Thursday, August 16, 2012

سنڌي گدڙ اِن اسلام آباد - امر جليل


سنڌي گدڙ اِن اسلام آباد
امر جليل
مان دامن ڪوهه جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ تي بيٺو هوس ۽ ڪڏهن ڪامورڪي شهر اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن اڻ-کوٽيل قديم آثارن ڏانهن ڏسي رهيو هوس. دامن ڪوهه، مارگله ٽڪرين جي هنج ۾ ٺاهيل، تفريح گاهه آهي. گهاٽن وڻن ۽ ٻوٽن جي اوٽ ۾، اک-ٻوٽ لاءِ، نهايت مناسب مقام آهي ۽ ان مقصد لاءِ نهايت پابنديءَ سان استعمال ٿي رهيو آهي. بس، ڪڏهن ڪڏهن ڪو تقدير جو ماريل جوڙو، پوليس وارن جي ور چڙهي ويندو آهي ۽ رنگ ۾ ڀنگ ڪرائي موٽندو آهي.


مارگله ٽڪرين جي اوڀر ۾، اسلام آباد آهي ۽ اولهه ۾ اڻ-کوٽيل قديم آثارن جو سلسلو، جيڪو جهرن جهنگن مان لنگهندو، ٽيڪسيلا ۾ ٻڌمت جي قديم آثارن سان وڃي ملندو آهي. مان اڪثر، شام ويلي، مارگله ٽڪرين جي سڀ کان اُتانهين چوٽيءَ تي وڃي بيهندو آهيان. پهرن جا پهر، ويندي سج لٿي کان رات جي پوئين پهر تائين. ڪڏهن جُڙتو شهر اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن ٻڌمت جي قديم آثارن ڏانهن ڏسندو رهندو آهيان. قادر جي ڪرشمن، خاص ڪري پنهنجي بدني بناوت، کي ڏسي ڪڏهن حيران ۽ ڪڏهن پريشان ٿيندو آهيان.
اُن ڏينهن پڻ، مان مارگله ٽڪرين جي مٿانهين چوٽيءَ تي بيٺو هوس. ڪڏهن اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن ٻڌمت جي قديم آثارن ڏانهن ڏسي، حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ٿي رهيو هوس. مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هڪ ئي وقت تي، حيران ۽ پريشان نه ٿيندو آهيان. جڏهن حيران ٿيندو آهيان، تڏهن پريشان نه ٿيندو آهيان ۽ جڏهن پريشان ٿيندو آهيان، تڏهن حيران نه ٿيندو آهيان. اصل ۾، ان وقت مان پنهنجي بدني بناوت بابت، سوچي رهيو هوس ۽ رکي رکي آسمان ڏانهن ڏسي رهيو هوس.
مان هونءَ ته ماڻهو آهيان پر، ڪنهن وقت گدڙ ٿي پوندو آهيان. مون کي خبر آهي ته ماڻهو زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن دور ۾، ڪو نه ڪو جانور ٿي پوندو آهي. جهڙوڪ؛ لومڙ، دوکو ڏيڻ لاءِ بگهڙ، چيري ڦاڙي چٽ ڪرڻ لاءِ. گڏهه، صبر جو اعليٰ مثال پيش ڪرڻ لاءِ! تنهنڪري ماڻهوءَ مان جانور ٿي پوڻ تي مون کي خاص اعتراض نه آهي. بس، مون کي اعتراض آهي ته گدڙ ٿي پوڻ تي آھي. گدڙ به ڀلا ڪو جانور آهي! گدڙ کان بهتر آهي ته ماڻهو ٻڪر ٿي پوي!
