Wednesday, September 26, 2012

پاتال - احسان دانش


 پاتال
احسان دانش
هن جي نيڻن ۾ جا التجا هئي، تنهن کي ڪنهن محسوس ئي نه پئي ڪيو. ڪاسائي پنهنجو ڪم ڪندو رهيو، اَڏيءَ تي ڪاتُ هلندو رهيو، گوشت جون ٻوٽيون ٻوٽيون ٿينديون رهيون، ٻوٽين مان قيمو ٺهندو رهيو...... ڳاڙها ساوا نوٽ مَٽبا رهيا پر هو پوڙهو، جنهن جي چهري تي صدين جو سوداءُ ۽ پيشانيءَ تي پريشانيءَ جا اڻ ڳڻيا گُھنج هيا، تَنهن جي نيڻن ۾ جا التجا هئي تنهن کي ڪنهن محسوس ئي نه پئي ڪيو....
وقت جي بار کان جھڪي ويل پوڙهو ڪيئي پَلَ ڪاسائيءَ جي دڪان تي ٽنگيل رانن کي غور سان گھوريندو رهيو. تازو ڪٺلَ جانور جو گوشت اڃا ڪٿان ڪٿان ڦڙڪي رهيو هو.

Tuesday, September 25, 2012

تو کي سجدو ڪيان!! - حيدر زرياب


تو کي سجدو ڪيان!!
حيدر زرياب
صليب کي اکين آڏو لٽڪائي، لڏڪائيندي ڏاڍي پاٻوهه ۽ پنهنجائپ مان پڇيائين؛ ”تون هر سالگرهه تي مون کي صليب ڇو ڏيندو آهين؟
سندس عميق اکين ۾ گھوريندي وراڻيم؛ ”جيئن صليب اسان جي اڻميي محبت جي گواهي ڏيئي.“
صليب ۽ زهر جو پيالو، ٻئي محبت جون نشانيون آهن نه؟“ پڇيائين.
ها“ وراڻيم.

ڪوڙين ٿيا قرار- نثـــار ابــڙو


ڪوڙين ٿيا قرار
نثـــار ابــڙو
هُنَ! مونڏانهن ڏٺو ... مون اکيون چورائي ورتيون ... دل جي ڌڪ ڌڪ ڪجھه بي ترتيب لڳي ... ڄڻ ٿر جي وارياسي تي ڪو هرڻ ڊوڙ پائي بيهندو هجي ۽ وري ڊوڙ پائيندو هجي ....
ميڊم پنهنجو بحث جاري رکندي ” ها ته انگريز شاعر وليم ورڊس ورٿ جا ادب ۽ شاعريءَ جي تشريح ۾ چيل هي لفظ هوبهو ٺهڪي اچن ٿا “ it is an spontaneous overflow of the powerful feelings ””طاقتور جذبن جو باساخته اظهار“ مون ڪجھه لفظ ئي ٻڌا هوندا ته خيالن جو گھوڙو وري ان نئين آيل ڇوڪرِ طرف ڊوڙڻ لڳو ...

ظالم اعظم - طارق قريشي


ظالم اعظم
طارق قريشي
چوڌاري باهه جا ڀنڀٽ هئا، تيز ڄر دلِ دماغ کي ساڙهي رهي هئي. همراهن جي ڀڄ ڊڪ لڳي پئي هئي. ويترهڪ عجيب وڏي بلا پنهنجا خوفناڪ چنبا سڌا ڪيو، کين پنهنجي چهنبدار ڏندن سان کائڻ پئي اچي، نه رڳو اها هڪڙي بلا، پر وڇون به کين ڏنگڻ لاءِ ڊوڙندي پئي آيا ۽ اهي جهڙا تهڙا وڇون نه هئا، گڏهن ۽ خچرن جيڏا وڇون هئا. اوچتو هڪڙي هنڌ کين دروازو نظر ۾ آيو، هُو سڀ اوڏانهن ڀڳا. اڃان دروازي تائين مس پهتا، ته دروازي جي ٻنهي پاسي کان لڪل، ڊيڄاريندڙ شڪلن وارا پهريدار وڏا ڀالا، نيزا ۽ گرز جيڪي باهه ۾ تپايل هئا ۽ چهنبون ڳاڙهيون هئن. هنن کي خبر هئي ته اهو عذاب اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته اها اذيت ۽ تڪليف هو روزانو ڀوڳيندا هئا. اوچتو هڪڙو ٿلهو متارو ڊگهو، پهريدار ظاهر ٿيو، جيڪو سڀني پهريدارن جو چڱو مڙس هو. ان اچڻ وقت هڪ زوردار سيٽي وڄائي ته وڇون ۽ بالائون ماٺ ڪري هڪڙي پاسي هليا ويا، ڇو جو اهي ان مخصوص آواز تي ايندا ۽ ويندا هئا، وڏي پهريدار هڪڙو ٻيو اشارو ڪيو ته باهه جي شدت ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي وئي، وڏي پهريدار پنهنجي ڊيڄاريندڙ شڪل کي ڪجهه خوفناڪ بڻائيندي رڙ ڪري چيو. ”سڀ قطار ڪري بيهو“.

هڪ ڪالم جي سرخي - بالاچ شاهاڻي


هڪ ڪالم جي سرخي
بالاچ شاهاڻي
ٽاڪ منجهند مهل جنهن وقت ڪانون جي اک ٿي نڪتي. هوءَ حور پري جهڙي پوپري ٻهراڙي جي ماحول ۾ پلجندڙ ڳوٺ کان پرڀرو ٻني مان گاهه جي لوسڻ ڪرڻ وئي ته سج ان جي بدن تي ٻري رهيو هو. جسم سڄو پگهر ۾ شل، بدن مان ڀڙڪندڙ جواني جي باهه، ڏکڻ جي گهلندڙ گرم هوا، ڪچڙي وهي جيڪا اڃا جواني جي سرحدن کان به دور. من ۾ محبتون ۽ چاهتن جون چڻنگون اٿيل، پيرن جي ٽور ڊيل وانگر، هلي ٿي ته ڄڻ ڏسندڙن جو ساهه مٺ ۾ پئجيو وڃي. لوسڻ جي ڀري کڻندي ڳرو ڀاسيندي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي پر ڪير به نظر نه آيس، سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳي ته اوچتو ڀرسان ڪنهن اچي شوڪارو ڀريس وڏيري جو ڪمدار جنهن کي هر ڪو ” ڪرمو “ جي نالي سان پيو سڏيندو هو سندس ڀرسان بيٺو هو.

منهنجي امڙ - نثار ابڙو


منهنجي امڙ
نثار ابڙو
هڪ انگريزي ليک تان ورتل، سنڌي پڙهندڙن جي سهولت لاءِ ڪجھه نالن، ڪمن ۾ ردوبدل ڪندي ڪجهه جملا پنهنجي پاران وجهي ڪهاڻيءَ کي سنڌي رنگ ۾ رنگڻ جي ڪوشش ڪئي آهي)
ماءُ عظيم ڇو آهي؟ سندس قدمن ۾ جنت ڇو رکي وئي آهي؟ پيغمبرن، رسولن، مفڪرن ۽ ڏاهن ماءُ جي احترام کي مذهبي رتبو ڇو ڏنو آهي؟ ...

محبوب - ميڪسم گورڪي


محبوب
ميڪسم گورڪي
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان شاگرد جي حيثيت سان ماسڪو ۾ رهندو هوس. جنهن جاءِ ۾ مان ڪمرو ڪرائي تي ورتو هو، اها آڳاٽي دؤر جي ڀڳل ڀريل ماڙي هئي، هن ۾ آساني بس اها هُئي ته ڪمري جو ڪرايو ڏاڍو گھٽ هيو.

