Sunday, August 12, 2012

انصاف ڪٿي - انجنيئر عبدالوھاب

انصاف ڪٿي؟

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سڄو ڏينھن ٽوٽي. ٽڪي جو ڪم نه ڪري. باقي، رلڻ جو شوقين. مني ڄمار ته رلڻ ۾ وڃائي ڇڏيائين. جنھن تنھن سان هٿ کس ۽ ڏاڙهيءَ پٽ. شڪل به خاص نه. منھن تي ماتا جا چڍا، ڄڻ ڊاٻ تي مينھن. وهنجدي زندگيءَ ۾ ڪو صابڻ هنيو هجئين! جڏهن ضرورت ڀانيائين، لٽا لاهي گهڙي پوندو شاخ يا واٽر ۾.

ڪوريجن جي ڪتيءَ وانگر، رهي راهوجين ته بھي باهوچين. پڻس مئو، نالي ماتر گهر جي چڱ مڙسي ملي ويس. گهر جو گهڻو تڻو بار ماڻھس جهليو بيٺي آ. کانئس ننڍا ڇھه ڀائر به خاص سڌريل نه. کوڙيءَ کي ئي گهمري.


نڪمو ماڻھو، ڳوٺ ۾ ته پرديسيءَ برابر، پر سڳي ماءُ-پيءُ کي به پِتي تي نه پوي. پنھنجو ئي ڪير نه ڪريس. مِٽيءَ ڪرڻ لاءِ به ڪير تيار نه. ڪچھريءَ ۾ ڪير ويھڻ نه ڏئيس. ٻين راڄن کي ڪيئن وڻندو؟

هڪڙي اڻھوند، ٻيو افعال بڇڙا. غريب سان ڪنھن کؤنسيو، ڄڻ اڪ جي ڪاٺي وهڪ سان کنھيائين. تيئن سومر به چُپ سان ته ڄڻ ڄائو ئي ڪو نه هو. ماٺ جو ته ماڻھس دڪو ئي ڪو نه وڌو هئس.

پاڻ کان ڏاڍن سان، پاسا هڻي پيو لنگهندو. ڪا نه ڪا اُنڊ وٺي، جهيڙو ضرور ڪريس. جهيڙو به مڙساڻو جهيڙو. رنن زالن وارو وات نه. ميدان ۾ لٿي کان پوءِ اڳلي کي چپ چاپ ۾ ٺونشن سان کپي ويندو. رڳو، اونهه اونهه ۽ دِٻ، دِٻ جا کڙڪا پيا ٻڌبا. ايستائين جهيڙو جاري هوندو، جيستائين اڳلو ڀڄي ميدان خالي نه ڪري. يا وچ ۾ پئي، اڳلي کي ڪو ڇڏائي نه. يا موراڳو اڳلو آزي مڃي، جان آجي ڪرائي.

هڪڙي ڏينھن سؤٽھنس عارب، اَنُ پيھرائڻ لاءِ، شھر پئي ويو. شھر جي ناڪي کان اڃا اورتي هئو جو ناڪي منشيءَ سائيڪل تي چڙهي اچي، کانئس پيسائيءَ واري اَنَ جو ناڪو زوريءَ ڪٽرايو. هڪ ته عارب ننڍو هو ۽ ٻيو تن ڏينھن ۾ سرڪار لفظ جو وڏو ڏر هو. تنھنڪري ڊڄ ۾ کيس پيسائيءَ وارا آندل پئسا ڏئي، جان ڇڏايائين. ناڪي منشيءَ رسيد ڪٽي ڇڏيس. ان وقت سومر به ناڪي جي ڀرواريءَ هوٽل ۾ ويٺو هو. الائي ڪيئن کيس پسڻ پيو، سؤٽ جي ڦُرجڻ وارو لقاءُ ڏسڻ شرط ڀڄندو آيو.

اڙي اَنُ پيھرائڻ لاءِ کڻي آيو آهي، اُن جو ناڪو ڇو ٿو وٺين؟ ناڪي منشيءَ تي ڏاڏر ڪيائين.

وٺڻو آ، ۽ هن ڏنو آهي، تون ڇو ٿو بڪواس ڪرين؟ ناڪي منشيءَ خار مان چيس.

وڌيڪ دليل بازي ڪيائينس ئي نه. اکيون پوري کپي ويس. اونهه اونهه ۽ دِٻ دِٻ جا آواز هئا. رسيد ڪٽجي چڪي هئي. پئسا، سرڪار کي پھتا ۽ موچڙا، ناڪي منشيءَ کي اهو لقاءُ ڏسي، ھر ڪنھن، ناڪي منشيءَ کي ڦٺ ڦٺ ڪئي. عارب، اَن جي پيسائي، اٽي مان ڪٽائي، اچي گهر پھتو.

