Tuesday, August 21, 2012

اِلھو ٻِلھو

اِلھو ٻِلھو

ڪھاڻي

وھاب سھتو


ڏڪندي ڏڪندي، گوڏ جي پلوَ مان ڏوڪڙ ڇوڙيائين. ڏوڪڙ، ڇُڙندي ئي هٿ مان هليا ويس. نِوِڙي کنيائين ۽ ڏڪندڙ ھٿن سان وٽيل ڪاغذ جي نوٽن کي سڌو ڪندي، ڊاڪٽر صاحب کان پڇيائين؛ “ڏاڪدار صاحب! اوھان جي ڦيھي گھڻي ٿيندي؟”

“ڏساڻي ٽيھه روپيا. سئي ۽ دوا، جيڪا ڏني اٿم، ان جا ويھه روپيه. ٻيو موٽر سائيڪل جو تيل آھي. سو به ڏهين روپئي کن جو ٿيندو. ٿين ته گھڻا ٿا پر توھان پنجونجاهه روپيا ڏيو”. ڊاڪٽر صاحب، اسٽور تان ٻيون دوائن وٺڻ لا پرچي هٿ ۾ ڏيندي، چيس.


وٽيل نوٽن کي، سڌي ڪرڻ کانپوءِ، ٽي دفعا ڳڻيائين. ٽئي گھمرا ستٽيھه روپيا ٿيا. هيا ئي ايترا ته وڌن ڪيئن. منھن لھي ويس. چپ خشڪ ٿي ويس. خشڪ نڙيءَ کي ڳيت سان ۽ خشڪ چپن کي زبان ڦيرائڻ سان آلو ڪندي، ٻنھي ھٿن ۾ ستٽيھه روپيا جھلي، ڊاڪٽر صاحب کي التجا ڪيائين؛ “ڏاڪدار صاحب اسان گريب آھيون. توھان کي الله ججھو ڏنو آھي. مون وٽ آھي پئسا آھن. اڃا هجن ھا ته توھان پنجونجاه ٿا چئو مان توھان کي سؤ به ڏيان ھا. پر ڇا ڪريان گريب ٿي پيو آھيان. بس الله تو کي به گنج ڏيندو. مون گريب سان رعايت ڪر.”

“اھو ته دوا، سئيءَ ۽ پيٽرول جو خرچ مس آھي، باقي مان هيترا مريض سيڙائي تو وٽ آيو آھيان، سو منھنجو ڪو حق ڪونھي؟ ڪٿي ڏس! گھر ۾ ڪنھن ڳنڍ ٻنڍ ۾ ٻڌل ھوندئي؟ يا ڪنھن قرآن ٻرآن جي مٿان رکيل ھوندئي؟ وڃي کڻي آ.” وزٽ تي آيل ڊاڪٽر صاحب ٻوٿ ڪِنو ڪندي چيس.

“باقي جي ڪنھن کي ھڪ دفعو پئسا ڇڏ ته وري آئندھ لاءِ فقيرن وانگر کڻي لانڍ ٺآھيندو. چوندو؛ اڄ پئسا گھٽ آھن. صبحاڻي وري آھي به نه ھوندا.” گھٽ في ڏسي، پنھنجي منھن ڀِڻ ڀِڻ ڪندي وري چوڻ لڳس: “نه بابا انھن ۾ ائين نه ٿيندو. باقي جي ڇوڪري کي تون سرڪاري اسپتال ۾ کڻين اچين ھا ته پوءِ پئسا به گھٽ لڳني ھا ۽ دوا به مفت ملئي ھا. اھا به اهڙي دوا نه ملئي ھا، قطار ۾ بيھين ھا ته خبر پوئي ھا. هتان ئي ڏاند گاڏيءَ ۾ ڇوڪري کي کڻي اچين ھا ته ڏينھن جي به خبر پئجي وڃئي ھا”.

