Monday, August 20, 2012

سنڌي ڪھاڻي - ممتاز مھر

سنڌي ڪھاڻي
پس منظر پيش منظر
ممتاز مھر
سنڌي ڪھاڻيءَ جي عمر ڪا وڏي ڪانھي، وڌ ۾ وڌ پنجاھه سال. هميشھ پڙهي ويندڙ سنڌيءَ جي پھرين ڪھاڻي ’ادو عبد الرحمان‘ (امرلعل هڱوراڻي جي لکيل) آهي، جيڪا ورھاڱي کان گھڻا ئي سال اڳ لکي ويئي هئي. هيءَ سنڌيءَ جي پھرين ڪھاڻيءَ آهي جنھن ۾ مونولاگ به استعمال ڪيو ويو. سنڌ جي ترقي پسند تحريڪ جي زور وٺڻ کان اڳ ٻه ٻيا ڪھاڻيڪار به قابلِ ذڪر آهن جن سنڌيءَ ڪھاڻيءَ پيڙهه پختي ڪئي؛ مرزا نادر بيگ ۽ آسانند مامتورا. خبر ناهي ته ڇو سنڌي نقادن انھن ٻنھي ڪھاڻيڪارن جي لکڻين جو ڪو مفصل جائزو نه ورتو. يا ائين کڻي چئجي ته انھن ٻنھي انفراديت پسند ليکڪن کي ترقي پسند تحريڪ جي وھڪري تي ڌڪي، کين بي ستَو ڪري، هڪ پاسي اڇلي ڇڏيو. ٻين لفظن ۾ اهي ٻئي ليکڪ نظر اندازيءَ جو شڪار ٿيا.

امر لعل هنڱوراڻي، نادر بيگ ۽ آسانند مامتورا حقيقت نگاري (Realism) جي ٽن الڳ الڳ لاڙن جي نمائندگي ڪن ٿا. امر لعل، عام سماجي مسئلن کي پنھنجي ڪھاڻين جو موضوع بڻايو. نادر بيگ جو رومانس ڏانھن وڌيڪ رجحان هو. جڏهن ته آسانند مامتورا جديد نفسيات جي مطالعي کان پوءِ گھڻي ڀاڱي انسان جي جنسي مسئلن کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ آندو. هيءُ مڃڻو پوندو ته آسانند مامتورا پنھنجي وقت جو هڪ جرئتمند ليکڪ هو، جنھن جي ڪھاڻين ۾ جان آهي.
سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ هڪ طرف سڀني روشن خيالن ليکڪن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو ته ٻئي طرف سنڌي ادب ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جي ادب سان ڪلھو ڪلھي سان ملائڻ لڳو. سنڌي ادب جي ان دور کي اصلوڪين لکڻين کان سواءِ ترجمن جو دور به چئي سگھجي ٿو. سنڌي ڪھاڻين جو وڏو حصو ترقي پسند ادب ۾ شمار ٿئي ٿو. هونئن به ترقي پسند تحريڪ جو ننڍي کنڊ جي ادب ۾ تاريخي رول به آهي ته اثر پڻ. ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ هڪ شاندار روايت رکي ٿي. ان تحريڪ جي عروج جي زماني ۾ اديبن جي اندر جيڪو انقلابي جذبو پيدا ٿيو هو اهو به هاڻي ڪڏهن دکي دکي ڦاٽ کائيندو آهي. ترقي پسند ادب ۾ جتي ڪيئي سٺيون ۽ قابلِ ذڪر ڳالھيون هيون ته ڪي ڪمزوريون به هيون، جن کي هاڻي سردار جعفري جھڙي پڪي ترقي پسند ليکڪ به مڃيو آهي. ترقي پسند ڪھاڻيڪارن کي ترقي پسند تحريڪ جي پڌرنامي موجوب غريب ماڻھن تي ٿيندڙ استحصال ۽ نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سندن باغيانه جذبي کي نروار ڪري ڏيکارڻو هو، پر هو مجوعي طرح ائين ڪري نه سگھيا. ترقي پسند ڪھاڻيڪار، اهو کڻي اردوءَ جو ڪرشن چندر هجي يا سنڌيءَ جو سوڀو گيانچنداڻي (جنھن ڪافي عرصي کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي)، بنيادي طرح سان رومانس پسند