سندس انھيءَ همدرديءَ ۾ به، ماڻھن کي ڪيترا شڪ رهجي ويا هئا. ڪن جو چوڻ هئو؛ جهيڙي ڪرڻ لاءِ عادت کان مجبور هئو. ڪنھن چيو؛ ناڪي منشيءَ تي ڪوسائي ٻي هئس. جهيڙو اتان جو ھيو، جنگ جو ميدان ھتي ٿيو. بھرحال، جيترا وات اوتريون ڳالهيون.

ڳوٺ ۾ هڪ ٻن سان، ويڙهاند ڪئي هئائين. ڳوٺ جا ماڻھو بڻ بڻياد کان سڃاڻنس، تن وڃي جيل واڙايس.

هڪڙي دفعي وري جيل ويو. ٿيو ھيئن جو وڏيري مولاداد، ماساتھنس راهب کي، پنھنجي ٻنيءَ جي ٻني تان، پاڃاريءَ ۾ جوٽيل جوڳ، لنگهڻ نه پئي ڏني. جنھن تي انھن هڪٻئي سان ڏند-چڪ ڏنا. ايتري ۾ سومر الائي ڪٿان اچي اتي نڪتو. آءُ بلا! ويندينءَ ڪاڏي؟ خار ۾ اچي، پاڃاريءَ مان ڏورڻو ڪڍي، وڏيري مولاداد جو دوناڙ ئي دوناڙ ڪٽيائين. وڏيري جو ٻوٿ ته سڄائي رکيائين، جنھن مھينو کن پئي ڦٽن تي پھا رکايا، پر پاڻ ڇھن مھينن لاءِ جيل!

نڌڻڪو ماڻھو به، پوليس وارن لاءِ اٽي تي چٽي. پوليس موچڙا به ان کي هڻندي آ، جنھن کي موچڙن هڻڻ سان، پئسا ائين ڇڻن، جيئن ڀينڊ ھڻڻ تي ٻير جي وڻ منجھان ٻيرَ ڇڻندا آھن. يا فريادي پئسا ڏئي موچڙا هڻائينس. ٻي صورت ۾ مجرم ويٺو مڇون وٽي ۽ سمھي بئنچون ڀڃي. ڇھن مھينن کان پوءِ، بيزار ٿي ھن مان رسو کڻي ڪڍيائون.

هر جهيڙي جي پڇاڙي به آخر جيل نه! سو ته هيءُ ڏسي آيو. باقي ڀؤ ڇا جو؟ پوءِ ڇو نه نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهي؟ نه سندس ڪو وڏو، نه ننڍو. نڌڻڪي ۽ سڃي ماڻھوءَ کي رولو ڪتي وانگر، ڪير ڌَتِ ڪري؟ اهڙيءَ طرح ٻي به واردات ڪري وڌائين.

شيرل جڏهن، جواني اڪري پيريءَ ۾ آيو، تڏهن ڪمائڻ کان به ويو. اصل کان پيل وزم جي عادت ۽ جوئا جي هير سبب، ڪئي ڪمائي سڀ گولي تي هڻي، اچي رستي جي ڀر واري مقام ۾، هڪڙي قبر تي هلڪو ڦلڪو پڙ وجهي، مجاور بڻجي ويھي رهيو. هڪ ٻه مَٽ ڀري، کٻڙ جي ڇانوَ ۾ رکيائين، جتي پاڻي ٿڌو پئي ٿيو ۽ آئي وئي پي، وڻڪار هيٺان آسيس پئي ورتو. ٻه چار روپيا چندي جا به پئي جڙيس. چرس جو به لڪ لڪوٽيءَ ۾ واپار پئي هلايائين. وکريل ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار کڻي ڇڏي ڏنائين. صفا مست ملنگ ٿي ويھي رهيو.

هڪ ڏينھن سومر جي ماروٽ گھرام کي، مقام جي وچ واري پير-چاري مان مال لنگهائڻ نه ڏنائين. هٿائين بوٽ به لھرائي رکيائينس. شيرل، اهڙيون وارڌاتون، اڳي به ڪري چڪو هو. خاص ڪري، مقام مان ڪاٺيون ڪندڙ معصوم ٻارن کي ته، ڏاڍو تائي تپائي ڏنو هئائين. ڇو جو وڏيري مولاداد طرفان پٺڙي ٺپيل هيس. تنھنڪري جتي عقيدن جا ٿڙيل هوندا آهن، تتي زندگيءَ جي راند هارايل شيرل جھڙا به، چڱو روزگار ڪري، کڳي مان يقين شاهه ٿي پوندا آهن.

شيرل، سومر جي ماروٽ سان ڏند-چڪ ڏنا پئي جو مھل سومر به اچي اتان لانگھائو ٿيو. ڇا هي؟! ڇا هي؟! ڪري معاملي ۾ ٽپي پيو. ماروٽنھس کيس حقيقت کان آگاهه ڪيو. سومر، شيرل کان بوٽ گهريو. تنھن تي شيرل گوٿ ناٿ ڪئي. بس، دير به اها ٿي. پوءِ ته رڳو، اونهه اونهه ۽ دِٻ، دِٻ جا آواز هئا. انھيءَ اپرانڌ شيرل جو ڀائٽيو به لٺ کنيو آيو. سومر، بيخاليءَ ۾ ٻه ٽي لٺيون کائي ويو. ديڙ مڙس ھيو، يڪدم پاڻ سنڀالي ويو ۽ ڀائٽنھس کان لٺ کسي ورتائين. جنھن سان مٿن وسڪارو شروع ڪري ڏنائين. چاچي ڀائٽيي جي حالت اها ٿي جو رت ڪتا به نه چٽن. نتيجو اهو نڪتو، جو چاچي ڀائٽي مھينو کن پئي لڱن جي ٽاڪور ڪرائي ۽ سومر هفتي کن جي فراريت بعد، ڇھه مھينا کن جيل وارن لاءِ آزار بنيل رهيو.

اڄ وري پڪي رستي تي ٽرڪ خراب ٿي پئي هئي، جيڪا ڊرائيور ۽ ڪلينر پاڻ پئي ٺاهي. هلندي هلندي منجھن گيڙَ-بگيڙو ٿي ويو ۽ ٻه پٺاڻ، هڪڙي پنجابي ڇوري کي ڪٽڻ شروع ٿي ويا. ڇورو شايد ڪنھن ويجهيءَ گيريج کان، ٽرڪ جي هلڪي ڦلڪي مرمت لاءِ، پنھنجي ڪِٽ سميت آيو هو. پٺاڻن، ڇوري کي مزدوري ان ڪري نه پئي ڏني، جو سندن خيال هو ته گاڏي انھن پاڻ ٺيڪ ڪئي آ. الٽو سندس ڪٽ منجھان نئون بيرنگ کڻي، ان جي جاءِ تي نڪتل بيئرنگ ڏنائونس. جنھن تي ٻنھي ڌرين ۾ ڦڏو ٿيو.

پادر اونڌو ڪر ته کوڙ واندا ۽ نڪما، رونشي تي اچي مڙن. جن کي رڇ ڪتي جي بڇ، ٽڪيٽ تي به ڏسڻ لاءِ نه ملي. خدا کڻي ههڙو ملاکڙو واٽ ويندي، بنا پئسي ڏيکاري، ته سي بيھي ڇو نه ڏسن؟ ڏسڻ وارو سڀڪو، ڇڏائڻ وارو ڪير به نه. سڀڪو چوي: ادا پرائي باهه ۾ ڪير پوندو؟ اهو وقت ئي ناهي. اڱر ڄاڻن لھر ڄاڻي. نه پٺاڻ اسان جو چاچو، نه پنجابي اسان جو مامو؟ وڃي پاڻ ۾ ڍانگو ڍانگ ٿين.

هلندڙ رونشو، اونهه، اونهه ۽ دِٻ، دِٻ جي آوازن ۾ گم ٿي ويو. سومر، ٻوڙن ۽ گونگن وانگر، پٺاڻ ڊرائيور کي منھن وارا ٺونشا، بنا بريڪ هڻي رهيو هو. موچڙن جي تاءَ ۾ ڊرائيور ڪا مزاحمت نه ڪئي ۽ تڪڙو ٽرڪ جي ڪيبن ۾ چڙهي ويو.

ڀائي جان! ميري بات سنو! ڪلينر سومر کي ٻانھون ٻڌندي ايلاز ڪرڻ لڳو.

کيس به بنا ٻُڌڻ جي، اونهه اونهه ۽ دٻ دٻ ٿي وئي. بات سنو جا پٽ! تو اڙي پاڻ کي سمجهيو ڇاهي؟ ڳلي مان هٿ ڪڍندي، منھن واري مُڪ ھڻندي پڇيائينس.