عارب، مٿي تي ٻڌل بوڇڻ لآھي، ڊاڪٽر صاحب جي پيرن تي رکيو ۽ چيائينس؛ “ڏاڪدار صاحب! بس منھنجي لڄ رک! مان ڪٿان نه ڪٿان پٽي سٽي تو کي پئسا ضرور ڏئي ويندس. رڳو مون کي اڄ جي مھلت ڏي. بس بسم اللھ ڪري هي هينئر کڻ. الله ۾ اميد ته شام تائين تنھنجا پئسا تو کي پَھتو ٿي ويندا. بس الله کي ڏس! هي ٻانھون ٿو ٻڌان”. ٻانھون ٻڌندي جملا پورا ڪيائين.

ڊاڪٽر صاحب نِوِڙي وزيٽنگ بئگ کنئي. عارب کيس گھر کان ٻاهرئين در تائين ڇڏي، ھارايل جواريءَ وانگر، ڳرن قدمن سان اچي زال ۽ پٽ مٿان بيٺو.

“اڙي! ڏاڪدار صاحب دوا ڪيئن چيئه ته پيارينس؟” روئي روئي اڌ-مئو ٿيل پٽ جي حالت ڏسي، زال کي ياد ڏياريائين.

“ھا! ڏاڪدار صاحب چيو ته ٻه گوريون هينئر، ٻه منجھند، ٻه رات پاڻيءَ سان ۽ دوا جا به ٻه وزن. وري صبحاڻي ڏيکارجو. پر پاڻي ته ڀري وٺ، گوري ته وجھانس”.

مائي بچيءَ، بل ڏيندڙ علي داد کي پنھنجي ھڪ ٽنگ تي سنئون سمھاري، ٻي ٽنگ مٿان رکي ڀيڪڙ ڏني ته جيئن چري نه سگھي. کٻي هٿ جي چپٽيءَ سان نڪ جون ناسون بند ڪري، سڄي هٿ سان وات پٽيائينس. عارب ھڪ گوري ٻه اڌڙ ڪري، علي داد جي ڦاٽل وات ۾ وڌي ۽ مٿان پاڻي وڌائينس. مائي بچيءَ ناسن مان هٿ ڪڍندي، مٿان رکيل ٽنگ جو بار هلڪو ڪيس ته ننڍڙي ھنيان ڦاڪار ٻوڪاٽ ڪيو ۽ گرڙاٽ سان، گوري ۽ گگ، پاڻيءَ سميت ٻاهر نڪري آيس. مٿئون وري ھڪڙو اُجڪو به آيس، جنھن سان پيٽ ۾ پيل سڀڪجھ ٻاھر نڪري آيس.

ساڳيءَ طرح دسي ٻيءَ گوريءَ جا ٻه اڌڙ وڌائونس. آھي به ائين ئي نڪري ويس. مٿئون ڳاڙھو مڪسچر به چمچن سان دسي وڌائونس سو به کيکراٽ ڪري ڪڍي ڇڏيائين.

عارب ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ويسورن ۾ ويھي رھيو. چي؛ ‘ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري’. ڊاڪٽر کي  به منٿون ڪيم، دوا به ڇوڪر کي نه جِوري.

صبح سان جيئن ئي ننڊ مان اٿيو هئو، تيئن بنا سنبرڻ جي، زال شھر موڪليو ھئس؛ “علي داد جي طبيعت ڏاڍي خراب آھي، وڃي ڏاڪدار کي وٺي آ”.

ڳڻتيءَ ڳاري وڌس. ھڪ ته گھر ۾ پئسو ڪو نه، ٻيو ٻچڙو به ھٿن مان نڪتو پئي ويس. پئسن کانسواءِ ڊاڪٽر به مريض کي هٿ ڪو نه لائن. غريب ماڻھو، در تي رڳو ٻه ڍڳا ۽ ٽين ڳئون. تنھن جي به گاهه پٺي کان آجائي نه. زمين به ھارپي تي. اڪيلي سر ڪاھي، اڪيلي سر ڳآھي، اڪيلي سر وائري. هر بنجهر، ڪاٺي ڪلي، ڍڳو ڍور، جھار جهرڪي، سڀ شيءِ کي اڪيلي سر منھن ڏيڻ. انھن ڪمن ته هڻي ڪراڙو ڪري ڇڏيو ھئس.