روپلي سان ملاقات - نثـــار ابــڙو


روپلي سان ملاقات
نثـــار ابــڙو
سانوڻيءَ جي مندائتي مينهن، ٿر جي وارياسي کي گل گلزار ڪري ڇڏيو هو ... دوستن جي واتان ٿر جي ان موسم واري هاڪ مستانو ڪري وڌو ۽ سندرو ٻڌي نڪتس ٿر جي سير تي ... حيدرآباد، ميرپور ۽ امرڪوٽ کان ٿيندي ڇاڇري ڏانهن رخ ٿيو ... ڇاڇرو گھمي ننگرپار ۽ اتان ڪارونجهر جي پانڌيئڙن ساڻ ٿي ڪارونجهر پهتس ... جبل جي چوٽ تي ”تروٽ “ جي ٿلهي تي چڙهي اچي سڪون جو ساه کنيو ...

وڏو چريو - عباس ڪوريجو


وڏو چريو
عباس ڪوريجو
مينٽل هاسپيٽل جي گرائونڊ فلور جي وارڊ نمبر ٻه جو مين گيٽ کليو، وارڊ انچارج هڪ پوڙهي کي ڪن کان پڪڙيندي بيڊ نمبر ست وٽ آڻي بيهاريو.
هتي آرام سان ويهي رهه! ٻاهر نڪتين ته ڇتو ڪتو بڇيندو سانءِ!“ پوڙهو خاموش ٿي ويهي رهيو، وارڊ انچارج گجندو مين_گيٽ بند ڪري ٻاهر نڪري ويو.
سڀ چريا نئين چري جي آمد تي تاڙيون وڄائي خوشيون ڪرڻ لڳا.
پڪ زال چريو ڪيو هوندس!“ بيد نمبر ڇهه تي ويٺل رمضان چيو.

ڪانونِ جي قوم - نثار ابڙو


ڪانونِ جي قوم
نثار ابڙو
صبح جو سهانو وقت . . . نسيم (صبح جي ٿڌڙي ۽ خوشبوردار هوا)، جنهن ماحول کي ٿڌي ۽ مٺي ڪرڻ لاءِ پئي جدوجھد ڪئي ۽ هاڻ سج جي پهرين ڪرڻن سان نبيري جي ڪوشش ۾ رُڌل هئي . .
ڪراچي يونيورسٽي جي فيڊرل هاسٽل ۾ هڪ سادو موچارو ڪمرو مليل هو . . . هِڪُ جمعي جو ڏينهن ۽ مٿان واري ڇنڇر جي موڪل، ڪيترائي شاگرد ويجھن ڳوٺن ۽ شهر ۾ موجود مِٽن مائٽن ۽ دوستن يارن وٽ وڃي ٽڪيا هيا ۽ باقي موڪل هئڻ سبب اڃا ننڊ ۾ يا وري ڪمرن کان ئي نه نڪتا هيا . . . آءٌ به دير تائين ڪچهريون ڪري سُتو هوس . . . بلڪله هاسٽل جي ماحول ۾ رات جي ٻارهين کان اڳ سمهڻ عجب لڳندو آهي . . .

سرنهن جھليندي پيلا گل - نسيم حيدري


سرنهن جھليندي پيلا گل
نسيم حيدري
هو ڪار کي پڪي رستي تان لاهي ڪچي تي هلائڻ لڳو . . . . پري پري تائين پکڙيل ساوڪ وچ ۾ سرنهن جي پيلن گلن واري فصل کي ڏسي هو من ئي من ۾ مشڪڻ لڳو . . . . هُن گاڏيءَ کي آهستي ڪيو ته جيئن ڌرتيءَ جي هِنَ سونهن کي پَسي سگھي . . . .
ست سال به هڪ عرصو آهي، بدلجڻ تي اچي ته گھڻو ڪجھه بدلجي وڃي ٿو، نه ته ڪجھه به نه ٿو بدلجي . . . .“

اوپرو - منور سراج


اوپرو
منور سراج
هن شهر ۾ هو بلڪل اجنبي هئو. هو هڪ تمام شام وسندي برسات ۾ آيو هئو. برسات موٽي وئي هئي پر هو اتي رهي پيو هئو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هو ڪير هو ۽ ڪٿان آيو هو. هو ماڻهن جي دنيا کان الڳ ٿلڳ هڪ اڪيلو چپ چاپ ۽ مڪمل اداس شخص هئو. سندس لهجي ۾ اهڙي اداسي هئي جيڪا خودڪشي جي خيال تي سنجيدگيءَ سان سوچيندڙ شخص جي لهجي ۾ هوندي آهي. سندس آواز ڪنهن ويران مقبري مان گونجندڙ گھنڊ جھڙو پراسرار هئو. ماڻهن جو خيال هئو ته هو دوستيءَ جي سرحد مان جلاوطن ٿيل هڪ ڏکارو شخص آهي پر ماڻهن جو اهو خيال غلط هو، ها، هو دوستي جي ڌاڳي کان ڇرڪيل ضرور هئو جو ڪجھه دوستن مٿس بنا ڪنهن سبب جي پنهنجي گھرن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. پر هو دوستي جي سرحد مان جلاوطن قطعي به نه هئو. دوستي ۾ سندس ايمان ايترو ئي پڪو جيترو ڪنهن عابد جو ايمان خدا ۾ پختو هوندو آهي. دراصل ڇا هئو ته هن کي دوستن سان محبت ٿي ويندي هئي. (محبت هميشه ڏک ڏيندي آهي) هن وٽ دوستي لاءِ ڪو به ٻيو يا ٽيون رستو نه هئو، تنهن ڪري هو ان معاملي ۾ محتاط ضرور هئو. دراصل جڏهن کان سندس هڪ محبوب دوست هڪ گلن پٽڻ واري لاهياريءَ جي محبت ۾ مبتلا ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، تڏهن کان هن نوان دوست ٺاهڻ ڇڏي ڏنا هئا. هن جي باري ۾ ماڻهن جو اهو به خيال هئو ته هن شهر ۾ سڀني کان ڪنگلو ۽ قلاش ماڻهو هيءٌ شخص آهي. جنهن وٽ پائڻ لاءِ هڪ ڪوٽ، ٻن پينٽين ۽ رهڻ لاءِ هڪ بي رنگ ڪمري کان سواءِ ڪجھه به نه آهي. ماڻهن جو اهو خيال به غلط هئو. هن وٽ پائڻ لاءِ برابر ٻن پينٽين، هڪ ڪوٽ ۽ رهڻ لاءِ هڪ ڪمري کان سواءِ ڪجھه به نه هئو پر بهرحال هو قلاش نه هو. هن وٽ رهڻ لاءِ برابر هڪ پراڻو ۽ بي رنگ ڪمرو هئو پر ماڻهن کي اها خبر ئي هئي ته ان ڪمري ۾ ڪيتري سرهاڻ ڦهليل هئي. ڪمري جي هڪ بوڪ شيلف ۾ رکيل ڊائرين ۾ سندس ڪيتريون يادگيريون رهيل هيون. ماڻهن کي اها خبر به بلڪل نه هئي ته ڪتابن جي شيلف ۾ رکيل شيشي جي برني ۾ هن پوپٽن جا پر سانڍي رکيا هئا، هو اڪثر سردين جي سرمائي شامن ۾ شهر جي رستن تي گھمندي ڪنهن تيز رفتار ڪار جي ونڊ اسڪرين سان ٽڪرائجي پٽ تي ڪريل پوپٽ کي کڻي ڦوڪون ڏئي گرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو گھر ڏانهن موٽندو هئو. پر جڏهن پوپٽ سندس هٿن ۾ پنهنجا رنگ ڇڏي مري ويندو هئو ته هو روئڻهارڪو ٿي ويندو هئو ”پوپٽ پرن کان سواءِ زنده رهي نه سگھندا آهن . . . . بس پوپٽ يا ته اڏامندا رهندا آهن يا مري ويندا آهن.“

