Friday, October 19, 2012

اندر جنين اڌ - شوڪت لوهار


اندر جنين اڌ
شوڪت لوهار
سون ورني سج جا سونا ڪرڻا ڪونڊين ۾ رکيل پپيتي جي ساون پنن کان ٿيندا، دري جا تاڪ ٽپندا، هن جي منهن تي ڪنهن شرارتي ٻار جيئان ڪتڪتايون پائي رهيا هئا. هو گهوڙا وڪڻي، اگهور ننڊ ۾ ستل هو. هن جي پنبڻين ۾ ننڊ جي اڇن اڇن ڪبوترن پنهنجا آکيرا اڏي ڇڏيا هئا. ننڊ جي ديوي هن کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڪنهن سِڪايل محبوب جيان ٻکي ڇڏيو هو. سج جي کينچلي ڪرڻن جي اکين ۽ منهن تي هٿوراڙيون هڻڻ جي ڪري، هو ننڊ جي حسين واديءَ مان کن لاءِ موٽ کائي ٿو. هو اڌ کليل اکين سان ونڊو جي ڳاڙهن پردن کي شيشي اڳيان ڏئي، هڪ دفعو وري ننڊ جي ناوَ ۾ سوار ٿي، ساڳي حسين وادي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.


”اخبار“- ”اخبار“ هاڪر جي روايتي دانهن ۽ سندس پراڻي موٽر بائيڪ جي سرگم هن کي بستر ڇڏڻ جي وارننگ ڏين ٿيون.
اڱڻ ۾ رکيل مختلف قسم جي گلن ۽ ناريل جي وڻ تي پکين جي ٽيون، ٽيون ۽ ڪٻرين جي ٽريڪ، ٻيٽڪ هن لاءِ وڌيڪ نه سمهڻ جو ريڊ سگنل ڏئي رهيون هيون. گهر اندر ٻارڙن جو آواز، ڀڄڻ، ڊُڪڻ، ڪنهن راند ڪندي ٻارڙن جي فيصلاتن آوازن زندگي جي جاڳي پوڻ ڏانهن نشاندهي ڪئي هئي.
هفتي ۾ هڪ ڏينهن تي به ماڻهو وهنوار کان هٽي ڪري، جي ننڊ ڪرڻ چاهي ته پنهنجي مرضي سان اٿڻ چاهي، تڏهن به ائين نٿو ڪري سگهي. هو منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻندي شينڪ وٽ سوچي ٿو.
اخبارن جي ٿهي جو رٻڙ کولي ٿو ۽ گهرواري کي چانهه ۽ ناشتي لاءِ چوي ٿو.
اخبار جي شهه سرخين تي ڳاڙهين اکين سان ڏسندي، کيس اڄوڪي اخبار مڪمل طرح ملڪ جي سياسي ٺڙڪ، ٺڳين کان پاڪ نظر اچي ٿي. اڄوڪي اخبار سموري جي سموري هڪ نجي ڪمپني جي جهاز حادثي جي تصويرن ۽ خبرن سان ڀريل هئي. هرطرف ڪريش ٿيل جهاز جون خبرون ۽ تصويرون، هو وڌيڪ غور سان ڏسي ٿو، جتي هڪ وارث عورت پنهنجون هنجون هاري رهي آهي، جنهن جو جوان پٽ هن اَجل جو لقمو ٿيو هو. اخبار جي فوٽن ۾ هرطرف ڪريل جهاز جي ٽڪرن ۾ ورهايل شيون پيون هيون. هر ڏس جهاز مان ڪريل ڪانه ڪا شيءِ ڪٿي وڻن ۾ ڦاٿل هئي ته ڪٿي پري پري تائين وکريل هئي. جهاز جو ملبو ڪوهن تائين ڦهليل هو. جهاز جي عملي سميت هڪ سؤ تيرهن ماڻهو هئا، جيڪي سڀ جا سڀ لاشن جي صورت ۾ جڳهه جڳهه تي وکريل هئا. جهاز ڪريش ٿيڻ مهل باهه جو گولو بڻجي ويو هو، جنهن ۾ سوار سڀ ماڻهو سڙي ڪوئلو بڻجي ويا هئا. هو ڪريش ٿيل جهاز جون تصويرون ڏسي، جهاز جي بدنصيبي يا ملڪ جي اهم اداري سول ايوي ايشن جي ڪارڪردگي تي سوچيندي هن المناڪ واقعي کي ڳيت ڏئي اندر ۾ لاهي ٿو.
