Monday, October 29, 2012

خودڪشيءَ کان پوءِ - رياضت ٻرڙو


خودڪشيءَ کان پوءِ
رياضت ٻرڙو
”ڇا!؟“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مون صدمي منجھان پنهنجي ننڍي ڀاءُ منور کي ڏٺو. مون کي ايئن لڳو ڄڻ منهنجو بدن پٿرائجندو پئي ويو، ڄڻ منهنجيءَ نڙيءَ ۾ ساهه اٽڪي پيو هجي. مون چپن کي زبان سان تَــرُ ڪري کيس چيو، ”چريو ته نه ٿيو آن؟ هيءُ ڇا ٿو چوين؟“
”ها، ڀائو!“ منور انتهائي سنجيدگيءَ سان چيو، ”جيڪڏهن منهنجِي فرسٽ اِيئر سائنس ۾ داخلا نه ٿِي، ته مان خودڪشي ڪندس.“

Monday, October 22, 2012

چور - طفيل مگسي


چور
ازبيڪ ڪھاڻي
طفيل مگسي
جيئن ته اسان جي بابا سائين جو ڳچ سال پهرين انتقال ٿي چڪو هو، هاڻي جڏهن ۱۹۱۷ع جي موسم بهار ۾ والده جو پاڇو به اسان جي مٿان کڄي ويو ته اسين يتيم ۽ ڇورا ڇنا رهجي وياسين. اهڙي طرح اسان جي پالنا جو سڄو بار اسان جي ناني مُردان جي ڪلهن تي اچي پيو، جيڪا سانوري هوندي هئي، ان ڪري اسان کيس اڪثر ڪاري ناني چئي سڏيندا هئاسين.

Sunday, October 21, 2012

.. ۽ جڏهن آفتاب گرهجي ويو - دودو چانڊيو


.. ۽ جڏهن آفتاب گرهجي ويو!
دودو چانڊيو
ايڌي سرد خاني ۾ گمنام لاش ڏسندي منهنجي نظر هڪ اهڙي چهري تي پئي، جو منهنجي پيرن هيٺان زمين ڇڏائي وئي! ”اڙي! هيءُ ته آفتاب!!؟“ آواز اٽڪي پيو، اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، دل چيو زور، زور سان اوڇنگارون ڏئي روئان! کن پل لاءِ پنهنجي دل جو ڌڙڪو بيهندي محسوس ڪيم. لاش جي ڪفن تي لڳل نمبر پليٽ ڏسي تيز وکون کڻندو رجسٽريشن ڪائونٽر تي آيس، ايڌي هوم جي رضاڪار کان  پڇيم، ”آفتاب جو لاش ڪٿان مليو ۽ هتي ڪير کڻي آيو؟“ هن مون تي مٿاڇري نظر وڌي، رجسٽر پنا اٿلائي چيائين، ”ڪير آفتاب؟“ چيم، ”هو جيڪو سرد خاني ۾ لاش پيو آهي، آفتاب جو.....“ چيائين، ”گمنام لاش آهي، ملير نديءَ جي ڪناري تان مليو هو، ڪابه سڃاڻپ نه اٿس، اڄ ان کي لاوارث ڄاڻائي دفنائڻ پيا وڃون.“ مون ٻاهر نڪري آفتاب جو موبائل نمبر ڪڍڻ لاءِ پنهنجو سيل فون کنيو، هن جو نمبر نه مليو، مون انهن دوستن جا نمبر ملايا، جيڪي آفتاب کي سڃاڻندا هئا، پر ڪنهن جو نمبر نه لڳو. ايڌي رضاڪار سرگرم هئا، هر ۵ منٽن ۾ ڪانه ڪا ايمبولينس لاش کڻڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ اچي ۽ وڃي رهي هئي، شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي بازار گرم هئي. آئون ايڌي هوم جي سامهون روڊ جي ڪناري تي ويهي رهيس، ڪئين گاڏيون گذري رهيون هيون، مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي.

مئي جو مهربان چنڊ - او هينري - ممتاز لوهار


مئي جو مهربان چنڊ
 او هينري/ ممتاز لوهار
مئي مهني جو چٽو چنڊ مسز مرفي جي پرائيويٽ بورڊنگ هائوس کي روشن ڪري رهيو هو. اهو ته جنتري ڏسي ئي ٻڌائي سگهجي ٿو ته ان جا ڪرڻا ٻين ڪيترن وڏن علائقن کي روشن ڪن ٿا. بهار جي شروعات هئي ۽ بخار جي به، پارڪ پنن سان ساوا ۽ گلن سان ڀريل ڏسڻ ۾ آيا ٿي. گهمڻ ڦرڻ جا خواب ڏيکاريندڙ به ٻاهر نڪري آيا هئا. باجا وڄي رهيا هئا ۽ زنده دلين جي روش  ڏسڻ وٽان هئي.

لَو مئريج - شگفته شاهه


لَو مئريج
شگفته شاهه
منهنجي ۽ ليليٰ جي شادي ٿيڻ جو قصو اڄ به ياد پوندو اٿم، اسين ٻئي شاديءَ کان اڳ ”ڪيوپڊ“ جي تير جو نشانو بڻجي چڪا هئاسين ۽ پوءِ عشق جا ڪيئي امتحان پاس ڪرڻا پيا. اهڙيءَ ريت جو اسان وٽ اڄڪلهه جيان ”چيٽنگ“ ڪرڻ جو چانس به نه هو. هوءَ سچ پچ ليليٰ ٿي چڪي هئي ۽ آئون پڻ ”مجنونءَ“ جي جانشين ٿيڻ جي ڀرپور ڪوششن ۾ هوس ۽ ليليٰ جا ۽ منهنجا مائٽ ”ظالم سماج“ جو رول ادا ڪري رهيا هئا.

Friday, October 19, 2012

اندر جنين اڌ - شوڪت لوهار


اندر جنين اڌ
شوڪت لوهار
سون ورني سج جا سونا ڪرڻا ڪونڊين ۾ رکيل پپيتي جي ساون پنن کان ٿيندا، دري جا تاڪ ٽپندا، هن جي منهن تي ڪنهن شرارتي ٻار جيئان ڪتڪتايون پائي رهيا هئا. هو گهوڙا وڪڻي، اگهور ننڊ ۾ ستل هو. هن جي پنبڻين ۾ ننڊ جي اڇن اڇن ڪبوترن پنهنجا آکيرا اڏي ڇڏيا هئا. ننڊ جي ديوي هن کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڪنهن سِڪايل محبوب جيان ٻکي ڇڏيو هو. سج جي کينچلي ڪرڻن جي اکين ۽ منهن تي هٿوراڙيون هڻڻ جي ڪري، هو ننڊ جي حسين واديءَ مان کن لاءِ موٽ کائي ٿو. هو اڌ کليل اکين سان ونڊو جي ڳاڙهن پردن کي شيشي اڳيان ڏئي، هڪ دفعو وري ننڊ جي ناوَ ۾ سوار ٿي، ساڳي حسين وادي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.

Wednesday, October 10, 2012

راڻي - مشتاق گبول


راڻي
مشتاق گبول
هن کي جڏهن مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته، ڏسندي ئي مون کي قرت العين حيدر جي ناول (سيتا هرڻ) جي هي سٽ ياد اچي وئي هئي ته : ”نوجوان عورت، شعلي جي لاٽ مثل آهي، اي آتما! تون انهيءَ جو پروانو بڻج“
قد جي ڊگهي، ڀريل بت سان ڏسڻ ۾ ايتري خوبصورت ڄڻ ڪوهه ڪاف جي پري هجي. انهي ڪري مان کيس ”راڻي“ سڏيان ٿو، اهو نالو توڙي جو هن جو اصل نالو ناهي. پوءِ به پيار ۾ رکيل اهو نالو منهنجي لاءِ نغمو آهي. منهنجي لاءِ گيت آهي ۽ منهنجي دل جي هر ڌڙڪن سان اهو ئي نانءُ ”راڻي، راڻي، راڻي“ ڌڙڪي پيو. منهنجي دل ڌڙڪي پئي، يا هن جي نانءَ جو ورد ڪري پئي! ”پابلو نرودا“ جو نظم آهي ته:

