Tuesday, August 14, 2012

هر جاءِ ويٺو آ اُلو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


هر جاءِ ويٺو آ اُلو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
“شاگرد ۽ باٺو! کوڙو ته ڪو نه ٿو لڳي!” تنھن ھوندي به، اکين ڏٺي لقاءَ تي ته اعتبار ڪرڻو پوندو. اصل افراتفري ته تڏهن ٿي، جڏهن اسان جي بس، ڪنڊيارو اسٽينڊ تي لڳي. اسڪول سان گڏ، ڪاليج کي به موڪل ٿي وئي هئي. پري ويندڙ ڪاليجي شاگرد به سکر جي بسن معرفت، شھر اندر موجود، اڏي تي پھچي چڪا هئا.


گاڏي سکر مان، سيٽ باءِ سيٽ نڪتي هئي. هالاڻيءَ مان، اسڪول کي موڪل ملڻ ڪري، پريس ٿي وئي. ڪنڊياري ۾ ته حشر ئي اور ٿي ويو.
ڪاليجي شاگرد، ڪاليج وٽ انتظار ڪن ها ته به ايترو ڪِنُ نه ٿئي ها. بيٺي بيٺي ڪلاڪ ۾ ئي ڇنڊجي وڃن ها! پر ايترو انتظار ڪير ڪري؟ اچڻ مھل ته ڍرا ڍرا ايندا، وڃڻ مھل ائين ڀڄندا ڄڻ موبل جي ٽانڪيءَ جو نٽ کليو ۽ گڙپ سان سڀ موبل ٻاهر.
اندرئين اسٽينڊ تي پھچي، هي لاٽ صاحب ته هيٺ مٿي جاءِ قبضي ڪري وٺن. اصل مسافر، رولي ۾. عورتن ويچارين جو ته انھيءَ  ٽائيم تي بيھي بيھي رَڇُ ئي رلي ويندو آهي.
صبح جو يارنھن-پنجاهه تي سکر بيراج ڇڏيندا آهيون. ان ٽائيم تي، مٿيان ڪراس ملي ويندا آهن. جنھن ڪري اهو ٽائيم ڏاڍو ڀلو آهي. مٿيون گاڏيون، ڏهين روپئي ماڻھو کپائي وينديون آهن ۽ حيدرآباد ۾ ساڳيو مسافر پنجين روپئي کپائي ڇڏيندا آهيون. اھو حوال، مالڪ سان ڪندا ئي ناهيون. جنھنڪري اسان رڳو، اهي سواريون تاڙيندا وتندا آهيون. حيدرآباد ۾ ڪنھن ران ران ڪئي ته چوندا ئي ائين آهيونس ته؛ “ايھه ڀي ساڊي گڊي هي، ڪراچي جائوندي هي، تسي اس گڊي وچ ٻھو.”
شام جو ست-پنجن تي پٺاڻ ڪالوني ڇڏڻي پوندي آهي. رات جو هڪ ٻين ڌاري، سکر پھچندا آهيون. ان لانگ جرنيءَ سان منھن ڏيڻ لاءِ ٻه ڊرائيور ۽ ٻه ڪنڊيڪٽر؛ هڪڙا هڪڙي ڏينھن ته ٻيا ٻئي ڏينھن لاءِ هوندا آهن. ڪلينر ٽي آهيون، جيڪي چويھه ئي ڪلاڪ پيا گاڏيءَ سان ڊڪون. رات واري پھر ۾، واري تي ننڊ کي چٽڪو به ڏئي وٺندا آهيون. مان فرسٽ ڪلينر آهيان ۽ اڳين گيٽ سنڀاليندو آهيان. ٻه سيڪنڊ ڪلينر ڏاڪڻ، ڇت ۽ پوئين گيٽ سنڀاليندا آهن. وهيل بدلي ڪرڻو آهي ته گڏجي بدلائيندا آهيون.
