Sunday, August 5, 2012

تحفو - حسن علي هڪڙو


تحفو
حسن علي هڪڙو
”منهنجا شهزادا! هيءُ تحفو تمام قيمتي آهي، پر مان ان تحفي کي پسند ڪندَس، جيڪو تنهنجي هٿن جي ڪمائيءَ مان ورتل هجي. هيءُ ته ٻين جي ڪمائيءَ يعني تنهنجي پيءُ جي ڪمائيءَ مان ورتل آهي، جيڪو اسان جي پيار جي وچ ۾ چانديءَ جي ديوار بڻيل آهي، جنهن کي ڊاهڻ لاءِ توکي لوهي هٿ ڌارڻا پوندا. ڪو به سرمائيدار، ڪو به وڏو ماڻهو ايئن ڪو نه چاهيندو ته هڪ غريب گھراڻي جي ڇوڪري هن جي محلن جي راڻي بڻجي، ڪو به ايئن نه چاهيندو ته هن جي مخمل کي ٽاٽ جو پيوند لڳايو وڃي.


”شهزادا! مان توکي بغاوت ڪرڻ به نه ڏيندَس، گھر مان نڪرڻ جي صلاح به نه ڏيندَس، خودڪشي ڪرڻ جي اجازت به نه ڏيندَس، جنهن جي وسيلي والدين کي بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي. هاڻي اهي سڀ ڳالهيون صرف فلمن ۾ ٿيون ٺهن، انهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ڪو نه آهي. مان انهن جي خلاف آهيان. مان توکي پنهنجن پيرن تي بيٺل ڏِسڻ چاهيان ٿي.
”منهنجا شهزادا! تنهنجو اهو خيال به صحيح نه آهي، ته اسان سوِل مئريج ڪيون. اسان پريمي جوڙو بڻجڻ به پسند نه ڪنداسون ۽ نه ئي اهو چاهينداسون ته اخبارن ۾ اسان جي نالي سان خبر ڇپي ته ’پ‘ نالي هڪ ماسترياڻيءَ پنهنجي پريميءَ سان گھران نڪري وڃي بيان ڏنو، ته منهنجا والدين منهنجي شادي سوٽ سان زوريءَ ڪرائڻ چاهن پيا، جيڪو اڻپڙهيل، بشني، جواري ۽ لوفر آهي ۽ مان رضا خوشيءَ سان، هوش حواس ۾، شريعتِ محمدي موجب نڪاح ڪيو آهي، مون کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي ۽ هاڻي منهنجو مائٽن سان ڪو به واسطو نه آهي.
”شهزادا! حيف آهي اهڙين ڇوڪرين تي، جيڪي سالن جا رت جا رشتا هڪ سَٽ سان ٽوڙي ٿيون ڇڏين. نه، مان ايئن نه ڪندَس. مان ڀاڄوڪڙ سڏجڻ پسند نه ڪندَس ۽ نه ئي اهڙا طعنا پنهنجي اولاد کي سَهڻ ڏيندَس. تون ڪوشش ڪري، والدين کي راضي ڪر يا اڄ کان پنهنجو روزگار شروع ڪر ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪر، پوءِ ڀلي ته دوستن کي وٺي عزت سان منهنجو سڱ منهنجن مائٽن کان گُھر، جنهن ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي.
”شهزادا! او شهزادا! ٻڌين ٿو نه؟“
”هُون هُون...“
”هُون هُون ڇا جي! جيڪا مون بَڪ بَڪ ڪئي، اها تو ٻڌي يا نه؟“
”مُونا، مان سڀ ٻڌان پيو ۽ سمجھڻ جي ڪوشش به ڪيان پيو. ڇا تون انتظار ڪري سگھين ٿي؟“
”ها شهزادا! مان انتظار ڪري سگھان ٿي. مان هڪ ڪمائيندڙ ڇوڪري آهيان، والدين تي بارُ ناهيان. اڃا به سندن مالي مدد ڪري رهي آهيان. اهي جاهل به ناهن، سلجھيل ۽ روشن خيال آهن. کين اسان جي محبت جي به ٿوري گھڻي خبر آهي. مان تنهنجو قيامت تائين به انتظار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“