ايتري ۾ ڊرائيور ڪيبن مان تڪڙو لٿو. بيٺلن جا لڱ به ڪانڊارجي ويا. انديشو هين ته ڊرائيور ڪئبين مان ڪو هٿيار کڻي لٿو آهي ۽ سومر جو خير ناهي. پر ان جي برعڪس، ڊرائيور نئون بيرئنگ کڻي لٿو ھيو، جيڪو اچي سومر کي ڏنائين. ان تي، ڪلينر کي ڇڏي، وڃي کيس ڳلي مان ورتائين.

اڙي هن جو ٻيو ڇاهي؟ ڏينس! مزدوريءَ جا پئسا به ڏينس! جيڪي ٻيا پئسا به اٿس سي به ڏينس!

ڊرائيور يڪدم پئسا ڏنا ۽ جهٽ ۾ گاڏيءَ جي هيٺان سمھي، رهيل ڪم اڌ گيدو لاهي ڀڄڻ جي ڪيائين.

سکر جي بس آئي، سومر پنجابيءَ ڇوري کي، ان ۾ چاڙهي روانو ڪيو ۽ پنھنجي منھن چوڻ لڳو؛ ڇورو به اسان جي چاچي جو پٽ نه هو ته پٺاڻ به اسان جو ڪو مامو ڪو نه هو. پر اها حرامپائي سھبي ڪا نه!

ھي ته پنھنجي ڪارروائيءَ جي وڪالت ڪيون، ٻانھون هڻندو ۽ سھڪندو، هڪ طرف ويندو رهيو. پٺيان بيٺلن ۾ گيڙو ميڙو ٿي ويو.

چڱو نه ڪيائين! ڊنب مان آواز آيو.

پرديسين سان ائين نه ڪبو آهي. ٻيو آواز آيو.

ڳوٺ واري سان اٽڪائي ها ته جيل ڏيکاريس ها. ٽيون آواز آيو.

ڇھه مھينا کن ته ٽيپ اچي وڃينس ها! هڪڙو آواز.

وڏيري مولاداد سان به جهيڙو ڪيائين! پيٽ ڀرائي ته ڏس! ٻني به ان جي، جهيڙو به ان سان! ٻيو آواز.

ته پوءِ کائي ويو نه ٽيپ؟ پر! سڌريو.......!؟!؟“ ٽيون آواز.

اڻھوند تي مڙس کي رڏي ته ڏسو! ...... هڪڙو آواز.

شيرل واري معاملي ۾ به ته ڇھه مھينا ٿاڻو ڀيٽي آيو نه! پر ڪتي جو پڇ سو ڪتي جو پڇ. سؤ سال نـڙ ۾ وجھ ته به ٽيڙ نه ڇڏي! ٻيو آواز.

ماڻهس رليون سبي گذر سفر ڪري، پٽ وري ميدان ماريندو ورتي! ڊنب مان آواز آيو.

ادا! هوندس انھيءَ ڇوري سان ياري! ڪنھن چيو ۽ ٽھڪڙو پئجي ويو.

ها! انھي پاسي، ويندو به گهڻو آ؟ اڃا ڪنھن ٻئي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي؛ ”ڇڙو ڇانڊ ماڻھو آ، گذر سفر به ته ڪرڻو اٿس نه. هڪڙو ڪمائي ڪو نه، ٻيو ٺوهيو. پوءِ معشوق جي دل وٺڻ لاءِ ته سر به تريءَ تي رکڻو پوندس! .....

ڳوٺ ۾ به گهڻو انھيءَ لاءِ ته نه رهندو آ. ٻاهر ڏاڍ مڙسيءَ تي پيٽ گذر به ٿي ٿو وڃينس ۽ ..... هڪ آواز آيو.

ادا! ڀاءُ ڀاءُ جو نه رهيو آهي، هيءُ جو ڇوري لاءِ ٻن پٺاڻن سان وڙهيو پئي، سو ضرور دال ۾ ڪارو ته آهي نه! رونشي ڏسندڙن جي ٽولي مان ھڪڙي بي همتي، سندس غير حاضريءَ جو فائدو وٺندي، قياس آرائي پيش ڪئي.

قياس آرايون، ٻڌيون اڻ-ٻڌيون ڪيو، ٻانھون هڻندو، سھڪندو، ڪنھن ٻئي هنڌ، ڪنھن ٻئي ميڙ جي وچ ۾ ٿيل واردات منجھ ٽپي، اونهه! اونهه! ۽ دٻ! دِٻ! جو سانتيڪو مظاهرو ڪرڻ لاءِ، ھو اکين کان اوجهل ٿي چڪو هو. 

No comments:

Post a Comment