هئا. بھرحال اهو مڃڻو پوندو ته سنڌ جي مخصوص سياسي ۽ سماجي حالتن ڪري اها رومانيت گھڻو جٽاءُ ڪري نه سگھي. رومانيت پسندن جي برعڪس سنڌيءَ ۾ جمال ابڙي ۽ ٻين ڪھاڻيڪارن تلخ حقيقت تي آڌار رکندڙ ڪيئي سٺيون ڪھاڻيون لکيون، پر هيءُ افسوس سان چوڻو پوندو ته ننڍي کنڊ جي ڪنھن ٻوليءَ جو ڪو به ترقي پسند ڪھاڻيڪار اهڙي ڪا به انقلابي ڪھاڻي نه لکي سگھيو آهي، جھڙيون گورڪي لکيون. ننڍي کنڊ جا ترقي پسند اديب، عام انسان جي فقط ظاھر حالتن کي بيان ڪري سگھيا، انھن جي اندر ۾ جھاتي پائي سندن صدين جي دٻيل سوچن، جذبن ۽ امنگن کي نروار ڪري نه سگھيا. ترقي پسند ڪھاڻيڪارن جي انھيءَ تخليقي ڪمزوريءَ جو هڪ بنيادي سبب هيءُ هو ته انھن جن پورهيتن جي زندگيءَ کي چٽڻ ٿي چاهيو، پاڻ تن منجھان نه هئا. ترقي پسند ليکڪ مجموعي طور وچئين طبقي سان تعلق رکندا پئي آيا آهن (لاڳاپو رکن ٿا). ترقي پسند ليکڪن جن پورهيتن جو خاڪو چِٽيو هو، اهو انھن پري کان ڏسندڙن (Observers) جي حيثيت ۾ چِٽيو هو. ترقي پسند ڪھاڻيڪارن زندگيءَ جي فقط ظاھري روپ کي ئي پيش ڪيو. انسان جي اندر جي ڪيفيتن ۽ نفسيات کي يا ته نظر انداز ڪيو ويو يا اُن طرف گھٽ ڌيان ڏنو ويو. فني ۽ فڪري سطح تي ائين ڇو ٿيو؟ ان جا ڪيئي جواب ٿي سگھن ٿا. منھنجي خيال ۾ هن جا سبب هي هئا: هڪ ته حقيقت نگاري (Realism) کي فقط هڪ ئي معنى ڏني ويئي، جڏهن ته تخليقڪار جي حيثيت ۾ هن ظاھر ۽ باطن جي مختلف تجربن ۽ مشاهدن مان لنگھي انھن جي عڪاسي مختلف اسٽائيل ۽ ٽيڪنڪس ۾ ڪرڻ کپندي هئي. ان ڏس ۾ مارڪسي نقاد (Adolf Sanchez Vazquez) لکي ٿو:
“If creation is the substance of all true art, then we cannot exclude any particular artistic tendency; realism therefor has no monopoly on creation”.
[Art and Society, page 43]
جيئن ئي انھيءَ محدود قسم جي حقيقت نگاريءَ جي هڪ ھٽي ختم ٿي وڃي ٿي، تڏھن اسين پنھنجي وجود جي گھڻ طرفي رخن کي آزاديءَ سان ڏسي ۽ سمجھي سگھون ٿا، انھن کي فني اظھار ڏيون ٿا. زندگيءَ جي مختلف رخن، خاص ڪري انساني ڪرب، بيحد خوش توڙي بوريت ۽ فرسٽريشن وارين ڪيفيتن کي صحيح طرح تخليقي اظھار ڏيڻ، سڄاڻ ليکڪن لاءِ هڪ مسئلي/ چئلينج کي ڪاميابيءَ سان منھن ڏيڻ، سياست ۽ سماجي علمن جي ٻين شاخن جي ڄاڻ کي ڪيئن ٿو استعمال آڻجي. ضروري نه آهي ته ڪھاڻيءَ ۾ رڳو ٺوس حقيقت پيش ڪيل هجي. جديد ڪھاڻي حقيقت ۽ فينٽسي جي مڪسچر به هوندي، يا زمان حال جي حالتن سان ٽڪرائيندڙ يادگيرين جو سلسلو پڻ. سال ۱۹۳۶ع کان وٺي لڳ ڀڳ ۱۹۶۰ع تائين، ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين وانگر، سنڌي ٻوليءَ ۾ مجموعي طور جيڪي به ڪھاڻيون لکيون ويون، انھن تي موپاسان، چيخوف، او هينري يا گورڪيءَ جي ڇاپ هئي. هاڻي به ڪن سنڌي ڪھاڻيڪارن جي تعريف ڪندي، کين مذڪوره نامور پرڏيھي ڪھاڻيڪارن سان ڀيٽيو ويندو آهي.
