Sunday, August 26, 2012

موڙ - طارق اشرف

موڙ
طارق اشرف
اڄ وري گهر جو هڪڙو ئي مَٽُ ڀڳو. اڄ وري گهر جي گُهٻَ پيل جست جي ٿانون کي، نون گهٻن لاءِ اڱڻ ۾ اڇلايو ويو. اڄ وري شور ٿيو، وري گوڙ متو، اڄ وري پاڙي واري ڀت سان لڳل کٽ تان بيهي جهاتي پاتي، پاڙي جي ٻارن در مان ليئو پاتو ۽ کي کي ڪري کليا. اڄ وري پوليس وارو پَٽ تي زور زور سان پير هڻندو گهر مان نڪتو، بيڏوهي ننڍڙي جي ڳل تي اڄ به ماڻس زور سان چماٽ هنئي ۽ هو زور زور سان روئڻ لڳو. اڄ به پوليس واري جي وڃڻ کانپوءِ جوڻس پار ڪڍي رُني ۽ سڄو ڏينهن ڪُني نه چڙهي.

اها ڪا نئين ڳالهه نه هئي. زرينه جي شادي، مظفر سان ٿئي ۱۰ سال گذري چڪا هئا. ڪجهه وقت تائين اهڙو اتفاق سالن کانپوءِ ٿيندو هو. پوءِ مهينن ۾، ان کانپوءِ هفتن ۾ ۽ هاڻ ته اهڙا اتفاق هفتي ۾ ڪئين ڀيرا ٿيڻ لڳا. شور ۽ گوڙ کان شروع، پٽ پاراتي تي ختم.
مظفر کي انهيءَ ڪري زرينه سان نفرت نه هئي ته هوءَ ڪا بدلڇڻ هئي. اها ڳالهه به نه هئي ته هوءَ بدشڪل هئي. زال سان نه پوڻ جو سبب، فقط ناپسند جي شادي هئي. مظفر کي اهو سڱ بلڪل پسند نه هو، پر ماڻس کي ڪيئن نه پسند اچي- ڀاڻيجي هئس، ڀاڻيجيءَ کي ڪيئن نه ننهن بڻائي. سو به اهڙيءَ حالت ۾، جڏهن ڀيڻ مرڻ وقت، ڌيءَ جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏئي وئي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪيئن ڀاڻيجيءَ کي ڇڏي ٿي سگهي؟ ڪو عيب هجي ها ته کڻي ڇڏيس به ها. سدا ملوڪ، چنڊ جهڙي هئي، آخر ڇو ڇڏي. اهو ته الله مٿس فضل ڪيو هو جو زرينه جهڙي ننهن ٿي مليس. زرينه جو پيءُ، جيئرو هجي ها ته کيس ملي به ها ڇا اهو سڱ ۽ وري پٽ هو به وري ڪهڙو آئينو، جو نخرا ٿي ڪيائين. پوليس وارو ئي ته هو، سڄو ڏينهن گاڏين موٽرن لاءِ رستي تي هٿ ٽنگيو بيٺو هوندو هو.
پٽ لاءِ ڀاڻيجي پرڻائي ته آئي، پر پٽ جي دل ۾ ڀاڻيجيءَ لاءِ جاءِ نه ڪڍي سگهي ۽ اهو وس ۾ به نه هوس. نه ته جيڪر ائين به ڪري ها. هن کي ڀاڻيجي تمام گهڻي وڻندي هئي. مظفر، ماءُ جي تمام گهڻي اصرار ۽ ڌمڪين کان لاچار ٿي، زرينه سان شادي ته ڪئي، پر هن کي زال واري حيثيت نه ڏنائين. زرينه سان ڳالهائڻ ته وڏي ڳالهه، ڏانهس اک کڻي ڏسڻ به پسند نه ڪندو هو. ماني گهرڻي هونديس ته ماءُ کان گهرندو هو. ٻي ڪنهن شيءِ جي ضرورت پئي ته ان لاءِ به ماءُ کي چوندو هو. شاديءَ جي اٺين- ڏهين مهيني، سمهڻ به ماڻس جي ڪمري ۾ لڳو. ماڻس گهڻو ئي سمجهايس، پر نه مڙيو. مجبور ڪيائينس ته گهر ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏنائينس. اها ڌمڪي اثر ڪري وئي ۽ وري ماڻس نه چيو.
