Thursday, August 23, 2012

چنبو چنبو

چنبو چنبو

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



بيماريءَ جي بستري تي پئي آهي. هر پاڙيواري کانئس پڇڻ پئي اچي. جڏهن اھا واپس ٿي وڃي ته ٻيءَ آيل کي ڀڻڪي سان سس پس ڪري ڪجهه ٻڌائي ٿي.
“امڙ! ڪا زناني بيماري سنجري اٿس!” ڪا چوي ٿي.

“ادي! بيماريءَ جي قسم جي خبر ئي ڪا نه ٿي پوي”. ڪا وري ٿي چئي؛ “اها ته بيماري اڪثر ويٺل ڪنوارين ڇوڪرين کي ٿيندي آهي ۽ هن کي مڙس ڪئي اٺ ڏهه سال ٿي ويا آهن”.
“ها! هن کي ته مڙس ڪئي اٺ ڏهه سال ٿي ويا آهن. پر مڙس به الائي مڙسيءَ کان ويٺل اٿس. جو هن ڏي نھاري ئي نٿو. وري علاج به ڪو نه ٿو ڪرائيس. امڙ! ائين به مڙس ڪو نه هوندا آهن.” هڪڙي وِڏنھن ڪڍندي ٻيءَ کي چيو.

“ادي گريب جو ڀاڳ به گريب. اهي وڏ وڏيرا، زورن تي ته ننڍو وڏو سڱ ڇڪيندا آهن. پر وري ڏچو هنن ڇوڪرين لاءِ ٿيندو آهي. چاچي آندل مرهيات جي به آس هئي ته مان پنھنجن کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي ڳنڍي وڃان. پنھنجي پوٽي کي پنھنجي ڏوهٽيءَ سان پرڻائي وڃان. جيستائين جيئرو هئو ته اها مراد ڏسڻ جي لاءِ ڦٿڪو هئس. خير پاڻ ته هيو فقير، ڌيءَ به ڏٺئي ته ڏنائين گريبن ۾. ماڻھن به گهڻو ئي سمجهايس، ‘انھن جو جوڙ جِس ٺھي ئي نٿو’ اجايو اٺ جي ڳچيءَ ۾ ڳنڍ ڻي نه ٻڌ! ته هر ڪنھن کي پئي چيائين؛ ‘هوءَ به اسان جي نياڻي آهي. انھيءَ کي به شينھن ڪلھي چاڙهڻو آهي. ٻاهر ڪڍڻ جو رواج اسان جي ستين پيڙهيءَ وارن به نه ڪيو، اسان ڪيئن ڪيون. گهر ۾ جيڪڏهن جاءِ هجي ته گهر جو گند، گهر ۾ اڇلجي’. هاڻي قبر مان اٿي اچي صفا ڪري گند کي امڙ! فقيري به ائين ٿيندي آهي!؟ هوڏانھن سليمان جي ماءُ به ته پھرئين ڏينھن کان ئي انھيءَ مٽيءَ جي مخالف هئي. پر وڏن جي آڏو ڪجهه نه پئي هلي سگهيس. پاڻ به ڌاري هئي. هاڻي ته جل ٿي چري! ڏنڊو مُڇي گهر کي ٿي هلائي. هلائيءَ چلائيءَ وارو پٽ به اٿس سليمان. انھيءَ ٽٽوءَ کي به جيئن ٿي ويھاري تيئن ٿو ويھي، جيئن ٿي اٿاريس تيئن ٿو اٿي. اهو پانڊڙو به ماءُ جي چوڻ تي، ويچاريءَ زال کي ٿڪ ئي نٿو هڻي”. ٻيءَ اڳليءَ کي حالتن جي تواريخ کان متعارف ڪرايو.
اڄ جنت جي حال تمام نازڪ آهي. سندس مڙس سليمان، ڊاڪٽر کي وٺي اچڻ کان نابري واري ويٺو آهي. جنت جو ننڍو ڀاءُ بھرام، ٽانگو ڪھرائي، شھر مان ڊاڪٽر کي وٺڻ ويو آهي.
هونئن به هنن ٻنھي زال مڙس جو پاڻ ۾ سھراج ڪونھي. زال هئي اُٺ جيڏي ته مڙس هو گراٺ جيترو. ويھن سالن جي سھڻي سدا مور، دِهه جوان ڇوڪري، کڻي زوريءَ پرڻايائون ڏهن يارنھن سالن جي ڇوڪري سان. جنت ويچاري، جھڙو اٿس نالو، تھڙي هئي کلڻي ملڻي. حد کان وڌيڪ اشراف، ننڍي وڏي سان پيار سان ڳالھائڻ، هر ڪنھن جي دل پئي ڪڍندي هئي ته جيڪر ساڻس ٻه گهڙيون ڪچھري ڪري دل وندرائي. اڄ منھن ۾ ڇانھان پئجي ويا اٿس. تنھن هوندي به کنڊرات بتاتي هين عمارت عظيم ٿي، جو مصداق بني بيٺي آهي.