روايتي قسم جي ڪھاڻين ۾ جيڪي ڳالھيون لازمي شمار ڪيون وينديون هيون سي هيون: شروعات، ڊرامائي ڪلائميڪس ۽ پڄاڻي. سنڌيءَ جي برک ڪھاڻيڪارن گوبند پنجابي، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، نسيم کرل، امر جليل، غلام نبي مغل، ماھتاب محبوب ۽ ٻين انيڪ ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون ان قسم جون آهن. ڪن ڪھاڻيڪارن وري پنھنجي ڪھاڻين جي ڪجھه ڪمزور موضوعن کي سينگاريل/ اسٽائلش ٻوليءَ ۾ فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڏس ۾ پڙهي ڏسو علي بابا..... نورالھدى شاهه جون ڪھاڻيون.
سمجھيو ائين پئي ويو ته جيڪڏهن ڪامياب ڪھاڻيڪار ٿيڻو آهي ته پوءِ موپاسان، چيخوف، او هينري يا گورڪيءَ جي اسٽائل ۾ ڪھاڻيون لکجن. جڏهن ته مذڪوره ڪھاڻيڪارن جي تخليقي اورچائيءَ جو تعين سندن پنھنجن دؤرن جي حوالي سان ئي ڪيو ويندو. هاڻي مسئلو انھن جي ٽيڪنڪس کي استعمال ڪرڻ نه بلڪ انھن ٽيڪنڪس کان پنھنجي جند ڇڏائڻ آهي. ويھين صديءَ جي شروعات ۾ ئي ديو اديب پيدا ٿيا، مثلاً مارسل پرائوست، جيمس جوائس ۽ ڪافڪا. اهي ڪي بلڪل نوان ليکڪ به نه هئا. (جيتوڻيڪ ڪافڪا کي، جيڪو ۱۹۲۴ع ۾ وفات ڪري ويو، دنيا ٻي مھاڀاري جنگ کان پوءِ ئي چڱيءَ طرح تسليم ڪيو. تڏهن به ننڍي کنڊ جا اديب (شايد عالمي ادب جي گھٽ مطالعي سبب) انھن ديو اديبن جي تخليقن تي رشڪ ڪرڻ جي بدران هيمنگوي، البرتو موراويا، يا وڌ ۾ وڌ وليم فاڪنر جي لکڻين تي رشڪ ڪرڻ لڳا. ان بابت انڊيا جي هڪ نقاد، پرفيسر سي ڊي نرسيماھيه لکي ٿو:
“If we cannot emulate his (James Joyce) example it is because our lives are impoverished and our experience proportionately limited. And so what we take from Joyce can only be the ‘technique’ the high sounding stream of consciousness, with pitiful results.”
[Modernity and Contemporary Indian Literature, page 142-143]
پروفيسر جي چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ننڍي کنڊ جي ٻولين جي ليکڪن، محدود تجربي جي ڪري جيمس جوائس جي لکڻين کي رَشڪ جي نگاهه سان نه ڏٺو. (شايد گھڻن پرائوست، ڪافڪا سميت جيمس جوائس کي چڱيءَ طرح پڙهيو ئي نه هجي). سندس خيال آهي ته؛ انھن (يعني ننڍي کنڊ جي ليکڪن) جيمس جوائس جي ’شعور جو وھڪرو‘ واري ٽيڪنڪ کي ناقص نموني استعمال ڪيو آهي.
ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ دوران، هن ڳالھه کي وڌيڪ اهميت ڏني ويئي ته لکندڙ جو نظريو ڪھڙو آهي. ٻين لفظن ۾ هُو پنھنجي لکڻين ۾ ڪھڙي نظريي جي پرچار ڪري رهيو آهي. هيءُ صحيح آهي ته هر انسان جو ڪو نه ڪو نظريو هوندو آهي. سڄاڻ ليکڪ، پنھنجي نظرياتي وابستگيءَ جو اظھار، اڪثر پنھنجي تخليق ذريعي ڪندو رهندو آهي. پر هيءُ نقطو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته تخليقي لکڻين ۾ پيش ڪيل سماجي مسئلا (انسان جي داخلي ۽ خارجي مسئلن سميت) رڳو سياسي نه هوندا آهن (ضروري نه آهي ته اهي سياسي به هجن). تنھن کان سواءِ ڪنھن رچنا جو موضوع ڪيترو به اعلى ۽ وقتائتو ڇو نه هجي، جيستائين ان جو اظھار مؤثر نموني نه ڪيو ويندو تيستائين اهو پڙهندڙن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگھندو. تنھن ڪري ڪنھن رچنا کي پرکڻ مھل، فقط هيءُ به ڏسڻ گھرجي ته هو ڪھڙي نموني چوڻ چاهي ٿو. انڊيا ۾ رهندڙ اردوءَ جو برک نقاد باقر مھدي ان ڏس ۾ لکي ٿو.
“It is the artistic treatment which counts in the end. And a superior radical writer could counter the reactionary ideology with brilliant artistic usage of any medium. So we come to the conclusion that medium is neither progressive nor reactionary. It is the artist who must have the gift of his genius to use it he likes.”
[Twenty years of the Urdu short story, 1955-1975, page 47]
اسان وٽ ترقي پسندي ۽ جديديت کي سفيد و سياهه (Black & White) جي نموني ۾ الڳ ڪيو ويندو آهي ۽ اکيون ٻوٽي اديبن کي ٻن ڌار ڌار خانن ۾ ورھايو ويندو آهي. انھيءَ جو هڪ سبب هيءُ آهي ته؛ ترقي پسند ليکڪن نظرياتي سطح تي جديديت کي مارڪسي نظريو جو ضد قرار ڏنو آهي. (سارتر جي وجوديت کي به مارڪسزم جو ضد سمجھيو ويندو آهي، جڏهن ته سارتر مارڪس جو مداح رهيو آهي). ان جو گھڻو ڪري سبب هيءُ آهي ته؛ جديديت (Modernism) جا حامي ليکڪ پھريون ڀيرو گورڪي، پبلو نرودا، شولو خوف، ناظم حڪمت سان گڏو گڏ مارسل پرائوست، جيمس جوائس، فرانز ڪافڪا، بيڪيٽ، ڪاميو ۽ سارتر جو به وڏي اتساهه سان ذڪر ڪرڻ لڳا هئا. ڪاميو (Camus) چيو هو ته:
“To create is to create dangerously”
هي اشارو هو ادب ذريعي مدي خارج قدرن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ ۽ للڪارڻ جو. ٻين ڳالھين کان سواءِ نون ليکڪن ’مقرر ڪردار ‘ (Fixed-Role) جي ادا ڪرڻ خلاف به بغاوت شروع ڪري ڏني هئي. اولھه ۾ ’جديديت‘ جي لھر ته گھڻو اڳ ۾ آيل هئي، ٻي مھاڀاري جنگ کان پوءِ برطانيه ۾ ‘Angry young man of English Literature’ پڻ ميدان ۾ اچي ويا هئا. آمريڪا ۾ ‘Beat Generation’ جو هوڪو ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو. ترقي يافته سرمائيدار ملڪن، هڪ-هٽي سرمايه ڪاري ۽ صنعت ڪاري جي نتيجي ۾ جيڪي سماجي خرابيون پيدا ٿيون، تن اهڙي سماج کي Acquisitive Society ۾ بدلائي ڇڏيو. صورتحال هيءَ پيدا ٿي جو عام ماڻھوءَ کي رڳو جيئڻ خاطر ان سڄي استحصالي نظام جو ڪَل-پرزو بڻجڻو پيو. حاصلات جي لاءِ ’ڪتن جي ڊوڙ ‘ وانگر، انسانن کي زوري ڊوڙائڻ شروع ڪيو ويو. پوئتي رهجي وڃڻ جي ڊپ کان، عام انسانن کي انھيءَ ڊوڙ ۾ مجبور ٿي شامل ٿيڻو پيو. انسان، جنھن کي مادي ۽ روحاني سطح تي مساوي ترقي ڪرڻي هئي، حقيقت ۾ پوئتي موٽڻ لڳو. طبقاتي ۽ مشيني زندگيءَ، انسان کي ذري گھٽ dehumanized جي منزل تي آڻي ڇڏيو آهي. ان صورتحال جي نتيجي ۾ ادب ۾ ڪاوڙيل/ باغي نسل پيدا ٿيو، جنھن عام ماڻھوءَ ۾ هي احساس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته؛ جيستائين انھيءَ ظالمانه چٽاڀيٽيءَ واري سرشتي کي ختم نه ڪيو ويندو تيستائين راهه نجات نه ملندي. جديد ادبي تخليقن ۾ آيل احساس تنھائي ۽ ڪرب (Anguish) جي مسئلن کي ظالمانه منفي چٽاڀيٽي واري سماجي سرشتي ۾، پيڙجندڙ انسانن جي عام زندگيءَ جي حوالي سان ئي ڏسڻ گھرجي.