کن لاءِ هو پاڻ کي ان ڪريش ٿيل جهاز جي ٽڪرن جي وچ ۾ محسوس ڪري ٿو. جهاز جي وکريل هر شيءِ ڀڳل ٽٽل ڦيٿن، سڙيل ڳريل، ٻري ڪوئلو بڻجي ويل نوجوان دوشيزائن جهاز جي ڪپتان جي اَڌ ڦاٽل ٽوپي جي سِتاري، وڻن تي ٽنگيل سائين ۽ ڳاڙهين اڳڙين ۾، هر ٽڪري ۾ هر ڇيت ۾ هو پنهنجو وجود محسوس ڪري ٿو. پنهنجو پاڻ کي شامل سمجهي ٿو.
”اچي چانهه وٺو.“ ناشتي ۾ ڪجهه دير لڳندي، فرج ۾ پيل سڀ انڊا ٻارن جي ناشتي ۾ کپي ويا آهن.“ زال کيس ڪريش ٿيل جهاز جي ٽڪرن مان ائين ڪڍي ٿي، جيئن ريسڪيو وارا ڪنهن گٽر ۾ ڪريل ٻار کي ٻاهر ڪڍندا آهن. هن جي مسڪراهٽ به انهن جهڙي هجي ٿي، جهڙي ٻار جي صحيح سلامت نڪرڻ وقت ريسڪيو وارن جي هوندي آهي.
”هونهن“
”ٺيڪ آهي“
زيبو هي ڏس اڄ اخبار ۾ جهاز جي حادثي جي ڪيڏي نه ڀيانڪ ۽ المناڪ خبر ڇَپي آهي. هو زال کي اخبار ۾ جهاز جي تباهي جي نظارن تي آڱر رکندي چئي ٿو.
”ها! هيءَ رات به ٽي وي تي خبر هلي رهي هئي.“ بس! ڇا ڪجي، جيڪو موليٰ کي منظور. هو کيس اطمينان ۽ همدردي گاڏڙ لهجي ۾ چوي ٿي.
”ههڙا واقعا ته هاڻ اسان جي ملڪ ۾ روز جو معمول بڻجي ويا آهن. مار پوين، پئسن خاطر اهڙين ڪمپنين کي لائسنس ڏيو ڇڏين، جن جي نه ساک نه ٻاک“ سندس زال چانهن ۾ کنڊ ملائيندي چوي ٿي.
”ها! چئين سچ ٿي“
سندس زال ٻئي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي، جتان ٻارن جا چيڪاٽ اچن ٿا، گڏوگڏ سندس گهرواري جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هو چانهه مان سُرڪيون ڀريندو رهي ٿو ۽ اخبار به پڙهندو رهي ٿو.
ڪٿي معصوم ٻارڙين جي ڪنن مان زوري سونيون واليون لاهڻ لاءِ ظالمن پاران ڪن ڪپڻ جي خبر، ڪٿي ٻار وڪرو ڪرڻ جي خبر، ڪٿي ڪنهن هندو ناريءَ جي پنهنجي مرضي سان مسلمان ٿيڻ جي خبر، هو چانهه پوري ڪري، اخبار رکي ڪمري کان ٻاهر اچي ٿو.
هو ڊرائنگ روم ۾ اچي ٿو، جتي سندس وڏو پٽ ڪرڪيٽ مئچ جي ڏسڻ لاءِ ٽي وي جي اڳيان سنبريو ٺهيو ويٺو هو. اڄ شايد ڪو اهم مئچ هو جو ٻار اسڪول کان موڪل هوندي جا ننڍڙا ٻارڙا تحفا هٿن ۾ کڻي گڏ ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا.
هو ڪمري ۾ ويٺي ليپ ٽاپ تي فيس بُڪ کي اسڪرول ڪري ٿو. هو ڏسي ٿو نيون ڊولپٽس فيس بڪ تي به جهاز حادثي جون خبرون ۽ تصويرون ڇانيل هجن ٿيون.
مختلف قسم جا ڪمينٽس.
حڪومت خلاف ڪمينٽس.
ڪمپني تي پابندي وجهڻ جا ڪمينٽس.
ڪمينٽس جيڪي کٽن ئي نٿا.
”ٽيون، ٽيون، ٽيون، ٽيون“ رنگ ٽون تي هو خيالن جي مها ساگر مان ٻاهر اچي ٿو.