ڪهاڻين جي ڪهاڻي - عباس ڪوريجو


ڪهاڻين جي ڪهاڻي
عباس ڪوريجو
ڪاش! مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته انهن سڀني ڪردارن تي ڪهاڻيون لکان ها، جيڪي منهنجي اڳيان ڪهاڻيءَ کي وکيريندا رهيا آهن. سياڻن سچ چيو آهي ته ڪک هيٺان لک آهي پر ان لک پٺيان لک ڪهاڻيون آهن، ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته انهن سڀني ڪردارن تي ڪهاڻيون لکان ها، جيڪي مون اڳيان تڙپيا آهن، معمو رهيا آهن ۽ مرڪيا آهن. مان ڪهاڻيڪارن کي استدعا ٿو ڪريان ته انهن ڪردارن تي ڪهاڻيون لکن جن وٽ اڪيچار ڪهاڻيون آهن.

چين جي عظيم ديوار - عباس ڪوريجور


چين جي عظيم ديوار
عباس ڪوريجور
مهينو کن مس ٿيو هوندو جو چينو لڏي اچي منهنجي پاڙي ۾ ويٺو هو، ماڻهو صفا دلبر آهي، پاڙي جي هرهڪ ننڍي وڏي سان ٽهڪـ ٻٽاڪ اٿس، ٻارن ۾ بيهندو ته صفا ڄڻ ڪو ٻار، وڏن ۾ ويهي ته وڏو. ڳالهين ٻڌائڻ جو ڳهير آهي باقي ٻڌڻ واري شعبي ۾ نل آهي، هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندو آهي، ڳالهيون ٻڌائي ٻڌائي ڪيترائي راز به ٻڌائي ويندو، ڪجهه هجائتي ”ڀڳل ڀانڊارو” به سڏيندا اٿس، جيئن ته ڀڳل ڀانڊاري مان آساني سان سانڍي رکيل موڙي ڪڍي سگهجي ٿي، تيئن چيني جي دل جا راز به ٻڌي سگهجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪپڙي جي ٿانءٌ جيان ويندو کلندو ۽ جيئن ايندس ويندو چوندو. هڪ دفعي ته پنهنجي ڏاڏي کي به نه بخشيائين:
منهنجو ڏاڏو به باگڙياڻي ڀڄائي آيو هو، مسلمان ته ڪيو هئائينس پرنڪاح جي پڪ نٿو ڏئي سگهان.“

صَديءَ جو سفر- طارق قريشي


 صَديءَ جو سفر
طارق قريشي
ھن اکيون کولي ڏٺو ته پنھنجي مٿان بيٺل سفيد ايپرن ۾ ڪجھ ماڻھو نظر آيس، جن جي منھن تي به سفيد نقاب ھئا، کيس ھڪدم خيال آيو ته اھي ڊاڪٽر ئي آھن، ڇاڪاڻ ته ھو آپريشن ٽيبل تي ئي ليٽيو پيو ھو، ۽ جنھن جاءِ تي ھو ليٽيل ھو، اھا بلڪل ھڪ ليبارٽري يا آپريشن ٿيئٽر جو ڏيک ڏيئي رھي ھئي. ھن پاڻ کي ڏٺو ته سندس ھٿن پيرن ۾ ڪيترائي اليڪٽروڊز لڳل ھئا ۽ مٿي تي ڪا شيءِ چنبڙيل ھئس.، جيڪا ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آئي، شايد ڪو ڪنٽوپ ھوندو ۽ يقيناً ان ۾ به ڪي لِيڊز لڳل ھونديون. ھڪ ڊاڪٽر اڳتي وڌي ھن کي انھن شين کان آزاد ڪرايو ۽ ھن جي مٿان پلاسٽڪ جو شفاف اليڪٽرو ڪيپ لاھي رکي ڇڏيو، نڪ مان آڪسيجن جي نلڪيءَ کي آرام آرام سان ڪڍي ڇڏيائين، ۽ دل جي رفتار ٻڌائڻ لاءِ لڳل اليڪٽرو ڪارڊيوگرام جون ليڊز ھٿن پيرن مان لاھڻ کانپوءِ، آپريشن ٽيبل جي ڀرسان، لڳل مختلف ڊائلن واري مشين جا ڪيترائي بٽڻ دٻايا. بٽڻ دٻائڻ ۽ ڊائل گھمائڻ کانپوءِ، ھن جي مٿان لڳل لائيٽن جھڙي ليزر مشين مان، ھلڪي نيري رنگ جا شعاع نڪتا، جيڪي ھن جي سڄي بدن ۾ جذب ٿي ويا، ھن محسوس ڪيو ته ھن ۾ ھاڻ چرڻ پرڻ جي طاقت پيدا ٿي آھي، کيس ان ڳالھ جو چڱيءَ طرح احساس ٿيو، ته سندس جسماني طاقت جي اچڻ کان اڳ، سندس ذھني صلاحيتون بحال ٿي چڪيون ھيون، ڇاڪاڻ ته ھو گھڻي دير کان سوچي ۽ سمجھي رھيو ھو. ڊاڪٽرن ھڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ اکين ۽ اکين ۾ ھڪٻئي کي اشارو ڏنائون. ھيءُ اٿي ويھي رھيو. ويھڻ کانپوءِ اٿي بيٺو. ڊاڪٽرن ھن کي ٿورو حيرانيءَ وچان ڏٺو، پر ھن کي ڪجھ نه چيائون. ھي آپريشن ٿيئٽر ۾ ھلڻ لڳو، ڪجھ پل وکون کنيائين ۽ پوءِ ڊاڪٽرن جي سامھون اچي بيٺو ۽ کين سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳو. ھڪ ڊاڪٽر ھن کي، آپريشن ٿيئٽر مان ٻاھر ھلڻ جو اشارو ڪيو. ھو ڊاڪٽر سان گڏ ٻاھر نڪري آيو. ھن پنھنجي باري ۾ سوچيو ته کيس سڀ يادگيريون اچي ويون. سندس ياداشت بلڪل صحيح ڪم ڪري رھي ھئي. ھن ھڪ ڪمري ۾ ويھڻ کانپوءِ ھڪڙي ڊاڪٽر کان پڇيو، ” ڊاڪٽر ھينري ڪٿي آھي؟

مٺو وات - پروين


مٺو وات
پروين
ڪلرڪ سائين، مون سان ظلم. مون وٽ دوڪان ۾ تاڪيا ئي ڏهه ٻارهن رکيا آهن. آءُ مسڪين مشڪل سان گذر سفر پيو ڪريان. . . . . . . . سائين مونکي ٽن سالن جي انڪم ٽيڪس جو نوٽيس مليو آهي سائين، آءُ . . . . . . !“
بابا، هتي هاءِ گھوڙا نه ڪر، اچي هي وٺ گوشوارن جا فارم. اهي ڀري فائيل کڻي صاحب وٽ وڃ. معاف ڪري ڇڏيندءِ“ ڪلرڪ سيٺ جي تقرير اڌ ۾ ڪٽيندي چيو .
سائين هي فارم مونکي ڀرڻ ته ڪونه ايندا !“
ته پوءِ مان ڇا ڪريان.“ ڪلرڪ بيزاريءَ مان چيو.
سائين، توهان ئي کڻي مهرباني ڪري ڀري ڏيو.“