اُن ڏينهن، آسمان ڏانهن ڏسندي مون سوچيو ته؛ مان جيڪڏهن ماڻهوءَ مان گدڙ بدران ٻيو ڪو جانور، جهڙوڪ؛ گهوڙو، گينڊو، ڏيڏر، مانگر مڇ وغيره ڪيو وڃان ها ته دنيا جي وهنوار ۾ ڪهڙو فرق پوي ها! سج اولهه کان نه اُڀري ها! پر، ماڻهوءَ مان ڪو جانور ٿي پوڻ تي انسان جي مرضيءَ کي دخل نه هوندو آهي. انسان، پنهنجي پسند ۽ خواهش مطابق، جانور ٿي نه سگهندو آهي. انسان، پنهنجي وجود جي، ڪنهن ڪرشمي مطابق ڪو نه ڪو جانور ٿي پوندو آهي. پنهنجي وجود جي ڪرشمن تي مون کي سخت ڪاوڙ آهي. مان اڪثر، پنهنجي وجود جي ڪرشمن خلاف، بغاوت ڪرڻ جي امڪان تي سوچيندو آهيان. منهنجي وجود جا ڪرشما، نهايت نامعقول آهن. پنهنجي باس جو دڙڪو ٻڌي ۽ ڪرڙي اک ڏسي، منهنجو ساهه سڪي ويندو آهي. ٽنگن مان سَتُ نڪري ويندو آهي. جسم کي ڪنبڻي وٺي ويندي آهي ۽ پوءِ مان ڏسندي ئي ڏسندي، ماڻهوءَ مان بدلجي، گدڙ ٿي پوندو آهيان.
باس جي معنيٰ ته اوهين سمجهو ٿا نه! باس، بس(Boss)  باس هوندو آهي. ڀوائتو، خوفناڪ، ڊيڄاريندڙ! جتان باس لنگهندو، اُتان جهنگ جا باقي جانور پاسو ڪري چُرن ٻرن ۾ وڃي پناهه وٺندا. متان سمجهو ته باس، جهنگ جي بادشاهه وانگر شينهن جهڙو هوندو آهي! نه، نه. باس ڪنهن به صورت ۾ شينهن نه هوندو آهي. بس، اسين گدڙ ٿي پوندا آهيون. باس جي ٿُڪ بُجي ۾ خوش! جهنگ ۾ جڏهن شينهن نه هوندو آهي، تڏهن ائين ئي ٿيندو آهي. ڀولا، باس ٿي پوندا آهن.
مان اسلام آباد جي مرڪزي گيراج ۾ ڪم ڪندو آهيان. گيراج جو هيڊ مستري، منهنجو ۽ مون جهڙن انيڪ گدڙن جو باس آهي. اسين، سچ پچ جا گدڙ نه آهيون. اسين به اوهان جهڙا ماڻهو آهيون. بس، باس جڏهن اسان جي ٽوپي لاهيندو آهي، بيعزتو ڪندو آهي، خوار خراب ڪندو آهي، تڏهن اسين هڪدم ماڻهوءَ منجهان گدڙ ٿي پوندا آهيون. ٻين گدڙن جي باري ۾، مون کي ڪا خبر ڪونهي. مان جڏهن ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پوندو آهيان، تڏهن ذلت جي احساس کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مارگله ٽڪرين جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ تي وڃي بيهندو آهيان.
مون آسمان ڏانهن ڏسندي وڏي واڪ چيو؛ آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ مون کي ماڻهوءَ مان ڦيرائي گدڙ ڪيو ويو آهي! گدڙ بدران مونکي شينهن ڇو نه ڪيو ويو آهي! مون کي گدڙ جي سؤ سالن واري زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن واري مختصر زندگي قبول آهي. مون کي نفرت ٿي ويئي آهي ذلت واري زندگيءَ کان- مان مرڻ چاهيان ٿو- مان مرڻ چاهيان ٿو!
اوچتو، جهنگ مان آواز آيو؛ ”ادا ڦَتَن.“
مان گدڙ، ڊڄي ويس! ڊپ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم. پري پري تائين مون کي ڪو بني بشر نظر نه آيو.