مان ته هونئن جيڪر اولاد سونھانس، پر مون کي ننڍن ڀائن وانگر اهڙو گهرندي آهي جو ڀانئيندو آهيان ته ڄڻ ٻئي پاڻ ۾ سھيليون آهيون. جيڪي ڳالھيون منھنجي سمجهه ۾ اچن سي مون کان راز ۾ نه رکي. منھنجي ‘سمجهه’ به سندس ئي قرب جي ڪري وڌي آهي. جيڪڏهن ڏينھن ۾ ٻه لفظ ڪچھريءَ جا نه ڪيانس ته اهو ڏينھن دئونس ۾ گذرندو آهي.
هڪ ڏينھن ڪچھريءَ ۾ ويٺي ويٺي ٿڌو ساهه ڀريائين؛ “آهه!”
مذاق ۾ پڇيومانس؛ “ڇو ڀائو تو کي وري ڪاٿان لڳي؟!”
ٿورو اداس ٿي وئي ۽ ترسي جواب ڏنائين؛ “ڀائيڙا، اها ڳالهه ئي نه پڇ!”
الائي ڇو مون کان به بيخياليءَ ۾ نڪري ويو هئو؛ “ڇو ادي، مونکي به ڪو نه ٻڌائيندينءَ”.
“بس! ڀائيڙا تون اڃا ٻار آهين. توکي انھيءَ جھان جي ڪھڙي خبر، جنھن ۾ مان آهيان”. هڪڙي هٿ سان منھنجي مٿي جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي ۽ ٻئي هٿ سان آليون اکيون اگهندي چيو هئائين.
“معنى اسان کان به ڳالھيون لڪائين ٿي نه، باقي مان به ته انھيءَ جھان ۾ آهيان، جنھن ۾ تون آهين”.
“نه ڀائيڙا ائين ڪونھي. تون ڇوڪرو آهين، تو کي عورتن جي ڪھڙي خبر پوندي. جڏهن وڏو ٿيندين تڏهن پاڻھي خبر پوندئي. جڏهن تون به رحمت جي پيءُ وانگر مڙس ٿيندين”.
مون پوءِ سمجهيو هئو ته سندس اشارو سندس مڙس ڏانھن هو. پر آخر سندن جهيڙو ڇا تي آهي، اهو مون کي ڪو نه ٻڌايو هئائين.
ها هينئر کٽ تي پئي آهي. گهر سڄو ڊانوا ڊول لڳو پيو آهي. چاق هوندي هئي ته سڄو گهر سيبائتي نموني سان سينگاريل نظر پيو ايندو هئو. هاڻي جڏهن وڃي کٽ ورتي اٿائين ته اهو ڪم سندس نڻان جي ڪلھن تي اچي پيو آ. سا ته رڳو کائڻ جي آ خچري، ڪم کان آڱوٺو. سڄو گهر اونڌو ڪيو بيٺي آهي. ‘ڪنھن جي ڪري گهر جنت، ڪنھن جي ڪري جھنم’. هتي به اها ئي ڪار آهي.
ھڪڙي پاڙيواري جنت کان پڇي هاڻي واپس موٽڻ لڳي آهي ته اڱڻ ۾ ٻي عورت گڏجيس ٿي. بيٺي پير هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿين ٿيون؛ “ادي! اهڙي نه سمي ڪئي نه سومري ڪئي. ماڻھو ائين به هوندو آهي ڇا؟ جاڪون لاڪون ڇوڪرِ پرڻي آهي، تاڪون لاڪون مڙس جي ويجھو ئي وڃڻ نه ڏينس. ھڪ ته ڇورو هئو گِڏِ جيترو، هيءَ اٺ جيڏي. هن کي به شينھن ڪلھي لائڻو ٿيو! پر هاڻي ته ھنن جي نياڻي آ. سندن ئي عزت آهي. کين حياءُ ٿيڻ کپي ته ڇا ٿا ڪيون!؟” ٻاهر ويندڙ سس پس ۾ سمجهايس.
