائڻو اٿم....!! نه نه، مون وٽ ماچيس ڪونهي، مان ٻيڙيءَ ڇڪڻ جي عادت کان بچيل آهيان، ڇا سمجهئي؟ شايد اوهان وٽ ماچيس هجي؟ چيومانءِ نه، مون وٽ ماچيس ڪونهي!؟ گهر پيو وڃان، تون به گهر وڃ، هن وکون وڌايون، سگريٽ هن جي چپن ۾ ڏڪي رهيو هو.
هو هوريان هوريان وکون کڻي رهيو هو، ٿڪجي پيو هو، وقت کان بي خبر هن جا قدم هيڻي انداز ۾ کڄي رهيا هئا، رستي ۾ لمپ پوسٽ جڏهن به آيو ته ان جهيڻي روشني ٿي پکيڙي ۽ پوءِ وري ساڳئي اونداهي، وري لمپ پوسٽ، جهيڻو سوجهرو، وري ساڳئي اونداهي.
هو چپن ۾ سگريٽ دٻايو، هلڪيون هلڪيون وکون، هن ڦڦڙن کي دونهين جي سخت ڇڪ، محسوس ٿي رهي هئي، بدن ٽٽي رهيو هوس.
سمهڻ وارن ڪپڙن ۽ چادر ۾ کيس ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي، هو ڏڪي رهيو هو ۽ ڏڪندڙ قدمن سان هوريان هوريان وکون کڻي رهيو هو، وقت کان بي خبر، لمپ پوسٽن کان بي خبر، هڪ ڀيرو ٻيهر هن جا قدم رڪجي ويا.
هن جي آڏو خطري جو نشان هو،
آڏو پل هئي، جنهن جي مرمت ٿيڻي هئي.
حلواڻ ۾ ويڙهيل جهوني لالٽين وچ رستي تي لٽڪيل هئي، متان ڪو حادثو نه ٿي پوي.
هن لالٽين جي وٽ مان سگريٽ ٻارڻ جي وک ئي مس کنئي ته رڙ ٿيس.
ڪهڙو؟
هو خاموش رهيو.
اونداهيءَ جي ڪا اڻڄاتل هٿ کولي، سپاهي هن ڏانهن وڌيو.
ڇا پئي ڪيئي؟
ڪجهه به نه!!
ڪجهه به نه؟!
پڇان ٿو ڇا پئي ڪيئي؟
توهان وٽ ماچيس هوندو؟
مان پڇان ٿو ڇا پيئي ڪيئي ۽ توکي ماچيس جي لڳي آهي!! تون آهين ڪير؟!!
مون کي سگريٽ دکائڻو آهي، اوهان وٽ ماچيس هجي ته.... تو ڪا حرڪت پئي ڪئي!!
مون لالٽين جي وٽ مان سگريٽ دکائڻ پئي چاهيو.... اوهان وٽ ماچيس هجي ته.... ”تون آهين ڪير ۽ ڪٿي رهين ٿو؟“
مان....
ڪٿي ٿو رهين؟
ماڊل ٽائون!!
۽ توکي ماچيس گهرجي.... ماڊل ٽائون ۾ رهين ٿو.... ماڊل ٽائون آهي ڪٿي؟
ماڊل ٽائون؟
سڄي وجود کي ڦيرائي هن اشارو ڏنو.
پري پري، نيڻ نهار تائين. اونداهي پکڙي پئي هئي.
هل.... هل.... ٿاڻي هل.... ماڊل ٽائون؟ ماڊل ٽائون هتان کان سورنهن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي... توکي ماچيس ٿو کپي نه؟!! ٿاڻي ۾ ملي ويندو.
سپاهي هن جي هڪ کنڀڙ کي بلائتو پڪڙي ورتو.
هو پوليس واري سان هلڻ لڳو.
ٿاڻو انهيءَ رستي تي هو، جنهن جو انت ئي نه پيئي آيو،
هو سپاهيءَ سان گڏ ٿاڻي جي ڪڙهه جهڙي هڪ ڪمري ۾ داخل ٿيو.
ڪمري ۾ ڪيئي ماڻهو هڪ وڏي ميز جي چوڌاري ويٺل هئا.
سڀ سگريٽ ڇڪي رهيا هئا.
ميز تي سگريٽ جا ڪيترائي پاڪيٽ ۽ ماچيس رکيل هئا، سر، هي ماڻهو پُل وٽ مليو، چوي ٿو ماڊل ٽائون جو رهواسي آهي ۽ ماچيس... ماچيس جو رينگٽ لايون پيو آهي!!
”اڙي ڪتي جا....؟
جيڪڏهن اوهين اجازت ڏيو ته اوهان جي ماچيس جي تيلي ٻاري سگريٽ دکايان!؟“
ڪٿي جو آهين؟
ماڊل ٽائون؟!
ماچيس کڻان؟
ڇا ڪندو آهين؟
مسافر آهيان... ڇا ماچيس...
ماچيس.... ماچيس جا پٽ، مسافر ٿو سڏائي.... ڇڪ پنڌ کي.... ته وجهانءِ نه ڪاٺ ۾....
ماچيس....؟
هو جڏهن ٿاڻي کان ٻاهر نڪتو ته ٿٻجي پيو هو، هن هوريان هوريان هلڻ شروع ڪيو.
نڪ مان پاڻي وهي نڪتو هوس ۽ سڄو وجود ٽٽي رهيو هوس.
سگريٽ پيئڻ خراب عادت آهي!!
اهو روڳ مون ڪيئن پاليو؟
ماچيس ڪٿان کان ملندو؟
هو وقت کان بي خبر هو، لمپ پوسٽن کان اڻڄاڻ رستن کان بي خبر ۽ پنهنجي وجود کان بي خبر.
هو ٿڙندو ٿاٻڙجندو هلي رهيو هو. هن جي ٿيڙ کائيندڙ وکن ۾ نشي جي ڪيفيت هئي، پرهه ڦٽي ته لمحي لاءِ بيهي ويو، ويرم لاءِ رڪيو ۽ ساهه سوگهو ڪيائين.
آڏو کان ڪو آيو پئي ۽ هو ذري گهٽ ڪرڻ وارو هو، هو ايندڙ جي ويجهو اچي بيهي رهيو.
سگريٽ هن جي چپن ۾ ڏڪي رهيو هو.
اوهان وٽ ماچيس هوندو؟
ماچيس؟
توهان وٽ ماچيس ڪونهي؟
ماچيس لا ته مون....
هو، هن جي ڳالهه ٻڌڻ کانسواءِ ئي اڳتي وڌي ويو.
ان پاسي جتان کان هي پاڻ آيو هو.
هن وکون وڌايون، اڳتي جتان کان آيو هو!!!

No comments:

Post a Comment