مظفر، صبح جو سوير ڊيوٽيءَ تي هليو ويندو هو ۽ رات جو چرڪو موٽندو هو. ماڻس سمهي رهندي هئي، پر زرينه مڙس جي انتظار ۾ جاڳندي رهندي هئي. هن جا ڪن گهنٽيءَ ۾ لڳا رهندا هئا ۽ جڏهن رات جو خاموشيءَ ۾ پري کان ڳرن بوٽن جو آواز ويجهو اچڻ لڳندو هو ته هوءَ جلدي جلدي اُٿي در جو ڪڙو لاهي، سس کي جاڳائي، چلهه ۾، ڇار جي اندر پوريل ٽانڊا ڪڍي، ماني ڪوسي ڪرڻ ويهي رهندي هئي. مظفر، سڌو ماءُ جي ڪمري ۾ هليو ويندو هو. زرينه ماني ڪوسي ڪري، سس جي ڪمري جي ٻاهران، سس کي سڏ ڪري ڏيندي هئي. ماءُ پٽ کي ماني کارائي، جوٺا ٿانو ننهن کي ڏئي ويندي هئي ۽ زرينه، ڳوڙها ڳاڙيندي، اوڏيءَ مهل ئي ٿانوَ ڌوئي ڇڏيندي هئي. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته رات جي خاموشيءَ منجهه، مظفر جي ڳرن بوٽن جو آواز پري کان ٻڌڻ ۾ ايندو هو، زرينه يڪدم ماني ڪوسي ڪرڻ ويهي رهندي هئي، آواز ويجهو پيو ٿيندو هو ۽ گهر وٽان ٿي، پري ٿيندو ويندو هو. هي مظفر نه، ڪو ٻيو پوليس وارو پنهنجي گهر ڏانهن ويندڙ هوندو هو. هڪ ٻه ڀيرا ائين به ٿيو جو بوٽن جو آواز اچڻ لڳو، زرينه ماني ڪوسي ڪرڻ ويٺي. مظفر گهر تائين آيو، پر در تي ڪو دوست ملي ويس ۽ ان سان گڏ ويو هليو. هوءَ انتظار ۾ بورچيخاني ۾ ئي ويٺي رهندي هئي ۽ اک اوڏيءَ مهل پٽبي هئس، جڏهن سندس سس، صبح جو نماز لاءِ اٿندي هئي.
شاديءَ کانپوءِ زرينه کي پهرين خوشي تڏهن نصيب ٿي، جڏهن شاديءَ جي يارهين مهيني کيس پٽ ڄائو. ڏاڏي ته پوٽي تان قربان پئي وئي، پر مظفر ائين الڳ ٿلڳ رهيو، ڄڻ پٽ سندس نه هو. ننڍڙو جڏهن اڍائي سالن جو ٿيو، تڏهن ڏاڏيس وڃي الله کي پياري ٿي. جڏهن زرينه جي ماءُ مئي هئي، ان وقت به زرينه چڱي خاصي جوان هئي. ان وقت رني به هئي، پر ائين اوڇنگارون ڏئي نه، جيئن سس جي مرڻ تي. اها ئي ته هن جو سهارو هئي. اڄ اهو سهارو به ٽٽي پيو، پوءِ ڀلا ڪيئن نه اوڇنگارون ڏئي ها؟ سس، جا نه فقط هن جي ماسي هئي، پر هن لاءِ ماءُ به هئي، ان جي مرڻ تي زرينه واقعي ڏکي ٿي. هوءَ هن لاءِ ڍال مثال هئي، پر اها به نه رهي.