ڪنڊيارو مان ڇت ته ٽُٻجي وئي، پر ڪي شاگرد ڊرائيور گيٽ ۾ به وڃي چنبڙيا. اڃا ته گاڏيءَ جو بانٽ اندر آهي. جي هجي ٻاهر، ته ٿئي ٿر وارن کيکڙن جھڙو حشر. ڊرائيور رستي جو ڏس وري شاگردن کان پيو پڇي. تنھن هوندي به موري ۾ مُراديءَ جو حشر، سڄي رات سور ۾ ڦيٽون کائي، مئل ڌيءَ ڄڻيندڙ عورت جھڙو هوندو. گاڏي ڀٽاري، جڏهن چنگهي چنگهي ڪاليج وٽ پھتي، ته اتي به رهيا کھيا شاگرد ورائي ويس. ٻه چار پوئينءَ گيٽ ۾ چنبڙيا. پويان ڊبل جي ٺپڪي لڳي ۽ گاڏي رين رين ڪري رڙهڻ لڳي. اوچتو گاڏيءَ کي زوردار باٺو لڳو ۽ ڪنھن شاگرد بيھارڻ لاءِ رڙ به ڪئي. مون کان ڇرڪ نڪري ويو، شايد ڪو ڪري پيو آهي. ڏٺم ته خير هئو. باٺي وارو شاگرد چڙهي نه سگهيو هئو. هڪڙي هٿ ۾ ڪتاب، ٻئي هٿ ۾ باٺو ته چڙهي ڇا سان؟
بس ٻيھر بيٺي. ڪنھن واقفڪار کي ڪتاب پڪڙايائين. باٺي مان پوءِ به هٿ نه ڪڍيائين. واندي ٿيل هٿ سان، بس ۾ لڙڪي پيو. جي باٺو ڦٽو ڪري ها ته آرام سان لڙڪي سگهي ها. هاڻي ٿورو ڏکيرڙو چنبڙيل هئو. اڃا جي انتظار ڪري، ٻيءَ بس ۾ اچي ها ته ان کان به سکيو اچي ها.
سندس انھيءَ حرڪت تي مونکان بي اختيار نڪري ويو؛ “شاگرد آهي ڪن ڄٽ!” ڏانھنس منھن ڪندي چيم؛ “ادا! او ڀائو! يار لکن جي گاڏي آهي. ان کي ائين ته ڊينٽ نه وجهه!”
“اڙي بس ڪر دلا! اسان کي ٿي دير ٿئي ۽ تو کي بس جي لڳي آهي.” ٻئي شاگرد سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو؛ “ڏس ته! گاڏيءَ ۾ هٿ وجهڻ جي جاءِ ناهي! اسان جو ٿو سر وڃي ۽ هن کي وري گاڏيءَ جي ڳڻتي لڳي آهي!” وري مون کي دوڏا ۽ باٺو ڏيکاريندي چوڻ لڳو؛ “بس ڪري گاڏيءَ ۾ ويٺو هج! بڪ بڪ ڪيئي ته روٽ بند ڪرائي ڇڏينداسين.”
“يار! بس الله جو آهي شان. جوئر ناهي ملڪ ۾ تڏهن ٿو رهو رانديون ڪري. نه ته ڇا شاگرد ڇا روٽ ٿو بند ڪرائي! کيسي ۾ ڪرائي لاءِ پئسا ڪونھن، مٿان وري رعب ڏس!” طنز ۾ چيومانس.
“بس! بس ڪر!” هڪ هٿ سان لڙڪي، سھڪي پيو هئو. پاسو بدلائيندي ۽ پاڻ کي سولو ڪندي، بيزاريءَ مان تارا ڏيکاريندي ائين چيائين.
هونئن به اها اسان جي روز جي ڏي-وٺ هوندي آهي. جيڪا ٻڌندا رهندا آهيون ۽ مٿس گهڻو گوش نه ڏيندا آهيون. ڇو جو ان مان ڪجهه ورڻو ناهي. نه هو مڙندا ۽ نه ئي اسان کي ان ٽائيم تي ڪرايو ڏيندا. هجي هڪڙو ٻه ته اسان به ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيونس. هتي ته آهن ئي هيءُ. اسان ته ٿياسين ڄڻ اڌارا.