وري آواز آيو؛ ”او ادا ڦتن.“
ڊپ سان گڏ، مون کي ڪجهه ڪجهه تعجب ٿيو. تعجب اِن ڪري جو مان ڦتن نه آهيان ۽ نه ئي ڦتن جهڙو آهيان. ڦتن، منهنجو سوٽ هو. ڪجهه ڪجهه دَدِنو، ڪجهه ڪجهه ٿُلهڙو، ڪجهه ڪجهه کنڊڙو، ڪجهه ڪجهه گنجڙو ۽ ڪجهه ڪجهه بندرو! عجيب مخلوق هو. پر، تڏهن به ماڻهو هو. ڊپ وچان مون وانگر گدڙ نه ٿي پوندو هو. سؤ سالن واري زندگيءَ بدران هو خودڪشيءَ جي باري ۾ سوچيندو هو ۽ هڪڙي ڏينهن پنهنجي خونخوار زال کان گهٻرائجي روهڙيءَ وٽان درياهه ۾ وڃي ٽپو ڏنو هئائين. يار دوست درياهه ۾ لهي پيا. ٽوٻا آيا. مهاڻا ڄار کڻي آيا. پر ڦتن جو لاش هٿ نه آيو. اِها خبر جڏهن ڦتن جي زال کي پيئي، تڏهن هوءَ لامارا ڏيندي، ڏند کڙڪائيندي، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان درياه جي ڪپ تي وڃي بيٺي. ڊپ وچان درياءَ ٻه اڌ ٿي پيو. درياءَ جي ڦاٽل پيٽ ۾، ماڻهن کي ڦتن جو لاش نظر آيو. هو، لاش درياهه جي پيٽ مان ڪڍي آيا ۽ پوءِ جيئن ئي هو ڦتن جي زال جي ويجهو پهتا ته اوچتو ڦتن جو لاش ڊپ وچان رڙ ڪري وٺي درياهه ڏانهن ڀڳو- ٻيهر خودڪشي ڪرڻ لاءِ! زالهنس کڻي ڪنڌ ۾ هٿ وڌس. ڇڪي گهر وٺي آيس، جتي مُلن جي حوالي ڪري ڇڏيائينس، جن کيس وھنجاري سنھجاري، ڪفن ۾ ويڙهي دفن ڪري ڇڏيو. دفن ٿيڻ مهل، ڦتن مون کي چيو هو ته؛ منهنجي زال کي منهنجي قبر جي ويجهو اچڻ نه ڏجانءِ! هوءَ جيڪڏهن منهنجي قبر جي ويجهو آئي ته پوءِ مان قبر مان نڪري، وري ٻيو دفعو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندس!
ڦتن جي خودڪشيءَ جو مون کي ڏک آهي. پر، ڦتن جي خودڪشيءَ واري جذبي تي مون کي ريس ايندي آهي. هن مري ڏيکاريو، مون ۾ مرڻ جي همٿ نه آهي. مون ذلت کي قبول ڪيو آهي.
”ادا ڦتن، ڇا پيو سوچين؟“ ڄڻ غيب مان آواز آيو.
مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. سوچيم، پڪ منهنجو باس آهي ۽ غيبات جو روپ ڌاري مون کي ڊيڄارڻ آيو آهي. هٻڪندي هٻڪندي چيم؛ ”باس، اوهين غيبات  ٿيڻ جي تڪليف نه وٺو. اوهين فقط پنهنجو غضبناڪ چهرو مبارڪ ڏيکاريو. مان انشاءَ الله تعاليٰ قيامت تائين اوهانکان ڊڄندو رهندس.“
اوچتو، وڻن ٽڻن ۾ چرپر ٿي. هڪ بزرگ، سائي جامي ۽ پاجامي ۾ منهنجي سامهون اچي بيٺو. سندس ڀروون، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار، برف جهڙا اڇا هئا. ڏاڍو نوراني چهرو هوس. اهڙي روپ ۾ هڪ انسان کي جهنگ مان نڪري، ظاهر ٿيندي ۽ پاڻ ڏانهن وڌنڌو ڏسي سوچيم؛ ضرور منهنجو باس آهي ۽ منهنجو امتحان وٺڻ لاءِ غيبي بزرگ جو روپ ڌاري آيو آهي. مون کي ڏڪڻي وٺي ويئي. گيسي ڪندي چيم؛ ”باس! خدا جي واسطي، اوهين روپ مٽائي مون مسڪين گدڙ جو ساهه نه سُڪايو. اوهين عقل ڪُل آهيو. ڌرتيءَ ۽ آسمان جي رازن جا ڄاڻو آهيو. عالم الغيب آهيو. مان مسڪين گدڙ، زندگيءَ ۾ بار بار ذليل ۽ خوار ٿيڻ لاءِ اوهان آڏو موجود آهيان.“