احساس تنھائي ۽ ڪرب جا مسئلا عام ماڻھوءَ يا ادب جا منفرد يا الڳ ٿلڳ مسئلا ڪونھن، بلڪ اهي انھيءَ سماجي سرشتي سان ڳانڍاپيل آهن، جتي آزاد انسان جو تصور لڳ ڀڳ ختم ٿي وڃي ٿو. احساس تنھائي بابت پروفيسر گيلارڊ سي ليئوري(Gaylord. C. Leroy)  لکي ٿو:
“The heart of the problem lies in man’s relation to his labor and that we will not solve the problems of alienation until we make changes in the structure of society that conditions a person’s attitude towards his work and his ability to give expression to his creation expression to his creative powers in his work.”
[“Marxism & Alienation” Edited by Herbert Aptheker, New York, 1965, page 14]
جديد حسيت (Modern Sensibility) جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪن وٽ، انساني مسئلو اصل حقيقت جي تمام ويجھو آهي. سنڌي ادب ۾ جديد حسيت کي سڀ کان اڳ ۾ پيش ڪندڙ (هند جي رهندڙ) لعل پشپ، گنو سامتاڻي، ايشور چندر هئا. هند جي جديد سنڌي ڪھاڻيڪارن جي چونڊ ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ’کنڊهر‘ ان قسم جي پھريون ڪھاڻين جو مجموعو آھي، جنھن ۾ هند ۾ رهندڙ سنڌ جاتيءَ جي نئين پيڙهيءَ جي سوچ ۽ احساس کي تھدار ۽ گھري تخليقي سطح تي نروار ڪيو ويو.
جديد سنڌي ليکڪن بابت، ترقي پسند (بزرگ) ليکڪ ڪيتري قدر تعصبانه رويو رکن ٿا، ان جو اظھار سنڌيءَ جي بزرگ ليکڪ اي جي اُتم جي هيٺئين راءِ مان بخوبي ملي ٿو. فرمائي ٿو:
”هن نئين پيڙهيءَ جا سرگرم ليکڪ آهن: هريش واسواڻي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، شيام جئسنگھاڻي، هيرو شيوڪاڻي، برج موھن، واسوديو موهي، موهن ديپ، پريم پرڪاش، گورڌن تنواڻي، سندر اگناڻي، لڇمڻ ڀمڀاڻي، لکمي کلاڻي، ٽيڪچند مست، سندر حشمت راءِ، ايم جي گرناڻي، ڍولڻ راهي ۽ ڦتن سکواڻي. هن ٽھيءَ جا اڪثر ليکڪ، پاڻ کي نه ترقي پسند نه غير ترقي پسند سڏائيندا آهن، ۽ ڪيترا ته پاڻ کي هر شيءِ کان بغاوت ڪندڙ سمجھندا آهن. جيتوڻيڪ پنھنجي رچنائن ۾ ساڳئي وقت، زندگيءَ جو هڪ طرفو جانبداريءَ وارو رخ، جيئن جو تيئن نقل ڪري به پيش ڪندا آهن، جنھن ۾ ڪا به بغاوت جي بوءِ نه هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهو اسان جي زندگيءَ جو نقل نه هوندو آهي، پر ٻين ٻولين جي ليکڪن جو نقل هوندو آهي. ڀڳل ٽٽل سنڌي ۾.“ (ساھت ۽ ساھتڪار)