ڍڳا ڇوڙي پاڻي پيارڻ ويو. پاڻي پياري موٽائي اچي ڪلي سان ٻڌائين ته جوڻس پڇيس؛ “ڍڳن کي اڄ جھنگ چارڻ لاءِ ڪاھي ڪو نه ويندين ڇا؟”

انھيءَ سوال تي لڙھندي، جواب ڏنائين؛ “ڇوڪرو بيمار آھي، تو کي ڍڳن جي لڳي آ. مان ڏسان ٿو ڪٿان ٻه ٽي روپيا هٿ ڪري اچان. ڪنھن جو در کڙڪايان من ڪو اڌارا ڏئي. نه ته اھو ڍڳو ئي کپائي اچان، ٻيو ڇا ڪيان؟”

شام ڌاري، ڍڳن لاءِ بيٺي ٻنيءَ مان گاهه مٺ ڪيائين پئي جو ھاشوءَ ڊوڙندي اچي ٻڌايس؛ ”علي داد جي حالت تمام خراب ٿي وئي اٿئي. ماڻھس اسان جي گھر ڊوڙندي آئي ۽ تو ڏي موڪليو اٿائين.” ائين چئي مٿئون چيائينس؛ “چڱو تون وڃ ڊاڪڊر کي وٺي آ. مان ٿو تنھنجي ڍڳن لاءِ گاهه مٺ ڪيان”.

عارب جو، ھاشوءَ جي اٻھرائيءَ تي بنجهر ئي نه ڀريو.

“اڙي ڏسين ڇا ٿو؟ ڀڄ! وڃ ڊاڪڊر کي وڃي وٺي آ.” بي سُت ڏسي، وڌيڪ چيائينس؛ “منھنجي منھن ۾ ڇا ٿو ڏسين. ڇوڪري جي ڳڻتي نه اٿئي ڇا؟”

“ادا! ڇا ٿو پڇين! سڄو ڏينھن رلي رلي بيٺو آھيان، ڪٿان قرض ئي نه مليو. چيم ته ڍڳو ئي اَڌ گيدو کپايان. تنھن لاءِ به ڪو واپاري نه مليو. صبح به ڏاڪدار صاحب پئسن تي نه پئي ٺھيو. دوا به الائي ڪھڙي ڏنائين جو ڇوڪري جو تپ لھڻ جي بجاءِ وڌندو ٿو وڃي. ڇا وڃي ڪيان ڏاڪدر کي؟ بس ھاڻي الله ڪندو ته چاق ٿي ويندو. پئسا جي نه ھوندا ته ڀلا مان ڏاڪدر صاحب کي ڦآھي ته ڪو نه چاڙهيندم. ھو به مرضيءَ وارو آ.” عارب روئڻھارڪو ٿيندي چيس؛ “ادا تو کي شابس ھجي جو مون کي اچي ٻڌايئه! تنھنجي مھرباني منھنجا ڀاءُ!”

“ادا! تو کي پئسن جي ضرورت آھي نه؟ سي مان ٿو تو کي ڏيان.” ھاشوءَ کيسي ۾ پيل سمورا پئسا ڪڍي ڏيندي چيس؛ “ھان! هي وٺ!”

وڌيڪ دلداري ڏيندي چيائينس؛ “ھان! هي پنجھٺ روپيا اٿئي. تنھنجي سر تي آئي آھي. تون مھل ڪر! منھنجي الله هلائيندو. تون موٽائي ڏيڻ جو فڪر نه ڪر. جڏھن ٿيني، تڏھن ڏجانءِ.”

ھاشوءَ جي دلداريءَ تي پئسا وٺندي، ٻنيءَ مان نڪري، سڌو ڊاڪٽر ڏانھن ويو ۽ ان کي سندس موٽر سائيڪل تي وٺي آيو.