بزرگ چيو؛ ”مان تنهنجو باس نه آهيان، ڦتن.“
”باس.“ مان سجدي ۾ ڪري پيس. ليلائيندي  چيم؛ ”باس، خدا جي واسطي منهنجو امتحان نه وٺو، مان فيل ٿي پوندس. اوهين منهنجا عظيم باس آهيو ۽ مونکي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِ روپ مٽائي آيا آهيو.“
”تو کي ڇا ٿي ويو آهي، ڦتن!“ بزرگ تعجب جو اظهار ڪندي چيو، ”تون ماڻهوءَ مان گدڙ ڪيئن ٿي پيو آهين!“
مون غور سان بزرگ ڏانهن ڏٺو. سندس لهجو نرم ۽ سٻاجهو هو. تنهنڪري هو مونکي پنهنجو باس محسوس نه ٿيو. مون سُک جو ساهه کڻندي پراسرار بزرگ کي چيو؛ ”مان ڦتن نه آهيان. تنهڪري ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پيو آهيان. ڦتن هجان ها ته جيڪر گدڙ بدران شينهن ٿي پوان ها ۽ گدڙ واري سؤ سالن جي زندگيءَ تي شينهن واري هڪ ڏينهن جي زندگيءَ کي ترجيح ڏيان ها ۽ گهڻو اڳ خودڪشي ڪري ڇڏيان ها.“
پوڙهي بزرگ چيو؛ ”پر مون کي لڳي ٿو ته ٿون ڦتن آهين.“
”منهنجيون حالتون، سوٽ ڦتن سان ملندڙ جلندڙ ضرور آهن، پر مان ڦتن نه آهيان.“ ادب سان چيم؛ ”ڦتن پنهنجي مرڪزي زال هٿان خوار خراب ٿيندو هو ۽ مان پنهنجي مرڪزي باس هٿان خوار خراب ٿيندو آهيان. ها، هڪڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته، مرڪزي زال ۽ مرڪزي باس ۾ تمام معمولي فرق هوندو آهي.“
سبز پوش بزرگ سوچ ۾ پئجي ويو. مون ڏانهن غور سان ڏسندي پڇيائين؛ ”مارگله ٽڪرين جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ تي ڪهڙي خيال کان اچي بيٺو آهين؟ خودڪشيءَ جي خيال کان؟“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو. چيم؛ ”مون کي پنهنجي گدڙ واري زندگيءَ کان نفرت آهي پر مون اڃا تائين خودڪشيءَ جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان نه سوچيو آهي.“
بزرگ پڇيو؛ ”ته پوءِ ڪهڙي خيال کان مارگله ٽڪرين جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ تي اچي بيٺو آهين؟“
مان منجهي پيس. مارگله ٽڪرين جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ تي اچي بيٺو آهيان! آسمان سان هم ڪلام ٿيڻ لاءِ! باس کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ! پر، زندگيءَ ۾ باس کان فرار ٿيڻ ممڪن نه آهي. باس هر هنڌ، هر روپ ۾ موجود هوندو آهي. گهر ۾ ڪڏهن مڙس، ته ڪڏهن زال جي روپ ۾! اسڪول ۾ ماستر جي صورت ۾! قاصائي، ٽيڪسيءَ وارا، هوٽلن جا بيرا، ريلوي جا بڪنگ ڪلارڪ، پوليس وارا، خاص ڪري ايس ايڇ او، ڊاڪٽر وغيره سڀ اسان جا باس هوندا آهن. هميشه ڪاوڙيل، مڇريل ۽ غضبناڪ! جن يا راڪاس ڊيڄاري يا نه ڊيڄاري، پر باس ضرور ڊيڄاري!
”مونکي پڪ آهي ته تون ڦتن آهين.“ بزرگ چيو؛ ”۽ خودڪشيءَ جي خيال کان مارگله جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ تي اچي بيٺو آهين.“
مون کي بزرگ درويش جو ضد نه وڻيو. مون وڏي واڪ چيو؛ ”مان ڦتن نه آهيان! مان ڦتن نه آهيان.“
”اڙي ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“ پوئين پاسي کان ڪنهن تمام کُهري آواز ۾ پڇيو.
منهن ورائي ڏٺم. پوليس وارن جو ٽولو هو. سڀيئي ڄڻا، خدا جي فضل سان ڏاڍا صحتمند هئا. منهنجي آڏو اچي بيٺا. پڇيائون؛ ”ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“
”هن سان پئي ڳالهايم.“ منهن ورائي سبزپوش پراسرار بزرگ ڏانهن ڏٺم. حيرت وچان پنڊپهڻ ٿي ويس. بزرگ موجود نه هو. الوپ ٿي ويو هو.
پوليس وارن چيو؛ ”ڇوڪري شايد جهنگ ۾ وڃي لڪي پيئي آهي.“
وائڙو ٿيندي چيم؛ ”ڪهڙي ڇوڪري!“
”سياڻو نه ٿيءُ، ٻچا!“ هڪ ٿلهي پوليس واري چيو؛ ”جنهن ڇوڪريءَ سان ڳالهائيندي اوچتو وڏي واڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ ڳالهايا هيئه سا ڇوڪري!“
پوليس وارن جي نيت سمجهي ويس. هو جهنگل ۾ منگل ڪرڻ وارن جوڙن جي ڪڍ هئا ۽ سندن رنگ ۾ ڀنگ جو پڪو ارادو ڪري آيا هئا.
پڇيائون؛ ”ڇوڪري ڪٿي آهي؟“
کلڻ جي ڪوشش ڪندي چيم؛ ”توهان کي غلط فهمي ٿي آهي. مون ڪنهن ڇوڪريءَ سان نه پئي ڳالهايو.“
ڪرڙي اک ڪندي پڇيائون؛ ”ته پوءِ ڪنهن سان پئي ڳالهايئه؟“
چيم؛ ”توهان کي يقين نه ايندو.“
وراڻيائون؛ ”سياڻو نه ٿيءُ. اجايو موچڙا کائيندين.“
مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. پُراسرار سبزپوش بزرگ جهڙي نموني ظاهر ٿيو هو، تهڙي نموني الوپ ٿي ويو هو.
پوليس وارن جي ٽولي مان ڪجهه ڄڻا جهنگ ۾ ڪاهي پيا. ڏهه- پنڌرنهن منٽ وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن ۾ لٺيون ۽ ٿڏا هڻي موٽي آيا. پنهنجي برجستي سردار کي چيائون؛ ”جهنگ ۾ ڇوڪري موجود نه آهي.“
سردار ٽنڊ تي ٽوپي رکندي چيو؛ ”جهنگ ۾ ضرور ڪو خفيه رستو يا ڪو پيچرو آهي، جتان ڇوڪري ڀڄي ويئي آهي.“
”سردار صاحب.“ چيم؛ ”اوهان يقين ڪريو، مون ڪنهن به ڇوڪريءَ سان نه پئي ڳالهايو. اصل ۾ مون هڪ سبزپوش بزرگ سان پئي ڳالهايو.“
”وڏو چالاڪ آهين!“ سردار، وک کن اڳتي وڌي آيو.
چيائين؛ ”اجايو پنهنجي کل نه لاهراءِ.“
”مان اوهانکي ڪيئن يقين ڏياريان ته هتي، اصل هن جاءِ تي، جتي اوهين بيٺا آهيو، هڪ بزرگ اچي بيٺو هو.“ مون کي پڻ پنهنجي ڳالهه تي يقين نه پئي آيو. چيم؛ ”هو اوچتو ئي اوچتو، جهنگ مان نڪري آيو هو.“
هو منهنجي چريائپ تان کلڻ لڳا. سندن بيهودي نموني کلڻ مون کي نه وڻيو.
ڪجهه ڪجهه خفي ٿيندي چيم؛ ”پراسرار سبزپوش بزرگ، اُنهن سبزپوش بزرگن جهڙو هو جيڪي اڻويهه سؤ پنجهٺ واري جنگ دوران، مغربي پاڪستان ۾ ظاهر ٿيا هئا ۽ هندستاني هوائي جهازن مان اُڇلايل بم گولا جهپي، وات ۾ وجهي اُڳري ويا هئا.“
هڪڙو پوليس وارو فلسفين جهڙو هو-مٿو موڪرو، نڪ ڦٿل، چپ ٿلها، کاڏي ننڍڙي! غور سان ڏسوس ته جهڙو ڏيڏر! هن پنهنجي برجستي سردار ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”اِن قسم جا ڪجهه سبزپوش بزرگ اڻويهه سؤ اڪهتر واري جنگ دوران، جيڪڏهن مشرقي پاڪستان ۾ پيدا ٿي پون ها ته پوءِ جيڪر مشرقي پاڪستان هميشه لاءِ مشرقي پاڪستان رهي ها، بنگله ديش ٿي نه سگهي ها.“
”ٺهيو، مڃيوسين ته تو ڪنهن پراسرار بزرگ سان پئي ڳالهايو.“ سردار، پنهنجي فلسفي پوليس واري جي ڳالهه کي اهميت نه ڏيندي مون کان پڇيو؛ ”پر آخر ۾ تو وڏي واڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪهڙو لفظ ڳالهايو هو؟“
وراڻيم؛ ”سبزپوش بزرگ مون کي ڦتن سمجهي ويٺو هو. مرن بيزار ٿيندي وڏي واڪ چيو هو ته، مان ڦتن نه آهيان.“
هو سڀيئي حيران ٿيا. پڇيائون؛ ”ڦتن ڪير آهي؟“
کين ٻڌايم؛ ”ڦتن منهنجو سوٽ هو، جنهن ذلت جي زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏني هئي- ۽ مون عزت جي موت تي ذلت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي. مان گدڙ آهيان- گدڙ آف روهڙي سنڌ.“
”ته تون سنڌي  آهين؟“ سردار، مشڪوڪ نظرن سان مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.
”ها، سائين.“ وراڻيم؛ ”مان سنڌي آهيان.“
پوليس وارن جي اٽالي پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو. پوءِ، سندن سردار چيو؛ ”اڄڪلهه سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف مهم وڏي پيماني تي شروع ڪئي ويئي آهي. اسان کي پڪ آهي ته تون ڪو خطرناڪ سنڌي ڌاڙيل آهين ۽ روپوش ٿي اسلام آباد کان اچي نڪتو آهين.“
سندن انڪشاف تي مان حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ٿيس. مان اوهانکي ٻڌائي چڪو آهيان ته؛ مان هڪئي وقت تي حيران ۽ پريشان نه ٿيندو آهيان. جڏهن حيران ٿيندو آهيان، تڏهن پريشان نه ٿيندو آهيان ۽ جڏهن پريشان ٿيندو آهيان، تڏهن حيران نه ٿيندو آهيان. پوليس وارن جي ڳالهه ٻڌي مان حيران نه ٿيس. مان پريشان ٿيس.
چيم؛ ”مان اسلام آباد جي مرڪزي گيراج ۾ ڪڏهن ڪلينر ۽ ڪڏهن ڊينٽر ٿي ڪم ڪندو آهيان. ڀڳل، ٽٽل، ردي ۽ بيڪار گاڏين جا گُهٻ ڪڍندو آهيان ۽ پراڻين گاڏين کي چمڪائيندو آهيان. ڪنهن ڪنهن وقت پنهنجي باس، يعني هيڊ مستريءَ جي هٿان خوار خراب ٿيڻ کانپوءِ مرگله جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ تي اچي بيهندو آهيان- ۽ پنهنجي گدڙ ٿي پوڻ واري حادثي تي سوچيندو آهيان.“
پوليس جي اٽالي، وارن کان پيرن تائين غور سان منهنجو جائزو ورتو. ڏندين آڱريون ڏيئي خاموشيءَ سان مون ڏانهن ڏسندا رهيا. سندن گهور ۾ مان سُسندو ويس- سُسندو ويس! رت بدران خوف منهنجين رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو. مٿي تي هٿ رکي. ان ڌرتيءَ تي ويهي رهيس.