خوش خرم شهزادو - آسڪر وائلڊ - حبيب سنائي


خوش خرم شهزادو
ليکڪ: آسڪر وائلڊ
مترجم: حبيب سنائي
يورپ کنڊ جي هڪڙي شهر ۾ وڏن ٿنڀن تي لڳايل خوشدل شهزادي جو مجسمو پريان کان ئي پيو نظر ايندو هو. مجسمي جي هر ٻاهرين حصي کي عمدي سون سان ڍڪيو ويو هو. هن جي اکين ۾ ٻه انتهائي وڻندڙ نيلم هنيا ويا هئا. سندس هٿ ۾ جھليل تلوار جي مٺئي ۾ ڳاڙهو ياقوت به چمڪ ۽ دمڪ وارو هو.
شهر جو هر رهواسي مجسمي کي ڏسيو پيو ٺرندو هو. ميونسپالٽي جو هڪڙو ڪائونسلر، جيڪو پاڻ کي فنڪارانه ذهانت رکندڙ طور مڃرائڻ لاءِ هٿ پير پيو هڻندو هو، سو اڪثر اهو چوندو هو ته ”هيءُ ايترو خوبصورت آهي، جيترو اهو واءِ پرکڻو ڪڪڙ (مرغ بادنما).“ متان ماڻهو کيس بي عمل (جيڪو هو ڪونه هو) هئڻ جو طعنو هڻن، انهيءَ کان اڳ ئي هو وڌيڪ چوندو هو ته ”پر هي ايترو سو ڪارائتو ڪونهي.“

خود غرض ديو - آسڪر وائلڊ - حبيب سنائي


خود غرض ديو
ليکڪ: آسڪر وائلڊ
مترجم: حبيب سنائي
ٻار جڏهن پيشين جو اسڪول مان ورندا هُئا، ته ڏهاڙي رستي واري باغ ۾ اچي کيڏندا هئا. ان باغ جو مالڪ اهو ديو هو.
اهو باغ ڪافي وڏو ۽ وڻندڙ هو. سڄو پٽ سائي ڇٻر سان جھنجھيو پيو هوندو هو. گلن وارا ٻوٽا ڪافي تعداد ۾ هئا. انهن ۾ گل ستارن جيان کڙيل هُئا. باغ ۾ ۱۲ کن شفتالو وڻ هئا، جن ۾ بهار جي مند ۾ گلابي ۽ رتن ٻور نسريو ٿي، ۽ سرءَ ۾ انهيءَ ٻور ميوي جي صورت اختيار ٿي ڪئي. وڻن تي ويٺل پکي ايترا ته سريلا گيت ڳائيندا هئا، جو ٻارڙا راند روڪي، خاموش ٿي اهي ٻڌندا هئا.
اسان ڪيترو نه مزي ۾ آهيون!“ هو هڪٻئي کي وڏي واڪ چوندا هئا.

لھندڙ سج - رضا جويو


لھندڙ سج
رضا جويو
بيرزگاري چور بڻجي سندس زندگيءَ کي چنبڙي پئي هئي ۽ سندس آسن اميدن جو سڄو رت چوسي ڇڏيو هئائين. سندس لاءِ خوشين سان گڏ خواهشن جا دروازا به بند ٿي چڪا هئا. پوري ڳوٺ ۾ اهڙو ڪو به ماڻهو نظر نٿي آيس جنهن ۾ اميد رکي ٻه ڏوڪڙ اڌار وٺي ها. مائٽ مائٽيءَ تان هٿ کڻي ويا هئس، دوست ڦري دشمن ٿي پيا هئس. دوڪاندارن جي منهن چڙهندو هو ته، اهي به ٻين جو ڪسرون هن مان ڪڍندا هئا. ڏينهون ڏينهن عزت نفس مجروح ٿيڻ جو درد، مفلسيءَ جي درد کان وڌندو پئي ويس. پٽيوالي کان پرسنل سيڪيريٽري تائين، هر انهي نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيو هيائين، جنهن لاءِ عام حالتن ۾ سندس دماغ ڪڏهن سوچيو به نه هو پر پوءِ به مايوسي ئي پلئه پئي هئس. ڊاڪومينٽس جي ڦوٽو ڪاپين، اٽيسٽيڊ فوٽوئن ۽ انٽرويوءَ جي ڪراين ڀاڙن تي، ايترا پئسا خرچ ڪيا هئائين جو، جيڪڏهن اهي پئسا گڏ ڪري ها ته هينئر ڪو ڪاروبار کولي ڇڏي ها. سکڻا انٽرويو ڏئي ڏئي هينئر صفا مايوس ٿي پيو هو. آخري دفعو جڏهن پٽيواليءَ جي انٽرويوءَ دوران، هڪڙي ٿلهي ۽ گنجي آفيسر پڇيو هئس؛
گل حسن تون آهين......؟

ٽٽندڙ تارو - ثناءَ سنڌو


ٽٽندڙ تارو
ثناءَ سنڌو
هو آسمان طرف ڏسي ٿي..... اڄ کيس ڪوبه تارو نظر نه ٿي آيو، ڇو ته سڄي آسمان کي ڪڪرن جي ڪاري چادر پاتل هئي ۽ اتر مان گھلندڙ هوائون هاڻي تيز ٿينديون ٿي ويون. ڀر پاسي ۾ مينهن وسڻ کان پوءِ متيءَ جي ڀنل ڀنل خوشبو ساه ۾ سمائجي رهي هئي هو ٻيهر آسمان طرف ڏسي ٿي... ڳچ دير تائين هو آسمان کي ائين ئي تڪيندي رهي ٿي ته من ڪٿان ڪو ڪڪر هٽي وڃي ۽ ڪو ٽٽندڙ تارو نظر اچي وڃي.... پر ائين شايد هن وقت ممڪن نه هو.... ڇو ته هاڻي ڪڪر پنهنجي انداز سان زمين کي ڀڄائڻ شروع ٿي ويا هئا، بلڪل سندس وجود جيان..... بوندا باري ۾ تيزي اچي وئي هئي ۽ هي اڃا به ان انتظار ۾ هئي ته من ڪٿان ڪو ٽٽندڙ تارو نظر اچي..... نه ڄان ڇو اڄ هن کي ٽٽندڙ تاري جو انتظار هو وکريل وجود کي ڪنهن ٽٽندڙ تاري جو انتظار من ۾ خيالن جي وارتا اڀري اچيس ٿي. وکري ويل وجود .... ڇا ان کي سميٽڻ جو وقت اڃا به نه آيو آهي..... يا وقت گذري چڪو آهي..... نه ڄاڻان ڇو جسمن ۾ ساھ هجي ٿو..... پر وجود ڀورا ڀورا ٿيل هجن ٿا.

Sunday, September 23, 2012

ڇتي ڪتي جو موت - امر جليل


ڇتي ڪتي جو موت
امر جليل
(شهمير کي ڇتو ڪتو مارڻو آهي.  ڇتي ڪتي کي ملان حجري ۾ پناهه ڏني آهي. شهمير جي هٿ ۾ بندوق آهي. ڇتي ڪتي ۽ بندوق جي وچ ۾ ملان اچي بيٺو آهي.  شهمير کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇتي ڪتي کي مارڻ کان اڳ ملان کي ماري يا ملان کي جيئرو رکڻ لاءِ ڇتي ڪتي کي جيئدان ڏيئي! شهمير جيستائين ڪنهن فيصلي تي پهچي، مان توهانکي اڄ شام جي واقعن جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيان.)
سانجهيءَ ڌاري شهر تي عجيب قسم جو ڪوهيڙو لهي آيو. خاموشي ڇانئجي ويئي. پوءِ اوچتو، اول اڻچٽا ۽ پوءِ چٽا  آواز، رڙيون، ڪيڪون ۽ گوڙ گهمسان ٻڌڻ ۾ آيو. مان پنهنجي فليٽ جي بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺس. ٻاهر نهاريم. ڌنڌ سبب ڪجهه ڏسڻ ۾ نه آيو.