سس کي مئي يارهون ڏينهن هو. سڄو گهر، پنهنجين ۽ پراين زالن سان ڀريل هو. انهن سڀني جي هوندي، هڪ معمولي ڳالهه تي مڙس بگڙيو. جهلي ڏاڍي مار ڪڍيائينس. هڻي سٽي وڌائينس. ويٺل زالون ڊوڙي آيون، پر مظفر به رهيل سهيل ڪسرون ڪڍي ڇڏيون ۽ پوءِ اهڙا اتفاق سالن ۾، مهينن ۽ هفتن کانپوءِ، هاڻ ته هفتي ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ٿيڻ لڳا هئا. شادي ٿئي ڏهه سال لنگهي ويا، پر زرينه مار کائيندي پئي آئي. مظفر کي جڏهن به ڪاوڙ چڙهندي هئي، پهرين اُها مَٽ تي لهندي هئي، جست جا ٿانوَ، جيڪي ڀيري ڀيري سان اڇلڻ ڪري عجيب غريب شڪل جا ٿي ويا هئا، سي هڪ دفعو وري شڪل مٽائڻ تي مجبور ٿيندا هئا. گوڙ تي پاڙي جا ٻار در مان جهاتيون پائيندا هئا ۽ زرينه کي مار کائيندي ڏسي کلندا هئا. پاڙي واري جلديءَ سان اُٿي، کٽ تي چڙهي جهاتي پائيندي هئي. جڏهن مظفر ڳَرن بوٽن جي ٺپ ٺپ ڪندو ٻاهر هليو ويندو هو، تڏهن زرينه ننڍڙي کي، جيڪو اڳ ۾ ئي روئي رهيو هوندو هو، اُٿي ڳل تي زور سان چماٽ هڻندي هئي ۽ جڏهن هو رڙيون ڪري روئڻ لڳندو هو، تڏهن پاڻ به ويهي پار ڪڍندي هئي.
اڄ به اهو ئي سڀ ڪجهه ٿيو، جيڪو سدائين ٿيندو هو. پار ڪڍي ڪڍي زرينه جي اک لڳي وئي ۽ جڏهن اک کليس، اُسن جا پٽ چڙهي ويا هئا. هن ننڍڙي ڏانهن ڏٺو، هو روئي روئي پٽ تي ئي سمهي رهيو هو. هن جي ڳلن تي ڳوڙهن جا ميرا ليڪا صاف نظر آيا پئي. هن پوتيءَ سان ننڍڙي جو منهن اگهيو. کيس کٽ تي ليٽائي، پاڻ بورچيخاني ۾ وئي. سڄي بورچيخاني جو جهاڙو ورتائين، پر کائڻ لاءِ گهر ۾ ڪجهه ڪو نه هو. پوءِ هن کي ياد آيو ته اڄ هيءَ واويلا متي ئي انهيءَ ڪري هئي، هن مظفر کي چيو هو: ”اٽو، مصالحا، گيهه سڀ ختم ٿي ويا آهن.“ مظفر کيس گاريون ڏيندي چيو هو: ”سڀڪجهه ختم ٿي ويو آهي، پر تون ختم نه ٿي ٿين.“ ۽ گارين کانپوءِ مار.
