Sunday, August 5, 2012

امدادَ - حسن علي هڪڙو


امدادَ
حسن علي هڪڙو
”لکيئي؟“
”ڇا؟“
”ڪا ڪهاڻي.“
”نه.“
”ڇو؟“
”ذهن ۾ ڪو موضوع ئي ڪونهي.“
”ڪوشش ڪر.“


”ڏاڍي ڪئي اٿم، پر ذهن ڪم نه ٿو ڪري.“ 
”ته پوءِ هن هفتي به گذريل هفتي وانگر ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ هٿئين خالي ويندين؟“
”ڀلا چوري ڪري ڪهاڻي لکي وڃان؟ پر، ائين نه ٿيندو، تخليق هوندي ته پنهنجي، نه ته هٿئين خالي ئي بهتر آ.“
”يار! معاشرو ڪردارن سان ڀريو پيو آهي ۽ تون ٿو چوين، ته ڇا لکان، موضوع ڪونهي! ذهن تي زور ڏيندين، ته ڪهاڻي تيار.“
”هون! ’ذهن تي زور ڏيندين ته ڪهاڻي تيار‘، خبر ڪا نه اٿئي ته اسان جي اديبن سڀني ڪردارن تي ڪاڳر ڪارا ڪري ڇڏيا آهن. ڪتابن جا ڪتاب لکي ڇڏيا اٿن. ڀلا ٻڌاءِ، معاشري جو ڪهڙو ڪردار باقي رهيل آهي، جنهن تي اسان جي اديبن نه لکيو هجي؟ توکي خبر آهي ته ڪيترا دفعا مان ڪهاڻيون ادبي سنگت ۾ پيش ڪيون آهن، پر هر دفعي چوندا آهن، ته هن موضوع تي فلاڻو اديب لکي چڪو آهي، يا هيءَ ڪهاڻي ڪنهن انڊين فلم جو چرٻو آهي! جي عشق جي موضوع تي لکجي ٿو، ته چون ٿا ته هن وقت هن ٽاپڪ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. هاڻي تون ٻڌاءِ، ته مان ڇا لکان؟“
”چڱو چڱو، هي سگريٽ وٺ، پوءِ ٿا وري سوچيون.“ عباس سگريٽ جو پاڪيٽ اڳيان وڌائيندي چيو.
مان هن کان سگريٽ وٺي دکايو، هڪ وڏو ڪش هڻي، دونهون مٿي آسمان ڏانهن اڇلي، ڪنهن گَهِري سوچ ۾ گم ٿي ويس.
”ڇا پيو سوچين؟“ عباس ٺوٺ هڻندي پُڇيو.
”ڇا سوچيان؟“
”پوءِ به.“
”يارَ منهنجو مَٿو نه کاءُ. مان ڪا ڪهاڻي وغيره ڪو نه ٿو سوچِيان. هاڻي اَديب گھڻا پيدا ٿي ويا آهن، ۽ موضوع گھٽجي ويا آهن. ڏس، مان به اديب! خبر الف جي به نه پوي ۽ سَڏايان اديب. سو هاڻي مان نه لکندس. لکڻ لاءِ پيو ڇاهي، جو لکان.“
”چَڱو هاڻي ٻُڌ، مان توکي ڪِردار ٻڌايان ٿو، اُنَ تي لِکُ.“
”يار اِهو به ٻُڌل هوندو ۽ اُنهيءَ ڪِردار تي به ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن اَديب لکي هوندي.“
”ٻُڌُ ته سَهي، خوامخواهه تڪڙ ٿو ڪرين، پسند نه اچئي، ته کڻي نه لِکجانءِ.“
”چَڱو ٻُڌاءِ.“ مان هن ڏانهن متوجه ٿيس.
”جَمال کي سُڃاڻين؟“
”ڀلا جمال کي ڪير نه سڃاڻي!“
”پوءِ ڇا خيال آهي؟“
”بابا، چيم نه، اديب گھوڙن تي چڙهي ڪردارن جي ڳولا ۾ رهن ٿا. اهو ڪردار به ڪهاڻي ۾ اچي چڪو آهي. ڪا نئين ڳالهه ته هن ۾ به ڪانهي، جو کڻي لکجي. اها ئي نشي پتيءَ واري پراڻي ڳالهه ۽ پوءِ بربادي.“
”ڇڙي نشي پتي واري ڳالهه! هيڏي ساري خاندان جو چشم چراغ، جنهن جي پيءُ جي پاڇولي کان انسان ته ڇا، جِنَ به ڊڄندا هئا. انهيءَ جي پٽ ملڪيت ڪيئن تباهه ڪئي، جو هن وقت هر هڪ اڳيان هٿ ٽنگي پني رهيو آهي. انهيءَ تي ڪجھ لک.“
”قصور ڪنهن جو: پيءُ جو يا پٽ جو؟ هاڻي تون ٻڌاء، ته ڪهڙي ڪردار تي لکان؟“