مان ديوداس نه آهيان امر جليل


امر جليل
اُن ڏينهن مان ڏاڍو اُداس هوس. اُداس ٿيڻ کانپوءِ مان مرحوم سي ايڇ آتما سنڌيءَ جو ڳايل اردو گانو جهونگاري رهيو هوس ۽ وڌيڪ اُداس ٿي رهيو هوس گاني جا ٻول  هئا؛ ”روئون مين ساگر ڪي ڪناري، ساگر هنسي اُڙائي.“
جذباتي ۽ فنڪار قسم جو ماڻهو اُداس ٿيڻ کانپوءِ ٻه ڪم ڪندو آهي؛ هو گانو ڳائيندو آهي، يا سگريٽ ڇڪيندو آهي. هو ڪڏهن ڪڏهن خودڪشي به ڪندو آهي. پر، خودڪشي ڪرڻ کان اڳ هڪ عدد گانو ضرور ڳائي وٺندو آهي ۽ هڪ سگريٽ به ضرور ڇڪي وٺندو آهي. هڪ دفعي اُداس ٿيڻ کانپوءِ مون سگريٽ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پوءِ مان گانو ڳائڻ جي قابل نه رهيو هوس. سگريٽ ڇڪڻ کانپوءِ ڪيتري دير تائين مان کنگهندو رهيو هوس ۽ کنگهي ساڻو ٿي پيو هوس. مونکي کنگهندو ڏسي پارو چيو هو، ”ڳالهه ٻُڌ. سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏي.“

ساڻو ساڻو ساهه - امر جليل


ساڻو ساڻو ساهه
امر جليل
هيءُ منظر يونيوررسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ مان ذري گهٽ سمورن ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ ليڪچرارن ۽ پروفيسرن ڏٺو.
سامهون ميدان ۾، اٺن ڏهن ڇوڪرن جي هٿن  ۾ خُردم، هاڪيون . بيد جا لڪڻ ۽ کليل چاقو هئا. هو گولائيءَ ۾ بيٺا هئا . سندن وچ ۾ مجيد ڌرتيءَ تي اونڌي منهن ڪريو پيو هو. سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا هئا . ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ جسم جي کل لهي ويئي هئس. سندس سنڌ سنڌ مان  رت وهي رهيو هو. گولائيءَ ۾ بيٺل شاگرد مان هڪ شاگرد جي هٿ ۾ پستول هو. آرٽس فيڪلٽيءَ جي ورانڊن ڏانهن پستول سڌو ڪندي پنڊپهڻ ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ اُستادن کي رڙ ڪري چيو،”جيڪو  شخص عوامي اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مخالفت ڪندو، تنهن جو مجيد جهڙو حال ڪيو ويندو.“

خاموشيءَ جو آواز - امر جليل

خاموشيءَ جو آواز
(رني ڪوٽ جو مھاڳ)
امر جليل
تون ايتري قدر سان، مون ڏانهن ڇو ڏسي رهيو آهين!
مان ڪارونجهر آهيان. مان موهن جو دڙو آهيان. هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان. منهنجي وجود ۾ ڪو به آواز نه آهي. منهنجي وجود ۾ زندگيءَ جو ڪو به آثار نه آهي. مان تاريخ جو بيزبان شاهد آهيان. ماٺ جي بيابانن ۾ گم ٿي ويو آهيان. سانت جي سمنڊ ۾ لڙهي ويو آهيان.
پر، تون ايتريقدر غور سان مون ڏانهن ڇو ڏسي رهيو آهين! اهو ڄاڻندي به، ته مان هينئر هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان، تون ضد ٻڌي بيٺو آهين ته مان ڳالهايان. ڪجهه چوان! تعجب آهي. سوچيو هيم، تون تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ مون کي ڳالهائڻ نه ڏيندين- مون کي چپ چورڻ نه ڏيندين. شايد، مون کي ڪڏهن به ڳالهائڻ لاءِ نه چوندين! سچ پڇين ته مون پنهنجيءَ دل مان ڳالهائڻ جي تمنا کي  تڙي ڪڍي ڇڏيو آهي ڇا رکيو آهي ڳالهائڻ ۾ ۽ ڪجهه چوڻ ۾! ائين برابر آهي ته شروعات ۾ مون کي پنهنجي ماٺ کان وحشت ٿيندي هئي. خاموشي ازل جي عذاب وانگر محسوس ٿيندي هئي. پر پوءِ، تاريخ جي هڪ دور کان ٻئي دور تائين آواز کان محروم زندگي گذارڻ کانپوءِ ،منهنجي وجود مان خاموشيءَ جي احساس جو ڊپ نڪري ويو آهي. ڪوبه خوف جو واسينگ دامنگير نه آهي. مون ماٺ جو زهر پي ڇڏيو آهي. مان هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان.