Tuesday, October 9, 2012

وڃائجي ويل ماڻهو - بلراج منيرا/ طفيل مگسي


وڃائجي ويل ماڻهو
بلراج منيرا/ طفيل مگسي
جنهن گهڙيءَ جاڳيو، هن کي سُڌ ئي نه هئي ته ڪهڙو ٿاڻو آهي.
سو هٿ اڳتي ڪري هن بيڊ ٽيبل تان سگريٽ جو پاڪيٽ کڻي ورتو ۽ ان مان سگريٽ ڪڍي ورتائين.... سگريٽ جو پاڪيٽ اڇلائي هن ٻيهر ساڄو هٿ ڊگهيڙيو، هن کي ماچيس ٿي کتو، ماچيس خالي هو، هن خالي ماچيس کي لم ڏئي ڪمري ۾ اُڇلائي ڇڏيو، خالي ماچيس ڪمري جي ڇت سان لڳي اچي پٽ تي پيو، هن ٽيبل ليمپ ٻاري، بيڊ ٽيبل تي چار، پنج ماچيس جون دٻيون هڪٻئي جي مٿان پيل هيون، هن واري واري سان سڀني کي ڏٺو، سموريون دٻيون خالي هيون، هن پاڙ تان سوڙ کي سوريندي ڪمري جو بلب ٻاريو، ٻه ٿي رهيا هئا، فرش برف جيان ٿڌو هو.

Monday, October 1, 2012

محبت جو ڪَکُ - او هينري - ممتاز لوهار


محبت جو ڪَکُ
او هينري
ممتاز لوهار
”بلو لائيٽ“ دوائن جو اسٽور، ٻن گهٽين جي ملڻ واري جاءِ تي جوڙيل اسٽور. بلو لائيٽ دواخاني ۾ اوهان کي صابڻ، پرفيوم ۽ آئيس ڪريم ڪانه ملندي. ائين به ناهي ته توهان ڪنهن مرض جي خاتمي جي دوا گهرندا ۽ هُو توهان کي ڪا دوا جي شيشي ڏئي ڇڏيندا. اڄڪلهه جا ميڊيڪل اسٽور يا اهڙا دواخانه اتي دوائون ٺاهي ڏيڻ جهڙي جنجهنٽ ۾ ڪو نه ٿا پون. بس اوهان جي وڃڻ جي دير آهي. توهان کي سيرپ، ٽيبليٽ يا ڪيپسول ڏئي ڇڏيندا. مگر بلو لائيٽ وارا ان خيال جا ناهن. اتي اڄ به دوائون اوهان جي موجودگيءَ ۾ ٺاهي ڏنيون وڃن ٿيون. هي اسٽور اهڙي هنڌ آهي، جتي نوجوان اچي کيڏندا آهن ۽ اچي گوڙ ڪندا آهن ۽ راند پوري ڪري مفت مٺيون ٽڪيون وٺڻ لاءِ هٿ ٽنگي بيهندا آهن. مسٽر اڪي بلولائيٽ اسٽور ۾ رات جو ملازمت ڪندو آهي. هو پنهنجي گراهڪن جو مخلص دوست پڻ آهي. ڪنهن کي مشوري جي ضرورت هوندي آهي ته ڏئي وٺندو آهي. اصل ڪونه لنوائي. گراهڪ هن جي عقل ۽ هوشياريءَ مان متاثر آهن. توڙي جو ڪڏهن ڪڏهن ته هن جون ٺاهيل دوائون چکڻ کانسواءِ ئي نالي ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن. بهرحال، هن جو وڏو نڪ ۽ علم جي بار سبب جهڪيل جسم، ننڍن ڳوٺن ۾ مشهور هيو ۽ صلاح مشوري لاءِ ماڻهو اڪثر ايندا رهندا هئس.