ان نون نمبر اسڪرين ڊسپلي تي،
”ٽيون، ٽيون، ٽيون، ٽيون“......... وري بيل وڃي ٿي، هو اڻ ڄاتل نمبر اٽينڊ نه ڪندو آهي.
”اٽينڊ ڇو نٿا ڪريو، موبائيل مٿو ئي کائي ويو آهي.“ سندس زال هن کي پنهنجي بيزاري ڏانهن ڌيان ڇِڪرائيندي چوي ٿي.
”هيلو“ اڙي يار فون ڇو نه پيو اٽينڊ ڪرين.
آءٌ آهيان عمران.
”عمران؟“
هار يار اين جي او جو پروگرام مئنيجر.
”او! ماءِ ڊيئر“ سوري يار نئون نمبر هو ان لاءِ.....
ڪر خبر ڪٿين آهين؟ يونيورسٽي کانپوءِ مليو ئي ناهين، ڪٿي گم آهين؟
ها يار! ملڻ واقعي ڪونه ٿيو آهي.
بس يار! مشيني زندگي آهي، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. بس مڙئي وقت کي ڌِڪو ڏيڻو آهي.
يار! تون ته وڃي لڳين سڻڀي سرڪاري نوڪري سان، اسان ماڻهو پيا تڳڙئون.
يار!ڳالهه دراصل اها آهي ته.......
آءٌ اوهان کي ڪيئن ٻڌايان؟!......
سائرا........ ڪير سائرا؟!
”اڙي ڀائو ڇڏ پڪائي کي“
سائرا جو نالو ٻڌندي ئي هن جي دل ۾ ساز وڄڻ لڳن ٿا. سائرا هن جو پهريون پيار هئي، جنهن کي هو اڃا تائين وساري نه سگهيو هو. سائرا، جنهن محبت جي ڪنڊائين پيچري جي هر موڙ تي هن جو ساٿ ڏنو هو. ڪن مصلحتن ۽ مجبورين سبب هن سان زندگي جو ناتو ساڻس نه ڳنڍجي سگهيو هو، پر پوءِ به سائرا ۽ سميع هڪ ٻئي کي وساري نه سگهيا هئا. سائرا هر وقت ان جي خيرخواهه ۽ همدرد رهندي آئي ۽ هميشه هن جي پيار ۽ محبت ۾ قربان ٿيڻ لاءِ تيار رهندي هئي.
سميع جي شادي ڪرائڻ ۽ گهر وسائڻ لاءِ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هو پنهنجي اندر ۾ محبت جو مها ساگر رکندڙ عورت هئي. هوءَ سميع کي حاصل نه ڪري سگهي ته به هن جي خوشي ۽ رضا تي راضي رهي هئي. هوءَ ڪڏهن به هن جي راهه جي رنڊڪ نه بڻي هئي. ”يار سائرا مون کي تنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو. هاڻ لِڪاءِ نه.
پيارا! هوءَ به هن اين جي او ۾ ڪوآرڊينيٽر هئي.
”هئي؟“ ڇا مطلب!؟ هو اُٻاڻڪو ٿي وڃي ٿو.
جاني! ڪيڏي خوبصورت عورت هئي ۽ ڪيڏي بدنصيبي جي ور چڙهي وئي.
”ڇا مطلب؟“ يار پروليون نه ٻڌاءِ، ڳالهه ڪر.
مٺا! ڪالهوڪي بدنصيب جهاز ۾ هوءَ به سوار هئي....!!
اهو ٻڌندي ئي سميع جي ساهن سير ۾ ڪُن پوڻ شروع ٿين ٿا. هن جي منهن تي هيڊ هارجي پئي ٿي. هن جي دل بيروت بڻجي وڃي ٿي. هن جي اکين ۾ DDT هارجي وڃي ٿي.
هو پنهنجو پاڻ کي اٻرندڙ پاڻي ۾ ٽٻيون هڻندي ڀانئي ٿو.
”هوءَ اسلام آباد ٽريننگ لاءِ وڃي رهي هئي.“
هن ويندي ويندي تو بابت پئي ڳالهايو. هوءَ توسان بيحد پيار ڪندڙ هئي. هوءَ تولاءِ جيئري هئي، تنهنجي ساراهه جا ڍڪ پاڻي جيان پيئندي هئي. هن توسان آخر تائين نڀايو.
”بس! مون کي اهو ٻڌائڻو هو جاني توکي افسوس کانسواءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي. صبر ڪر صبر ڪرڻ وارن سان الله گڏ هوندو آهي“
”الله حافظ“ موبائيل پريان ڊسڪنيڪٽ ٿي وڃي ٿي.