پر، مون کي خاموش ڏسي تنهنجي چپن تي مڪروهه مُرڪ ڇو تري آئي آهي! متان اهو سمجهين ته مون ڪو خاموشين سان ٺاهه ڪري ورتو آهي! نه. هرگز نه. اهو امڪان کان ٻاهر آهي. خاموش ٿيڻ جو مطلب خاموشين سان ٺاهه نه آهي. ها، ائين ضرور آهي، جو لاڳيتو خاموش رهندي، آواز کان محروم زندگي گذاريندي. مان هينئر خاموشيءَ جي علامت ٿي پيو آهيان. مان ڪنهن سنگتراش جو اڻپورو بت آهيان. تڪميل جي آس ۾ مون ڇيڻيءَ جي آواز لاءِ واجهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. تون منهنجو سنگتراش نه آهين. مان تنهنجي تخليق نه آهيان. تنهنجي هٿ ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاو جو ٽيڪم ڏسي مان هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان. تاريخ جو وهڪرو خاموشين جي رڻ ۾ جذب ٿي ويو آهي. منهنجي تاريخ لکڻ واري مورخ پنهنجي قلم سان پنهنجيون اکيون ڪڍي ڇڏيون آهن. پر، صدين تائين مون کي خاموش ڏسڻ جي باوجود توکي ڪيئن خيال آيو ته مان هينئر ڳالهايان، ڪجهه چوان! تنهنجا لک ٿورا، جو مون کي ڳالهائڻ لاءِ چيو اٿئي. مان تنهنجو احسان وساري نه سگهندس.
سمجهان ٿو، تنهنجا ڪن منهنجو آواز ٻڌڻ لاءِ منتظر آهن. ڏسان پيو ته منهنجي خاموشي توکي بيچين ڪري رهي آهي. پر، ڇا ڪريان جو تنهنجي حڪم جي پيروي منهنجي لاءِ ممڪن نه آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. منهنجي مسلسل ماٺ کي پنهنجي حڪم جي خلاف ورزي نه سمجهجانءِ! مان تنهنجو ڪوبه حڪم ٽاري نه سگهندس. تنهنجو هر حڪم منهنجي لاءِ هٿ ٺوڪيو قانون آهي. پر، ڳالهائڻ منهنجي وس ۾ نه آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. اکر اُڪلي نه سگهندس.  تو مون کي ايتري قدر خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو آهي، جو تنهنجو هاڻوڪو حڪم اوپرو ٿو لڳي. مان ڪجهه به چئي نه سگهندس. خاموشين جي آواز مان موٽي نه ايندس. ڪنهن سيتا جو سڏ نه ٻڌندس.
ڄاڻان تو، تون منهنجي واتان ڪجهه ٻڌڻ چاهين تو، منهنجي هٻڪ ۾ پنهنجي ڏهڪاءُ جو عڪس ڏسڻ چاهين ٿو. پر، ڳالهائڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. متان سمجهين ته مان ڳالهائڻ نه ٿو چاهيان! نه نه. ائين نه آهي. مون کي سمجهڻ ۾ متان ڪا غلطي ڪئي اٿئي. تون اجايو شڪ جو شڪار ٿي رهيو آهين. هن دور ۾ چاهيندي به مان ڳالهائي نه سگهندس. ها، تاريخ ۾ اهڙا انيڪ دور آيا ۽ گذري ويا، جڏهن مون ڳالهائڻ لاءِ ضرورت محسوس ڪئي هئي. مون گهڻو ڪجهه چوڻ ۽ توکي ٻڌائڻ چاهيو هو. اهو دور گذري ويو. مون صدين کان ڳالهائڻ لاءِ ڪابه ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. بيڪار سمجهان ٿو ڳالهائڻ کي! هينئر مان هر دور ۾ خاموش رهندس. چاهڻ جي باوجود ڳالهائي نه سگهندس. ٻڌ مت جو اسٽوپا ٿي جيئندس.
خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ انسان ڏاڍا عجيب خواب ڏسندو آهي. هو اهڙا خواب ڏسندو آهي، جن جي تعبير هو پنهنجين اکين سان ڏسي نه سگهندو آهي. مان به خواب ڏسندو آهيان. چاهڻ جي باوجود مان پنهنجن خوابن جو ذڪر توسان ڪري نه سگهندس. تون خوابن جو دشمن آهين. تو کي ڪجهه ٻڌائي  نه سگهندس. مون کي اِن ڳالهه جي به پڪ آهي ته خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ جيڪي خواب مان ڏسندو آهيان، انهن خوابن جي تعبير مان پاڻ ڏسي نه سگهندس. منهنجي بدران، منهنجن خوابن جي تعيبر ٻيو ڪو نسل ڏسندو ۽ منهنجي خاموشيءَ جو ذڪر نوحن ۾ ڪندو. خاموش رهڻ وارن جو هڪ نسل، باهه جو مچ ٻاري، اونده ۾ الاءُ ڪري گذري ويل خاموش نسل جو ذڪر ڪندو آهي. کين ڳيچن ۽ ڪهاڻين ۾ ياد ڪندو آهي. اهڙي گذري ويل نسل جو ذڪر تاريخ ۾ ورلي ايندو آهي. اهڙو نسل ادب جي ميراث ٿيندو آهي.
تون اڃا تائين حيران آهين، ته مون وات مان اکر نه اڪليو آهي! مون ڳالهايو ڇو نه آهي! سمجهان ٿو، منهنجي خاموشيءَ کان وحشت ٿيڻ لڳي اٿئي. تعجب آهي! تو چاهيو هو ته مان خاموش ٿي وڃان. تو چاهيو هو ته مان چپ سبي ڇڏيان. تو چاهيو هو ته مان پنهنجي خيالن کي اظهار لاءِ آواز کان محروم ڪري ڇڏيان. مون ائين ئي ڪيو آهي، جيئن تو چاهيو آهي. ورهين کان مان خاموش ٿي ويو آهيان. هينئر تنهنجي حڪم جي باوجود مان ڳالهائڻ جهڙو نه آهيان. ڪوشش اجائي آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. منهنجي خاموشي تنهنجي مقدر ۾ اضطراب جو سبب ٿي ويئي آهي. منهنجي ماٺ تنهنجي دشمن ٿي پيئي آهي.
جابر، تاريخ جي هر دور ۾، مظلوم جي احتجاج تي حمله آور ٿيندو آهي. هو لکيل ۽ اُچاريل هر لفظ تي اُلر ڪندو آهي. هو هيڻي جي آهن ۽ زاريءَ تي اعتراض ڪندو آهي. هو قاعدن ۽ قانون جا ڪوٽ کڙا ڪري وٺندو آهي. پر هو هيڻي جي خاموشيءَ سان جنگ چوٽي نه سگهندو آهي. هو ماٺ سان وڙهي نه سگهندو آهي. منهنجي توسان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويو آهيان. خاموشي موت آهي. خاموشي پڄاڻيءَ جي علامت آهي. منهنجي خاموشيءَ ۾ شايد تون پنهنجو موت ۽ پڄاڻي ڏسي رهيو آهين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه آهي. اِن لاءِ تون پاڻ ذميوار آهين. تون ،منهنجي ماٺ ۽ خاموشيءَ سان پڄي نه سگهندين.
مونکي ياد ڪونهي، ته تاريخ جي ڪهڙي دور ۾ تو مون سان، ۽ مون توسان آخري دفعي ڳالهايو هو. مان تاريخ جو اُهو گمشد، باب ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان، جنهن ۾ تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ٿيل اختتامي گفتگوءَ جو ذڪر آهي. مون کي ان گفتگو جو هڪ لفظ به ياد نه آهي. مون کي ڪجهه به ياد نه آهي. مون کي فقط ايترو ياد آهي ته، تو چاهيو هو ته مان خاموش رهان. مان خاموش رهيس. مان خاموش ٿي ويس. هميشه لاءِ. مان خاموشيءَ جي اسرار کان آگاهه نه هوس. تو مون کي آگاهي ڏني آهي. مان تنهنجو احسانمند آهيان. سچ تي ڳايل ڳيچ کي قتل ڪري سگهجي ٿو. رت ۾ ٻڏل آڱر سان لکيل تحرير کي قتل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. خاموشيءَ سان وڙهڻ ممڪن ئي نه آهي. تون مون سان وڙهي  سگهندين، منهنجي خاموشيءَ سان وڙهي نه سگهندين. تون يقين ڪر، منهنجي تون سان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويوآهيان. ماٺ ٿي ويو آهيان. مان چاهڻ جي باوجود توسان ڳالهائي نه سگهندس. مان خاموشيءَ جي حد ۾ بيٺو آهيان. تنهنجو ڪو به قاعدو  ۽ قانون مون کي ڳالهائڻ تي مجبور ڪري نه سگهندو. دنيا جا سمورا قانون خاموش ڪرائي ته سگهندا آهن، پر، خاموشي ٽوڙائي نه سگهندا آهن! توکي ڏاڍي چڙ آهي نه خاموشيءَ تي! پر ڇا ٿو ڪري سگهجي، جو خاموشيءَ جي رمز کان تون مون کي آگاهه ڪيو آهي. منهنجي مسلسل ماٺ آڏو تون بيوس آهين.
تون اڃا تائين ڪاوڙ وچان مون ڏانهن ڏسي رهيو آهين! يار، مان ڳالهائي نه سگهندس. اکر اُڪلي نه سگهندس. مان خاموش ٿي ويو آهيان. هميشه لاءِ توسان ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته مان تهذيبي، تمدني ۽ ثقافتي خودڪشي ڪري ڇڏيان.
ڪٿي ائين ته ناهي، ته تون منهنجي مسلسل ماٺ ۽ خاموشيءَ کي پنهنجي لاءِ موت جو پروانو، يا ايندڙ ڪنهن طوفان جي علامت ۽ پيش خيمو سمجهي رهيو آهين! ها، ائين برابر آهي، ته جڏهن به ڪنهن قوم لاءِ تاريخ جي هڪ دور ۾ تعزپراتن ۽ وقتي ضرورتن مطابق ٺاهيل ۽ نافذ ڪيل قانونن جا ڪوٽ کڙا ڪري، کيس آواز کان محروم ڪري، خاموش ڪيو ويندو آهي، سا قوم تاريخ جي ٻئي ڪنهن دور ۾ پنهنجي چچريل، چيٿاڙيل ۽ گم ٿيل آواز جي ڳولا ۾ نڪري پوندي آهي. اهڙن دورن جي وچ ۾ ڪڏهن صدين جي، ته ڪڏهن ڏهاڪو سالن جي، مهينن، ڏينهن ۽ ساعتن جي وڇوٽي هوندي آهي.
مان تنهنجي چال ۽ چالاڪي سمجهي ويو آهيان. ڪنهن به قيمت تي مان توسان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان پنهنجي گم ٿيل آواز جي ڳولا ۾ نڪري پيو آهيان. پر، مان اڪيلو نه آهيان. منهنجي آڏو، منهنجي اڳيان پنهنجي آواز جا انت کان ٻاهر وارث آهن. منهنجي پوئتان، منهنجي پٺيان پنهنجي آواز جا وارث آهن. آوازن جي وارثن جو قافلو تنهنجي تعزيرات جي رڻ مان گذري رهيو آهي.
تنهنجي چوڻ تي، سائين منهنجا، مان نه ڳالهائيندس. اسان جي تو سان ڪا به گفتگو نه ٿيندي، مهربان!