زرينه کي جيئن جيئن ڳالهيون ياد پئي آيون، تيئن تيئن کيس ڪاوڙ پئي چڙهي. اڄ وڌيڪ ڪاوڙ انهيءَ ڪري به آيس، جو هن کيس ماءُ تي گار ڏني هئي. مئل ماسيءَ جو حيا به نه ڪيائين. اڄ گارين ۽ مار کان علاوه ڌمڪيون به ڏئي ويو هوس. ويندي وقت چئي ويو؛ ”مان هن گهر تي ٿُڪان ٿو. مان هاڻ هن گهر ۾ پير نه پائيندس. ٻي شادي ڪري رهيو آهيان، تو کي ٽي طلاقون ڏيو پيو وڃان، هاڻ جتي وڻيئي، وڃي منهن ڪارو ڪر. کپيئي ته ٻيو حق ڪر.“
عورت سڀڪجهه برداست ڪري سگهي ٿي، پر پنهنجي جائز مڙس جي واتان اهڙا اکر ٻڌڻ يا ٻڌي برداشت ڪرڻ هن جي وس جي ڳالهه نه آهي. عورت، طلاق مليل کان بيواهه سڏائڻ وڌيڪ پسندي ڪندي. اهو ئي سبب هو جو زرينه مڙس جي سامهون پهريون ڀيرو زبان کولي هئي. کيس گار سان گڏ گار ڏنائين ۽ وڃڻ کانپوءِ دل کولي پٽيائين ته: ”نه تون جيئرو رهين، نه ٻي شادي ڪري مون کي طلاق ڏين.“
ٻپهرن کان شام ۽ شام کان هاڻي رات ٿي چڪي هئي. نه گهر ۾ ڪجهه رڌو هو ۽ نه ئي تيل هو، جو بتي ٻري. ڪجهه پراڻا دٻا ۽ ٻاٽليون وڪڻي، هن ننڍڙي جو ته پيٽ ڀريو، پر پاڻ لنگهڻ تي رهي. ڏک ۾ هوءَ سدائين ماضيءَ کي ياد ڪندي هئي. پر اڄ پهريون ڀيرو هن مستقبل بابت سوچيو. مڙس جيڪڏهن ٻي شادي ڪئي، ته سندس ڇا ٿيندو؟ هو ضرور طلاق ڏيندو.... ۽ سندس ننڍڙي جو ڇا ٿيندو؟
هاڻ هوءَ مڙس سان گڏ سس کي به پٽڻ لڳي، جنهن کيس هن دوزخ ۾ وڌو هو. رات جي اٺين وڳي، جڏهن هوءَ ننڍڙي جي کٽ سان ٽيڪ ڏيو مستقبل بابت سوچي رهي هئي ته در تي ڪڙو کڙڪيو. زرينه جا هٿ پير ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳا. مڙس ته ٽي طلاقون ڏئي ويو هو، هاڻ اچڻ جو ڪهڙو ڪم اٿس؟ هن فيصلو ڪري ورتو ته هاڻ هوءَ مڙس جي منهن تي ٿڪندي به نه، جنهن سندس ايڏي بيعزتي ڪئي. هوءَ ڪاوڙ ۾ سوچيندي رهي. ڪڙو ٻيهر کڙڪيو ۽ جڏهن ٽيون ڀيرو مسلسل کڙڪڻ لڳو، تڏهن هوءَ ڪاوڙ منجهه اٿي ۽ رڙ ڪري چيائين؛ ”هاڻ ڇو آيو آهين؟ تون ته مون کي ٽي طلاقون ڏئي ويو هئين. شادي نه ٿي سگهيئي ڇا؟“ ۽ در کولي ڇڏيائين.
”ننڍڙي جي ماءُ، ننڍڙي جي ماءُ...... ننڍڙي جو پيءُ موٽر جي هيٺان چپجي پيو آهي. ماڻهو هن کي اسپتال کڻائي ويا آهن.“ پاڙيسري ڇوڪري، جيترو جلدي اها خبر ٻڌائي، ايترو جلدي ڀڄي به ويو.
پر زرينه اتي جو اتي بيٺي رهي. هن جي سوچڻ سمجهڻ جي قوت جواب ڏئي چڪي هئي. نه ڄاڻ، هوءَ ڪهڙيءَ طرح ڪمري ۾ واپس موٽي. جتي پهرين ويٺي هئي، اتي ئي ويهي رهي. نه هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، نه منهن تي ڏک جا ڪي آثار. رات جو پوئين پهر مظفر جو لاش اسپتال مان آندو ويو، تڏهن به هوءَ خاموش ويٺي هئي.