“ڇو؟ ڇا ٿيو؟” گهڙيءَ کان پوءِ، مٿي ويٺلن مان هڪڙي همراهه مون کان آهستي پڇيو. ان همراهه کي ڳچيءَ ۾ مفلر پيل هئو ۽ شاگردن جي سٿ ۾ هوندي به کانئن الڳ نظر اچي رهيو هئو. شڪل ۽ پڇڻ جي ڍنگ مان، سپاهي لڳي رهيو هئو.
“بس کي باٺي سان بيھارڻ! ڪا عقل جي ڳالهه آهي؟! هڪ چڙهن مفت، ٻيو وڙهندا وتن”. مٿئين همراهه کي حقيقت کان آگاهه ڪيم.
کٽڙي ٻير وٽ ڪجهه شاگرد لٿا. باٺي واري همراهه ئي ڊبل جي ٺپڪي ڏني. ٺپڪيءَ مھل لھندڙ همراهه، گاڏيءَ جي هلڻ جو فائدو وٺندي، گارين جو جواب گارين سان ۽ باٺي اولارڻ جو جواب، ڀريءَ گاڏيءَ کي بجن ڏيڻ سان ڏنو.
“هيءُ وري عزت ڪرائڻ جو طريقو ڏس! وڙهيا شاگرد، مُٺا مسافر!” مون کان نڪري ويو.
“بس سائين رنگيءَ جا رنگ آهن. الله جو آ شان جو ڪوري ٿيا آهن ڪلارڪ. نه ته ڇا ڄٽ، ڇا ڪاليج جي تعليم!!” ساڳئي همراهه ڀڻڪو ڪيو.
“هونئن به ڄٽ پڙهيو، لوڪ اڙيو! هينئر جو هي ويٺا پاڻ ۾ وڙهن ته اڳتي هلي ملڪ ڪيئن هلائيندا. ڏاڙهي منھن ۾ آئي اٿن. اڃا ڪھڙي سن ۾ سڌرندا؟!” مسافرن سان اهڙو اجايو سجايو بحث ڪرڻ ته اسان جي اَڍ ۾ شامل آهي. بحث نه ڪيون ته پيٽ ڦاٽي پوي. اهو ئي سبب آهي جو، لائين جا سَوَ تي پنجاهه مسافر، چھري مان سڃاڻندا آهيون. گهڻن جي ته اها به خبر هوندي آهي ته ڪاٿي لھندو. منجهانئن ڪير ڪرايو ڏيندو ۽ ڪير کسڪ-سور پڙهندو!
“جنھن قوم جا پڙهيل، ڄٽن کان به پري هجن، تنھن جو ته حشر الائي ڇا ٿيڻو آهي. اسان سان به الائي ڇا ٿيندو!؟ هيڏي به ڏس نه! ڇا پيو هلي چلي؟!” ڇت وارن شاگردن ڏانھن توجه ڇڪايائين، جيڪي هڪٻئي سان ڪچن چرچن، گارين ۽ بجن جي سرعام ڏي وٺ ڪري رهيا هئا.
“هاڻي ڏي منھن، ڇا ڳالھائي ڏسون؟! انھن جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ ته ڪَنَ ئي تيار نه آهن. زبان ڪٿان انھن جي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي.” عجب مان چيومانس.
“مرضيءَ جا مالڪ آهن. انھن جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي. نالو ٿو ڳنھجي ته ٿئي ٿو ڀت ڦڪو. جي رهجي ٿو چپ ته هو بُجا ڏيندو ويو، هيءُ ته منھن به پٽي ويندا. نانگ جهليو وڇونءَ کي، چي: جي ٿو ڇڏيانس ته ڪوڙهيو ٿو ٿيان ۽ جي ٿو ڳھانس ته پيٽ ٿو چيري. تنھن ڪري ڀلو انھيءَ ۾ آهي ته ٻئي هٿ ٽوپيءَ ۾ سُڪ وجهي لقاءُ ويٺو ڏسجي.” هيسجندي ۽ هيٺ جهڪندي چيائين.
“ڀلا ان جو حل به ڪھڙو ڪڍجي؟” بي خياليءَ ۾ نڪري ويم.
“ڪھڙو وري ڪھڙو ڪڍجي! تون هاڻي واندو ٿيو هوندين. مٿي چڙهي آءُ ته ويھي ٿا اجايو سجايو، مٿا ويڙهايون.” چاه مان چيائين.
اسان جي بس کٽڙي ٻير، ٻيڙي، دالي شاخ، دالي شھر، جاويد پنجابي وغيره جا شاگرد لاهي ڀرين ۾ پھتي. گاڏي لڳ ڀڳ ڇانڊجي چڪي هئي. ڀرين مان چڙهندڙ شاگردن جو نشانو، اڪثر اڳين بس هوندي آهي. هاڻي ڇت تي صرف اهو مفلر وارو سپاهي ۽ هڪ اڌ ٻيو ڪرائي وارو مسافر ويٺا هئا. رش جي گهٽ ٿيڻ سبب مان به مٿي چڙهي ويس ۽ سيڪنڊ ڪلينر کي چيم ته اڳين گيٽ اچي سنڀال.
“تو پئي چيو ته حل ڪھڙو ڪڍجي؟!” مفلر واري همراهه ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو؛ “سو ان جو حل ٻيو ڪونھي. بس انھيءَ جهيڙي جي پاڙ کي مورؤن مُڇي ڇڏجي ته چڱو ٿيندو. منھنجو مطلب آهي ته اهي ڪاليج شھر کان ٻاهر اصل نه ٺاهجن. ٻاهر هئڻ جي ڪري، گاڏين ۾ چڙهڻ تي جهيڙا. ليٽ سيٽ ٿيڻ جي ڪري وٺ سٺ. اچڻ وڃڻ تي هڪٻئي سان کؤنس. تعليم رهي تعليم جي ماڳ، هتي ته اخلاق به هليو ويو. آيا تعليم وٺڻ، اخلاق به وڃائي ويٺا. نه وڏن جو مانُ، نه استادن جي عزت. ان جي ابتڙ جي ڪاليج وچ شھر ۾ هجي ته شايد اها گونھاندي نه ٿئي. هر ڪو موڪل ۾ ٿئي راهي. پنڌ وارو گوڏي گاڏيءَ کي وهائيندو. سائيڪلن وارا سائيڪلن کي ڇڪيندا. ڪير ڪنھن کي ڏسندو ئي نه. هيءَ کشٽ موراڳو ٿيندي ئي نه. ٿئي به ڇو؟ ٽُڪر هجي ته پوءِ ڪتو ڀؤنڪي نه؟” ڳالهه ته ٺيڪ ڪئي هئائين.
“شھر ۾ ڪاليج جي عمارت لاءِ جاءِ به هجي نه؟ مجبوريءَ کان ته ٻاهر ٺاهيندا هوندا. اها ڳالهه آهي ته مين رستي واري پاسي کان نه ٺاهين ته چڱو. هاڻي ڏسجانءِ ته انھيءَ گَھُه پِيھُه ۾ پورا ويھه منٽ گاڏي ليٽ ٿي ويندي. پوئين گاڏي به اچي پريس ڪندي. موري کان پوءِ ٽائيم ڪور ڪرڻ ۾ گاڏي ڀڄايون يا سواري کڻون! هنن شاگردن ته اسان جا لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا آهن.”
“توهان ڀلا رڳو پنھنجي سھوليت ٿا جانچيو پيا؟!”
“شاگرد سڄي ٽرانسپورٽ کي ميراث ٿا سمجهن. بابي کان مليل ميراث وانگر، انھيءَ جو به بيجا استعمال پيو ٿئي. هاڻي تڪليف ۾ ڪير آهي؟! عام سواري يعني توهان! سيٽون توهان کي نه مليون ۽ ليٽ به توهان ٿيئو!”