هو پاڻ کي يادن جي صحرا ۾ ڀٽڪندي ڀانئي ٿو.
يادن جو نه کٽندڙ رڻ جنهن ۾ هر ڏس ۾ هن جي سامهون سائرا سان گهاريل سادا چهچ لمحا دل تي آري بڻجي کيس کٽڪن ٿا.
هن جي اکين ۾ لڙڪن جا لاش ائين ترن ٿا، جيئن ٽائٽانڪ فلم ۾ برفائجي ويل ٺٺريل مسافرن جا لاش....
هو پنهنجو پاڻ کي هڪ دفعو وري ان جهاز جي حادثي واري جاءِ تي بيٺل محسوس ڪري ٿو. هر ٽڪري ۾ سائرا جي ساهن کي آيل ان ئي درد ۽ ايذاءُ کي Feel ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
سائرا جيڪا هميشه کيس اهو ئي چوندي هئي ته آءٌ پيدا ئي تولاءِ ٿي آهيان ۽ مرنديس به تولاءِ. هن کي ياد اچي ٿو، هو کيس چوندي هئي ته هوءَ صدي جي اُها خوش نصيب ڇوڪري آهي، جنهن سندس پيار ماڻيو آهي. هميشه جو ساٿ نه ٿيو ته ڇا ٿيو؟! محبوب سان وصال جو هڪ لمحو به ڪيتريون ئي صديون جيئڻ جو اُتساهه ڏيندو رهندو آهي.
سائرا جي المناڪ حادثاتي موت هن جي اندر کي پروڻ ڪري ڇڏيو. هو اندران ڀڄي ڀري پيو. هن جون اکيون سانوڻ جا گونگا بادل بڻجي وسڻ لڳيون. هو پاڻ کي ڪنهن رات جي سمي ۾ درياءُ ۾ اونڌي ٿيل ٻيڙي جو مسافر محسوس ٿو ڪري. هو پاڻ کي سائرا جي جسم کي لڳل زخمن ۾ زخمي محسوس ڪري ٿو.
”هيپي برٿ ڊي ٽويو“
”هيپي برٿ ڊي ٽو ڊيئر سونهن!“
تاڙين ۽ ڦٽاڪن جا آواز هن جو ڌيان ڇڪائن ٿا. هو مئل جسم کڻي ڌيءَ جي سالگرهه ۾ شامل ٿئي ٿو. هن جو پٽ ڪرڪيٽ ڏسي رهيو هو. هن جي دل ۾ اَچي ٿو ته هي سڀ کلن ڇو ٿا؟! روئن ڇو نٿا؟! پِٽڪو ڇو نٿا ڪن؟! مٿي ۾ مٽي ڇو نٿا وجهن؟!
ٽي وي تان ڪرڪيٽ ۾ ڇڪي لڳڻ جي خوشي واري آوازن بدران سائرا لاءِ پار ڇو نٿا ڪڍڻ.
هو اِهو سڀ ڪجهه چوڻ چاهي ٿو پر لفظ هن جي نڙي ۾ اٽڪي پون ٿا.
هو پاڻي بنا مڇي جيان ڦٿڪي ٿو.
”بابا- بابا“. ”امان- امان“
ڇا ٿيو؟
هن جو ننڍڙو پُٽ روئي ٿو. فرش تي ليٿڙيون پائي ٿو.
ڇا آهي؟! هو زال ڏانهن متوجه ٿئي ٿو.
ڪجهه ناهي، ننڍڙو روئي ٿو. سندس چُوزي کي سڄو ڏينهن هٿن ۾ منڌي منڌي هاڻ جو هيٺ ڇڏيائون ته لائيٽ نه هجڻ سبب خبر ناهي، ڪنهن جي لَت اچي ويس ۽ چوزو مري ويو. ان لاءِ پيو ٿو روئي.
هو ننڍڙي کي کڻي ٿو. مٺي ڏيئي ٿو نه چاهڻ جي باوجود هِن جي نيڻ ڇلي پون ٿا. هو سڏڪي پئي ٿو. هرهڪ لڙڪ هِن کي سائرا جي بي وقتائتي وڇوڙي تي ماتم ڪرڻ لاءِ سڏي ٿو. هِن جا ڳوڙها وڌندي وڌندي اوڇنگارن ۾ بدلجي وڃن ٿا.

No comments:

Post a Comment