مظفر ڊيوٽي ڏيندي، موٽر جي هيٺان چپجي مئو هو. انهيءَ ڪري ڪفن دفن جو سارو انتظام پوليس ڪيو هو. صبح جو ڏهين وڳي جنازو پوليس جي اعزاز سان کنيو ويو. جڏهن اسپتال مان لاش آيو هو، تڏهن مڙس جو چچريل لاش ڏسي به زرينه جي اکين ۾ ڳوڙها نه آيا ۽ جڏهن جنازو ويو ٿي، اوڏي مهل پاڙيوارن جون اکيون به آليون ٿي پيون هيون. پر زرينه تڏهن به ماٺ ۾ رهي، ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو آهي. ”ويچاريءَ کي سڪتو (ماٺ جو مرض) ٿي پيو آهي. ڀلا، اوچتو جو هيءُ مصيبت جو جبل، اچي مٿانئس ڪريو آهي.“
پر اهڙي ڪا به ڳالهه نه هئي. زرينه کي سڪتو نه ٿيو هو. رهي مصيبت جي جبل واري ڳالهه ته مظفر زندگي ۾ کيس ڪهڙا سک ڏنا هئا، جن کي ياد ڪري هوءَ روئي؟ سڄي عمر پنهنجيءَ نااهليت سببان پوليس واري جو پوليس وارو رهيو، ڪا به ترقي نه ڪيائين. اڃا ڪلهوڪي ته ڳالهه آهي. وڙهي چئي ويو هو: ”ٽي طلاقون ڏيو پيو وڃئين، وڻيئي ته وڃي ٻيو حق ڪر. مان ته ٻي شادي ڪري رهيو آهيان.“ زرينه پٽيندي چيو هو: ”خدا ڪندو، موٽر جي هيٺان ايندين- نه جيئرو رهندين، نه مون کي طلاق ڏيندين.“ ۽ هاڻ جڏهن سندس دعا قبول ٿي، مظفر موٽر جي هيٺان آيو، تڏهن هوءَ ڪهڙي منهن سان روئي ۽ ڇو روئي؟ کلڻ جو وقت نه هو، روئڻ هن کي آيو نه ٿي. انهيءَ ڪري هوءَ ماٺ هئي. هن کي مڙس جي مرڻ جو ڪو ڏک ڪو نه هو.
مظفر جي مرڻ جي ٻئي ڏينهن شام جو، پوليس جو ”ڊي آءِ جي“ مظفر جي گهر آيو. پردي جي پٺيان ويٺل زرينه سان عذر خواهي ڪندي تمام رنج سان چيائين؛ ”ڀيڻ، تنهنجو مڙس پنهنجو فرض ادا ڪندي، هن دنيا مان ويو آهي. اسان کي سندس موت تي رنج ۽ اوهان سان همدردي آهي.“
همدردي! زرينه دل ۾ سوچيو؛ ”مون سان هُن ڪڏهن همدردي نه ڪئي. مئو ته ڪجهه ڇڏي نه ويو، جو مان يا پٽ ڏکيو سکيو گذر ڪري سگهون. هاڻ هيءَ هن سان همدرديءَ جتائي رهيو آهي، جنهن سان مون کي ڪا همدردي ڪانهي!“ پر هو ڪجهه به چئي نه سگهي.
”ڀيڻ، اسان کي پورو پورو احساس آهي ته هاڻ اوهان جي زندگي ڪيئن گذرندي. اوهان جو هن دنيا ۾ ڪو سهارو ڪونهي، ۽ ٻار اڃا ننڍو آهي. اوهان جو مڙس پنهنجي ڊيوٽي ڏيندي فوت ٿيو آهي، انهيءَ ڪري پوليس جي طرفان اوهان کي ٽي سؤ روپيه ڏنا ٿا وڃن ۽ پنجويهه روپيه هر مهيني پينشن به پئي ملندي.“ ڊي آءِ جي ٽن سون روپين جا نوٽ پردي جي اندر ويٺل زرينه جي هٿ تي رکيا.
نوٽ ملندي ئي ڳوڙها زرينه جي اکين مان وهي آيا.

No comments:

Post a Comment