“اها ته رٿون رٿڻ وارن جي غلطي آهي!” سرٻاٽ ۾ سمجهائيندي چيائين؛ “انھن رٿائن ۾ شاگردن ۽ تعليم جي معيار کي خيال ۾ رکجي ته ائين نه ٿئي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته انھيءَ مان سندن مراد، شاگردن کي شھري سياست کان پري رکڻ هجي. ائين ڪرڻ سان نج تعليمي ماحول مھيا ڪرڻ هجي!؟!”
“اها وري شھري سياست ڇا آهي؟”
“اڙي يار! اهو به هڪڙو گند آهي. جيڪو اسان کي به سمجهه ۾ نه آيو آهي. ائين کڻي سمجهه ته گندي سياست.”
“ها! انھن ڳالھين کان ته ڀلي کين پري رکجي. پر هي جيڪو ڊرامو پاڻ ڏٺو، شھرن ۾ ڪاليجن ٺاهڻ سان ايتري ته گندگي نه ٿيندي هوندي!؟” بحث کي اڳتي وڌائڻ لاءِ، ڄڻ ٻرڪو ڏئي ويٺس.
“ائين به نه آهي! ٻين ملڪن، اسان کان وڌيڪ ترقي انھيءَ ڪري به ڪئي آهي ته انھن پھرين ڪاليج ٺاهيا. پوءِ چوڌاري شھر ٻڌائون.” مفڪرن وانگر چوڻ لڳو؛ “ان سان گڏوگڏ، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل تعليم تي به زور ڏنائون. ڇو جو ائين ڪرڻ سان ڇوڪرا، ڇوڪرين جي ريس ۾ وڌيڪ پڙهن ٿا ۽ سٺا سڦرا ٿا رهن. ڇوڪريون وري ڇوڪرن جي ريس ۾ ائين ٿيون ڪن. اهڙين ڳالھين تي ڌيان ڏيڻ ڪري ئي هو دنياوي ترقيءَ ۾ اسان کان گوءِ کڻي ويا آهن ۽ اسان پوئتي آهيون. اسان وٽ هڪٻئي سان ساڙ آهي. اسان هڪٻئي جون ٽنگون ڪڍي ڄاڻون. ڪاليج ته شھر ۾ وڻندو ئي ڪو نه. او! وڃي جهنگ ۾ اڇلائي اينداسين. ڄڻ ڪني مڇي هجي. گڏيل تعليم لاءِ شھر کان ٻاهر اڇلايل ڪاليجن ۾، ڪھڙو اشراف راضي ٿيندو. نه ڪامپيٽيشن، نه رِيس آهي. ترقي ڇا تي ٿئي؟!”
“توهان ڀلا استاد آهيو ڇا؟!”
“نه!”
“پوءِ ڀلا! ايتري خبر چار پيا رکو!”
“مان سپاهي آهيان! تو کي ته خبر آهي، اسان سپاهين کي هر گري گنجي کي اک ۾ رکڻ جي عادت هوندي آهي. سو دنيا ڀر جي خبر چار اسان کي ئي هوندي نه!”
“مون کي به شڪ هئو ته توهان جو واسطو پوليس کاتي سان آهي. پر تعليم تي ايڏو بحث ڪرڻ ڪري وري شڪ بدلجي ويو، سو پڪ ڪرڻ خاطر پڇيم. آخرڪار اسان به ماڻھو ٿا چاريون. ماڻھن سان روز جو ڌنڌو آهي. پندرهون سال آهي، اها ڪلينري ڪندي. ڏهن سالن جو آهيان جو اچي ڪلينريءَ سان لڳو آهيان. پر سائين ههڙو بغداد ڪنھن دور ۾ نه ڏٺم!”
“ادا! ڀائو بس اٿئي ڀلي!” جهڪي ساڄي اک ڀڃندي، کاٻي مڇ کاٻي هٿ سان مروٽيندي، سرٻاٽ ۾ چيائين.