”مان چوان ٿو، ته جمال تي لک. هن جو پيءُ وري وچ ۾ ڪٿان آيو! تون واقعي اديب ڪو نه ٿي سگھندين. هيڏو سارو ڪردار، جنهن سان هڪ ڀرپور پلاٽ ٺاهي سگھجي ٿو، پر توکي سمجھ ۾ نه ايندو.“
”پر توکي سمجھ ۾ نه ايندو! تون ئي ٻڌاءِ، پلاٽ ڇاکي چئبو آهي، امرجليل جا چيلا؟“
”امرجليل جو چيلو ٿيڻ به وڏي خوش نصيبي آهي پر تنهنجو گُرُو ٿيڻ وڏي بدبختي، ته گپا! ٻڌ. ڪردارن جي ميڙاڪي کي پلاٽ چئبو آهي.“
”جمال کي ڪنهن ۽ ڪهڙن ماڻهن ڪيئن تباهه ۽ برباد ڪيو، انهن ڪردارن کي گڏي، هڪ پلاٽ جي شڪل ڏئي، ڪهاڻي تيار ڪري وٺ.“
”مان چيو نه، انهيءَ موضوع تي نه لکندس. ساڳئي موضوع تي مجيد به هڪ ڪهاڻي لکي چڪو آهي.“
”ڀلا ديوَن ۽ پرين تي ڪهاڻي لک.“
”چيم ته منهنجا ساٿي حقيقت پسند آهن. جڏهن ته ديوَن ۽ پرين جو وجود ئي ڪونهي. توکي خبر ڪا نه آهي ڇا، هُو جيڪي لکي ڪجھ به نه ٿا اچن، پر تنقيد اهڙي ٿا ڪن، ڄڻ شيڪسپيئر به هنن جي گھران ڏُڌ وٺڻ ويندو هو. ميدان کان ٻاهر هر ماڻهو شينهن آهي. ميدان ۾ لهي اچي ته خبر پوي. لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي.“
”ڀلا سنڌ تي لک، سنڌين تي لک، ته هنن جا حق غضب ڪيا وڃن ٿا، هنن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. هنن جي تهذيب ۽ ٻوليءَ کي ختم ڪيو وڃي ٿو. هن موضوع تي ته گھڻو ڪجھ لکي سگھجي ٿو.“
”نه بابا، نه. مون کي جيل وڃڻ جو شوق ڪونهي ۽ نه ئي مون کي شيخ اياز ٿيڻو آهي. بابا، مان غريب ٻچڙيوال. چڱو سڄڻ ٿيو آهين. صلاح اهڙي ٿو ڏين، جنهن ۾ جوکو جيءَ جو. ککرن ۾ کڙا هڻڻ جي ٿو صلاح ڏين. منهنجي جيل وڃڻ کان پوءِ سنڌي روڊن تي نڪرندا، اسٽريٽ پاور ڏيکاري جيل جا دروازا ڀڃي مون کي ٻاهر ڪڍندا. ايئن ڪڏهن ٿيو آهي جو سنڌين روڊن تي نڪري احتجاج ڪري پنهنجي حيثيت مڃائي هجي. سنڌين کي اللھ حياتي ڏئي، اهي سڄو ڏينهن هوٽلن تي چانهيون پيئن، جلال جا ڪلام ٻڌي وقت برباد ڪرڻ کان سواءِ، ٻيو هُو ڇا ڄاڻن. هنن لاءِ لکان؟ نه بابا نه، ٻي ڪا ڳالهه ڪر.“
”اڙي ڪانوَ جي اولاد! توکي سنڌين جي ۱۹۸۳ع واري جدوجهد وسري وئي، جيڪا هنن اڪيلي سر، بنا اڳواڻيءَ جي هلائي، وڏن ايوانن کي لوڏي ڇڏيو ۽ سندن دليريءَ کي سڄيءَ دنيا تسليم ڪيو.“
”ها، مون کي خبر آهي، پر سنڌين کي ڇا مليو، سواءِ ڌاڙيل فيڪٽر ۽ ٻاهران آيل مهاجرن جي لوڌ جي؟ شهرن ۾ دهشت گردن ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترائي ڪونڌر ڪُسي ويا، مائرن جون جھوليون خالي ٿي ويون، پوڙهن جا سهارا کسجي ويا، جوانڙين جا وَر وڍجي ويا، معصوم يتيم ٿي ويا. پنهنجن شهرن ۾ پاڻ اجنبي، منهنجي مامي مورڙي جو شهر ڪراچي هو، نه ڪِي ’ڪالو اچي‘. حيدرآباد ۽ سکر سنڌوءَ تي ٻڌل شهر آهن، نه ڪي گنگا جمنا تي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جا روڊ سنڌين جي رت جا ٻَڌا گراهڪ بڻجي ويا. سنڌين ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ ڇڏي ڏنو، سنڌيءَ بدران اردو شروع ٿي وئي، پنهنجي ديس ۾ مهاجر سڏائڻ تي مجبور ٿي ويا. ابن ڏاڏن جي ڪَکن مان، ڪلاشنڪوف جي زور تي ڪڍيا ويا ۽ وڃي ڪئمپن ۾ رهائش اختيار ڪيائون. دنيا جو هي پهريون مثال هو ته گھرڌڻين کي گھرن مان ڪڍي بي گھر بڻائي مهاجر سڏائڻ تي مجبور ڪيو ويو، جيڪي اڃا تائين بي گھر آهن. هوڏانهن اسان جي سنڌي ڌاڙيل ڀائرن ننڊ حرام ڪري ڇڏي. ڏينهن ڏينهن هو، رات رات هئي. هاڻي ته هر گھڙيءَ اغوا ۽ ڌاڙي جو ڊپ. روڊ تي ته ٺهيو پر گھر ۾ به سلامتي ڪانهي. بسن جو بسون، ريلن جون ريلون اغوا ٿيڻ لڳيون. انسانن جو واپار شروع ٿي ويو ماڻهوءَ جي سِرَ جي قيمت لڳڻ شروع ٿي وئي. لکن ۽ ڪروڙن تائين وڃي ٻولي پئي لڳي. ڪليشن، لانچر راڪيٽن سان حملا شروع ٿي ويا، ڪيترا ئي ڳوٺ تباهه ٿي ويا. ڄڻ ڪي ٻه دشمن ملڪ هڪ ٻئي تي بمباري ڪري رهيا هجن. اسان جي رت وهائڻ فيشن بڻجي ويو. ٻيو ته ٺهيو، پر ننڍڙا پتڪڙا ٻار به مائرن جي ڇاتين تان ڇني کڻيون پيا وڃن. هاڻي سنڌي جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيسجڻ لڳو آهي، شهرن ڏي وڃي ٿو ته گنگائي جمنائي پيا وڙهن، ٻهراڙين ۾ پنهنجا بنڊيل خانائي ڌاڙيل پيا اڌ رنگ ڏين. ويچارو سنڌي اچي اهڙو ڦاٿو، جو جان بچائڻ مشڪل پئي نظر آيس، سياست ته وسري ويس، اچي جان جي لڳس. چئي: ’ابا، جيءُ آ ته جهان آ. مري وياسون ته سياست ڪهڙي ڪم جي!‘ هاڻي تون ٻڌاءِ ته هي به ڪو موضوع آ، جو کڻي لکجي. اهڙن وڏن موضوعن تي وڏا دانشور، اديب ۽ صحافي ئي لکي سگھن ٿا. ٻيو ڪو ڪردار ٻڌاءِ.“
”هيڏي ساري بڪ بڪي ويو آهين، پوءِ به چوين ٿو ته ڇا لکين! ايئن کڻي چئه ته توکي لکڻو ئي ناهي.“
”لکڻو ڇو نه آهي! لکڻ منهنجو شوق آ، پر موضوع ڪو چَٽ پَٽو هجي ۽ اڳي ڪنهن جو ٻڌل نه هجي.“
”چڱو ٻڌ، امداد تي لک.“
”امداد خان وري اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جو ان تي ڪاڳر ڪارا ڪيان؟“
”اڙي، باندر جي سڌريل اولاد! امداد خان نه، پر ٻوڏ ۽ برسات جي ستايلن لاءِ جيڪا سرڪار امدادَ ڏني آهي، ان تي لک، ته حقدارن کي امداد ڏني وڃي، جيڪا سفارشي ماڻهن کي ڏني وئي. ڏس ته، چڱا ڀلا ماڻهو پيا امداد وٺن ۽ غريب پيا چَپَ چَٽن ۽ آفيسرن جا دڙڪا پيا کائن. اها سٺي ڪهاڻي ٺهي پوندي. شايد ان موضوع تي ڪا ڪهاڻي مارڪيٽ ۾ نه آئي هجي.“
”نه، مان ان موضوع تي نه لکندس.“
”ڇو!“
”ڀلا هي به ڪو موضوع آهي! ٻوڏ، برسات، امدادَ رُکو موضوع آهي. ان موضوع تي صحافي حضرات اخبارن ۾ گھڻو ڪجھ لکندا.“
”پر تون ڇو نه ٿو لکين؟“
”چيم نه، ته مان نه لکندس.“
”ڀلا توکي ڪو حصو پتِي مليو آهي ڇا!“
جواب ۾ ماٺ.
”ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“
”ٻڌايانءِ؟“
”ها.“
”ته ٻڌ، امداد واريءَ لسٽ ۾ منهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ جا نالا شامل آهن، جن کي پڻ امداد ملي آهي.“

•••
(۱۹۹۲-۱۰-۲۳)

No comments:

Post a Comment