تنھن تي آيل، وات تي آڱريون آڻي پڇيس؛ “پوءِ ادي، هيءُ جي ٻه نياڻيون ڄايون اٿس. هڪ پنجن سالن جي ٻي ٽن جي. اهو وري تون ڪھڙو ٿي ڪارنھن جو ٺڪر ڀڃين؟!”
“ادي ڪھڙي ٿي خبر پڇين! بس بيبي ڀلي، ڍڪي ڀلي. پاڙي جي ڪھڙي ناموس وڃائجي!”
“اھو ڀلا پوءِ ڪيئن؟ ڪٿي!؟ ڳالهه ته اڇي ڪيون وڃ نه!”
“بس ادي مجبوري ماڻھوءَ کان الائي ڇا ڇا ٿي ڪرائي. مڙس سان سمھي ته سسڻس اٿاري ڇڏيس. لڪ ڇپ ۾ به سمھڻ ڪو نه ڏئيس. هٿئين پٽ کي ڀري ڇڏي. تو کان وڏي آهي. ويندينس ته جواني ڳاري ڇڏيندءِ!” ڪن وٽ وات آڻي سرٻاٽ ۾ چوندي ٻڌايائينس؛ “ڀيڻ تون وڏي آهين! مان ڪوڙ هڻان ته مونکي ست پادر لاھي کڻي ھڻ. ماڻھو جو ايترو مجبور ٿيندو ته ڇا ڪندو؟ جي اهڙو ڇوري جي جوانيءَ وڃڻ جو ڀئو هئن ته کڻي جباب ڏيارينس ها. باقي گگدامِ سان کُلم نه ڪن ها”.
 “نيٺ اهي ٻار ڪٿان آيا؟” اڳليءَ، پنھنجي مطلب جو جواب نه ملندي، ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي پڇيس.
“ها! سو ڳالهه پئي ڪئيمانءِ! مڙس کي ائين سيکاري ۽ مچائي ڦٽي ڪن. اهو پِستڙُو به اهڙو اچي بِر ٿيو جي هي تارا (هٿ جي اشارن سان سمجھائيندي چيائينس) کڻي ڪيائين. کيس ويجهو اچڻ نه ڏنائين. نيٺ جواني ڦاٽي. هن به وڃي ڪارو منھن ڪيو. مجبور هئي”. ٻنھي ماين جي ايتريءَ گفتگوءَ جو مطلب مونکي سمجهه ۾ ئي نه آيو.
“ڪٿي ڪارو منھن ڪيائين؟” ٻاهران آيل سرٻاٽ ڪري پڇيس.
“ادي! ڪھڙي ٿي ڳالهه پڇين! اها به ڪا پڇڻ جھڙي ڳالهه آ. مڙئي وڃي ڪٿي نه ڪٿي ڦاهو ڦڪيائين. ايڏانھن، انھيءَ تو واري پاڙي ۾”.
اها ڳالهه هن مائي سمجهي، جنھنڪري ڪنڌ سان معنى خيز ڌوڻ ڏيندي چيائينس؛ “بس ادي توبہ لڳي پئي آ!”
ماين جون ڳالھيون ته مون کي سمجهه ۾ ئي ڪو نه اچن. الائي ڇو اڄ ياد ٿينديون ٿيون وڃن. ايترو سو خبر اٿم ته اڄ ٽيون ڏينھن اٿس. بيمار پئي آ ۽ دوا ڪو نه ٿا وٺي ڏينس. پر ڪاور منھن ڪرڻ واري ڳالهه، سمجهه ۾ نه آئي.
مان به اجايو ماين جي ڳالھين ۾ لڳي ويو آهيان. مون کي به کانئس پڇڻ گهرجي. ويچاريءَ جو حال تمام خراب آهي. مون کي به ٻه لفظ ساڻس ڳالھائڻ گهرجن. سڀني عورتن مان اها ئي ته وڻندي آ. رڳو ساڻس ڳالھائڻ لاءِ ته دل چوندي آهي.
جنت واريءَ کٽ جي ڀر ۾ پيل کٽ تي، ٽنگون لڙڪائي ٺونٺيون گوڏن تي رکي، پنھنجو منھن هٿن ۾ جهلي، ڏانھنس منھن ڪيو ويٺو آهيان. وات ٽُڪاڻيءَ جو خيال ايندي، دل ٻڌي کانئس پڇان ٿو؛ “ادي! جنت! الله ڪندو تون چاق ٿيندينءَ!” جملو پورو ئي نه ڪيم ته بھرام ٻاهرئين در کان ڊاڪٽر کي اندر وٺي اچڻ لاءِ، پردو ڪرائڻ لاءِ چيو.