رُڃ جو درياه - سندري اتمچنداڻي


رُڃ جو درياه
سندري اتمچنداڻي
جلسي تي بلڪل سھج سڀاءُ گڏجي ويو. پنھنجي کيسي مان پاڻ ئي ڪارڊ ڪڍي منھنجي ھٿ ۾ پڪڙائي چيو ھئائين؛ ”ست سال گڏ پڙھيل دوست، ائين منٽن ۾ ٿوريئي سڪ پوري ڪري سگهنداسين، فرصت وقت ھليو اچج ۽ پنھنجن شعرن جي ڪتابڙي به کنيو اچج.“
”اڄ ڪتابڙي منھنجي ھٿ ۾ آھي، پر ڪلاڪ کان ھن بيٺڪ جي ڪمري ۾ قيد ويٺو آھيان.“ اھي اکر لکي، وري ھڪ ڀيرو سورج صاحب کي نوڪر ھٿان چٽ موڪلي ڏنم.

سواگت - سندري اتمچنداڻي

سواگت
سندري اتمچنداڻي
اٺ ڏينھن گذري چڪا ھئا، جڏھن ومل ھڪ ڳوٺڙي ۾ پنھنجو خود درشن ڪري آيو ھو، کيس محسوس ٿيو ھو، سندس نرجيو سرير ۾ سجيو آتما جو چنڊ لٿو ھو. ان جي آنند جا ذرڙا، اڃا به سندس ساري سرير کي، ڪپھه جي ريشي جيان ويڙھي بيٺا ھئا.
ومل جنھن مھل ريل مان لھي، ڳوٺ تي نظر وڌي ھئي، تنھن مھل کيس احساس ٿيو ھو ڳوٺ جي اونداھيءَ جو، جيڪا ڪٿي ڪٿي ٽنگيل، راه جي بتين جي روشنيءَ کي گم ڪرڻ جي بيڪار ڪوشش ڪري رھي ھئي. کانئس ٿڌو ساه کڄي ويو. سگريٽ جو ڪش ھڻي، بلبن ڏي وري ھڪ نظر اڇلايائين. من ۾ چيائين، ’مون ۾ ۽ ھنن ويچارن بلبن ۾ ڪھڙو فرق آھي؟‘ بلب مون وانگر سمجھن ٿا ته سندن اندر ڪوئي سورج لڪل آھي، جو انڌڪار کي ڀڄائي ڪڍندو، مگر انڌڪار، ڪيئن نه پوريءَ طرح کين ويڙھي ويو آھي! انڌڪار جي مدد لاءِ ته ڪو ھيڙي جو لشڪر به اچي نڪتو آھي.

Saturday, September 22, 2012

الڳ راهون - سندري اتمچنداڻي

الڳ راهون
سندري اتمچنداڻي
خبر ناھي ڪھڙيءَ کنيو جو سڀدرا ديويءَ جي فوٽي کي ابتو ڪري ڇڏيم. روي گهر ۾ گهڙيو ته يڪدم سندس نظر اُبتي ٿيل فوٽي ٿي پئي. پڇيائين؛ ”ھيءُ فوٽو ڪنھن اُبتو ڪيو آھي؟“
ھڪ پل لاءِ سوچيم، چوانس؛ ’بيبيءَ ڪيو آھي.‘ ليڪن منھنجي سچ ڳالھائڻ جي عادت، چيم؛ ”مون“.
ھو چپ چاپ پنھنجي ڪمري ڏي ھليو ويو. چپ چاپ ٺيڪ نه ٿيندو. پھرين ته مون ڏي ڪڙي نظر اڇليائين. پوءِ فوٽي کي سڌو ڪيائين ۽ ان کان پوءِ مون طرف بلڪل ئي نه نھاريائين. ڄڻ مان ھن لاءِ ھئس ئي ڪو نه. دل ۾ آيم، پٺيان ڇڪي پڇانس؛ ”سڀدرا ديوي اگر تو لاءِ سڀڪجھه ھئي ته مون کي ھن گهر ۾ آڻڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي.“

Thursday, September 20, 2012

گورڪن - نورالهدى شاه

گورڪن
نورالهدى شاه
نما شام جو هوريان ٻڏندڙ پاڇولا ،ڌرتيءَ تي پکڙجي آيا هئا _هن جي اونداهين ڀاڳ سمان رات جون انداهيون به پر پکيڙڻ لاءِ ڄڻ آتيون هيون _قبرستان ۾ واءُ جا سڏڪا ،وڻن جي جھومندڙ پنن جي سر سر، موت جي آنت سانت ۽ تربتن تي پکڙيل ويرانيون _اهو سڀ ڪجھه ڀانءِ هن تي موت جي پڇاڙي پل وانگر اڏول ٿيو بيٺو هو _ ۽ هو هيڪلو ان سمو ري وايو منڊل ۾ نم، جي وڻ هيٺ، ڪنڌ نوايون ائين بيٺو هو ڀانءِ جڳن کان پنهنجي اونداهين ڀاڳ تي ماتم ڪري رهيو هجي _موت پير ان سنسان وايو منڊل ۾ ،هن جو ڀڳل وجود ، ويتر ئي ڀايسو _ هن جي سٿياڻي ،هن جي ڪو ڏر رکيل هئي هن وانگر اداس ۽ ٿڪل ٿڪل (ڪم از ڪم هن ته ائين محسوس ڪيو هو).

مشعالون - شوڪت حسين شورو


مشعالون
شوڪت حسين شورو
اوهان جي شهري زندگي ۽ ڳوٺن ۾ ڪيڏو وڏو فرق آهي.“ ايريڪا ٻنيءَ جي وچان ٺهيل سوڙهن ٻنن تي خبرداريءَ سان هلندي چيو.
ها، ڪراچيءَ جھڙي شهر مان نڪري هتي اچي هڪدم ائين ٿو لڳي ته اسين هڪ صدي پوئتي هليا ويا آهيون،“ ڪارلوس هن کي سُر وٺايو.
مون توکي تڏهن چيو هو ته منهنجي ڳوٺ هلي توڙي سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ هلي تون بور ٿيندينءَ. . .“ مون ايريڪا کي چيو.

خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون - نجم عباسي


خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون
نجم عباسي
شمشاد جي ذهني ڪيفيت اها آهي جا هڪ سڄاڻ سنڌي نوجوان جي هوندي آهي، جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ سَنَدن وارو هوندي به روزگار کان وانجھو رکيو پيو وڃي. هن جي ڪهاڻي به اهائي آهي جا هزارين لکين سنڌين جي آهي. مسڪين مائٽن ميڙي چونڊي خرچ ڪري، پاڻ کي هر چيز کان سِڪائي، قرض کڻي ۽ بُکون ڪاٽي، پنهنجي ٻار کي پڙهائي ڊگريون پاس ڪرايون. پوءِ ان پڙهيل نوجوان جو ڏهاڙي اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار جاچڻ، هر کاتي ۽ ڪمپنيءَ ۾ درخواست ڏيڻ ۽ شهر شهر ۾ انٽرويو لاءِ پنڌ ڪرڻ ۽ نتيجو اهو ڏسڻ ته نوڪري پنهنجن کي ڪٿي ڪانه ٿي ملي، پر اهي جڳهون ٻاهرين سان ڀريون وڃن ٿيون، جي ڊگري توڙي لياقتن ۾ اسان کان گھڻو گھٽ هوندا آهن.

ستن آسمانن هيٺ - نورالهدى شاهه


ستن آسمانن هيٺ
نورالهدى شاهه
اسان ٻنهي جي ملاقات سمنڊ ڪناري ٿي هئي.
هو سمنڊ ڪناري، واريءَ تي ويهي ٽڪ ٻڌي سمنڊ جي هُن پار ٻڏندڙ سج کي ڏسي رهيو هو ۽ مان واريءَ تي ليڪا پائي رهيو هئس.
هُن ته الاءِ اُن پل ڇا ٿي سوچيو پر مان ان لِيڪن منجھه ڪيئي ليڪا پائي سوچي رهيو هئس، چوڏسا ماڻهو مري رهيا آهن ۽ ڌرتيءَ ڄڻ اڻ ڳڻيا لاش اوڳاڇي ڇڏيا آهن. ڪيڏو نه نفسا نفسيءَ جو عالم آهي ۽ ڄڻ ڪٿي ڪا پناهه گاهه ڪونهي. پاڻي جيڪو انسان پيئي ٿو، رت منجھان، رڱجي ڳاڙهو ٿي چڪو آهي، تڏهن به ماڻهو اُن کي ڍُڪ ڀري پيئي به پيو ۽ اڃ به اجھاميس ڪانه ٿي. ڪيڏا نه ماڻهو آهن. هر طرف ماڻهو ئي ماڻهو آهن. اڻ ڳڻيا ۽ اڻ ڄاتا. تڏهن به ڪٿي به ڪو ماڻهو ڪونهي. ڄڻ ماڻهو ئي لڏي ويو آهي ڌرتيءَ مٿان. ڪيڏي نه بوءِ اچي ٿي هر ساهه واري شيءِ مان. ڪيڏو نه ڀوءُ ٿئي ٿو، هر ساهه واري شيءَ کان!

شيطان-خليل جبران-امين اُڏيرائي


شيطان
خليل جبران / امين اُڏيرائي
پادري سمعان کي ماڻهو پنهنجو روحاني ۽ مذهبي پيشوا سمجھندا هئا، ڇاڪاڻ ته هو صغيره ۽ ڪبيره گناهن جي باري ۾ مفصل راءِ ڏيندو هو ۽ انهيءَ کان علاوه جنت، دوزخ ۽ مقامِ ڪفاره جي باري ۾ ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ڏيندو هو.
پادري سمعان اُتر لبنان جي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۾ ويندو هو ۽ ماڻهن جي روحاني بيمارين جو علاج ڪندو هو ۽ وڏي ڪوشش ڪندو هو ته ويچارا ماڻهو شيطان جي دام ۾ نه ڦاسن.
هي بزرگ پادري شيطان جي خلاف مسلسل جنگ ۾ مصروف هو. ماڻهو هن روحاني پيشوا جو ڏاڍو احترام ڪندا هئا. هن جون ڳالهيون ۽ دعائون، سون ۽ چانديءَ جي عيوض به خريد ڪندا هئا.
جڏهن پوک پچي ويندي هئي ته انهيءَ پادريءَ جو به ان ۾ حصو هوندو هو.
ــــــــــ ـــــــــ ــــــــــ ـــــــــ

ڏوھاري - خليل جبران


ڏوھاري
خليل جبران
ھڪ نوجوان رستي تي ويٺو پني رھيو ھو، ٿلھو متارو نوجوان جنھن کي بک بيجان ڪري ڇڏيو ھو، ھو رستي جي موڙ وٽان ايندڙ ويندڙ جي سامھون ھٿ ڦھلائي رھيو ھو، بک جي تڪليف جو دکڙو روئي رھيو ھو.
رات پنھنجا خيما کوڙيا نوجوان جا چپ ٺوٺ ٿي ويا ۽ زبان زخمجي پيس، پر ھٿ پيٽ جيان خالي رھيس.

جي تند برابر توريان - شيخ اياز


جي تند برابر توريان
شيخ اياز
آبدار مغربي موسيقيءَ جو رڪارڊ وڄايو. راڳ جون ڇوليون ڇوهه سان آيون، ۽ ڇر ۾ بدلجي ويون. جوڙيون فرش تي ترڪنديون، رقص ڪنديون، ائين ويون، گويا هنج پاڻيءَ تي لهوارا وڃي رهيا هئا. بجليءَ جي روشنيءَ ۾ زرق برق ساڙهيون چمڪي رهيون هيون، ۽ هن جي گلاس ۾ وسڪي، سوڍا، روشني، رقص ۽ موسيقي رِلي مِلي چمڪي رهيا هئا. هن چوٿون گلاس خالي ڪيو، ۽ سندس ڌيان جون لهرون کيس لوڙهينديون ويون ــــــــ دور، دور ڪنهن اجنبي ساحل ڏانهن. هو شاعر هو، هميشه چاهيندو هو ته مان ٻيو ڪجھه هجان ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ هجان. جڏهن جڏهن شراب پيئندو هو، تڏهن هن کي دور دور جون صدائون اينديون هيون؛ ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ناد وڄندا هئا؛ هن جا خيال ديوداسين وانگر رقص ڪندا هئا؛ ۽ هن جو من ــ مندر جھونين مورتين سان سجايو ويندو هو. هن جا دوست جھومندا نچندا هئا، پنهنجي پنهنجي جوڙي دار جا جسم جاچيندا هئا، انهن جي ڳلن کي نفاست سان ڏسندا هئا؛ ۽ ڪائي ازلي ڪشش سندن تن من ۾ چڻنگ دکائيندي هئي، جا ٻري ٻري آڳ ٿيندي هئي، ۽ پوءِ هر رقص ڪندڙ جوڙي ٻه ڄڀيون ٿي ويندي هئي، ۽ هڪٻئي جي ڄر ۾ ڄرڪندي هئي. ليڪن هو خاموش، تنها، اُداس ويٺو هوندو هو. زندگي اَمرت تي جلترنگ وڄائيندي هئي، ۽ ٻهڪندڙ نظرون ۽ مهڪندڙ منهن ڏسي، هو پنهنجو نئون فلسفو دل ۾ دهرائيندو هو ته ’خوشي‘ حسن آهي ۽ حسن ’خوشي‘ آهي ـــــــــ پر پوءِ به سندس روح تي غم جو گھيرو رهندو هو؛ خوشي حملي تي حملو ڪري، شڪست کائي موٽندي هئي، ۽ هو غم جي قلعي ۾ محصور، حسرت سان ڏسندو هو ته ڪيئن فوج در فوج، زندگيءَ جون مسرتون پٺتي هٽنديون ٿيون وڃن. اڳيان کل ۽ خوشيءَ جو سمنڊ موجون ماريندو هو، ۽ هي ساحل وانگر خاموش ۽ ساڪت ان کي ڏسندو هو.