اُتم جي انھيءَ راءِ تي، تبصور ڪرڻ ضرور نه ٿو سمجھان. بھرحال ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته ترقي پسند ڪھاڻيڪارن، ڪارائتو مقصدي ادب ڏنو آهي. جيڪو ضرورت تحت لکيو ويو ۽ هاڻي به لکيو پيو وڃي، ساڳئي ئي پئٽرن ۾. جيڪو پئٽرن ٽيھه سال اڳ هو. پر هاڻي ترقي پسند ڪھاڻيءَ جو زور ٽٽل ٿو نظر اچي. مان ته جيڪر چوان ته ترقي پسند ليکڪ هميشھAdolescent  رهيا آهن. انھن مان گھڻن جي طبعي عمر، ضرور وڌي ويئي آهي. پر ذهني سطح تي هو اڃا Adolescent آهن، جنھن جو احساس کين شايد ڪونھي. بالغ نظري ۽ ذهني وسعت جي فقدان ڪري هو جديد حسيت کي سمجھڻ کان ئي عاري آهن. مان اهو ڪو نه ٿو چوان ته ترقي پسند ليکڪن جي ڀيٽ ۾ جديد ليکڪ سڀ جا سڀ ذهني سطح تي Mature آهن، يا سڀني هميشھ Mature ڪھاڻيون لکيون آهن. چوڻ جو مطلب هي آهي ته اُهي هڪ صدي اڳ جي هڪ روشن خيال دانشور فيلڪس آسوالڊ جي هن مقولي تي ڪاربند رهيا آهن:
“The right of free inquiry is the first condition of progress, and dogmatist who dispute that right virtually impeach the evidence or the morality of their own dogmas”
[“The Secret of the East”, by Flex Oswald]
زندگيءَ جي مختلف رخن جي جاچ جيڪڏهن آزادانه طور نه ڪئي ويندي ته پوءِ اهي رچنائون ڪيترو ئي مقصدي ڇو نه هجن، هڪ-طرفيون، ورجايل ۽ اثر کان عاري هونديون. سنڌي گھڻا ئي ڪھاڻيڪار، جيڪي شروع ۾ ترقي پسندانه نوع جون مقصدي ڪھاڻيون لکندا هئا، جڏهن زندگيءَ جي مختلف رخن جي آزادانه جاچ جي اهميت کي سمجھڻ لڳا تڏهن سندن لکڻين ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو. منير احمد، ’ماڻڪ‘ بڻجي ويو. جنھن جديد حسيت جون نمائنده ڪھاڻيون لکي ان سوچ کي يڪسر غلط ثابت ڪيو ته جديد ليکڪ سماجي شعور نه ٿا رکن. مان ته چوندس ته؛ ترقي پسند ڪھاڻيڪارن جي ڀيٽ ۾، جديد ڪھاڻيڪارن ۾ نه رڳو سماجي شعور وڌيڪ آهي بلڪ وڌيڪ پختو ۽ گھرو آهي.
مضمون کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾، هڪ ٻئي اهم نقطي کي بيان ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ته هر نئون ليکڪ هرڀرو جديد ڪونھي. مثال طور؛ جيڪڏهن گذريل ڏهن سالن جي دوران اُڀري آيل ڪن ليکڪن جو ناقدانه جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته بادل جمالي، نورالھدى شاھه، هدايت پريم، نور گھلو، شر جيل، فاروق سولنگي، عدنان ۽ گھڻا ئي ٻيا ڪھاڻيڪار ترقي پسند تحريڪ ۽ نظريي کان متاثر ٿيل لڳندا، جڏهن ته بلڪل ئي نوان ڪھاڻيڪار پرويز ميمڻ لياقت رضوي توڙي انھن کان ڪجھه سينيئر ڪھاڻيڪار سانول ۽ طارق عالم جديد حسيت جي نمائندگي ڪندڙ ڪھاڻيڪار ليکجڻ ۾ ايندا. هتي نالن جي ڊگھي لسٽ ڄاڻائڻ درڪار ناهي. مطلب هيءُ آهي ته تخليقي شعور جي پختگي، ڪنھن خاص عمر جي محتاج ڪانھي. بزرگ ڪھاڻيڪار (۽ مشھور آرٽسٽ) ع ق شيخ، ان زماني ۾ جڏهن سنڌ ۾ ترقي پسند ڪھاڻين جو زور هو، نفسياتي موضوع واري هڪ تمام پر اثر ڪھاڻي ’مڪو مست‘ لکي، جنھن جي ڀيٽ دنيا جي سٺين جديد ڪھاڻين ۾ ڪري سگھجي ٿي. سنڌي ادبي کيتر ۾ تخليقي ذهني پختگيءَ جو ان کان بھتر مثال مون کي في الحال نه ٿو سُجھي.

No comments:

Post a Comment