پردي جو ٻڌي، ٻيون سڀئي زائفون اندر هلي ويون، باقي هڪ ڪراڙي، سليمان جي ڏاڏي، جنت جي ڀرسان ئي ويٺي رهي. ڊاڪٽر صاحب جي ايندي ئي سليمان جي ڏاڏيءَ ڀڻڪيو؛ “ڏاڪدار صاحب، ڇوڪر کي ٽيون ڏينھن آ، ائين ئي پئي آهي! نه اَن نه پاڻي. پيشاب پڙي لاءِ به ٻيو ڪو اٿاريس”.
“ڏاڏي دعا ڪر خدا سڻائي ڪندو”. ڊاڪٽر صاحب ڪراڙيءَ کي موٽ ڏيندي، بيماري تپاسڻ وارا اوزار ڪڍڻ لڳو.
جنت کي تپاسيندي، ڊاڪٽر صاحب جي زبان ئي ٻاهر نڪري وئي.
ڊاڪٽرن جو اهو واڻڪو اصول هوندو آهي ته ڪنھن بيماريءَ کي سيريس بنائڻ لاءِ بيمار جي ٻانھن ۾ هٿ وجهي، ٺونٺ جيڏي زبان ٻاهر ڪڍندا آهن ۽ مغروريءَ مان يا زبان ٻاهر هئڻ ڪري، لفظ به نه ڳالھائيندا آهن.
جنت جي کٽ تان نِوڙيل حالت مان سڌو ٿيندي، اسٽيٿو اسڪوپ، ڪنن مان ڪڍي ڳچيءَ ۾ ڦاسائيندي ڊاڪٽر صاحب پھرين مون کي چيو؛ “ابا! تون هل ٻاهر”.
جنھن تي، مان کٽ ڇڏي، ورانڊي جي ٺلھه سان ٽيڪ ڏئي وڃي بيٺم.
“شادي ٿيل اٿس!” ڊاڪٽر صاحب بھرام کان پڇيو.
 “ها سائين”. بھرام جواب ڏنس.
“ابا ڇو؟ ٻه نياڻيون اٿس!” ڪراڙيءَ جملو پورو ڪرايس.
“مڙس ڪاٿي اٿس؟”
“اتي آ، سائين!” ڪراڙيءَ جواب ڏنو.
ضائفن جي اندر وڃڻ ڪري، سليمان اندرين ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهر پئي ويو ته بھرام چيس؛ “ادا! سليمان! ڊاڪٽر صاحب سان ته ڳالھايو!”
سليمان کي ڏسندي ئي ڊاڪٽر صاحب کي ڄڻ ويساهه ئي نه آيو ته اهو ڪو هن جو مڙس ٿي سگهي ٿو. “ادا! مان هن امڙ جي مڙس لاءِ ٿو پڇان”.
“مڙس ته مان آهيانس. پر جيڪو ڳالھائڻو اٿو، انھيءَ سان ڳالھايو، اهو به ڀاءُ اٿس”. سليمان اڱڻ مان ئي ٻاهرئين دروازي ڏانھن وڃن لاءِ ڪنڌ لاڙيندي جواب ڏنو.
“ادا! مون کي توهان سان ڳالھائڻو آهي. جيڪڏهن دل ۾ برو نه ڀانيو ته رڳو ٻه اکر چوان!” ڊاڪٽر صاحب التجا ڪندي چيس.
سليمان اندر ورانڊي ۾ ايندي چيس؛ “ها چئو!”
ڊاڪٽر گنڀيرتا مان چيس؛ “ايڏو ظلم ٺيڪ نه آهي. هر مسئلي جو حل آهي. هر بيماريءَ جي دوا آهي. بک لاءِ کاڌو آهي. اگهڙ کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو آهي. اهڙيءَ طرح مرد لاءِ عورت آهي، عورت لاءِ مرد آهي. ان جا به ڪي حق آهن. ان جون به ڪي اميدون ۽ آسرا آهن. جيڪڏهن انھن کي اتي دٻائبو ته هڪ ته ظلم آهي ٻيو ته نتيجو اهو نڪرندو، جيڪو هن وقت توهانجي سامھون آهي”. ڊاڪٽر صاحب، سليمان تي وڏي نصيحت جهاڙيندي چيو.
“ڊاڪٽر صاحب! توهان انھن مسئلن ۾ نه پئو. مان ته چوان ٿو ته توهان علاج به نه ڪريوس. ڀلي ائين پئي هجي ته خبر پئيس. جنھن کي اسان جي عزت جي ڪانھي، تنھنجو علاج ٿئي ته پوءِ انھيءَ کي اُنھيءَ ڪرڻ ۾ اڃا هٿي ملندي، جيڪو اسان کي جلائڻ لاءِ اڳ ۾ ڪيو اٿائين.” سليمان پنھنجي جان ڇڏائڻ لاءِ صفائي پيش ڪئي.
“توهان جي انھن لفظ سان ته توهان ڏانھن مھڙ ٿي ٿئي. جيڪڏهن گهر جي مرغي پرائي دال کان ڀلي سمجھي ٻين جي ٻوڙ ڏانھن تڪبو ته پوءِ پنھنجو ٻوڙ ٻيا لُٻيندا.” ڊاڪٽر ڪلھي تي ھٿ رکندي وڌيڪ چيس؛ “ماڻھو پنھنجو قدم مستحڪم رکي. هروڀرو ٽھڻ مان فائدو ڪھڙو. جيڪڏهن توهان کي ڪنھن سان نفرت آهي ته ڪم ازم ڪم ان کي ايترو آزاد ڪيو جو هو پنھنجي زندگي ته چين سان گهاري سگهي. ٻئي کي تڪليف ڏيڻ ۾ توهان کي ڪھڙي تسڪين ٿي ملي. جيڪڏهن هن کي ڏوهه ڏجي ته ڪھڙي حساب سان؟ انھيءَ ۾ سندس ڪھڙو قصور؟”
ڊاڪٽر صاحب، پٺيءَ تي هٿ رکي، آهستگيءَ سان سمجهائيندي چيس؛ “توهان جي به جواني آهي. انھيءَ کي توهان ائين ته بند ڪري نه رکيو هوندو؟ پوءِ ٻئي کي اھا سزا ڪيئن ٿا ڏيو، جيڪا توهان جي برداشت کان ٻاهر آهي!”
“ڊاڪٽر صاحب، توهان کي اندر جي ڪا خبر ناهي. ڇا وهيو، ڇا واپريو. اھا اسان کي خبر آهي. باقي جيڪو جيتري سزا جي لائق هجي، ان کي ايتري ڏجي. مون کي هن جي پرواه ناهي. زال ٻي ٿي پوندي. جيڪا منھنجي عزت وئي آهي ته اها مونکي خبر آهي.” اڃا به جوش ۾ ايندي چيائين؛ “باقي رھيو سوال پاڻ پلڻ جو! سو نوس ڪير به پلي نه ٿو سگھي. مان مرد آھيان، ڪو لوڙهو لتاڙيم ته ڪا اربع خطا ڪا نه ٿي پئي. ڇو جو وري به مرد آھيان. ان ۾ ڪا گلا به ناهي.” جنت ڏانھن هٿ جو اشارو ڪندي چيائين؛ “جيڪڏھن ڪنھن عورت، اھڙو مرداڻو قدم کنيو ته پوءِ حالت اھا ئي ھوندس!”
سندس پوين اکرن تي جنت جوش کائيندي اٿي. کيس زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو جوش کائيندي ڏٺو هئم. “تون مڙس آن؟ تون مڙس آن. اڙي ٻڏي وڃي مر، انھيءَ مڙسيءَ کان! تو کي دنيا ڀلي مڙس چئي. پر تون مڙس ناهين. تو کان کدڙا چڱا آهن. باقي مان زال آهيان، تنھنڪري منھنجو ڪو حق ڪونھي. تون مڙس آهين تنھنڪري ڀل ملڪ ڀيليندو وت، تو کي ڪير نه چئي؟ بيمار پئي آهيان ته علاج لاءِ ڊاڪٽر ڏي نٿو وڃين. وري هينئر آيو آهين روب هلائڻ ۽ دٻائڻ ته مان مڙس آهيان”.
جيئن ئي ڪنڌ سان سٽ ڏئي جملو پورو ڪيائين، تيئن ئي رڪ جھڙي هٿ جي ٿـڦڙ، سندس نازڪ ڳل کي ٿـڦجندي، کنيو وئي. “بس ڪر دلي! وري ڪلو ٿي ڪرين!”
کٽ تي ڪِرڻ سان ئي ڏندڻين پئجي وئي.
سليمان جا تارا ڳاڙها ۽ ڦوٽاريل هئا. بھرام وڏي رڙ ڪندي وڃي ڳچيءَ ۾ هٿ وڌس. اندران جن ضائفن ويٺي اهو لقاءُ ڏٺو، سي به رڙيون ڪري وٺي اڱڻ ڏانھن ڀڳيون. بھرام کي چنبو چنبو ٿي ويو. ڊاڪٽر صاحب، گھر کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ، گوني ڪنڊ تي گهمي ويو.

No comments:

Post a Comment