“مطلب ته تعليم کاتي جي ماهرن جي رٿائن ڪري، اسان سان هيءَ ڊيليءَ جي ويڌن آهي.” اڻ لکو پڇي ويٺس. ڇو نه پڇانس! پاڻ به ته فريءَ ۾ پئي هليو.
“ها! بھرحال! ادا! بس اٿئي ڀلي. ڪھڙا ٿو سرڪاري کاتن جا سور پٽرائين. ڍينگو ئي ڍيري لڳو پيو اٿئي. جنھن جو پڇ کڻ ته مادي. جنھن قوم جا شاگرد ههڙا هجن، تنھن قوم جا ڪامورا به ته اهڙا هوندا نه. جٿي ڪٿي ڀينگ لڳي پئي اٿئي. سڀ آڱوٺي ڇاپ ويٺا آهن. نوڪريون پيسن تي ٿيون وڪامن، سي به مٽيءَ مائٽيءَ ۽ سفارش تي ٿيون ملن. پلاننگون پئسن جي لالچ تي ٿيون مٽجن. نقشن ۾ هڪڙي ڳالهه آهي ته سرزمين تي وارڌات ئي ٽين آهي. هرڪو بڀ ڀرڻ ۾ لڳو پيو آهي. ملڪ کي ٺاهڻ جو ڪنھن کي به اونو ناهي.”
“انھن کي ڪير چوڻ وارو ئي ڪونھي!؟!”
“ڪير چوين!؟”
“هي جو رشوت ٽوڙ کاتا ٺاهيا اٿن، سي ڇا ٿا ڪن؟”
“اتي به تو اسان جھڙا ماڻھو ويٺا آهن. نانگ  ته ڪو نه ويٺا آهن، جيڪي مٽي پٽي کائيندا هوندا. ٺلھين پگهارن تي ڪير به نه ٿو هلي. پرائيويٽ ادارن جون پگهارون وڌيڪ يا سرڪاري؟!”
“پرائيويٽ!”
“پوءِ هي سرڪاري نوڪريءَ تي ڇو مارو آهي؟!”
“ضرور ڪو دال ۾ ڪارو هوندو!”
“توهان جو غريب ۽ مسڪين مسافرن کان ڪرايو چاڙهي ٿا وٺو. ليڊيز کي به سيٽ نه ٿا ڏيو ۽ بيھاريو ٿا هلو. ڇتين تي ماڻھو ٿا ويھاريو! توهان تي ڪڏهن موچڙو کڳو آهي؟!” الٽو چور ڪوٽوار کي پڪڙي. جواب جواب جي ماڳ، الٽو ڳچيءَ پئجي ويو.
“خير اهي ته توهان جون ئي مھربانيون آهن.” ويچاري شڪل ڪندي چيومانس.
“اهو به انھيءَ ڪري جو اسان جون به ڪي ڪميون ڪوتاهيون آهن. اسان کي به پيٽ گذر ڪرڻو آهي. ڪڏهن هيڏي اچڻ آهي، ڪڏهن هوڏي وڃڻ آهي. جي اسان سختي ڪيون ته پوءِ اسان جي ٻچن جو پيٽ ڪٿان پلبو؟ رڳو ظلم سان به پئسو ڪو نه ٿو اچي. نه وري پئسا وڻن تي ٽنگيا پيا آهن، جو لٺ هڻڻ سان ڇڻي پوندا. جي ظلم سان وٺبا ته نوڪري به اهو ڏينھن ئي هوندي. تنھنڪري رعايت ڏئي، سھوليت ۽ مراعت ٿا وٺون. رشوت به نصيب ۾ آهي ته ملي ٿي نه ته ڪيڏا به زور لاءِ، ڪا نه ٿي ملي. ان لاءِ به مٿين کي الڳ راضي رکڻو ٿو پوي!” مڇن جي تاءَ سان پنھنجي ڪرتوتن کي جائز قرار ڏئي ويو.
“پوءِ هيءُ شاگرد به هلي ائين ئي ڪندا؟”
“ها! ٻيو ڇا ڪندا؟!”