شهزاديٖ جو رَوَيو، پوءِ به، پنهنجن گھر ڀاتين سان ساڳيو رهيو. هن ڪنهن کي به محسوس ڪرڻ نه ڏنو ته سندس شادي پسند ۽ چوڻ موجب نه پئي ڪرائي وڃي. هُو دل ۾ پڪو پهه ڪري چڪو هو ته هڪ ڏينهن هُو پنهنجن پيرن تي سڀني کي بيهي ڏيکاريندو. هن ان معاملي ۾ والدين کان ڪا به مدد ڪا نه گھرِي. هن پنهنجن دوستن جي مدد ۽ حڪومت جي روزگار اسڪيم تحت قرض کڻي هڪ شو روم کوليو، جتي هو گاڏين جي خريد فروخت جو ڌنڌو ڪندو هو. ان سودي ڪاريءَ مان هن کي ڪافي پئسا ملي پوندا هئا، جن مان سندس ڪاروبار چمڪي پيو. جلد ئي سندس مالي حالت سٺي ٿي پئي. هڪُ شهزادي جي محنت، ٻيو مُونا جي ڏينهن رات ڌڻيءَ در دعائن رنگ لاتو. شهزادو هڪ سٺو بزنس مئن بڻجي ويو.
هڪ سرد شام هئي. مونا کي ڪجھ بخار محسوس پئي ٿيو. هُوءَ ورانڊي ۾ پيل هڪ خالي کٽ تي بسترو وڇائي مٿان چادر پائي سمهي پئي هئي، ته دروازي تي ڪار جو هارن وڳو. مخصوص ۽ مانوس هارن تي مونا بستري مان اٿي دروازي تي وئي، ته ٻاهر شهزادو ڪار ۾ ويٺو هو.
”آءُ شهزادا! اندر اچ.“ مونا هن کي چيو.
”نه مونا! اڄ موڊ آهي ته ٻاهر هلي ڪٿي ڪيفي ۾ ڪافي پيئون.“
”پر شهزادا! مون کي بخار آهي ۽ سيءُ به ٿئي پيو. اچ ته گھر ۾ ئي ٿا ڪافي پيئون.“
”نه مونا، ڪار ۾ ويهه، آئوٽنگ به ٿي ويندي ۽ تنهنجي دل به وندري ويندي. هُونءَ به چوندا آهن ته جيئن سمجھو بخار، تيئن چڙهي ويندو. بخار کي لوڙائجي ته اهو جلد ڇڏي ويندو.“
مونا شهزادي جو رايو رکندي، ڪار ۾ اڳئينءَ سيٽ تي، شهزادي سان گڏ ويٺي. ڪار اسٽارٽ ٿي.
”ها مونا! ڪجھ ڳالهاءِ ته سهي! هونءَ پئي منهنجو مغز کائيندي هئينءَ ته هيئن ڪر، هونءَ ڪر. سڄو ڏينهن نصيحت جا ڪتاب کوليون ويٺي هوندي هئينءَ ۽ هاڻي وري چُپ جو روزو رکي ڇڏيو اٿئي!“
”ها شهزادا! منهنجي ڳالهائڻ ۽ نصيحت ڪرڻ جو وقت گذري ويو. هاڻ تون ڳالهاءِ! هي وقت تنهنجي ڳالهائڻ ۽ منهنجي ٻڌڻ جو آهي. هاڻ تنهنجو حڪم هلندو ۽ هيءَ بندِي حڪم مڃڻ لاءِ هر وقت تيار رهندي، سربسجود رهندي، بجا آوري ڪندي رهندي.“
”مونا!“
”جِي!“
”هيءُ تحفو...“
”ڇا آهي؟“
”هارُ آهي.“
”ڇا لاءِ تڪليف ڪيئه! تو جَهِڙي تحفي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو تحفو ٿيندو! تون ئي منهنجي ڳچيءَ جو هار آهين، سونهن ۽ سينگار آهين.“
”تو مون کي چيو نه هو ته جڏهن مان پنهنجي ڪمائيءَ مان تحفو وٺي ايندس ته اهو تون پسند ڪندينءَ، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به وڏي قيمت وارو تحفو قبول نه ڪندينءَ، سو اڄ مان پنهنجيءَ مونا لاءِ پنهنجي محنت سان ڪمايل پئسن مان هي تحفو وٺي آيو آهيان، جيڪو توهان کي وڻندو ۽ اميد اٿم ته قبول پوندو.“
”توهان کي مطلب ڇا! تون چئه. توهان ۾ اجنبيت آهي، تون ۾ پنهنجائپ آهي. مون کي موني چوندو ڪر، چري ۽ نڪ چڙهي چوندو ڪر، مون سان وڙهندو ڪر، تو کان رُسان ته پرچائيندو ڪر، ان ۾ مزو آهي. منهنجا شهزادا! مان جيڪڏهن توکي ناهيان ڏسندي ته مان کي الائي ڇا ٿي ويندو آهي. ظالم! تو ۾ الائي ڪهڙي ڪشش آهي!“
ٻئي پيار نگريءَ جي حسين وادين ۾ گم هئا، ته اوچتو پويان تيز رفتار ٽرڪ اووَر ٽيڪ ڪندي سندن ڪار کي ايترو ته زوردار ٽڪر هنيو، جو ڪار ٻه چار ڪلٽيون کائيندي، ڀرسان هڪ کامي ۾ اونڌي وڃي ڪري. جيسين ماڻهو پهچن ۽ ڪار مان کين ڪڍن، تيسين بيحد گھڻي دير ٿي چڪي هئي. ماڻهن ڏٺو ته ڪار مان هڪ عورت ۽ هڪ مرد جا بيجان جسم نڪتا، جن جا هٿ هٿن ۾ هئا، پر کانئنِ اُهو سڪ ۽ محبت وارو تحفو وسري ويو، جيڪو هن دردناڪ انجام تي بي آواز روئي رهيو هو ۽ جنهن جون دانهون ٻڌڻ وارو ڪو به نه هو!

•••
(۲۰۰۰-۱۰-۲۱)

No comments:

Post a Comment