“ڏاڪدر صاحب، اھا مھل ۽ هيءَ مھل، ننڍڙي جو روڄ ئي بند نٿو ٿئي. ڦيڪاري ڦيڪاري اڌ مئو ٿي پيو آھي. وت گھڻو اٿس.” مائي بچيءَ ڊاڪٽر صاحب کي، ڇوڪري جي سڄي ڏينھن لوڙڻ واري روداد سان گڏ، بيماريءَ جو علاج ٻڌائيندي چيس؛ “بس اهڙي ڪا سئي هڻوس جو قرار اچي وڃيس”.

ڊاڪٽر صاحب انجيڪشن هڻندي پڇيو؛ “ھا! اسٽور واري دوا، جيڪا لکي ڏني هئم، سا وٺي پياريَوس؟”

“سائين نه ڪو، ايترا ٽڪا وري ڪاٿي رکيا آھن.” عارب جواب ڏنس.

ڊاڪٽر صاحب اسٽيٿو اسڪوپ ڳچيءَ مان ڪڍندي چيس؛ “جيڪڏھن اھا دوا نه وٺي ڏيندئوس ته پوءِ ڇوڪرو ڪٿان چاق ٿيندو؟” وڌيڪ سمجھائيندي چيائينس؛ “هينئر هل مان سان ۽ شھر مان وٺي آ!”

“ڏاڪدار صاحب! ايترا پئسا به هجن نه؟!” عارب غربت جو اظھار ڪيس.

“پوءِ بابا ھن دوا وٺڻ جو ۽ ڀڄ ڀڄان ڪرڻ جو ڪھڙو فائدو آھي؟” ڊاڪٽر صاحب عارب کي ڇينڀيندي چيو؛ “اصل دوا ته اھا آھي! ۽ ھا ٻڌ! اھا ٻئي دوڪان تان ڪا نه ملندءِ. رڳو مون واري ڪلينڪ جي ڀرواري اسٽور تان ئي ملندءِ!”

عارب ڊاڪٽر صاحب کي بئگ کڻائي، پاسيرو ٿي فيءَ جو پڇيو؛ “سائين اوھان جا هينئر گھڻا پئسا ٿيا؟”

“ھن وقت جو تون ڀلي پنجاه ڏي، باقي ارڙھن روپيا صبح وارا اٿئي”.

“مون وٽ ھن وقت فقط پنجھٺ آھن.” ڏڪندي ڏڪندي، ڏوڪڙ گوڏ جي پلئه مان ڇوڙيندي، ڊاڪٽر ڏانھن هٿ ڊگھو ڪيائين.

ڊاڪٽر صاحب ڏند ٽيڙي چيس؛ “وري به کٽائي ٿو ڏين نه ادا! ھل جيڪا تنھنجي مرضي!”

“بس ڏاڪدار صاحب هي ٻانھون ۽ الله جو واسطو”. عارب ٻانھون ٻڌندي چيس.

ڊاڪٽر جي سئيءَ سان ڇوڪري کي ننڊ اچي وئي. وري وڃي اڌ رات اک کليس. پر اک ڇا کليس، سڄي گھر کي کڻي مٿي تي کنيائين. رڳو بُل پئي ڏنائين.

“مئي کي چئي چئي بيٺي آھيان، مئا آھي ڊاڪڊر رڳو ڦرڻ کائڻ لاءِ ويٺا آھن. ڪھڙي ٿا دوا ڏين. ٻه منٽ به نٿي اثر ڪري. هيءُ مئو ڪو سڌرندو ٿورو ئي. چئي چئي ٿڪجي پئي آھيانس ته سائين جن وٽ هلي چانئٺ چمي اچون. من پير سائينءَ جي ڪا دعا اثر ڪريس. ڏنل به سائين جن جو آھي ته علاج به اتان ئي ٿيندس”. مائي بچي پنھنجي منھن ڀڻڪاٽ شروع ڪيا.

ڇوڪري جي هيانءَ-ڦاٽين رڙين ۽ زال جي تبري تي، عارب جي اک کلي وئي ۽ اٿي کٽ تي ويھي رهيو.

“مئا صبح تي هل ته سائين جن کان ٿي اچون. ڇوڪر کي ڇڪ ٿي آھي.” مائيءَ بچيءَ دليل ڏيندي چيس.

