Monday, August 13, 2012

ڪھاڻي ڪتاب هراس- تبصرو - شبنم گل


وھاب سھتو جي ڪھاڻي ڪتاب هراس تي تبصرو

ادب هر دؤر ۽ هر عهد جو ترجمان هوندو آهي، جنهن ۾ اسان ڪنهن به قوم جو مزاج ۽ معاشرتي تبديلين جو عڪس صاف ڏسي سگهون ٿا. هر دؤر جون پنهنجون الڳ گهرجون ۽ مختلف تقاضائون ٿينديون آهن ۽ باشعور ليکڪ اهو آهي، جنهن جون تحريرون وقت جي تقاضائن سان مطابقت رکن ٿيون ۽ ائين ادب ان دؤر جي ماڻهن جي ذهني لاڙن ۽ ترجيحات جي بنياد تي ڪو واضح روپ وٺي سامهون ايندو آهي. هڪ دؤر اهو هو جنهن ۾ روحانيت پسنديءَ جو رجحان وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيو ٿي، پر وقت گذرڻ سان گڏ اسان جا ليکڪ روحانيت جي طلسم خاني مان نڪري زندگيءَ جي مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳا. خاص ڪري اسان جي موجوده دور جو سجاڳ ۽ باصلاحيت نوجوان ليکڪ اڄ جي دور جي پيچيده سماجي صورتحال جي ترجماني پنهنجي تحريرن وسيلي موثر انداز ۾ ڪري رهيو آهي.


هڪ اهڙي ئي باصلاحيت نوجوان وهاب سهتي جي ڪهاڻين جو مجموعو “هراس” جي عنوان سان مرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران پڌرو ڪيو ويو آهي، جيڪا ليکڪ پاران مجموعي طور تي هڪ سٺي ڪاوش آهي ۽ هڪ همت ڀريو قدم به آهي. ڇو ته عموماً پبلشر حضرات نون ليکڪن جا ڪتاب شايع ڪرڻ کان لهرائيندا آهن. شايد ان جي ڪري نون ليکڪن جي ايتري حوصله افزائي نه ٿي سگهندي آهي. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ، اميد آهي ته ٻين نون ليکڪن جا ڪتاب به شايع ڪري سندن حوصله افزائي ڪئي ويندي.
هن ڪتاب جي اضافي خوبي اها آهي ته ان ۾ نج سنڌي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن ۽ ليکڪ پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو عڪس خوبصورتيءَ سان چٽيو آهي، خاص ڪري ليکڪ ڳوٺ جي ماحول، اتان جي رهڻي ڪهڻي ۽ مسئلن کي پنهنجي اعليٰ رنگ ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن جي ڪري ڪهاڻين ۾ حقيقتن جو رنگ وڌيڪ نمايان نظر اچي ٿو. وهاب سهتي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ اثرائتي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، خاص ڪري سندس ڪهاڻي هراس ڳوٺن ۾ پيش ايندڙ موجوده حالتن جي سٺي نمائندگي ڪري ٿي. ان کان سواءِ وهاب سهتي پنهنجي ڪهاڻين ۾ حقيقت پسنديءَ کان ڪم ورتو آهي.
سنڌي سماج ۾ ڪيتريون برايون بي پاڙيءَ وانگر ڦهليل آهن. غربت، جهالت ۽ بيروزگاريءَ جي پس منظر ۾ جنم وٺندڙ اهي بيماريون سنڌي سماج کي اڏوهيءَ جيان کائي، اندر ئي اندر ۾ کوکلو ڪري رهيون آهن. معاشي ناهمواريون، عورت جو استحصال، تعليم جي ڪمي، اهي اڄ جي دور جا توجهه طلب مسئلا آهن. ان کانسواءِ قتل، اغوا، چوري، جوا، جنسي گهُٽ ۽ بي راهه روي ۽ اهڙيون ڪيتريون ٻيون بُرايون هن وقت سنڌي معاشري کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي رهيون آهن.
وهاب پنهنجي اڪثر ڪهاڻين: هراس، چنبو چنبو، کاهي، ڪوڪ وارو، ڌيئن جو ڌنار ۽ ڪوڙڪيءَ ۾ اهڙين براين جي نشاندهي ڪئي آهي. البت اها ڳالهه ضرور آهي ته وهاب جي ڪهاڻين ۾ موضوع جي لحاظ کان نواڻ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. وهاب جن موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، انهن موضوعن تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڇپجي منظر عام تي اچي چڪيون آهن. جيڪڏهن وهاب مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ انهن مسئلن جو ڪو حل به پيش ڪري ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. باقي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ڪهاڻين جي Treatment جي ته ادب جي دنيا ۾ نئين هئڻ جي باوجود سندس تحريرن ۾ پختگي آهي. سندس ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي رواني ۽ ڪهاڻين ۾ جيڪو تسلسل جو عنصر آهي اهو هڪ ڏينهن وهاب کي سٺن ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ ضرور شامل ڪندو، پر شرط اهو آهي ته هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ موضوع جي لحاظ کان اڃا Variety پيدا ڪري ۽ سندس قلم زندگيءَ جي مُک تان خوشنما نقاب لاهي اصلي روپ ڏيکارڻ جي مڪمل صلاحيت رکندو هجي، جنهن لاءِ هو پاڻ چوي ٿو ته “منهنجون ڪهاڻيون سؤ سيڪڙو سچ نه آهن، ته ابه ايڏي وڏي ڪوڙ جي ملاوٽ نه اٿن جو ڪوڙيون لڳن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪهاڻي ڪوڙ جي آميزش کانسواءِ جڙي نه سگهندي آهي. ڪٿي ڪٿي ‘دروغ مصلحت آميز به از راستي فتنه انگيز’ تي عمل ڪندي اصل نالا بدلائي، فرضي نالا ڏنا اٿم. ور نه ڪهاڻين جو وچور، حقيقت تي ٻڌل آهي”.
وهاب جي ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته هن جي اندر ۾ حقيقتن کي پرکڻ جي گهري جستجو آهي ۽ سندس ڪهاڻيون مشاهدي جي سَلي مان ڦُٽي نڪتيون آهن.
وهاب، ادب جي منزل ماڻڻ لاءِ، حقيقتن ۽ سچاين جي ڳولا جي جنهن سفر تي نڪتوآهي، هراس ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي. هاڻ اهو پڙهندڙن تي منحصر آهي ته هو ان نئين ليکڪ جي لکڻين جي حوصله افزائي ڪيئن ڪن ٿا.

- شبنم گل
(سه-ماھي مھراڻ ۱۹۹۰-۲ع تان کنيل)

No comments:

Post a Comment