“پوءِ ملڪ جو چرخو جيئن هلي پيو، تيئن ته اڻ پڙهيا به هلائي ويندا!”
“اهي ئي ته هلائين پيا! ٻيو ڪير ٿو هلائي؟!”
“پوءِ اهڙي تعليم جي ضرورت ڪھڙي؟!” اچرج مان پڇيومانس.
“مڙيئي نمونو! باقي ڪنھن جي ڪري سج نه ٿو اڀري ڇا؟! اهو اڀري پيو ۽ اڀرندو رهندو. پوءِ ملڪ پڙهيل هلائين يا اڻپڙهيا. ڀلا تنھنجي عمر ۾ گهڻيون بادشاهيون مٽيون آهن؟!”
“الائي ڪيتريون مٽيون آهن!”
“خبر اٿئي!؟! نه ٿئي نه! ايترين بادشاهين مٽجڻ سان تنھنجي صحت تي ڪھڙو اثر پيو آهي؟ ڪو به نه!! مون تي ڪو اثر پيو آهي؟! ڪو به نه. اهو آهي ته شين جي اگهن کي ڏينھون ڏينھن باهه لڳندي پئي وڃي!” پنھنجي سوالن جو پاڻ مرادو جواب ڏيندي چيائين.
“انھيءَ کان ته ڪاليج بند ڪجن ته چڱو! ٻيو نه ته انھن مٿان ٿيندڙ خرچ ته بچي پوندو!”
“تو کي ته هاڻي رڳو ڪاليج ٿا فضول نظر اچن. ائين ڳولھه ته الائي ڪيترا اجايا کاتا ملندئي! ڪيترا بند ڪرائيندين؟ کوڙيءَ کي ئي گهمري آهي. جيڪي رٿُن ٺاهڻ جا مالڪ آهن، تن جا وڏا بڀ آهن. اهي پنھنجو بڀ ڀريو ويٺا آهن. پوءِ ڪھڙي ڪاڳر تي کڻي صحيح وٺين يا آڱوٺو هڻائين! هڻي ڏيندئي! هو نه ٻڌو اٿئي هر جاءِ ويٺو آ اُلو، انجام گلشن ڇا ٿيندو؟ تنھن ڪري ميان الله کان خير گهر ته حقئون به رکي ته ناحقئون به رکي.”
“ڀلا توهان جو گذر سفر ڪيئن ٿو ٿئي؟” کانئس ذاتي سوال ڪري ويٺس.
“اهو آهي ته ذاتي سوال. پر مڙس خاشڙو ٿو نظر اچين، سو تو کان ڪھڙو لِڪ. صبح جو تاڙ ۾ هوندا آهيون ته ڪو ڀلو ڍڳو هٿ اچي ۽ شام تائين وڪامي وڃي.”
“سپاهي ۽ ڍڳن جو واپار! مون کي سمجهه ۾ نه آيو!”
“يار اڃا نه ٿو سمجهين! صبح جو جوابدار ٻڌي ايندا آهيون. رپورٽ نه لکندا آهيون. شام تائين مالڪ ٿيندا اٿس ته چڱن پئسن ۾ کپائي ڇڏيندا آهيون.”
پاڻ نوشھري ۾ لھي ويو. مان سندس ڍڳي کپائڻ ۽ حيدرآباد ۾، ڪراچيءَ جي گاڏيءَ کي مسافر کپائڻ واري معاملي کي ڀيٽڻ لڳس. نيٺ اندران آواز آيو؛ “بيوقوف اهو سلسلو تنھنجي سمجھ کان چڙهيل آهي. ايءُ ڄاڻي، اوءَ ڄاڻي، تَئين ٻيٺي اٽار تور. جڏهن هر جاءِ اُلو ويٺو آهي، ته پوءِ تون اڪيلي جهرڪي ڇا ڪندينءَ؟! تون فقط پنھنجو اُلو سڌو ڪندو هل! ٻين کي هڻ ڍنڍ ۾.”

No comments:

Post a Comment