“اڙي پوءِ هينئر اڌ رات هلئون ڇا جو ڪروڌ کڻي شروع ڪيو اٿئي. لڀي پئسو نه پائي، جو کڻي سينکيو وٺي کائون. تو کي ڇوري جي ۽ سائينءَ جن ڏي ھلڻ جي اچي لڳي آ. خدا مون کي ماري ته منھنجي جند ڇٽي.” وري مٿي نھاري اوسارا ڪندي چوڻ لڳو؛ “او الله ڪاٿي آھين! تون ڪا واهر ڪر”.

“اڙي ڇوڪر جي سر کان وڌيڪ پئسا آھن، اڳ ۾ به پئسا ڪو نه هيئي نه! جو پيرن ڏي پٽ وٺڻ نه پئي هلئين. وري اڄ به اھا ئي ڪار ڪئي اٿئي”. مائي بچيءَ کيس اڳيون وقت ياد ڏياريو، جڏھن کين شادي ڪئي پنج سال ٿيا هئا. ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائي ٿڪا هئا ته مائي بچيءَ عارب کي چيو هئو ته؛ “مئا! پئسا نه اٿئي ته مان ٿي ڏيانءِ!”

پوءِ جڏھن سنبيريو هئائينس ته وڃي ھڪ پراڻي اڳڙيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل ڏوڪڙ کڻي آئي ھئي. ان ڏينھن ڏاڍي خوش ھئي. ان ڏينھن مڙس پڇيو ھئس؛ “اڙي، ديجھان رن، آھي ڏوڪڙ ڪٿان آندئي؟”

“اڙي! مون کي ڪو تنھنجا آھن ڇا؟ جو پڇين ٿو. هي مون پائي پائي ڪري گڏ ڪيا آھن. ڇيڻا سڪائي هيءُ چار ڏوڪڙ ميڙيا اٿم. پر اولاد جھڙي شيءِ کان هي وري مٿي آھن ڇا؟ خدا رڳو پٽ ڏئي. بس ڏسجانءِ ته ڪھڙا نه منڊل ٿي ڪيان”. زال هرڻيءَ وانگي ڇال ڏيندي چيو ھئس.

“اڙي هتان ئي منڊل منڊل ڪندي هل، هتي شل سائين ريجهي!”

“بس رک سائين تي! مولا سڻائي ڪندو. ڀلي جي پار ڏانھن ھوندي چڱائي ته ٻيڙا ئي پار!”

ٽپھري ڌاري وڃي پيرن جي حويليءَ ڀيڙا ٿيا هئا. سياري جي شروعات ھئي. رات جو اڃا اڱڻ ۾ سوڙ وجهي سمھڻ جي موسم ھئي.

مائي بچي به دعا گھرائڻ لاءِ، پير صاحب جي کٽ جي ڀرسان تڏي تي ستل ھئي. ٿوري رات وئي کان پوءِ جڏھن پير صاحب سائين جي سوڙ ٿوري لھي وئي ھئي، تڏھن سندس نظر وڃي مائي بچيءَ تي پئي ھئي. پوءِ ته مست اُٺ وانگر اٿيو ھو ۽ باز وانگر جهٽي پنھنجيءَ کٽ ڏانھن گھليو هئائينس.

“سائين! اھو ڇا ٿا ڪريو؟” مائي بچيءَ هٿ ڇڏائيندي چيو ھئس.

“ھا! اسان کي خبر آھي تو کي پٽ جي ضرورت آھي! اسان تو کي، تو تي راضي ٿي، پٽ ڏيڻ ٿا گھرون”. پير صاحب فرعونيت واري خدائي هلائيندي کيس پٽ جي لالچ ۾ هرکائي وڌو.

“ائي مائي ڏسو! اتان آئي آھي پٽ وٺڻ لاءِ، هتي مس مس سائين ريڌو اٿس ته وري ٿي ڪسڪي!” بچيءَ جي ڀرسان ستل، ھڪڙي ڪراڙيءَ ٻانڀ، تجرباتي نتيجي کان آگاهه ڪيو ھئس.