مون فرار جي راهه لاءِ واجهايو. مارگله ٽڪرين جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ  تان اولهه طرف ڏٺم. ٽيڪسيلا تائين پکڙيل جهرن جهنگن ۾ ٻُڌمت جي قديم آثارن جو سلسلو نظر آيو. اوڀر ڏانهن ڏٺم. اسلام آباد  جو جُڙيل جديد شهر، زندگيءَ جي جزا ۽ سزا کانسواءِ ساهه کڻي رهيو هو. سندس رستا آڪسيجن گيس جي سلينڊرن مان نڪرندڙ نلڪين وانگر نظر آيا. آسمان ڏانهن ڏٺم. آسمان ڏاڍو بيرونق، اوپرو ۽ پرايو نظر آيو. ڌرتي اهڙي، جهڙو پرديس!
تڏهن اوچتو، پوليس وارا ٽهه ٽهه ڪري کلي پيا. هو ڏاڍو کليا. مضبوط مرڪز جا مضبوط پوليس وارا هئا. ڏاڍا صحتمند هئا. کِلي کِلي کيرا ٿي پيا.
فلسفي پوليس واري مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو؛ ”هيءُ ته گدڙ آهي! اسين گدڙ سان ڳالهائي رهيا آهيون. وڏا ڪي چريا آهيون!
هو کلندا، ٽهڪ ڏيندا ۽ مون کي پٿر هڻندا مارگله ٽڪرين جي هنج ۾ ٺاهيل تفرح گاهه ”دامنِ ڪوهه“ ڏانهن هليا ويا. اُن وقت مون کي موت ۾ وڌيڪ معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳي ۽ پنهنجي گدڙ ٿي پوڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
اوچتو، ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. مون منهن ورائي ڏٺو. سبزپوش پراسرار بزرگ بيٺو هو. کيس ڏسي، مان نه حيران ٿيس ۽ نه پريشان ٿيس. ٽِڪ ٻڌي ڏانهس ڏسندو رهيس.
”ڦتن!“ بزرگ پڇيو؛ ”ذلت واري زندگيءَ تي، عزت جي موت کي ڪڏهن ترجيح ڏيندين! خودڪشي ڪڏهن ڪندين!“
مون رنجَ وچان سبزپوش بزرگ ڏانهن ڏٺو. سندس چپن تي پراسرار مرڪ هئي. کيس پڪ هئي ته مان ئي ڦتن آهيان!
مون وڏي واڪ چيو؛ ”مان ڦتن نه آهيان! نه آهيان! تڏهن ته ذلت واري زندگيءَ کي عزت جي موت تي ترجيح ڏيئي رهيو آهيان.“
مون کي پنهنجو آواز، مقبرن مان ايندڙ صدا وانگر محسوس ٿيو. مان اُٿي بيهي رهيس. مٽيءَ جي مُٺ ڀري، منهن مٿو ڀڀوت ڪري ڇڏيم. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم. اڪيلو هوس. وايومنڊل ۾ ڪو به موجود نه هو. لفظن ۽ جملن جي موٽ ايندي رهي؛ ”عزت جي موت تي، مون ذلت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي- مان ڦتن نه آهيان. مان ڦتن نه آهيان.“
تڏهن، آسمان ڏانهن ڏسندي چيم؛ ”مونکي آپگهات جي توفيق ڏي- توفيق ڏي.“
عرش خاموش رهيو.
ٻڌمت جي قديم آثارن مان صدين جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو؛ ”زندگي ڏک آهي- زندگي ڏک آهي.“

No comments:

Post a Comment