مائي پير سائين جي ھٿن ۾ ڇيليءَ وانگر گھلبي وئي ھئي ۽ وڃي پير سائين واريءَ کٽ تي پئي ھئي. پير سائينءَ سندس ڀرسان سمھندي مٿان سوڙ ورائي ڇڏي ھئي. پورن ڏھن مھينن کان پوءِ، کيس علي داد ڄائو هئو. جيڪو اڄ بيماريءَ ۾ روئي روئي اڌ مئو ٿيو آھي.

“پير سائين جو اڳيون پڳر به رهيل آھي. ڀاڙا به خبر اٿئي ته ڪيڏا آھن. حالت به معلوم اٿئي.” عارب اوٻاسي ڏيندي جواب ڏنس؛ “ھاڻي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪيان؟ ڪھڙو ڦاھو کاوان؟!”

“پئسن کان نه ڊڄ! انھيءَ لاءِ ته پئسا سمجهه تو کي ڪرڻا ئي نه پوندا!” مائي بچيءَ پئسن جو مسئلو حل ڪندي، ھلڻ لاءِ آماده ڪرڻ خاطر چيس؛ “تون رڳو صبح سان پنھنجي نيت سچي رک. مندائي دل مان ڪڍ! پيرن کان منھن موڙيندين ته آھي به پنھنجي شيءِ موٽائي نه وٺني”.

جيئن تيئن ڪري رات گذري. صبح جو نيرن ڪري، ضرورت جو سامان ٻڌائون. سفر ۾ ڪم ايندڙ معولي شين جي ڀڏڪ بچيءَ هٿ ۾ کنئي ۽ عارب کي ڇوڪرو کڻڻ لاءِ چيائين.

عارب ڇوڪري کي ڪلھي تي کڻڻ لاءِ جيئن ئي مٿي کنيو، تيئن ئي سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.

 ڇوڪري جي وھڪ جي جاءِ ۾ ھڪ ڊگھو ۽ سنھو، سائو مرچ گتل ھو. سائو مرچ ڪڍيائين ته ٻار روئڻ کان ٺاپر ڪئي.

مرچ هٿ ۾ جھليندي، ڇوڪري کي کٽ تي ويھاريائين. پادر ۾ هٿ وڌائين ئي مس ته مائي بچيءَ کي سڻس پئجي وئي. پُسيل پادر ڏسي، وٺي کڙين تي زور رکيائين.

عارب پٺيان، بچي اڳيان. مائي بچي پنھنجو گھر ڇڏي، گھٽيءَ ۾ ھاءِ گھوڙا ڪندي، پيڪي گھر ڏانھن وٺي ڀڳي.

ڀائن جي گھر ۾، ڦُريا ڦُريا ڪندي گھڙي ۽ سھڪندي رڙيون ڪرڻ لڳي؛ “اڙي مئي کي جھليو! خواه مخواه ڇتو ٿيو آھي! ماري ٿو! ڇوڪرو بيمار ٿيو آ ته الله بيمار ڪيو اٿس، ڪو مون ڪيو اٿس ڇا، جو مئو مون تي پادر لآھي اُلريو ڀڳو ٿو اچي. سڄي گھٽيءَ ۾ اگھاڙي منھن ڊوڙائيندو آيو آھي.”

“اڙي، ڇورو هٿ سان بيمار ڪري...” عارب پٺيان سھڪندو، چوندو پئي آيو. گھر ۾ گھڙندي، اڃا چوٽيءَ ۾ هٿ ئي مس وڌائينس جو بچيءَ جا ڀائر مڙي آيس.

”اڙي تو کي ڏني آھي ته تون سڄي عمر ويٺو ڪٽينس! نڌڻڪي ڏٺي اٿئي ڇا؟ ڇوڪرو بيمار آھي ته پوءِ علاج ڪرائينس ڪن ويٺو زال کي ڪُٽ!“ سالن، ٿڪن بجن وسڪارو لائيندي، اچي موچڙن سان کنڀيس.

بري تي بڇ ٿي وئي! عارب، سالن جي ھٿن ۾، اِلھو ٻلھو ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment